سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو

ڪتاب جو نالو سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو
ليکڪ جنرل هيگ
سنڌيڪار / ترتيب عطا محمد ڀنڀرو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-16-1
قيمت 400    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (789) PDF  E-Pub
انگ اکر

12 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     254114   ڀيرا پڙهيو ويو

ناشر پاران


سنڌ جي تاريخ، جاگرافيءَ، ان جي درياهه ۽ ڍنڍن، ڍورن جي ڪنارن تي وسيل آبادين جي باري ۾ ڪا باقاعدي ۽ مستند لکت نه هئڻ ڪري اڪثر مشرقي ۽ مغربي سياحن ۽ ٻين تذڪره نگارن جي احوالن ۽ بيانن مان سلسلا جوڙيا ويندا آهن. انهيءَ ڏس ۾ جيڪي به اهم احوال مضمونن ۽ ڪتابن جي صورتن ۾ موجود آهن، انهن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري مهيا ڪرڻ سان سنڌي پڙهندڙن کي ڪنهن حد تائين اهڙي ڄاڻ ڏئي سگهجي ٿي. انهيءَ مقصد سان محترم عطا محمد ڀنڀرو جس لهڻي جيڪو پنهنجي ترجمي نگاريءَ جي مهارت کي استعمال ڪندي تمام وڏي انگ ۾ انگريزي ڪتاب ترجمو ڪري سنڌي ادب کي مالامال ڪندو رهيو آهي.

جنرل هيگ جو هي ڪتاب پڻ ڀنڀري صاحب  انهيءَ مقصد سان ترجمو ڪيو هو، جنهن کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ان وقت پهريون ڀيرو 1995ع ۾ ڇاپيو هو، جڏهن سندس جگري دوست محترم ڊاڪٽر نواز علي شوق اٿارٽيءَ جو چيئرمين هو. هن صاحب هن ڪتاب جي اهميت کي هنن لفظن ۾ واضح ڪيو هو:

”جنرل هيگ پهريون مصنف آهي، جنهن سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي بابت هڪ معياري ڪتاب لکيو، جنهن جو سنڌي ترجمو اوهان جي هٿن ۾ آهي. سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو تاريخ توڙي جاگرافيءَ جي لحاظ کان وڏي اهميت رکي ٿو. قديم زماني کان سيلاني سمنڊ رستي سنڌ ۾ آيا ۽ پوءِ وري درياهه ذريعي سفر ڪيائون. سڪندر جو سنڌ تي حملو هجي يا عربن جي سنڌ تي ڪاهه يا اليگزنڊر برنس جو سنڌوءَ جو سفر، هر لحاظ کان ڇوڙ وارو علائقو وڏي اهميت رکي ٿو. هن علائقي ۾ ڪي بندر ۽ درياهي پتڻ هوندا هئا. ڪيترن ملڪن سان وڻج واپار هلندو هو. ڪيترائي شهر، وستيون ۽ واهڻ هئا، جن مان اڪثر اجڙي ويا، جنهن تي افسوس ڪندي شاهه لطيف فرمايو:

”نه سي وؤڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،

پسئو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.“

جنرل هيگ جو هيءُ ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان ٻيهر ڇپجي رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو ان جي اهميت ۽ افاديت سبب اهو شاگردن استادن ۽ سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ سان دلچسپي رکندڙ عام پڙهندڙن ۾ تمام مقبول رهيو آهي ۽ ڪيتري وقت کان ان جي گهُر ڪئي پئي وئي.

سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو هميشه کان سنڌ جي سياست جو مرڪز رهيو آهي ۽ ڊيلٽائي علائقي هئڻ سبب ان جو سنڌ جي معيشيت سان به گهرو تعلق هو. هيگ جي ڪاٿي موجب هي علائقو ان وقت لڳ ڀڳ ڏهه هزار هم چورس ميلن تي پکڙيل هو، جنهن جي هن ماپ هن ريت لکي آهي:

”حيدرآباد کان هيٺان سنڌوءَ کان وٺي عمرڪوٽ تائين نوي ميل ۽ عمرڪوٽ جي اوڀر کان وٺي ڦاٽ جي ڇوڙ تائين هڪ سو پنجاهه ميل، حيدرآباد کان ٺٽو ۽ ٺٽي کان وٺي ڪراچيءَ ويجهو ڪلفٽن جي وارياسي جوءِ جي ڏکڻ اوڀر تائين اولهه وارو پاسو هڪ سو ڏهه ميل ۽ سامونڊي ڪنارو هڪ سئو پنجويهه ميل آهي، ۽ اها ڪل پکيڙ پنجويهه هزار چورس ميل بيهي ٿي.“

اهڙيءَ ريت ڄڻ ته سنڌ جو سمورو لاڙ پٽ ان ۾ اچي وڃي ٿو. گذريل ڪيترن سالن کان سامونڊي طوفانن سبب ۽ سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙيءَ کان هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ سبب سمنڊ مٿي چڙهي آيو آهي. انساني آبادي تمام پٺتي پئجي وئي آهي، ٻنيون  تباهه ٿي ويون آهن ۽ تمر جا ٻيلا تقريباً ختم ٿي ويا آهن. آبي جيوت تباهه ٿي چڪي آهي ۽ هن علائقي جي معيشيت جو تمام برو حال آهي، جنهن جو تدارڪ ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪا رٿابندي نظر نٿي اچي. اهڙي صورتحال ۾ مختلف دورن ۾ تاريخي حقيقتن کي ڀيٽڻ لاءِ هن قسم جا ڪتاب ڄڻ ته دستاويز آهن، جيڪي مستقبل جي مؤرخن کي سنڌ جي ماضيءَ جي واقعن ۽ وارداتن جو تفصيل ڏيندا ۽ سنڌ جي معيشيت تي تحقيق ڪرڻ وارن کي چڱي ڄاڻ ڏيندا.

جنرل هيگ جي ڪتاب جو هي سنڌي ترجمو اميد ته اڳي وانگر ساڳي مقبوليت ماڻيندو.

 

حيدرآباد، سنڌ

22 اپريل 2014ع

ڊاڪٽر فهميده حسين

چيئرپرسن

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي