سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو

ڪتاب جو نالو سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو
ليکڪ جنرل هيگ
سنڌيڪار / ترتيب عطا محمد ڀنڀرو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-16-1
قيمت 400    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (789) PDF  E-Pub
انگ اکر

12 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     254120   ڀيرا پڙهيو ويو

باب ستون


ڇوڙ واري علائقي ۾ پورچوگيز

شاهه حسين جي مرڻ کانپوءِ مرزا عيسيٰ ترخان، وڏي ڪٽڪ سان ڪاهي سلطان محمود ڪوڪلتاش جي طاقت ۽ مخالفت بنا دير ختم ڪرڻ ٿي چاهي. ان معاملي کي منهن ڏيڻ واسطي هن پنهنجو لشڪر ناڪافي سمجھيو. ان زماني ۾ هڪ ٻاهرين طاقت هئي، جيڪا هندستان جي الهندي سامونڊي ڪناري سان پنهنجي سگھه سان ڌاڪ ڄمائي چڪي هئي. انهن جي سهائتا سان محمود ڪوڪلتاش جي اتر سنڌ واري علائقي کي فتح ڪري ٺٽي سان ملائڻ سولي ڳالهه معلوم ٿي رهي هئي. ان ارادي سان مرزا عيسيٰ ترخان پنهنجي هڪ سفارت باسين Bassein موڪلي هئي، جيڪو ان زماني ۾ پورچوگيز حڪومت جي اترئين صوبي جي راڄڌاني هو. هن سفارت مرزا عيسيٰ ترخان واسطي کانئس فوجي امداد جي گھر ڪئي هئي، جنهن جو خرچ پکو مرزا عيسيٰ  پنهنجي سر تي کنيو هو. ان جي بدلي مرزا کين سنڌ ۾ واپاري رعايتن ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي. مرزا جي اهڙي آڇ پورچوگيزن کي سندس مدد ڪرڻ لاءِ هرکائي وڌو. هتان جا ڏيهي مورخ لاڙ جي هن غير معمولي واقعي کي تڇ سمان سمجھي، ذڪر ڪرڻ کان لنوائي ويندا آهن. مير معصوم هن واقعي کي پنهنجي هيڏي ساري تاريخ ۾ فقط هڪ ٻن سٽن جيتري جڳهه مس ڏني آهي. تاريخ طاهري ۾ هن اهم واقعي کي ڪجهه تفصيل سان بيان ڪيو آهي، پر ايترو تفصيل سان ڪونه ڏنو ويو آهي، جيتري اهميت وارو هي واقعو آهي. هيءَ حقيقت هڪ ڪتاب، ”دي هسٽري آف دي ڊسڪوري ائنڊ ڪانڪُئيسٽ آف انڊيا باءِ دي پورچوگيز“ تان ورتي وئي آهي. هيءُ ڪتاب مانيل ڊي فاريا سوز (Manuelde Faria Souzal) لکيو ۽ انجو ترجمو ڪئپٽن جان اسٽيونس John Stevens (لنڊن- 1695) ڪيو هو. مذڪوره ڪتاب ۾ هن واقعي تي واضح نموني سان روشني وڌي وئي آهي. ائنٽونيو بئرٽو Antonio Barreto بازائم Bazaim واپس پهتو. هن ڏٺو ته سنڌ جي بادشاهه طرفان موڪليل سفارت گورنر سان ملاقات ڪري رهي هئي. هو هڪ ظالم بادشاهه جي خلاف اسان کان مدد جو طالب هو. اسان به هن بادشاهه سان دوستي پئي چاهي. اسان سندس دشمن خلاف مدد ڪري کيس خريد ڪرڻ ٿي گهريو. اسان پيڊرو بئريٽو رولم Pedro Barreto Rolim جي مهنداري ۾ ست سو فوجي اٺاويهن جهازن ۾ سوار ڪري روانا ڪيا. اهو جنگي ٻيڙو خير سان وڃي ٺٽي پهتو، جتي سنڌ جي بادشاهه جي درٻار هئي. شهزادو جيڪو ٺٽي (117) ۾ موجود هو، تنهن بئريٽو سان ملاقات ڪري، سندس پهچڻ جو اطلاع پنهنجي پيءُ ڏانهن موڪليو. سندس پيءُ ان وقت ٺٽي کان ٻاهر هو، تنهن نياپو ڏياري موڪليو ته پورچوگيزن جي ڪمانڊر کي ٿوري انتظار ڪرڻ لاءِ چيو وڃي. بئريٽو انتظار ڪيو. ٿوري وقت کانپوءِ کيس پتو پيو ته بادشاهه کيس ٻڌائڻ کانسواءِ پنهنجي دشمن سان صلح ڪري ڇڏيو آهي. تنهنڪري هن شهزادي کان وڃڻ جي اجازت گھري ۽ واعدي ڪيل خرچ پکي جي به گهر ڪئي، جنهن بابت سنڌ جو سفير باسين جي گورنر سان ڏيڻ جو واعدو ڪري آيو هو. شهزادي خرچ پکو ٿورو ڏيڻ پئي چاهيو، جنهن تي بئريٽو پنهنجا ماڻهو جهازن مان هيٺ لاهي، شهر ۾ ڪاهي پيو. ڪاوڙ ۾ اچي هن اٺ هزار ماڻهو قتل ڪرايا. شهر کي باهه ڏياري، جنهن ۾ ٻن ملين جي ملهه جيترو ته رڳو سون سڙي رک ٿي ويو. پوءِ هن پنهنجي ٻيڙن تي ايترو قيمتي سامان لڏيو، جنهن جو مثال ايشيا ۾ ڪٿي به ملي ڪونه سگھندو. (27) هن ڪارروائيءَ ۾ پورچوگيزن جو هڪڙو ماڻهو به ڪونه مئو. هو ٺٽي ۽ سامونڊي ڪناري جي وچ تي، سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنڌين سان، اٺ ڏينهن سانده ڦر لٽ ڪندو رهيو. بنديل (118) Bandel جي بندرگاهه ۾ مزاحمت ڪئي وئي، پر نيٺ اهو فتح ڪري ان کي پوري ريت ناس ڪري ڇڏيائين. گاسپر ڊي مونٽيرويو Gaspar de Monteroyo، هڪ بهادر فوجي سپاهي هو، جيڪو اتفاق سان وڃي هڪ جھنگ ۾ نڪتو. اتي رهندڙ ماڻهن کيس اڳتي وڃڻ کان روڪيو  ۽ چيائونس ايڏانهن هڪ ڪوراڙ بلا آهي، جيڪا هڪ گابٽ ڳڙڪائي وئي آهي. هن اهڙي بلا ڏسڻ پئي گھري. ٿورو اڳتي وڌيو ته کيس ان بلا جو مٿو ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو تمام وڏو هو. هو ان بلا کي پورو ڏسي ڪونه پئي سگھيو، سو ويجھو اچي بلا کي تلوار سان ڇهيائين. بلا تلوار جو ڇهاءُ محسوس ڪري مٿو مٿي کنيو ته هن وجهه وٺي اهڙي ته نازڪ هنڌ تي تلوار جو وار ڪيس، جو اها ٿورو وقت کانپوءِ مري وئي. ماپ ڪئي وئي ته اها ٽيهه فوٽ ڊگھي ۽ ٿُلهي هئي (119) اهڙيءَ ريت بئريٽو ماڻهن ۽ بلا جي مٿان سرسي ماڻي واپس چائول Chaul پهتو“ (جلد II ص 184-185).

مٿي بيان ڪيل حقيقت مان پتو پوي ٿو ته ٺٽي کي 1555ع ۾ باهه ڏئي ساڙيو ويو هو. مٿين حقيقت ان ماڻهو جي بيان ڪيل آهي، جنهن جون همدردريون پورچوگيزن سان هيون. هاڻي اسان هڪ مصنف فرينچ جيسٽ French Jesit جو حوالو ڏينداسون. پورچوگيزن سان سندس همدردي ڪجهه گھٽ هئي. هن اسان کي معلومات ڏني آهي، جيڪا فاريا سوزا ماڳهين لکي ئي ڪانه آهي، ته پورچوگيزن طرفان سنڌ تي ڪيل حملي جو آخري نتيجو ڇا نڪتو هو. مان هيٺيون حوالو هن ڪتاب ”هسٽائر ديس ڊيسڪووَرٽيس ايٽ ڪانڪيٽس ديس پورچوگئيز ڊانس لي نوويائو مانڊي پار لي پيري جوزيف فرينڪوئس لافيتان دي لا ڪئمپئني دي جيزز پئرس 1733.

Histoire des decouvertes et conquetes des portugais dans le Nouveau Mande par le Pere Joseph Francois Lafitan de la Campagnie De Jesus Paris 1733.

