سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو

ڪتاب جو نالو سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو
ليکڪ جنرل هيگ
سنڌيڪار / ترتيب عطا محمد ڀنڀرو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-16-1
قيمت 400    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (790) PDF  E-Pub
انگ اکر

12 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     254121   ڀيرا پڙهيو ويو

نيرڪوس جو اليگزينڊر هيوِنِ کان پورالي نديءَ جي ڇوڙ تائين هاڪارڻ


انهيءَ اهم معلومات ملڻ کانپوءِ، ته سڪندر جي دور کانپوءِ سون مياڻي واري جوءِ سمنڊ ڏانهن گھڻو اڳتي وڌي ويئي آهي. ۽ ان ڪري نيرڪوس جي ٻيڙن هاڪارڻ وارو سوال جيڪو اڳي اڻ نبريل رهجي ويو هو، سو هاڻي چڱيءَ ريت سمجھائڻ جھڙو ٿي پيو آهي. سندس هاڪارڻ جي شروعاتي مرحلي بابت خاص ڳالهه اها آهي، ته جڏهن اسان سندس سفر جي صحت جو انومان ڪريون ٿا، ته ڇرڪي وڃون ٿا. ان جو واضح سبب اهو آهي ته تاريخ ۾ ڏنل جايون هاڻوڪي سامونڊي ڪناري سان سڃاڻي ئي ڪونه ٿيون سگھجن. ڪرنل هالڊڪ پنهنجي طرفان هن موضوع تي روشني وجھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر منهنجو خيال آهي ته اندازن ڪرڻ ۾ جن وڌائن کان ڪم ورتو ويو آهي، تنهن کي هيءُ صاحب مناسب سبب ڏيئي صحيح ڪري ڪونه ٿو سگھي. نيرڪوس ڇهه ڏينهن هاڪاري، اچي پورالي ندي جي ڇوڙ وٽ پهتو. مان ان احوال کي هتي ورجائڻ چاهيان ٿو. مونکي پڪ آهي ته اليگزينڊر هيون Alexander Heaven وارو ماڳ ڪراچي جي اپسمنڊ ۾ موجود هو، پر ان جاءِ تي نه، جتي هاڻي ڪراچي بندر آهي. هيءَ ڳالهه ڪروڪالا واري ماڳ سڃاڻڻ تي مدار رکي ٿي. جيئن ته ڪروڪالا ۽ ڪڪرالا جا لفظ ذري گھٽ هڪجھڙا آهن ۽ سندن اچارن ۾ هڪ واضح هڪجھڙائي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، تنهنڪري ڪرنل هالڊڪ اهڙي هڪجھڙائي کي گھٽ اهميت ڏيئي رهيو آهي. هو لکي ٿو ته: اها ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه به ڪانهي جو ان وارياسي ٻيٽ جو نالو ڪڪرالا Kakrala هجي ۽ يونانين ان کي ڦيرائي ڪروڪالا بڻائي ڇڏيو هجي. منهنجي خيال ۾ هن سڄاڻ ماڻهوءَ لاڙ واري علائقي ۾ ڪڪرالا Kakrala جي معنيٰ ”زمين جي پڄاڻيLands End“ڳولهي لڌي هجي. مان سمجھان ٿو ته اها ڏکي ۽ پيچيده معنيٰ آهي، جنهن کان ڪي ٿورا ماڻهو واقف هوندا، پر عام سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪڪرو لفظ جي معنيٰ ننڍي پٿري آهي. ڪڪرالو ان جي صفت آهي، جنهنجي معنيٰ آهي پٿرالو يا ڪڪري وارو. جيڪڏهن اهو سمنڊ اندر ٻيٽ هوندو ته ان جو اهو نالو سونهين ٿو. جيڪڏهن اهو ڇوڙ واري علائقي ۾ آهي، ته رهندو به مناسب آهي. بگھاڙ ڦاٽ جي ڏکڻ ۾ به اهڙو ڪڪرالو علائقو آهي، پر ڪروڪالا ته ماڳهين الڳ شيءِ آهي. سر ايڇ. اليٽ هن کي کارڪ Kharak جو سامونڊي قزاق قبيلو ٿو سمجھي. اپسمنڊ Karachi Bay کي ڪڪرالا نه، پر ساگند Sangda چيو ويندو هو. هن ڳالهه جي پڪ آهي ته ڪروڪالا وارو ٻيٽ سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي ۾ موجود ڪونه هو. خير اهو ڪٿي به هو، پر درياهه جي ويجھي ڇوڙ کان اٺ ميل پري هو. جيڪڏهن ڪرنل هالڊڪ پنهنجي سوچ ۾ صحيح آهي ته مان ڇوڙ واري علائقي جي سمنڊ ڏانهن وڌڻ جي رفتار جو اندازو گھٽ لڳايو آهي نه ته اهو فاصلو منهنجي ڏنل ماپ کان گھڻو وڌيڪ هجي ها. سامونڊي ڪناري بابت ٺاهيل چارٽ تي جيڪڏهن نظر وجھبي، ته سنڌوءَ جي ڇوڙ کان وٺي ڪروڪالا تائين ڪناري سان سمنڊ جي پاڻيءَ جي ماپ ٻائيتاليهن کان اٺيتاليهه فوٽ ٿيندي. مان سمجھان ٿو ته جيستائين هن حقيقت خلاف پڪي شاهدي ڪانه ٿي ملي، تيستائين مان هن خيال جو آهيان ته اليگزينڊر هيون وارو تاريخي ماڳ ڪراچي جي اپسمنڊ Karachi Bay ۾ ڪاٿي موجود هو. سورنهن آنا صحيح ٿاڪ ته نه ٿو ٻڌائي سگھجي، پر مونکي معلوم ائين ٿئي ٿو ته اهو آبزرويٽري آئيلينڊ Observatory Island جي اوسي پاسي ڪٿي هو. ان ڏانهن هڪ سوڙهي کاريءَ وسيلي لنگھي وڃي سگھبو هو. اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته نيرڪوس جي زماني کان صديون پوءِ سامونڊي ٻيڙن جو هتي بندر هوندو هو. ائرين حالتن سان لاڳاپيل هڪ تاريخي شاهدي ڏني آهي، ۽ ان جي آڌار تي ٿوري عقل وارو ماڻهو به اندازو لڳائي سگھندو ته نيرڪوس ڏيهي ماڻهن جي حملي کان ڊڄي پنهنجي فوجي وانڍ جي چوڌاري پٿرن جي ڀت ڏياري هئي. اهي پٿر ڪٿان آندا ويا هئا، جيتريقدر مونکي ياد پوي ٿو ته مان ته ڪچن گھرن، بنا پٿرن ۽ درياهه لٽَ ۽ سامونڊي واري بابت ئي ڪتابن ۾ پڙهيو آهي. موجوده دور جي نئين نيرڪوس کي پٿرن لاءِ ڪا ڏکيائي ڏسڻي ڪانه پوندي، ڇو ته اهي ڀر پاسي ۾ عام جام آهن، پر ريل بند وڇائڻ ۽ بندر جي اڏاوت واسطي ٽن چئن ميلن جي فاصلي تان آندا ويندا آهن. (13) هيءُ نڪتو ڪو خاص اهم به ڪونه آهي. نيرڪوس آبزرويٽري آئيلينڊ وٽان سفر شروع ڪيو هوندو. ۽ ڇهه اسٽاڊيا هاڪاري، ٿي سگھي ٿو ته ڇهه يا ست ميل ڪري، اچي هڪ وارياسي ڪناري ڀرسان پهتا هوندا. تاريخي بيان موجب اهو وارياسو ڪنارو ڌرتيءَ جو حصو هو. ان ڪناري ويجھو ئي رڻ پٽ جھڙو هڪ ٻيٽ هو، جنهن کي ڊوماءِ Domy ٿي سڏيائون ۽ ان کي اوٽ بڻائي هنن پنهنجا جهاز بيهاريا هئا. ڪرنل هالڊڪ ان ڊوماءِ ٻيٽ کي منهوڙو سمجھي ٿو ۽ ٻين عالمن جو به ساڳيو رايو آهي. ڏٺو وڃي ته منهوڙي جو ٻيٽ اڄ به ڌرتيءَ کان پنج ميل پري آهي، پر ان زماني ۾ هن کان به گھڻو پري هوندو. ان کانسواءِ اهو به ٻڌايو وڃي ٿو ته ويهه اسٽاڊيا هاڪارڻ کانپوءِ ٻيڙائت وڃي مٺي پاڻيءَ تي پهتا هئا.

