سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو

ڪتاب جو نالو سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو
ليکڪ جنرل هيگ
سنڌيڪار / ترتيب عطا محمد ڀنڀرو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-16-1
قيمت 400    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (790) PDF  E-Pub
انگ اکر

12 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     254125   ڀيرا پڙهيو ويو

ضميمو- الف


سنڌوءَ جو لوڻي ٻاري وارو ڇوڙ

ڪئپٽن مئڪمرڊو ۽ سر اليگزينڊر برنس، سنڌوءَ جي ڇوڙ وري علائقي ۽ ڪڇ تي لکندي لوڻي ٻاري نئن تي به پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي. اتفاق اهڙو ٿيو جو، سندن لکڻين جو پتو مونکي گھڻو دير سان پيو تنهنڪري انهن جا حوالا هن ڪتاب ۾ ڏئي ڪونه سگھيس. ڪئپٽن مئڪمروڊ جو رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي جرنل ۾ ’دي رِورڊ انڊس‘ جي عنوان سان هڪ مقالو ڇپيو هو. هو صاحب جلد 1-ص 40 تي لکي ٿو، ”قديم دور جي لوڻي ٻاري Lonibare نديءَ کي لکپت ندي به سڏيو ويندو هو، تنهن کي هاڻي لوڻي ٻاري نالي سڏيو ويندو آهي، سا ڳالهه حقيقت کان ٻاهر سمجھڻ گھرجي. ٻئي هنڌ وري سندس بيان (مان ان جي حوالي ڏيڻ کان قاصر آهيان) آهي ته ڪوري وهڪرو، هاڻي سنڌوءَ جو صفا اوڀاريون ڇوڙ ٿي ويو آهي. هي نالو مٿس ان ڪري پيو آهي، جو اهو وهڪرو ڪنهن راس جي چوڌاري ڦيرو ڏئي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، يا ڪڇ جي ڏکڻ اولهه واري حصي جي شڪل صورت ڪجهه اهڙي آهي، ان ڪري مٿس ان نسبت سان نالو پيو آهي. هن صاحب کي پورو يقين آهي ته ٽالمي جنهن وهڪري کي لوڻي ٻاري سڏي ٿو، سا موجوده دور جي ڪوري يا لکپت ندي آهي. مئڪمرڊو جو بيان آهي ته ”بارا“ Bara هندستاني لفظ آهي، جنهنجي معنيٰ آهي اهو لنگهه يا رستو، جيڪو سمنڊ ڏانهن ويندو هجي. هن لفظ جي معنيٰ ڪجهه مختلف آهي. سنڌ ۾ هيءُ لفظ ”ٻاري“ جي اُچار سان ٻوليو ويندو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”ٽڪرو“، ڀاڱو“، ’حصو‘ وغيره. زمين کي سولائيءَ سان پاڻيءَ ڏيڻ واسطي چوڌاري ٻنو ڏئي، هڪ چوراس يا چوڪنڊي ٻاري بنائي ويندي آهي. جيتري قدر لوڻي نديءَ جو ڪڇ جي رڻ مان وهڪري جو سوال آهي، ته ويچار ڪري مان جنهن نتيجي تي پهتو آهيان، برنس جو به ان نڪتي تي ساڳيو ويچار آهي، جنهن لاءِ مون کي بي انتها خوشي ٿئي ٿي. هن نديءَ جي پاڻيءَ بابت لکندي هو چوي ٿو ته مان هن خيال جو آهيان ته سندس پاڻيءَ جو امڪاني رخ سنڌوءَ ڏانهن هو، جيڪو ڪڇ وارو رڻ اڪري، اچي سنڌوءَ ۾ پوندو هو. بعد ۾ گڏيل پاڻيءَ جو اهو وهڪرو لکپت وٽان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته، ”اسان، جن نقشن مان ڪن نقشن ۾ ٻڙيون ڏئي لوڻي نديءَ جي وهڪري جا گس ڏيکاريا آهن، جن جو ذڪر آءٌ مٿي پڻ ڪري آيو آهيان، پر موجوده دور ۾ انهيءَ وهڪري جي ناتي سان اسان کي ڪوبه پراڻو پيٽ ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو. مان ذاتي مشاهدي کانپوءِ پنهنجي مذڪوره راءِ جو اظهار ڪري رهيو آهيان.

(ممايرس آن دي ايسٽرن برانچ آف دي رِور انڊس ائنڊ رَن Runn، رايل- ايشياٽڪ سوسائٽي- ٽرانزيڪشن- iii- ص 573).