احوال هن ريت آهي ته: ”جڏهن گورنر جنرل باسين ۾ موجود هو ته سنڌ جي بادشاهه وٽان موڪليل هڪ سفارت ساڻس ملاقات ڪئي، جنهن کي غلطيءَ وچان دَل سنڌي DulCindi (ڀ-39) جو بادشاهه سڏيو ويندو آهي. ديو Diu (120) جي بادشاهه پنهنجي پاڙيسري حڪمران خلاف کانئس مدد پئي چاهي. جنگ جو خرچ سنڌ جي بادشاهه پنهنجي ذمي کنيو هو. ان سان گڏ اهو به واعدو ڪيو هئائين، ته هُو پورچوگيز واپارين سان سنڌ ۾ گھڻيون رعايتون ڪندو. اهڙيءَ ريت گورنر Pierre Barreltto Rolin، پيري بئريٽو رولن کي فوج جو اڳواڻ بڻائي کيس اٺاويهن جهازن جو جنگي آرماڙ ڏئي، سنڌ جي حڪمران ڏانهن روانو ڪيو. انهن جهازن ۾ خشڪيءَ جي فوج سان واسطو رکندڙ ست سو فوجي سوار هئا. (121) ان وچ ۾ ڇا ٿيو جو سنڌ جي بادشاهه ۽ سندس دشمن جي وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو. هن پيري بئريٽو کي ڌوڪي ڏيڻ ۽ بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جنگ جي خرچ ڀري ڏيڻ واري موضوع تي ڳالهائڻ لاءِ ڄڻ تيار ئي ڪونه هو. (28). پيري بئريٽو ڏٺي اڻ ڏٺي ڪري سور پي ويو، توڙي جو کيس ڪانئر هجڻ جا مهڻا به ڏنا ويا. جڏهن واپسيءَ جي خرچ لاءِ لاچار ٿيو ته کيس حملي ڪرڻ کانسواءِ ٻيو گس ڪونه هو. پهريون هنن مسجد تي، پوءِ ٺٽي تي حملو ڪيو. هن جا ماڻهو غضبناڪ حالت ۾ شهر کي ڦريندا لٽيندا رهيا. هن گگدام جانورن تي به ڪهل ڪانه ڪئي. چيو وڃي ٿو ته پورچوگيزن جي حملي ۾ اٺ هزار ماڻهو ماريا ويا. سندن ڪي ٿورا ماڻهو زخمي ٿيا. سون جيڪو باهه ۾ سڙي رک ٿي ويو، تنهن جو ملهه ٻن ملين کان به وڌيڪ هيو. ڦر لٽ ڪري جيڪو قيمتي مال هٿ ڪيو هئائون، ان جو ته ڪو ڪاٿو ئي ڪونه هو. واپسيءَ واري سفر ۾ سمنڊ ۾ پهچڻ تائين ڦرلٽ مچائيندا، قتل عام ڪندا ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ پکيڙيندا ويا. واپسي وارو سفر ڏاڍو ڏکيو هو. پر پورچوگيزن جو فوجي اڳواڻ ڏاهو ماڻهو هو، جيڪو سڀني آپدائن تي سوڀارو ٿي وڃي پار پهتو. درياهه جي ڇوڙ وٽ براديل Baradel جي بندر تائين ڪوبه ماڻهو سندن قهر کان بچي ڪونه سگھيو. هي بندر پورچوگيزن قلعي تي ڏاڪڻيون رکي فتح ڪيو. هتان جي ماڻهن سان به ساڳي ڪار ڪئي، جيڪا هنن ٻين علائقن جي ماڻهن سان ڪئي هئي. وچ سمنڊ ۾ پهتا ته بي گناهه قتل ٿيل ماڻهن جي پلاند وٺڻ لاءِ قدرت طرفان موڪليل طوفان سندن انتظار ۾ هو، جنهنڪري ڦريل لٽيل سارو سامان کين سمنڊ جي حوالي ڪرڻو پيو. وڏي مشڪلات سان سر بچائي اچي چائول Chaul پهتا. (جلد II ص 536-536) اها ڳالهه ته جڏهن پورچوگيز ٺٽي پهتا، ته مرزا عيسيٰ اتي موجود هو، صحيح نظر ڪانه ٿي اچي. هن معاملي ۾ فاريا سوزا جو بيان وزندار آهي، ڇاڪاڻ ته اهو هتان جي مؤرخن جي بيانن سان ٺهڪي اچي ٿو، ته جنهن وقت پورچوگيز ٺٽي پهتا هئا، ان وقت مرزا عيسيٰ بکر واري علائقي ۾ موجود هو. سندس غير حاضريءَ ۾ راڄڌاني ٺٽي ۾ سندس پٽ جان