هي بيان ئي گھڻو آهي، جنهن مان سمجھي سگھجي ٿو ته ڊوماءِ ٻيٽ منهوڙو ٿي ڪونه ٿو سگھي. مان ڊوماءِ Domae ٻيٽ کي ڪراچيءَ جي شهر کان سَرِ اولهه سمجھان ٿو، يا ٿي سگھي ٿو ته اهو گھڻو اتر طرف هجي. اهو چوڻ مشڪل آهي، ته ان زماني ۾ اتر طرف سمنڊ جي پاڻي جو چاڙهه وڌ ۾ وڌ ڪيستائين پهچي سگھندو هوندو. هن ماڳ وٽان مٺو پاڻي ايترو پري آهي، جيترو ڪتابن مان ذڪر ڪيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. آبزرويٽري آئيلينڊ کان اهو ڇهه ميل کن پري ٿيندو. اسان جو قياس آهي ته فاصلو تمام ٿورو هوندو ۽ منزل جي فاصلي جو اندازو به بلڪل صحيح هو. ڊوماءِ جي ٻيٽ کان اهو فاصلو ٽي سو اسٽاڊيا هو. رات ٿيڻ تائين اهو فاصلو طئي ڪيو ويو هو ۽ سندس جنگي ٻيڙي سارنگ Sarang نالي هڪ ٿاڪ وٽ اچي لنگر هنيا هئا. راس مونزي جو ڪو به ذڪر موجود ڪونه آهي. ٿي سگھي ٿو ته هاڪارڻ ويل هن راس جي چوڌاري ڦيرو به ڪاٽيو هجي. سارنگ Sarang جو مذڪوره ماڳ ڪٿي هو؟ سو فقط سفر جي فاصلي جي ماپ کان هڪ اندازي مطابق ٻڌائي سگھجي ٿو. امڪان اهو نظر اچي ٿو ته نيرڪوس جي آرماڙ حب نديءَ جي ڇوڙ وٽ رات گذاري هئي. ڊوماءِ جي ٻيٽ کان وٺي هن ماڳ تائين، سامونڊي ڪناري سان پنڌ اٽڪل ڇويهه ميل ٿي سگھي ٿو، جيڪو ٽي سؤ اسٽاڊيا جي لڳ ڀڳ وڃي بيهي ٿو. تاريخ جو بيان آهي ته جتي ٻيڙا لنگر انداز ٿيا هئا، اهو کليو سامونڊي علائقو هو، ۽ منجھس حب ندي جو ڇوڙ، يا ڪا کاري وغيره ڪانه هئي. هن حالت ۾ اسان سارنگ جي ماڳ کان چار پنج ميل اڳتي اتر سمجھون ٿا. حب نديءَ جي ويجھي هجڻ جي فائدي ۾ هيءُ بيان آهي ته مٺو پاڻي اتان اٺ اسٽاڊيا (منو ميل) پري هو. هن حقيقت مان اهو انومان ڪري سگھجي ٿو ته ان نديءَ جي پيٽ جي ڀر پاسي ۾ ڪٿي ڍنڍ موجود هئي. ڇاڪاڻ ته حب جابلو ۽ موسمي ندي آهي، جيڪا رڳو مينهوڳيءَ ۾ وهندي آهي، پر ٻي ڳالهه اها به آهي ته هتي اسان کي ڪنهن ندي يا نئن جو ڪو به ذڪر نه ٿو ملي، ته پوءِ هو ضرور ڪنهن بندر تي پهتا هوندا. ۽ اتي بندر جا نشان ضرور آهن، جيڪو گذريل صديءَ ۾ حب جي ڇوڙ لٽجي وڃڻ جي ڪري ڦٽي ناس ٿي ويو هو. ان جو نالو سارنگ جي نالي سان هڪجھڙائي ڪونه ٿو رکي. اتي نيرڪوس جي ٻيڙن اچي لنگر هنيا هئا. اسان کي هن ريت سمجھڻ گھرجي ته ”4“ جي بدران اصلي اکر “K” هو. ۽ اصلي لفظ Kapaya هوندو، جيڪو کارڪ Kharak جو نعم البدل لفظ آهي ۽ اهو حب جي بندر جو نالو هو. اهو هڪ امڪان آهي، پر ڪا پڪي ثابت ٿيل حقيقت ڪانهي، جنهن جي مڃائڻ واسطي ڪا ڳت ڏيئي بيهي رهجي. پڪ سان ايتري ڳالهه ضرور چئي سگھجي ٿي ته نيرڪوس وارو سارنگ ماڳ، يا ته حب نديءَ جي ڇوڙ وٽ هو يا ٿورو پنڌ مٿي اتر طرف واقع هو. ٻنهي حالتن ۾ فاصلي جو اندازو ذري گھٽ صحيح وڃي ٿو بيهي. ۽ هڪ ماڳ جي نقطهء نظر موجب ته سورنهن آنا صحيح محسوس ٿئي ٿو. هتي پهچي تاريخي بيان ڪجهه اڻ چٽو ٿي وڃي ٿو، سمجھه ۾ ائين اچي ٿو ته اصلي نسخي تان اتاري ڪرڻ وقت ٻه ٽي سٽون لکڻ کان رهجي ويون آهن. يا خود مصنف لاپرواهيءَ کان ائين اڌورو لکي ڇڏيو هجي. مسٽر ڊين ونسينٽ Mr. Dean Vincent ۽ مسٽر مڪ رنڊل Mc Crindle جا ترجما به هن مامري ۾ ڪي گھڻو سوڀارا ڪونه ويا آهن. ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته پڙهڻ واري کي ڄڻ گمراهه ڪري رهيا آهن. بهتر ائين آهي ته اسان هن ٽڪري کي ائرين جي لکت موجب پڙهون. ۽ انهن عام ڳالهين کي ڇڏي ڏيون، جيڪي زيرِ بحث موضوع سان واڳيل ڪونه آهن. ”انهن سارنگ جي ماڳ وٽان ٻيڙا هاڪاريا ۽ هلندا اچي ساڪالا Sakala جي ٿاڪ وٽ پهتا. ٻن ٽڪرين وچان هاڪاري ٽي سو اسٽاڊيا سفر ڪري مورنٽو بارا Morntobara نالي هڪ جاءِ تي پهتا هئا.“ جڏهن مذڪوره ماڳ ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي، ته اتي ڪنهن وٿي يا خال جو احساس ٿئي ٿو. هنن سارنگ جي ماڳ کان جيڪو سفر ڪيو آهي، تنهنجي ماپ ڪانه ڏني ويئي آهي. ۽ جڏهن نئين ڏينهن جو نئون سفر اختيار ڪيو وڃي ٿو ته: ”هتان کان Sailing hence“ يا ”ٻئي ڏينهن تي اهي روانا ٿيا Following Day they sailed“ جا لفظ لکيل ڪونه ملندا، جيڪي سلسلي رکڻ لاءِ تاريخ ۾ عام طور تي ڪم آندا ويندا آهن. پر ان جي بدران اسان هڪدم اچي ساڪلا ۽ مورنٽو بارا پهچئون ٿا. ونسينٽ ۽ مڪ رنڊل پنهنجا لفظ وجھي ان وٿيءَ کي ڀرڻ جا جتن ڪيا آهن، تنهنڪري تاريخي حوالي کي غلط پڙهي ويا آهن ۽ هنن ٽڪرين کي مورنٽو بارا وٽان کڻي ”ساڪالا“ ڀرسان وڃي رکيو آهي. سندس ڪتابن ۾ لکيل ٽڪرا هو بهو هيٺ ڏجن ٿا:

اتان کان هاڪاري هو ساڪالا پهتا، اهو علائقو برپٽ هو، هو ٻن ٽڪرين وچان لنگھيا هيا. اهي ٽڪريون پاڻ ۾ ايتريون ويجھيون هيون جو ٻيڙا هلائيندي ونجھن جا ڦر وڃي، انهن سان ٿي لڳا. اهڙيءَ ريت هُو ٽي سؤ اسٽاڊيا ڪري هتي  پهتا هئا. هي شهر تمام وڏو هو، چوڌاري قلعو هئس، مٿس ماٺ ڇانيل هئي، پر بندر ڏانهن ويندڙ لنگهه سوڙهو هو. ڏيهي ٻوليءَ ۾ هن کي ”عورتن جو بهشت“ ٿي سڏيائون، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ تي پهريائين هڪ عورت راڄ ڪيو هو. جڏهن ٻن ٽڪرين جي وچان گذري رهيا هئا، ته سامونڊي تيز ويرن کي روڪڻ لاءِ کين جھلون Breakers ٺهيل ڏسڻ ۾ آيون، جيڪي کين هاڪارڻ ۾ رنڊڪ وجھي رهيون هيون. ٽڪرين کان ٻاهران ڦري منزل تي پهچڻ ۾ کين گھڻو وڪڙ ڏسڻ ۾ ٿي آيو.“

مڪ رنڊل جو ترجمو وري هن ريت آهي:

”سارنگ کان هاڪاري اچي ساڪالا وٽ رسيا. اهو علائقو ويران هو، هنن هتي اچي لنگر هنيا. هتان رواني ٿيڻ کانپوءِ ٻن ٽڪرين وچان لنگھيا، اهي پاڻ ۾ ايتريون ويجھيون هيون وغيره، وغيره. آخرڪار ٽي سؤ اسٽاڊيا سفر ڪري اچي مورنٽو بارا پهتا.“

مسٽر مڪ رنڊل هتي ”رواني ٿيڻ کانپوءِ“ جا لفظ وجھي يونانين جي سفر ڪرڻ واري نموني کي بدلائي ڇڏيو آهي. اهڙيءَ ريت هيءُ صاحب تاريخي بيان ۾ ايندڙ ويجهين ٽڪرين کي ساڪالا وٽ آڻي بيهاري ٿو ۽ ائرين جيان ٽي سؤ اسٽاڊيا ٻڌائي ٿو. ونسينٽ به ائين ڪري ٿو ۽ لکي ٿو ته: ”اتان (اسڪالا) کان روانا ٿيا ۽ اچي ٻن ٻيٽن جي وچان لانگھو ٿيا. اهي ايترا ويجھا هئا، جو ٻنهي پاسن کان سندن ونجهه انهن کي ڇهڻ لڳا ۽ آخر ٽي سؤ اسٽاڊيا سفر ڪري اچي مورنٽو بارا پهتا.“

اسان کي خبر آهي ته اسڪالا سون مياڻيءَ واري کلئي اپسمنڊ ۾ موجود هيو. مٿين بيان مان ائين ڀاسجي رهيو آهي، ته نيرڪوس پنهنجو عقل، رواني ٿيڻ مهل اسڪالا ۾ ڇڏي آيو هو. ڇاڪاڻ ته هيڏو وڏو سمنڊ ڇڏي پنهنجن ٻيڙن کي اچي انهن ٻن ٽڪرين وچان هنيو هئائين، جيڪي پاڻ ۾ ايتريون ته ويجھيون هيون، جو هلڻ وقت ونجهن جا ڦر ٽڪرين جي پاسن سان گسي رهيا هئا. ان کانپوءِ مسٽر مڪ رنڊل جو ترجمو هن ريت آهي: ”جڏهن هو ٽڪرين وچان لنگھي خير سان پار پيا ته ڏاڍا سرها ٿيا هيا، ڇاڪاڻ ته ٻنهي ٽڪرين وچان لنگھڻ وقت سمنڊ جي وير ڏاڍو وڙهي رهي هئي.“

ڊاڪٽر ونسينٽ جي ترجمي کي به سانگي سان ڏسندا هلو. هو صاحب لکي ٿو ته: ”ٻنهي ٽڪرين وچان لنگھڻ پنهنجي جاءِ تي هڪ وڏو خطرو هو. پر ان وقت سامهون اڻائو طوفاني واءُ به گھلي پيو هو. ان کانسواءِ سمنڊ ۾ ڏاڍو جوش هو. جڏهن اهي لنگھي پار پهتا، ته سمجھيائون ته انهن ان جاءِ تان اڪري ڪرامت ڪري ڏيکاري آهي.“ مزي جي ڳالهه اها آهي ته اصلي ڪتاب ۾ واءُ يا ڇوهي جو ذڪر ئي ڪونه آهي. خراب موسم جو ذڪر اسان کي گھڻو پوءِ ملي ٿو. جڏهن يونانين   جا ٻيڙا پورالي نديءَ جي ڇوڙ کي گھڻو پوئتي ڇڏي وڃن ٿا، انهن سان ڇا وهيو واپريو؟ سا حقيقت هن ريت آهي: ته جڏهن سفر ختم ٿيڻ مهل نيرڪوس سمجھيو ته مورنٽو بارا پهچڻ وارا آهيون ۽ ٻيڙائت به سارو ڏينهن ونجهه هڻي، ٿڪجي پيا آهن، ته هن وڏي وڪڙ کان بچڻ خاطر سڌو رستو اختيار ڪيو، جيڪو خطرناڪ ضرور هو. تڪليف کان بچاءَ جو هن کان وڌيڪ ٻيو چارو ڪونه هو. ان رستي اختيار ڪرڻ ۾ وڏي تڪليف Great Trouble ضرور هئي. پر وڏي سوڀ Great Achievement ڪانه هئي ۽ نه وري اهو اچرج Wonders جھڙو ڪم هو. مسٽر ملر Muller هن رستي کي ڏاڍو صاف ۽ چٽو ڪري لکيو آهي. ”روڪ ۽ رنڊ تمام گھڻي هئي. وِيرَ به وڙهي رهي هئي. سمنڊ جون تيز لهرون ان سوڙهي لڪ مان تيزي سان لنگھي رهيون هيون، جن ٻيڙن کي اتان گذرڻ ۾ ڏکيو بنائي وڌو هو. حقيقت حال اها ئي هئي، پر سمجھيو ائين ويو آهي، ته نيرڪوس ڄاڻي ٻجھي پنهنجي ٻيڙن کي مصيبت جي مُنهن ۾ ڏنو هو. اهڙيءَ ريت انگريزيءَ ۾ ترجمي ڪرڻ وارا به وڃي اوجھڙ ۾ پيا آهن. ٽڪرين جي صورتحال وارو سوال به ٿورو گھڻو اهم ضرور آهي، ڇاڪاڻ ته هنن ٽڪرين جي مدد سان ئي اسان مورنٽو بارا کي سڃاڻي وٺنداسين. اهو به ٻڌايو ڪونه ٿو وڃي ته ٽڪريون ڪي اتاهيون هيون. ان ڳالهه جو به امڪان آهي، ته اهي ٽڪريون هاڻي سامونڊي واري هيٺان پورجي ويون هجن. جيڪڏهن سرونڍا Sirondha ڍنڍ جي اوسي پاسي ڳولا ڪبي، ته امڪان آهي ته اهي ٽڪريون اک تي چڙهي وڃن. اهڙيءَ ريت ڪرنل هالڊڪ جي ڪيل سڃاڻ کي هڪ قسم جي ٽيڪ ملي پوندي.

اسڪالا Skala واري ماڳ کي بدوڪ لڪ Bidok Lak جي ڀرپاسي ۾ ڪاٿي جاچڻ گھرجي. سارنگ (حب نديءَ کان ٿورا ميل اتر طرف) کان هن ماڳ تائين چوويهن ميلن جو پنڌ آهي. تاريخ ۾ سفر جي ڊيگهه جو ذڪر ڪونه آهي، پر اسان ڄاڻ لاءِ ٻيا وسيلا اختيار ڪيا آهن. اڳتي هلي اوهان ڏسندا ته اهو فاصلو ٻه سو ويهه اسٽاڊيا آهي. هاڪارڻ واري پهرئين مرحلي ۾ اسان کي سندن رفتاري ڍري ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ان جو ڪارڻ رڳو اهو آهي، ته سندن هاڪارڻ جو دارومدار فقط ونجھن تي هو. اسان کي تاريخ ۾ اهڙيون ٻه منزلون ملن ٿيون، جن ۾ هنن ٽي سو اسٽاڊيا سفر ڪيو. گھڻو ڪري سڄي ڏينهن جي سفر جو مطلب ڏهن ڪلاڪن جو هاڪارڻ هوندو هو. سندن رفتار ٽيهه اسٽاڊيا (ٽي ميل) في ڪلاڪ هوندي هئي. سارنگ ۽ اسڪالا Sakala جي وچ تي هو هڪ ٻيٽ وٽان ضرور اڪريا هوندا، پر هن حقيقت بابت تاريخ ۾ ڪو به ذڪر موجود ڪونه آهي. ان ٻيٽ جو نالو گڏياڻي آهي. هاڻي ڌرتيءَ سان گڏجي هڪ ٿي ويو آهي. مان ٽالمي جي ڪوڊون Kodvan کي گڏياڻي سمجھان ٿو، جنهن کي هن گيڊروشيا جي سامونڊي ڪناري سان واقع ٻڌايو آهي. جيالاجيڪل سروي واري ڪتاب ۾ هن ماڳ لاءِ لکيو ويو آهي ته: ”سامونڊي ڪناري سان موجود هڪ ٽڪري آهي، ان جو رنگ سفيد آهي. سمنڊ مان جيڪو گذرندو آهي، تنهنجو ڌيان ضرور پاڻ ڏانهن ڇڪائيندي آهي.“ اڳئينءَ ٽڪڻ واري جاءِ کان وٺي جيڪو هنن فاصلو طئي ڪيو آهي، سو ڪرنل هالڊڪ جي خيال مطابق مورنٽو بارا جي ماڳ سان پورو ٺهڪي ٿو بيهي. مان بدوڪ لڪ کان وٺي هن ماڳ تائين ڪل پنڌ ستاويهه ميل ڪٿيان ٿو ۽ هوڏانهن تاريخ ۾ ٽي سو اسٽاڊيا آهن. مورنٽو بارا کان پورالي نديءَ جي ڇوڙ تائين هڪ سو ويهه اسٽاڊيا فاصلو ٻڌايو وڃي ٿو. اها پَڪ نه پر امڪان آهي ته ان وهڪري ۾ ستر اسٽاڊيا تائين اندر سمنڊ جو پاڻي ڪاهي ايندو هو ۽ ان فاصلي کي به مٿي ڏنل پنڌ ۾ شمار ڪيو ويو آهي. اهو به هڪ امڪان آهي ته مورنٽو بارا تائين پهچڻ لاءِ هيءُ وهڪرو به سفر جو هڪ محفوظ وسيلو هوندو. اتر طرف کان ايندڙ ٻيڙا اهو گس وٺندا هوندا. ٿورو ڏکڻ طرف هلبو هو، ته وڌيڪ رستو ملي ويندو هو، پر بندر ڏانهن وڃڻ لاءِ ڪجهه خطرناڪ ضرور هو. ان ڳالهه کي سمجھڻ سولو به هو ۽ نيرڪوس اهو ويجھو رستو ان ڪري اختيار ڪيو هو، جو سندس ٻيڙن جا وانجھي سڄو ڏينهن ونجهه هلائي ٿڪجي پيا هئا. جيڪڏهن ٻيو رستو وٺن ها ته اهو ڊگھو ۽ وڪڙ وارو هو. تنهنڪري هن جان جوکي ۾ وجھي به هنن سِڌ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هيءَ حقيقت به ڌيان ۾ رکڻ گھرجي ته ڏينهن ٿيڻ تي جڏهن هنن هاڪاريو ته ان وقت وير جو پاڻي لهي رهيو هو. منهنجي هن خيال جي پٺڀرائي  هن حقيقت مان ٿئي ٿي ته جڏهن اڳين شام (14) جو مٿي بيان ڪيل ٻن ٽڪرين وچان سوڙهي لنگهه مان اڪري رهياهئا، ته وير چاڙهه ۾ هئي. مٿي بيان ڪيل حالتون بدلجي ويون آهن. اها کليل جاءِ جتي يوناني آرماڙ بندر ڪيو هو، تنهنجي چوڌاري ڀٽن والار ڪري ڇڏي آهي. سمنڊ ان ويرن وهڪري جي پيٽ کي ٿورن ميلن تائين صاف رکڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي، جتي ڀٽون گھٽ ۽ ٽڪريون گھڻيون آهن، ته ان ماڳ وٽ کلئي سمنڊ سان لاڳاپو برقرار آهي.

مورنٽو بارا (جنهن کي ڪرنل هالڊڪ سيرونڍا ڍنڍ سمجھي ٿو) کان لياري، جتي ان زماني ۾ پورالي نديءَ جو ڇوڙ هوندو هو. ڪُل فاصلو ڏهه ميل بيهي ٿو، جيڪو سمنڊ سان هڪ سؤ ويهه اسٽاڊيا ٻڌايو ويو آهي. نديءَ جي ڇوڙ وٽ جتي هو لنگر هڻي رات ٽڪيا هيا، تنهن ماڳ لاءِ لکيو ويو آهي، ته اهو کليو ۽ ٺاهوڪو هو. پر ائين ڪونه ٻڌايو ويو آهي ته، مورنٽو بارا جيان ڪناري سان به اونهون هيو. ڇا لياري ڀرسان سيرونڍا ڍنڍ جيان ڪا ترائي موجود آهي؟ جيڪڏهن اها ترائي موجود نه به آهي، ته به ڪرنل هالڊڪ جي بيان کي غلط سمجھي ڪونه ٿو سگھجي. ان دور کي به ڪو زمانو گذري ويو آهي، ان هيٺانهين ۾ ايترو لٽ پئجي ويو هوندو، جو اهو مذڪوره ٿاڪ پورجي ڀرپاسي جي زمين جيترو مٿي ٿي، سڃاڻپ کان پري ٿي ويو هوندو. هن ترسڻ واري ماڳ ڀرسان جنهن ٻيٽ بابت تاريخن ۾ احوال ملن ٿا، طبعي تبديلين موجب انهن جو نانءُ نشان به موجود ڪونه رهيو آهي، پر تاريخ جي بيانن مطابق اهو ٻيٽ گھڻو اُتاهون هو. ان ناتي سان مذڪوره ٻيٽ کي ڀرپاسي ۾ جدا هڪ ٽڪريءَ جي صورت ۾ ڳولهي لهي سگھجي ٿو.

مٿي هن حقيقت جو ذڪر ڪيو ويو آهي ته: ”اسڪالا ۽ سارنگ جي وچ واري گم ٿيل، فاصلي کي صحيح ڪري سگھجي ٿو. ۽ ٻنهي ماڳن جي وچ ۾ ٻه سو ويهه اسٽاڊيا فاصلو هو. سوال اهو آهي ته هيءَ ماپ ان جاءِ کان وٺي ورتي وڃي ٿي، جتان نيرڪوس آرماڙ هاڪارڻ جي شروعات ڪئي هئي. ائرين جو به بيان آهي ته فاصلو اتان شروع ڪيو ويو، جتان کان پهريائين ٻيڙن کي هاڪاريو ويو هو. اها اصلي جڳهه نيول اسٽيشن Naval Station هئي، جيڪا سنڌوءَ جي ڇوڙ جي ويجھو قائم ڪئي ويئي هئي. جيڪڏهن سندن مقصد اهو آهي، ته نيرڪوس سنڌوءَ جي ڇوڙ ويجھو ان مذڪوره ماڳ تان هاڪاريو هو، ته منزلن جو وچور هن ريت هجڻ گھرجي:

(الف) سنڌوءَ جي ڇوڙ وٽ نيول اسٽيشن کان اليگزينڊر هيون 300 اسٽاڊيا.

(ب) اليگزينڊر هيوِن کي پوراليءَ ندي جو ڇوڙ 780 اسٽاڊيا.

                                                                                                            1080 اسٽاڊيا.

                                                                                                            (1) 70 اسٽاڊيا.

(2) 220 اسٽاڊيا.

ڪُل جوڙ 1370-اسٽاڊيا.

اهڙيءَ ريت پئراپلس. Paraplus تائين ٻڌايل فاصلو، ليکي مطابق گھڻو گھٽ بيهي ٿو ۽ مؤرخ جي پنهنجن ٻڌايل انگن اکرن کان ٽي سو ستر اسٽاڊيا گھٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو وڏو فرق آهي. پر ان ڳالهه کي ڌيان ۾ رکڻ گھرجي، ته خود مؤرخ پاڻ ٻڌائي ٿو ته پئراپلس جو ماڳ آرابيٽاءِ جي سامونڊي ڪناري سان واقع آهي. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته ٻيڙن جو قافلو ڪروڪولا کان هلي هتان پهتو هو. اهو هاڻي قياس ڪرڻ مناسب لڳي ٿو، ته اهي هڪ هزار اسٽاڊيا ڪروڪالا ٻيٽ کان يا اليگزينڊر هيون واري ٿاڪ کان، جيڪو ڪروڪالا جي بلڪل ويجھو هو، جتان چوويهه ڏينهن جي ٽڪڻ کانپوءِ هاڪاري ويو هو. ان ٿاڪ جي هاڪارڻ وارو صحيح ماڳ سمجھي پئرا پلس جو فاصلو هن ريت ڪٿڻ کپي.