بابا هو. مرزا عيسيٰ ته پورچوگيزن جو منهن به ڪونه ڏٺو هو. اهي حقيقتون پوئين مصنف جي خلاف وڃن ٿيون. جيڪڏهن بئريٽو مناسب وقت مرزا عيسيٰ جو اوسيئڙو ڪري ها ته هو واعدو ڪيل خرچ ضرور ڀري ڏئي ها. تنهنڪري اهو سمجھڻ نه گھرجي ته سندس سفير، باسين ۾ گورنر سان، جيڪو معاملو طئي ڪيو هو، تنهن جي نباهڻ کان هو گوٿ ناٿ ڪري رهيو هو. اها ڳالهه سوچڻ کان ئي ٻاهر آهي ته پيءُ جي موڪل کان سواءِ ننڍو مرزا طئي ڪيل خرچ ڪيئن ادا ڪري ٿي سگھيو. سندن اهو بيان حقيقت جي خلاف آهي ته پورچوگيزن جي پهچڻ کان اڳ مرزا عيسيٰ پنهنجي دشمن سان ٺاهه ڪري ڇڏيو هو. هتان جون ڏيهي تاريخون لکن ٿيون ۽ هن حقيقت تي سندن اتفاق راءِ به آهي ته ٺٽي جي ڦرلٽ ۽ ماڻهن جي قتل عام جو ٻڌي، مرزا عيسيٰ جيڪو اتر سنڌ ۾ جنگي مهم تي هو، تنهن کي اڌ ۾ ڇڏي، ٺٽي ڏانهن پويان پير ڪيا هئائين. اهم ڳالهه اها آهي ته ان جنگ ۾ سندس فتح يقيني به هئي. هن سوال تي مذڪوره تاريخون وڌيڪ اعتماد جوڳيون سمجھڻ گھرجن. ڇاڪاڻ ته انهن تاريخن جي مصنفن کي ان وقت ڇوڙ واري علائقي ۾ پورچوگيزن جي قهري ڪاررواين جي سببن جو ڪو پتو ڪونه هو. کين اهو به پتو ڪونه هو، ته مرزا عيسيٰ ۽ سندس يورپي اتحادين جي وچ ۾ ڦيٽارو پئجي ويو آهي. پورچوگيزن جيڪا ڇوڙ واري علائقي ۾ تباهي مچائي، تنهن کي انهن اهميت ڪانه ڏني، رڳو ٻه ٽي لفظ لکي تڪڙو اڳتي نڪري ويا آهن. جيڪڏهن پورچوگيزن جي لکتن ۾ اهي حقيقتون قلمبند ٿيل نه هجن ها، ته پوئين دور وارا ماڻهو اهڙين گنڀير ڳالهين ٻڌڻ کان رهجي وڃن ها. سچي ڳالهه گھڻو ڪري اها آهي ته مرزا عيسيٰ مدد وٺڻ جي ڳالهين وقت جيڪي واعدا پورچوگيزن سان ڪيا هئا، سي هڪدم پورا ڪرڻ جي لائق ڪونه هئا. ٻئي طرف جيڪڏهن مرزا کي پورچوگيزن جي ڏاڍ مڙسيءَ  ۽ سيني زوري جي سڄي خبر هجي ها ۽ کيس اها به پوريءَ ريت ڄاڻ هجي ها، ته اهي يورپي سمنڊ ۾ قزاقي به ڪندا رهندا آهن، ته هوند پنهنجي راڄڌانيءَ وارو سکيو ستابو سدا شاهوڪار شهر، جنهن کي بچاءَ لاءِ ڪو قلعو به ڪونه هو، ائين نڌڻڪو (122) ڇڏي ڪونه ڏئي ها، جنهن جي دولت کي ڏسي هو هرکجي پون ۽ پاڻ پنهنجي فوج سميت ٺٽي کان پورا ٽي سو ميل پري هجي ها. ترخان نامي ٿورن لفظن ۾ هڪ سچائي بيان ڪئي آهي. لکي ٿو: ”(بکر ۾) اها خبر پهتي ته فرنگي جيڪي مرزا عيسيٰ جا واهرو ٿي لاهري بندر کان اچي رهيا هئا، تن جو ٺٽي شهر کي غير محفوظ ڏٺو ته ويري بڻجي ان کي ڦرڻ لٽڻ لڳي ويا ۽ کيس باهه ڏئي ساڙي ڇڏيائون ۽ رهواسين کي باندي بڻايائون. (اليٽ I ص 324). هن مسئلي جو آخري فيصلو هن ريت ڪري سگھجي ٿو ته ٺٽي ۽ ڇوڙ جي الهندي علائقي کي ڦرڻ لٽڻ باهه ڏئي ساڙڻ ۽ قتل عام جا حيلا بهانا اجايا آهن. اهي ڌاريا ظالم ۽ قاتل ماڻهو هئا. (28-A) اهي قهري ڪارروايون لوڀ لالچ ڏاڍ ۽ ڪٺورتا جي ڪري هيون. کين وجهه ان ڪري به مليو جو، ڇوڙ جي علائقي وارا ماڻهو بي هٿيار ۽ بي پهچ هئا.