اليگزينڊر هيون کان ڊوماءِ يا آبزرويٽري آئيلينڊ                 اسٽاڊيا      ميل

ايم-4-اتر-اولهه طرف                                                                           60                  6

ڊوماءِ کان سارنگ-حب نديءَ جي ڇوڙ کان

ڪجهه ميل اتر.                                                                                             300               32

سارنگ کان اسڪالا-بدوڪ لڪ کان

ٿورو اتر-اوڀر طرف                                                                                    220               24

اسڪالا کان مورنٽو بارا سيرونڍا ڍنڍ                                          300               27

مورنٽو بارا کان پورالي نديءَ جي ڇوڙ وٽ                                   

هڪ هزار اسٽاڊيا هڪ سو جاگرافيائي ميلن ۽ هڪ سو پندرنهن اسٽيچيوٽ ميلن جي برابر آهن. سامونڊي ڪناري وارو پنڌ، ٻيڙي رستي سمنڊ سان ڪيل سفر کان ڪجهه سڌو هوندو. جيڪڏهن مذڪوره نوانوي ميلن ۾ ٿورو خشڪيءَ وارو فاصلو طئي ڪبو، ته وڃي پورو هڪ سؤ ميل بيهندو. اهڙيءَ ريت نيرڪوس جو سامونڊي سفر وارو اندازو اهڙو ته صحيح بيهي ٿو، جو اچرج وٺيو وڃي.

جڏهن هن سامونڊي سفر جي پهرين مرحلي تي نظرثاني ڪجي ٿي ته اسان کي ڪرنل هالڊڪ جي بڻايل پورالي ندي جي ڇوڙ جي تڏوهڪي ٿاڪ جي ويڪرائي ڦاڪ پوري ڏسڻ ۾ اچي ٿي. سندس اهو ويچار گھڻو ڪري صحيح معلوم ٿئي ٿو ته، قديم زماني ۾ اتر طرف، هن نديءَ جو پراڻو وهڪرو موجوده پيٽ کان چار ميل اوڀر وهندو هو. جيڪڏهن واقعي اها ڳالهه سچي آهي ته، پورالي ندي ڏانهن سڪندر اعظم جي پيشقدمي بابت جيڪي اصول قائم ڪيا ويا هئا، سي سورنهن آنا سچا ثابت ٿين ٿا. اميد آهي ته ڏکڻ بلوچستان جي جاگرافيائي جاچ پڙتال جاري رکي ويندي. مورنٽو بارا جا ماڳ اڃا به گھڻي جاکوڙ لهڻن ٿا. مان مورنٽو بارا جي ٿاڪ کي ڪرنل هالڊڪ جي مقرر ڪيل ماڳن کان اوڀر طرف سمجھان ٿو. مان اها ڳالهه قبول ڪريان ٿو ته جنهن ترائي کي هو سيرونڍا جي ڍنڍ چوي ٿو، سا سندس بيان جي پٺڀرائي ضرور ڪري ٿي. پر پڇا ڳاڇا ڪرڻي پوندي، ته هتان جون ڏيهي روايتون هن بابت ڇا ٿيون چون.

هتي اهو ڏٺو ويندو ته خود ڪرنل هالڊڪ جي پنهنجي راءِ آهي ته راس مونزي کان وٺي مورنٽو بارا (جنهن به حالت ۾ ڪرنل صاحب هن ماڳ کي سڃاتو آهي) تائين سفر جي ماپ ڪاٿي کان تمام گھڻو وڌي ٿي، جنهن کي صحيح ڪري ڪونه ٿو سگھجي. هن پاڻ وري اهڙيون ثابتيون به پيش ڪيون هيون، ته اهي سفر جي وڌايل انگن اکرن جي وڌيڪ ويجھو آهن. اليگزينڊر هيون وٽان هاڪارڻ کان هفتي کن تائين نيرڪوس پنهنجون منزلون ان ڪري ننڍيون رکيون هيون، ڇاڪاڻ ته کين پنهنجن ٻيڙنکي ونجھن سان هلائڻو پيو هوندو. سندن وڌ ۾ وڌ ڏهاڙي سفر ٽي سو اسٽاڊيا هو. موسم ٺيڪ ۽ سمنڊ ۾ ماٺار هئي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته اهڙو بيان ضرور ڪيو وڃي ها. اٺين ڏينهن اسان کي ڪتابن ۾ ڇوهي جو ذڪر ملي ٿو، جيڪو پاگلا Pagla کان ڪابنا Kabna ڏانهن ويندي رستي ۾ گھليو هو. ان سان گڏ اوهيڙي جي اوڪ ٿي هئي، جنهنجي نتيجي ۾ سندن ٽي ٻيڙا ٻار ۾ ٻڏي ناس ٿي ويا هئا. ان کانپوءِ سندن ڏهاڙيءَ جو سفر چار سؤ اسٽاڊيا ۽ ڪن نسخن مطابق چار سو ٽيهه اسٽاڊيا ٿي ويو هو. مان سمجھان ٿو ته سفر ڪرڻ جي هيءَ رفتار اڳي کان وڌائي پيش ڪئي ويئي آهي. هن مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته جنهن وقت ٻيڙن واءُ تي هلڻ شروع ڪيو هو ته سندن رفتار به وڃي صحيح انگن اکرن تي بيٺي. جڏهن انهن انگن اکرن کي گڏ ڪيو ويو ته ماڻهو غلط فهمين جو شڪار ٿي ويا. امڪان اهو به آهي ته واءُ ڏسي، ٻيڙن تي سڙهه به چاڙهيا ويا هجن. هنن پهريون ڀيرو پاگلا Pagla وٽان تڏهن سڙهه چاڙهيا هوندا، جڏهن پورب واري مينهوڳيءَ واري سڻائي هوا گهلي سندن ٻيڙن کي اولهه-ڏکڻ-اولهه ڏانهن ڌڪيو هوندو. ان ڪري سندن ڏهاڙي واريءَ منزل ۾ پنڌ وارو ماپو وڌي وڃڻ هڪ لازمي امر آهي. حالتن مان معلوم ائين ٿئي ٿو ته مذڪوره ڇوهو ۽ مينهن ڏهاڙيءَ سفر جي پوئين مرحلي ۾، پوياڙيءَ جي ويل پيش آيو هوندو، جڏهن ڪابانا جي ويجھو پهچڻ وارا هوندا. اها حقيقت هن مان ظاهر ٿئي ٿي ته جڏهن وڏاندرو واءُ ٿمجي ويو، ته هنن ڀڳل ٻيڙن جا تختا به هٿ ڪري ورتا. ۽ جيڪي ماڻهو ٻڏل ٻيڙن تي چڙهيل هيا، سي تري، جر جھاڳي اچي ڪناري پهتا هيا. آڌيءَ رات جو ٻيڙا وري وڃي ٻار ۾ وڌائون. شايد سڙهه چاڙهيا هئائون. ٻه سؤ اسٽاڊيا ڪري وڃي ڪوڪالا Kokala پهتا. سندن اها منزل ۽ هن کانپوءِ ٻي منزل به گھڻي وڌائي ويئي آهي. ڇو جو ڏسون ٿا ته وڃي ٽامرس Tomerus پهتا آهن، جيڪو پنج سو اسٽاڊيا پري هو. ان کانپوءِ ملاڻي Malana پهچن ٿا، جنهن جو فاصلو ٽي سؤ اسٽاڊيا ٻڌايو وڃي ٿو. پڇاڙيءَ وارو نتيجو اهو بيهي ٿو ته اوريٽاءِ جو سامونڊي ڪنارو جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته پوراڻي نديءَ جي ڇوڙ کان راس ملڻ Malan تائين سورنهن سؤ اسٽاڊيا آهي. سا ماپ ڪرڻ کانپوءِ ان جي ڊيگهه فقط اٺ سؤ پنجاهه اسٽاڊيا معلوم ٿئي ٿي. منهنجو خيال آهي ته جنهن انڌاري نيرڪوس جي ٻيڙي لاءِ مصيبت پيدا ڪئي هئي. تنهن لاءِ جنرل هالڊڪ ڪن غلط فهمين جو شڪار آهي. اليگزينڊر هيون کان وٺي، هن ماڳ وٽ پهچڻ تائين هاڪارڻ جي ساري سفر دوران فقط اها هڪ انڌاري آئي هئي، نه ته سڄو سفر نهايت آرام سان گذري ويو هو، انڌاري به ٻه ٽي ڪلاڪ هلي هئي. ان کانپوءِ تاميرس Tomerus تائين سڻائو واءُ گھليو هو. مسرڻي Masarna کانپوءِ، اسان کي سندن ڏهاڙي جو سفر ست سؤ اٺ سؤ بعضي ته هڪ هزار اسٽاڊيا به ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن لاءِ پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته وڌاءُ آهي ۽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته مذڪوره انڌاري کانسواءِ سندن سفر ڪنهن ڊپ ڊاءَ ۽ الڪي کانسواءِ سڻائو گذري ويو. سفر ۾ ڏکيائي ڏچو ته ڏٺو هئائون، پر اهو هاڪارڻ واري مامري سان لاڳاپيل ڪونه هو، ان جو سبب اهو هو جو گهڻي سفر سبب لشڪر واسطي کاڌي خوراڪ ۽ پاڻي جي سخت اڻاٺ هئي. انهن سڀني ڳالهين جو اثر وڃي نيرڪوس جي سفر جي ڪاٿي ڪرڻ تي پيو هوندو. سندن سفر جي فاصلي جو غلط اندازو انهن ٻيڙين ڪري به ٿيو هوندو، جيڪي هن سنڌو درياهه ۾ جوڙايون هيون.

(1) هي سنڌي طرز جو نالو آهي. هن لفظ ۾ ”ل“ بدران ”ر“ جو اکر ڪتب آندو ويو آهي، پر اصلي لفظ ”ناله“ آهي، جنهن جي معنيٰ اٿل يا چاڙهه جي موسم وارو وهڪرو آهي. انگريزيءَ ۾ هن کي torrent bed يا flood channel چئبو آهي.

  1. ريورٽيءَ هن وهڪري کي پنهنجي ڪتاب ”مهراڻ آف سنڌ“ ۾ واهندا باهندا هاڪڙو يا مهراڻ درياءُ سڏيو آهي. امڪان آهي ته اهو نالو واهندا جي ڪنهن ننڍي ڀاڱي جو هجي.

(2) نمبر cxvii-جلد lix 1874ع دي لاسٽ رور آف دي انڊين ڊيزرٽ.

(3) سر ايڇ-اليٽ جي ”هسٽري آف دي انڊيا“ . i-ص-49-هن مصنف رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي جرنل جلد- xvi- حصي ٻئي ۾ منصوره جي ماڳن تي بحث مباحثو ڪيو آهي.

  1. اهو غلط آهي ته سومرا فقط سنڌ جي لاڙ واري علائقي جا حاڪم هيا. تاريخي حقيقتن موجب چوٿين صديءَ جي پڇاڙيءَ ڌاران منصوره ۽ ملتان جي رياستن جي عرب اميرن جا جانشين سومرا بڻيا هئا. غزني سلطانن (388هه-582هه) يا سلطان معز الدين سام غوريءَ جي دور (1174-1206ع) ملتان ۽ منصوره جي مخلتف رياستن جا خود مختيار حڪمران به سومرا هئا. جڏهن سلطان محمود غوريءَ 1175ع ۾ ملتان تي حملو ڪيو ته ان دور ۾ اتان جو حڪمران سومرو سردار هيو. (سومرن جو دور- ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ- ص- 24- (مترجم).

(4) هن جو مطلب آهي ڇڏيل وهڪرو. هي لفظ گھڻو ڪري ڪنهن وهڪري جي سُڪل پيٽ لاءِ ڪتب ايندو آهي.

(5) هي اهو وهڪرو آهي، جيڪو ڪڏهن نصرپور کان، ڏهه ميل مٿان ٻوهڙي Bohri کان وهندو هو، جنهن کي غلطيءَ وچان لوهري Lohiri به لکيو ويو آهي. لاڙ جو تُرخان حڪمران مرزا جاني بيگ هن ماڳ تي مورچه بند ٿي، شهنشاهه اڪبر جي فوجن سان 91-1592ع ۾ ٻن مهينن تائين جنگ جوٽيندو رهيو، جنهن جو مهندار مرزا عبدالرحيم خان خانان هو. ان ماڳ جي جاگرافيائي صورت حال ڏاڍي مضبوط هئي. ان کانسواءِ هيءُ سنڌي سردار وڏي عقل ۽ شعور وارو شخص هو. سندس مهنداريءَ هيٺ ٻيڙين جو آرماڙ هو، جيڪو مغلن جي لشڪر سان مهاڏو اٽڪايون بيٺو هو. ۽ سنڌوءَ جي وهڪري تي سندس پورو ضابطو هو. سندس لشڪرکي کاڌو خوراڪ باقاعدگيءَ سان ملندو ٿي رهيو. هن سنڌ جي عام ماڻهوءَ کي به اڀاريو هيو، جن حمله آورن کي کاڌو خوراڪ ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو هو. هن دهليءَ جي لشڪر جو رستو روڪي ڇڏيو هو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو دهلي جو لشڪر گھيرو پٽي هلي ويو. ۽ ان وقت تائين سوڀارو ڪونه ٿيو، جيستائين هن اٽڪل ڪري جاني بيگ جي لشڪر کي ان مضبوط جاءِ مان نه ڪڍيو هو.

(6) هيءُ علائقو چوويهه ڊگريون ۽ اُڻونجاهه فوٽ اُتر ويڪرائي ڦاڪ جي ڏکڻ ۾ آهي، جتان سنڌو ڪوهستان واري علائقي کي ڇڏيندو آهي.

(7) هيءُ احوال ليفٽيننٽ اسٽائيف Stiffe جي سنڌوءَ جي ڇوڙ بابت 1877ع ۾ ڏنل رپورٽ تان ورتل آهي.

(8) ڪريڊنر ڊاءِ ڊيلٽاس پيٽر مينس مٽهيلنجنس ارگان زنگ شيفٽ نمبر-56-ايس-25 Gredner Die Deltas Petermanns Mittheilungens, Erganzaumgocheft No: 56-S-525.

(9) ايڊنبرگ رويو جنوري 1877ع-ميڊيٽيرينن ڊيلٽاس.

(10) هيءَ سروي ”ڪرنل ٽري مين هيري“ Col: Treman Heere ان وقت ڪئي هئي، جڏهن هو سنڌ ۾ چيف انجينئر جي عهدي تي فائز هو. جرنل آر. جي. ايس. Xxxvii- ص-70.

(11) ڏسو ڪريڊنر جو اٽ سپ 1-1 Ut sup- ٿيل Theil-7. ماس ڊيس ويڪس ٿيومس ڊر ڊيلٽاس Mass, der wachs thums der Deltas.

(12) لاڙ جي علائقي ۾ جيڪي يونانين وهڪرا ڏٺا هيا، سي گھاڙ واهه ڪونه هيا، جهڙي ريت عام مؤرخن انهن کي سمجھيو آهي، پر اهي دريائن جا فطري وهڪرا هيا، جن جا پراڻا پيٽ سامونڊي ڪناري ڀرسان جاڏي ڪاڏي ڏسڻ ۾ ايندا آهن. اهو پاڻيءَ جو هڪ وهڪرو ان کانپوءِ هڪ وڏي ۽ ويڪري ڍنڍ هئي، جنهن ۾ يونانين جو جنگي آرماڙ اچي بيٺو هوندو. ان وقت ڪيڏو نه خوبصورت ڏيک هوندو.

  1. هيءَ پنڌ جي يوناني ماپ آهي هڪ ميل ۾ ڏهه اسٽاڊيا هوندا هئا. (مترجم).
  2. پورالي ندي. (مترجم).

(13) ارسٽو بيوليس هڪ سؤ اسٽاڊيا. نيرڪوس ارڙهن سؤ اسٽاڊيا ۽ اونسي ڪريٽس ٻه سؤ اسٽاڊيا ٻڌايو آهي.

(14) ٽريولس انٽ بخارا جلد III- ص-16، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٺٽي کان ٿورو پنڌ هيٺ ڇوڙ واري علائقي ۾ ٽڪريون موجود آهن، پر منهنجي هن خيال ۾ سامونڊي علائقي کان وٺي پنجٽيهه ميل مٿي هن علائقي ۾ ڪابه ٽڪري ڏسڻ ڪانه ايندي.

(15) هيءُ احوال مسٽر فينر Fenner جي سامونڊي کارين بابت ڪيل سروي تان ورتل آهي، جيڪا هن سنڌوءَ جي ڇوڙ جي اولاهين پاسي، سنه 1848ع ڌاران ڪئي هئي.

(16) ايري ٿيران سمنڊ Ery thraean Sea سان سفر ۽ تجارت ص-176.

The Commerce & Navigation of the Ery thraean Sea-P.176

(17) ڪجهه وقت اڳ جڏهن ڪراچيءَ بندر کي سڌارڻ جو ڪم ڪيو ويو ته چيني واريءَ کاريءَ Chinni Creek کي بلند ڪيو ويو هو.

(18) ممايرس آف دي جيالاجيڪل سروي آف انڊيا جلد-XVII ص-184.

(19) ايضاً-ص-1991.

(20) اصلي نسخي ۾ ڪراچي جي ڏيهي واپاري جا لکيل حاشيا آهن.

(21) هي سڄو حاشيو يوناني زبان ۾ لکيل آهي.

(22) ڏسو ونسينسٽ جو ڪامرس اينڊ نيويگشن آف دي اينشنٽ جلد-1-ص-194: et seq ۽ جنرل ڪننگھام جي انيشينٽ جاگرافي آف دي انڊيا ص-307، ص-306.

(23) ڪروڪالا Krokala جو نالو ڀرپاسي واريءَ جوءِ ۾ ڄڻ اوپرو ۽ اڻڀويون آهي. پاٽنجر ۽ برنس هن ڳالهه ڏانهن اشارو ڏنو آهي ته ڪروڪالا ڪڪراله لفظ جي بگڙيل صورت آهي. اها ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه به ڪانه آهي. اهو ڇوڙ جي هڪ ڀاڱي جو قديم نالو آهي. ويچار ڪجي ٿو ته اهو ڇوڙ جي گھوڙا ٻاري علائقي جي وچ تي ۽ ڪراچيءَ کان پورا پنجاهه ميل ڏکڻ اوڀر ڏس تي آهي. هن بيان کي ڪا حقيقت ئي ڪا نه آهي ته ڪراچيءَ جي ڀرپاسي واري علائقي کي تاريخ جي ڪنهن دور ۾ ڪڪراله جي نالي سڏيو ويو آهي. نيرڪوس جڏهن هن علائقي وچان هاڪاريو هو. تڏهن کيس سڳنڌ Sangda سڏيو ويندو هو. تاريخ اسان کي ائين ٻڌائي ٿي.

(24) هسٽري آف دي اينشنٽ جاگرافي جلد: 1 ص: 544-545.

(25) ايضاً ص 531-حاشيو 8-ڏسو پڻ ص 393.

(26) ان وقت اڃا به ڏکڻ-اولهه واري چوماسي جون هوائون گھلي رهيون هيون. هيءَ حقيقت ان وقت جي موسمي صورتحال جي پٺڀرائي ڪري ٿي، ته نيرڪوس پنهنجا ٻيڙا ”اليگزينڊر هيون“ ۾ چوويهن ڏينهن لاءِ بيهاري ڇڏيا هئا، ڇاڪاڻ ته تيز سامونڊي هوائون گھلي رهيون هيون. اسان وٽ اهڙيون پڪيون ثابتيون موجود آهن، ته نيرڪوس جي روانگي تبصره نگارن جي عام خيالن کان گھڻو وقت اڳي ٿي هئي. عام طور ائين چيو ويندو آهي ته نيرڪوس مذڪوره ماڳ وٽان، تاريخ 2 آڪٽوبر 326 ق. م. يا 21 سيپٽمبر 325 ق. م. تي روانو ٿيو هو. تنهن کانپوءِ اسان چوويهه ڏينهن طوفاني هوائن جا ڳڻيندا آهيون، جيڪي سيپٽمبر جي پڇاڙي يا آڪٽوبر جي پهرين هفتي جي پوين ڏينهن کان شروع ٿيا هئا ۽ اهي ان رُت ۾ ختم ٿيا هئا. جڏهن سنڌ ۾ موسمي ماٺار اچي ويندي آهي. ڏکڻ اولهه واري چوماسي واريون تيز هوائون وچ آگسٽ تائين هلي ڍريون ٿي وينديون آهن. سيپٽمبر ۾ تيز هوا کڻي گھلندي به آهي، پر ڪلاڪ ٻن کان پوءِ ان جو زور گھٽجي ويندو آهي. هيءَ ڳالهه ڪندي مونکي هٻڪ ڪانه ٿئي ٿي ته انهن ڏينهن ۾ جڏهن نيرڪوس کي ڪراچي جي ڀرپاسي ۾ ترسيل سمجھيو وڃي ٿو، تڏهن چوويهه ڏينهن ساندهه هوا گھلي رهي هئي. سا حقيقت موجوده دور جي هندي سمنڊ جي موسميائي صورتحال سان سهمت ڪانه آهي. ڊاڪٽر ونسينٽ ٻڌائي ٿو ته اها پورب واري چوماسي جي رت هئي. پر اهو چوماسو نومبر کان اڳ ۾ شروع ڪونه ٿيندو آهي. ان کانسواءِ سنڌ جي سامونڊي ڪناري سان ٽن هفتن کان وڌيڪ اهڙين تيز هوائن جو گھلڻ مونکي ممڪن نظر ڪونه ٿو اچي.