مرزا عيسيٰ ترخان جي حياتيءَ جو باقي حصو، سلطان محمود سان کئونس ڪندي گذريو. سندس ڀيچي به اڏول ۽ ارڏو مڙس هو ۽ ساڻس واهه جون چوٽون کائيندو آيو. مرزا آخري وقت تائين ننهن چوٽيءَ جا زور لاتا، پر اتي سنڌ جو علائقو ٺٽي سان ملائي سڄيءَ سنڌ تي ترخان حڪومت قائم ڪرڻ ۾ سوڀارو ڪونه ٿيو. هن سنه 1552ع جي پڇاڙيءَ يا 1566ع جي اڳياڙيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس حڪومت ڏهه يارهن سال هلي. سندس وڏو ۽ پڳدار پٽ عبدالباقي به چريو هو. هن پنج سال حڪومت ڪئي، پر ان عرصي دوران هن پنهنجي ڀاءُ جان بابا کي قتل ڪرايو ۽ پنهنجي ماٽيجي ماءُ کي بکون ڏئي چيچلائي ماريو ۽ ٻيون الائي ڪيتريون ظلم ۽ انياءِ جون وارتائون ڪري نيٺ 1571ع ۾ وفات ڪري ويو. پائينده محمد (123) نالي کيس هڪ پٽ هو، سو به چريو هو، جنهن جو پٽ جاني بيگ هن جو جانشين ٿيو.

سنه 1574ع ۾ محمود ڪوڪلتاش وفات ڪئي. کيس ڪوبه وارث ڪونه هو. شهنشاهه اڪبر پنهنجو عملدار موڪلي، بکر جي اتر سنڌ واري علائقي تي قبضو ڪيو. بعد ۾ اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪيائين، جو ساري سنڌ سندس شهنشاهت ۾ شامل ٿي وئي.