(27) ڪئنٽس ڪرٽس. Lib x حاشيو.

(28) اينشينٽ جاگرافي آف انڊيا. ص-279.

(29) بنگال ايشياٽڪ سوسائٽي جرنل-جلد 71 ۽ صفحي 349 تي ڪسوماڊي ڪوروس – Csoma de koros جي اصلي نسخي مان مذڪوره حوالو ڏنو ويو آهي. ڪسوما ڪوروس جو پنهنجو مقالو ساڳي سوسائٽيءَ جي آگسٽ 1833ع واري جرنل جلد II ص 385 تي پڙهندا.

(30) نقشي نمبر II ۾ پٽالا جو شهر سنڌوءَ جي ٻه درياهيءَ جي وچ تي ڏيکاريو ويو آهي. هن صورتحال مان ٽالمي جي بيان جي پٺڀرائي ٿئي ٿي ته مذڪوره شهر درياهه جي وچ تي هڪ ٻيٽ تي اڏيل هو. (جاگرافي-Lib جلد-Vii سي – آءِ – حاشيو، ص-ص- 59). معلوم ائين ٿو ٿئي ته نقشي ۾ سنڌوءَ ۽ سندس ڇاڙهن کي، ٺٽي جي اولهه ۾ يا پُراڻ کان ٿورو پري ۽ ڪڇ جي صفا اتر ۾ ڪن ٿورن حصن کانسواءِ سڄي صورتحال اٽڪل ۽ اندازي تي تيار ڪيل آهي.

(31) ”انڊس ڪي الٽر ٿومسڪنڊي“ جلد- 1- ص 546 حاشيو. 1- ايڊن، 1847ع، جنهن ۾ هيءَ ڏند ڪٿا ڏني وئي آهي.

(32) عالم مهاڀارت جي لکڻ واري دور کي سڪندر جي حملي کان گھڻو پوءِ جو سمجھن ٿا. (پڙهو ويبر جي هندستاني ادب جي تاريخ-ص-186 ۽ حاشيو -a201 ۽ ص 187). ان ڪتاب ۾ جيڪي ڏند ڪٿائي قصا لکيا ويا آهن، تن جو تعلق تمام پراڻي زماني سان آهي.

(33) ڏسو سر اليگزينڊر برنس جي لکيل ڪتاب، ٽريولس اِنٽُ بخارا“ جو  ٽيون جلد جنهن ۾ هن ڪڇ جو احوال ڏنو آهي. ان کان سواءِ سر بارٽل فريئر به هن موضوع تي مقالو لکيو آهي. ڏسو رايل جاگرافيڪل سوسائٽي جرنل جلد vi ص 94-195).

(34) ڏسو پيري پلس آف ايري ٿرائن سي. ص-40 حاشيه.

(35) ڏسو سر ايڇ. اليٽ جي ”هسٽري آف انڊيا“ جلد ii ص – 249 ضميمو-P-ص 473. جنهن قلعي ۾ هندو راجا ڀڄي وڃي پناهه ورتي هئي، تنهنجو نالو ڪندا بال يا ڪندا ما Kandama هو. مان سمجھان ٿو ته ڪرنل واٽسن انهن ماڳن کي رڻ ڪڇ جي ڪنهن ٻيٽ تي سڃاڻي ورتو آهي.

(36) ڪجهه وقت اڳ جي ڳالهه آهي ته سمنڊ کان گھڻو پنڌ پري لوڻ ڪڍڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو هو. اتي پورهيتن جي استعمال واسطي پاڻي ٻيڙين وسيلي تمام پري کان آندو ويندو هو.

(37) باختري بادشاهن جو مڪمل خاتمو سٿين جي مکيه قبيلي يو. چي yue-chi آندو هو. ڪن مؤرخن جو خيال آهي ته 130 ق. م. ڪن جو خيال آهي ته 126 ق. م. ۾ سندن انت آيو. اهو ڪيئن به هجي پر مذڪوره واقعو، يو. چي قبيلي آمون درياهه جو اتريون پاسو اچي والاريو هو، تنهن کان پوءِ ٿيو هوندو. ڪتاب ۾ لئسن- Lassen واري ڏنل تاريخ لکي وئي آهي. انهن واقعن جو سلسلو اڻ چٽو آهي.

(38) پروفيسر سيس 4000= Sayce ق. م. دور جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته: ”ان مان اسان اندازو لڳائي سگھون ٿا ته ڪلداني واپارين جو هندستان جي الهندي سامونڊي ڪناري سان ضرور واسطو ۽ رابطو هوندو. ان کانسواءِ مغيه يا قديم اُر – ur جي کنڊرن مان ساڳواڻ جي نالي هڪ ڪاٺ مليو آهي، يا بابل جي ڪپڙن جي فهرست ۾ سنڌو نالي هڪ ململ جو ذڪر ملي ٿو. Old Testament ۾ سادين Sadin ڪپڙي جو بيان آهي، جنهن کي يونان وارا awdwr ڪري چوندا هئا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته awdwr جو مطلب Indian Cloth آهي، جنهن کي گھڻو عرصو اڳ سنڌ جي ڪپڙي طور سڃاتو ويو آهي. (هربرٽ ليڪچرس 1887ع ص ص 137-138). اها اعتبار جوڳي ڳالهه آهي ته مذڪوره ڪپڙو سنڌو درياهه جي نالي جي نسبت سان هوندو ۽ ڪلدانين جي ويجھو هجڻ ڪري اتي گھڻو مشهور هوندو. هنن جي نظر ۾ ڪوبه هندستاني ڪپڙو ”سنڌو“ هوندو هو، توڙي جو کڻي اهو ڪٿان جو به ٺهيل هوندو هو ۽ هندستان جي کڻي ڪهڙي به بندر تان گھرايو ويندو هو.

(39) لئسن Lassen کي اوفيئر Ophir ۽ اوڀيرا Abhira جي نالن ۾ هڪجھڙائي ڪري ڏاڍو تعجب ٿيو. آڀيرا Abhira، سپارا Supara جي نالي بمبئي جي اتر ۾ باسين Bassein درياهه جي ڇوڙ وٽ موجود آهي. ان سان هڪجھڙائي رکندڙ شهر سوفالا Sofala وري آفريڪا ۾ به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جيڪڏهن پراڻن شهرن جون سڃاڻپون اهڙن حوالن تي رکيون ويون ته ڳالهه ئي ڳڙ ٿي پوندي. اڀيرا ليسن جي قائم ڪيل اصول جي ناتي سان سڃاڻ کان ٻاهر نڪري وڃي ٿي. ڇاڪاڻ ته ٽالمي جي لکت موجب، هيءُ قبيلو Abipia سنڌوءَ جي ڇوڙ وٽ ڪونه رهندو هو، ۽ نه وري سندن جُوءِ سنڌُوءَ جي ڪٺار سان هئي، پر سندن علائقو پٽالي کان گھڻو مٿي هو. ٽالمي جي چوڻ موجب اهو ڇوڙ واري علائقي کان ٻاهر هو. او. ٽي O.T واري اوفير ۾ ٿوري ڪجهه لکتي تبديلي آئي آهي. ۽ هن لفظ اوفير Ophir کي گھڻا مصنف ڪنهن لفظ جي بگڙيل صورت سمجھندا آهن، جنهن جو مطلب انڊيا ٿي سگھو ٿو. ڇاڪاڻ ته سيپٽائوجنٽ Septuagint به هن لفظ اوفير Ophir کي سوفير Sophir بڻائي ڇڏيو آهي. هو چوي ٿو ته اهو Captic يعني قطبي زبان ۾ انڊيا جو مطلب ڏيکاري ٿو. جيئن ان ڳالهه جو وڏو حصو مصر ۾ جڙيو هو. ان ڪري ڪتاب جي مصنف اوفير کي انڊيا سمجھيو آهي. اهو شهر مذڪوره ملڪ ۾ بندر يا ڪو مشهور معروف ماڳ ڪونه هو.

(40) ڏسو ملر Muller جي ڪتاب ”جاگرافيائي گريڪاءِ مِنورا“ جلد 1-ص-191 تي. آگا ٿارڪيڊس جي آخري تصنيف، فوٽس Photis ۽ ڊايو ڊورس Diodorus جي ڪتابن مان ورتل اقتباس.

(41) مسٽر بن بيري Mr. Bunbury (هسٽري آف جاگرافي-11 ص 351) سندس نالي مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته هو يوناني هو، پر ٻئي پاسي مسٽر رناڊ Mr. Reinand پنهنجي ڪتاب ”رليشن ڊيس واويج“ ۾ ٻڌائي ٿو ته هو رومي هو. هن ڪهڙي دور ۾ سامونڊي سفر ڪيو هو، تنهن جو پتو پئجي ڪونه سگھيو آهي.

(42) پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته پيري پلس Periplus نالي ڪتاب پهرين صدي عيسويءَ جي پوئين چوٿائيءَ ۾ لکيو ويو هو، (ڏسو سي. ملر جو ڪتاب جاگرافي گريڪا ۽ منورا) پر مصنف پنهنجي ڪتاب لکڻ کان گھڻو اڳ سامونڊي سفر ڪيو هو. اندازو ٿئي ٿو ته هو 65ع يا 80ع ڌاران هندستان آيو هوندو.

(43) پيري پلس حاشيو ص – 38

(44) هيءُ به هڪ اهم سوال آهي، ته سڪندر جي زماني ۾ سنڌو سڄي سال دوران فقط ٻن ڦاٽن وسيلي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ائرين جو بيان (اناب Anab –vi- 18) آهي ته پٽالا ڀرسان سنڌوءَ مان ٻه ڦاٽ ٿيندا هيا. ۽ ٻنهي کي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ تائين سنڌوءَ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. هن بيان مان ايئن معلوم ٿئي ٿو ته ٻئي دائمي وهندڙ ڦاٽ هيا. هيءَ ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ گھرجي، ته يونان وارا پٽالڻي واري علائقي ۾ پاڻي جي چاڙهه واريءَ رت ۾ رهيا هئا. ان زماني ۾ هنن ڏٺو ته سنڌوءَ جون ٻئي ڇاڙهون، اٿلنديون وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري رهيون هيون. ٿي سگھي ٿو ته انهن ٻنهي مان هڪ دائمي ۽ هڪ موسمي هجي، جيڪا چاڙهه واري رت ۾ وهندي هجي. سال جو باقي عرصو يا ته سڪل هجي يا منجھس پاڻي ٿورو هجي، جيتريقدر مون کي خبر آهي ته موجوده دور ۾ ڪنهن يورپي جي نظر مان اهڙي شاهدي ڪانه گذري آهي يا ماضي جو ڪو دستاويزي ثبوت ڪونه مليو آهي، جنهن جي آڌار تي چئي سگھجي ته سنڌو قديم زماني ۾ هڪ کان وڌيڪ ڦاٽن وسيلي سڄي سال دوران هڪجھڙو ڇوڙ ڪندو رهيو آهي. سنڌوءَ جو ريڻ ڦاٽ (ڏسو ص-4) دائمي هجي، پر اسان وٽ ڪي اهڙيون ثابتيون موجود نه آهن، جن جي آڌار تي اهو چئي سگھجي ته اهو دائمي وهڪرو ڪونه هو، سندس پراڻي پيٽ مان ته ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته اهو سنڌو جي مکيه وهڪري جي ڀيٽ ۾ هڪ معمولي ۽ ننڍو وهڪرو هوندو هو. هيءَ ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته سنڌو الهندي طرف سرڪندي رهي ٿي، منهنجي اندازي موجب سڪندر واري زماني ۾ سنڌوءَ جي الهندي طرف واري ڇاڙهه تي مکيه وهڪرو هيو. ۽ اڀرندي ڇاڙهه ۾ فقط چاڙهه واري رت ۾ گھڻو پاڻي وهڻ لڳندو هو. منهنجي هن اندازي جي پٺڀرائي هن حقيقت مان به ٿئي ٿي، ته سڪندر سنڌوءَ جي الهندي ڇاڙهه کي ڇڏي اڀرندي ڇاڙهه مان هاڪاريو هو. ان جو سبب اهو هو ته الهنديءَ ڇاڙهه جي ڀيٽ ۾ اڀرندي ڇاڙهه ۾ پاڻي ٿورو ۽ دهشت دم لهر ۽ لوڏا به جھڪا هيا. مون پنهنجي راءِ جو جيڪو اظهار ڪيو آهي، سو ڇوڙ واري هيٺين (ٺٽي کان هيٺ) علائقي سان لاڳو ڪونه آهي. ڇاڪاڻ ته ان ايراضيءَ ۾ سنڌوءَ جا سڀئي ڦاٽ ٻارهو ئي وهندا رهندا آهن.

  1. هن حقيقت مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته انهن هن ڇاڙهه مان هاڪاريندي، ڪنهن به تڪليف جو ذڪر ڪونه ڪيو آهي. جڏهن هنن الهندي ڇاڙهه مان هاڪاريو ته کين ڪيترن ئي مصيبن کي منهن ڏيڻو پيو هو. ۽ اهڙو ذڪر تاريخن ۾ به موجود آهي. تاريخ ۾ هن موضوع تي سندن ڪو به بيان ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو. بس ايترو ڪجهه لکيل آهي، ته هاڪارڻ دوران اولاهين کان اوڀاريون ڇوڙ وڌيڪ سولو هو.

(45) پيري پلس-حاشيو ص-38.

(46) ڏسندا اليٽ جي هسٽري آف انڊيا جلد-1 ضميمو P ص-368. ڪننگھام اينشنٽ جاگرافي آف دي انڊيا-ص 294.

(47) سٿيا Saythia جي احوال اورڻ کان اڳ ۾ مصنف سامونڊي ڪناري سان موجود علائقي جو ذڪر ڪري ٿو، جنهن کي هو گيڊروشيا Gedrosia جي کاري سڏي ٿو. (شايد ان ۾ سون مياڻيءَ وارو اپسمنڊ به شامل ڪري ٿو). ۽ اهڙا لفظ ڪتب آڻي ٿو، جن جو مين نگر Minnagar ڏانهن اشارو آهي. پارسس Parsis شهر جي جاءِ وقوع جو اهڙي نموني سان ذڪر ڪري ٿو، جو ائين معلوم ٿئي ٿو ته ڄڻ اوريا Oraia جو بندر هو. پر ان سان گڏ اهو به بيان ڪري ٿو ته سمنڊ کان ستن ڏينهن جي سفر تي هو. مصنف هن شهر جو مين نگر جي احوال جهڙو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو کانئس فقط غلطيءَ وچان ٿي ويو آهي. تحفة الڪرام نالي هتان جي ڏيهي تاريخ جو بيان آهي ته مين نگر جو شهر شهداد پور جي پرڳڻي ۾ هوندو هو. جيڪڏهن هيءُ ٿاڪ پارٿين Parthian جي راڄ ڌاني هو، ته اهو ضرور لوهاڻي درياءَ جي ڪٺار سان هوندو. هن حقيقت مان اسان کي هيءَ ثابتي ملي ٿي ته پهرين صديءَ عيسويءَ ۾ سنڌ درياهه ان پيٽ مان وهي رهيو هو. ۽ ان ناتي سان اهو ويچارڻ به مناسب ٿيندو ته گھڻو ڪري سڪندر واري زماني ۾ به سنڌو ان ئي پيٽ مان وهي رهيو هو.

(48) يورپ ۾ سي. يو. ڪي نالي ٻڌن جو هڪ ڪتاب آهي، جيڪو اصل شين سئنگ جو لکيل آهي. ان ڪتاب جو ترجمو سيموئيل بيل بي. اي. ٽربنر Samuel Beal, B.A. Trubner سان 1884ع ۾ ٻن جلدن ۾ ڪيو آهي. مان هن ڪتاب ۾ پروفيسر بيل جا حوالا ڪتب آندا آهن. پر مان پروفيسر ٽيرين ڊي لڪائو پيري Terrine de Lacou Perei جي تقليد ڪندي ”شين سيانگ“ بدران ”شين سئنگ“ نالي جي صورت خطي کي ترجيح ڏني آهي. (جرنل رايل ايشياٽڪ سوسائٽي آڪٽوبر 1892ع).

(49) پراڻي راڄ ڌاني کان ٿورو ڏکڻ طرف آڀيجاڻو Abhhijano نالي هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي، جنهن جنرل ڪننگھام جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي. سندس چوڻ آهي ته سنسڪرت ٻوليءَ ۾ اَڀيجاڻ جو لفظ شهرت جي معنيٰ ڏيکاريندو آهي ۽ شين سئنگ جي شهر پي. شين. پو، پو. لو  Pi. Shen. Po. Pu. Lo سان هروڀرو ڳنڍيل ڪونه آهي. (اينشنٽ جاگرافي آف انڊيا ص 259) سمجھاڻيءَ جي نقطهء نگاهه کان شهر سان اهڙي لفظ جو ڳانڍاپو ڪا معنيٰ ضرور رکي ٿو.

(50) منهنجي خيال ۾ چيني علامتن مان ويشناپور جو مطلب نڪرندو. جنهنجي معنيٰ اهو شهر جنهن ۾ وشنو ديوتا جا پوڄاري رهندا هجن، پر مونکي اها خبر ڪانه آهي، ته ديره جات ۾ هن نالي ڪو شهر قائم هو يا نه، جيتريقدر اروڙ جو تعلق آهي ته شين سئنگ هن شهر کي او. لو. لو. O. Lo. Lo. ڪري لکيو آهي. هن هميشه شهرن جا عجيب غريب نالا لکيا آهن، جن نالن سان هو ڪڏهن سڏيائي ڪونه ويا هيا.

(51) ڪوٽيشواڙ Kotish Wara جو مطلب آهي ڏهه ملين ديوتائون، البيروني جي هندستان تي لکيل ڪتاب جي ترجمي جو توالي شر Twalla Shar جو ٿاڪ به مذڪوره شهر ئي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ايم. ريناڊ M. Reinuad جي تصنيف ”فرئگمينس“ ص 91 تي ”توليشر“ لکيل نظر اچي ٿو. مان سمجھان ٿو ته اهو سڄو بگيڙو عربي صورتخطي ڪري ٿيو آهي، جنهن اهڙا ڏچا مونجھارا هن کان اڳي به پيدا ڪيا آهن. اصلي نسخي ۾ اهو لفظ ڪوٽيسر آهي. البيرونيءَ ديبل کان پوءِ تواليشر Tawalleshar جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن لاءِ ٻڌائي ٿو ته اڳين ماڳ کان پنجاهه فرسخ جي فاصلي تي آهي. ديبل کان جيڪڏهن پنجاهه فرسخ پاڻيءَ سان سفر ڪبو ته اچي ڪوٽيسر پهچبو. هتي تواليشر نالي ڪو به شهر ڪونه آهي. ڪوٽيسر ۽ ان جي ڀر وارو نارائڻ سر ٻئي نهايت قديم شهر آهن.

(52) جڏهن مسٽر ايسٽ وڪ 1839ع ۾ هاڪاريو هو، ته کيس لکپت کان سنڌ ۾ پهچڻ تائين سڄو ڏينهن لڳي ويو هو. (ڏسندا هن جو ڪتاب ڊراءِ ليوز آف ينگ ايجنٽ). ان سفر ۾ سامونڊي ويرن مان به لنگھڻو پوندو آهي، ڇاڪاڻ ته سفر جو ڪجهه حصو سامونڊي کاري مان به ڪرڻو پوي ٿو.

  1. تاريخي حوالن مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته ٻڌ ياتري شين سئنگ سنڌو ته پار ڪونه ڪيو هو، پر هاڪڙو درياهه به پار ڪونه ڪيو هئائين. ڇاڪاڻ ته ڪڇ منجهان کيس يا سنڌوءَ ۽ هاڪڙي جو گڏيل وهڪرو يا مٿي پراڻ ٽپي سنڌ ۾ داخل ٿيڻو هو. جيڪڏهن هن ائين نه ڪيو آهي ته هاڪڙي جو اوڀر پاسو ڏئي امرڪوٽ Amurkot جي ماڳ وٽان لنگھي اتر اولهه جي ڪنڊ تي هلي برهمڻ آباد جو اوڀر ڏئي اتر روانو ٿيو هوندو. عرب جاگرافيدان اهو ڪونه ٿا ٻڌائن ته برهمڻ آباد کان ٿوري پنڌ تي اوڀارين وهڪري کانسواءِ ڪو ٻيو به اوڀاريون وهڪرو موجود هو. يورپي مصنف به اهو ڪونه ٿا ٻڌائن ته برهمڻ آباد کان اوڀر واري مذڪوره وهڪري کانسواءِ سنڌ ۾ ڪو ٻيو به اوڀاريون وهڪرو هوندو هو. تنهنڪري قوي امڪان اهو آهي ته ”شين سئنگ“ هاڪڙي جو اوڀاريون پاسو ڏئي اتر هليو ويو هو ۽ اولهه ڏانهن درياهه اڪري سنڌ جي وچان سفر ڪونه ڪيو هوندائين. ڪوٽيسر ۽ نارائڻ سر وارا ماڳ سنڌوءَ ۽ هاڪڙي جي صفا اوڀارئين گڏيل ڇوڙ جي به اوڀر پاسي آهن ۽ اتائين هن ياتري هاڪڙي جي اوڀارين ڪڙ ورتي هوندي (مترجم).

(53) معلوم ائين ٿئي ٿو ته هيءُ ڪنهن علائقي جو نالو آهي، پر ان سان گڏ مکيه شهر جو به اهو نالو آهي. محسوس ائين ٿئي ٿو ته راڄڌاني ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي، پر ان جو نالو ڪونه کنيو ويو آهي.

(54) شين سئنگ فاصلو ٽي سو لي ٻڌايو آهي، پر سندس هموطن هيو ليهه Hwui-Lih اهو ساڳيو ٽن ڏينهن جو سفر ٻڌائي ٿو. (سي. يو. ڪي II ص 265 جو حاشيو).

(55) چيني ٻوليءَ جي اچارن سان هڪ جھڙائي رکندڙ شهرن تي پروفيسر بيل رايل ايشياٽڪ سوسائٽي جي ميڙ ۾ هڪ مقالو پڙهيو هو، ان ميڙ ۾ اتفاق سان مان به موجود هوس. ان کانپوءِ هن وري مونکي لکي ٻڌايو ته هو اهڙن نالن وارن شهرن کي هروڀرو چنبڙي پوڻ به ڪونه ٿو چاهي. مان سمجھان ٿو ته چينيءَ ٻوليءَ جي اچارن سان ٺهڪي ايندڙ شهر سنڌ ۾ ڄڻ موجود ئي ڪونه آهي. مان هن مامري ۾ سندس ڪا سهائتا ڪونه ٿو ڪري سگھان. جيڪڏهن هن ڏس ۾ ڪجهه وڌيڪ جاکوڙ ۽ کوجنا ڪبي ته ضرور سچائي سونجھي وٺبي يا سچائي جي ڀرسان وڃي توڙ ڪبو.

(56) ننگر پارڪر کان ٿورو پنڌ اتر اوڀر پتاپور نالي هڪ شهر آهي. پتاپور جي معنيٰ آهي پتا جو ٻڌايل شهر. هن حقيقت مان معلوم ٿئي ٿو ته قديم زماني ۾ ڍَٽ واري جوءِ ۾ پتاسر نالي به ڪو ماڳ هوندو. مارواڙ ۾ بيدا سر نالي به هڪ ٿاڪ آهي، پر اهو ڪنهن پوئين دور سان واسطو رکي ٿو، جيڪو تمام پري آهي، تنهنڪري مذڪوره ماڳ جو هن سان ڪو ناتو لاڳاپو ڪونه آهي. هنن شهرن جو نالو ان ڪري ورتو ويو آهي، جو پروفيسر بيل فقط اٺن شهرن جا نالا کنيا آهن، جن کان هو واقف هو، پر هو پٽاشالا کان واقف ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي.

  1. فتح کان اڳ سنڌ، وڳوڙي ۽ فسادي عرب قبيلن واسطي پناهه جي جاءِ بڻجي وئي هئي. انهن وڳوڙي قبيلن مان هڪ علافي گھراڻو به هو، جنهن سنڌ جي راجا، راءِ ڏاهر وٽ اچي پناهه ورتي هئي، جنهن جو ذڪر چچ نامي ۾ گھڻو ڏسڻ ۾ ايندو. سنڌ جي فتح کانپوءِ فاتح عربن هن کي معاف ڪري ڇڏيو هو. ان کانسواءِ علافي، مسلمانن خلاف وڙهڻ کان به انڪار ڪيو هو. امڪان اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته چچ نامي جي اصلي عربي نسخي جي مصنف سنڌ جو اهو احوال هن وٽان ورتو هجي، جيڪو عربن جي حملي کان اڳ واري دور سان لاڳاپيل آهي.

چچ نامي جا سارا پنا اٿلائي ڏسبا، ته اهو ڪٿي به ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو، ته محمد علافيءَ تلوار کڻي پنهنجي پنج سو ساٿين سان گڏجي عرب حمله آورن سان مقابلو ڪيو هجي، توڙي جو اهي آيا ئي سندس سر لاءِ هئا. ٻي اهم ڳالهه اسان کي اها به ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته محمد علافي کان اڳ ۾ جڏهن عربن سنڌ تي حملو ڪيو هو، ته سنڌي لشڪر سرحد وٽ پهچي سندس مقابلو ڪيو هو. حضرت عمر رضه جي زماني ۾ مغيره بن ابي عاص کي سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو ويو هو. سنڌين ديبل وٽ مغير بن ابي عاص جو سخت مقابلو ڪيو، جنهن ۾ هو مارجي ويو ۽ سندس لشڪر کي شڪست آئي. جڏهن اها خبر حضرت عمر رضه کي پئي ته سختيءَ سان منع ڪيائون ته سنڌ تي حملو نه ڪيو وڃي. هن حقيقت مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته عربن کي سخت شڪست ملي هئي (وڌيڪ ڏسندا چچ نامو ص 98 ۽ 99 سنڌي ايڊيشن).

حضرت علي رضه جي خلافت جي دور ۾ تاعربن دعر کي روانو ڪيو ويو. سنڌين ڪيڪانان ۽ ڪوه پايه وٽ سندن مقابلو ڪيو ۽ کيس اڳتي وڌڻ ڪونه ڏنو (چچ نامو سنڌي ايڊيشن ص 102-103) امير معاويه عبدالله بن سوار کي سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ موڪليو. ٻنهي ڌرين جو ڪيڪانان ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ مسلمان شڪست کاڌي ۽ موٽي وڃي مڪران پهتا. (چچ نامو سنڌي ايڊيشن ص 106 ۽ 107) هن واقعي کان پوءِ امير معاويه راشد بن عمرو کي سنڌ روانو ڪيو. سنڌ وارن ساڻس ڪوه منذر ۽ بهرج وٽ مهاڏو اٽڪايو، جنهن ۾ راشد مارجي ويو ۽ مسلمانن کي شڪست آئي. (چچ نامو سنڌي ايڊيشن ص 111) بعد ۾ سنان بن سلمه کي مقرر ڪيو ويو. ٻڌيه جي علائقي جي دنگ وٽ سنڌين ساڻس مقابلو ڪيو، جنهن ۾ سنان مارجي ويو ۽ اسلامي فوج جي هار ٿي (ايضاً ص 112). هن شڪست جي پلاند وٺڻ لاءِ منذر بن جارود کي مقرر ڪيو ويو. ان کانپوءِ سندس پٽ حڪم بن جارود کي موڪليو ويو، پر اهي ٻئي ناڪام رهيا. ان کانپوءِ تاريخ ۾ اسان کي بديل جو ذڪر ملي ٿو، جنهن کي فوج ڏئي سنڌ جي فتح لاءِ موڪليو ويو هو. هن جي مقابلي لاءِ راجا ڏاهر پنهنجي پٽ جئسينه کي چار هزار لشڪر ڏئي ديبل موڪليو. ٻنهي ڌرين جي جھونجھارن جو جھيڙو لڳو، جنهن مان بديل مارجي ويو ۽ سندس لشڪر کي شڪست آئي. هن جي مارجي وڃڻ کانپوءِ محمد بن قاسم کي روانو ڪيو ويو، جيڪو ديبل جي سامهون اچي منزل انداز ٿيو. ان زماني ۾ محمد علافي راجا ڏاهر جي درٻار ۾ اثر رسوخ حاصل ڪري چڪو هو.

اسان هتي پهريون ڀيرو ڏسون ٿا ته عرب فوج جو سنڌ جي دنگ وٽ مقابلو ڪونه ٿو ڪيو وڃي، پر تعجب اهو ٿئي ٿو ته سنڌ جي مرڪزي حڪومت طرفان عربن جو مقابلو نه فقط ديبل ۾ پر، نيرون ۾ به ڪونه ڪيو ويو. اتان پيشقدمي ڪندو مختلف قلعا فتح ڪندو، محمد بن قاسم وڃي سيوهڻ پهچي ٿو، پر مرڪزي حڪومت طرفان سندس مقابلي لاءِ ڪا پهر ئي ڪانه ٿي پهچي. سيوهڻ جي فتح کان پوءِ هو ٻڌيه جي علائقي ڏانهن ڪاهي وڃي ٿو. وري موٽي نيرون اچي ٿو. اتان وري هيٺ اچي ٿو. هن ڊگھي سفر ۾ محمد بن قاسم سان مختلف علائقن جا مقامي عملدار ته مقابلو ڪندا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، پر مرڪزي حڪومت طرفان ڪا مدد ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي. جڏهن راوڙ ڏانهن وڌڻ لاءِ درياهه تان ٻيڙين جي پل وسيلي اڪري ٿو، ته سندس مزاحمت لاءِ ڪو وانگي ڪونهي. حقيقت هيءَ آهي ته سنه 93هه تائين آفريڪا جو سڄو اتريون پاسو، بزنطيني شهنشاهت جو وڏو حصو ۽ ايران فتح ٿي چڪا هئا. اتان جي هڪ هڪ پائي ميڙجي چونڊجي دمشق ۾ گڏ ٿي رهي هئي ۽ عرب معاشري ۾ مٿيون ۽ وچولو طبقو پيدا ٿي پيو هو، جيڪو ان پئسي کي واپار ۾ سيڙائي اوڀر ڏانهن اپڙڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو هو، پر وچ تي سنڌ جي هڪ طاقتور حڪومت مزاحم هئي. اهڙن خيالن جو اظهار ڊاڪٽر ايف. اي خان پنهنجي مقالي ”ڀنڀور-ديبل جا ماڳ“ ۾ ڪيو آهي. (ڏسندا ”ڀنڀور ۽ ديبل“ ڪتاب جو ص 6) جنهن ۾ هيءُ صاحب لکي ٿو ته ”سنڌ جو اولاهيون سامونڊي ڪنارو سامونڊي ڦورُن جو ڳڙهه هو. ان ڪري عربن لاءِ پنهنجي تجارتي مفاد کي بچائڻ لاءِ مؤثر اپاءُ وٺڻ ضروري ٿي پيو هو“. اهڙي ساڳئي قسم جو واقعو اسان کي ٻارهين صدي عيسويءَ ۾ سلطان صلاح الدين ايوبيءَ جي زماني ۾ به ملي ٿو. ان زماني ۾ يورپ جا واپاري پنهنجا تجارتي ٻيڙا ڪاهي اڳتي روانا ٿيا هئا، ته وچ تي کين مسلمانن جي مضبوط طاقت رنڊڪ بڻي بيٺي ڏسڻ ۾ آئي. يورپي واپارين عيسائي پادري ۽ وقت جي حڪمران جو ناني ويڙهو ٺاهي مسلمان طاقت کي ٽوڙڻ لاءِ جنگ جي شروعات ڪئي. ان جنگ جا مقصد تجارتي هئا، پر ان کي مذهبي چوغو ڍڪائي صليبي جنگ ڪوٺيو ويو هو. 1505ع ۾ به اسان جي نظرن اڳيان اهڙو ئي هڪ جنگي واقعو اچي وڃي ٿو. ان زماني ۾ پورچوگيز هندستان ۽ اوڀر طرف پنهنجا پير ڄمائي رهيا هئا. هندستان جي دهلي طاقت زوال پذير هئي. باقي ان زماني ۾ گجرات ۽ سنڌ ۾ ٻه سگھاريون سياسي قوتون هيون. سلطان نظام الدين سمو تنهن زماني ۾ سنڌ جو حڪمران هو.

سنڌ ۽ گجرات جي مسلمانن کي امير المؤمنين ترڪ خليفي به پنهنجي فوجي امداد ڏني، پر پوءِ پورچوگيزن جي سگهه کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ ۾ سوڀارا ڪونه ٿيا هئا. اسان موٽي وري سنڌ عرب موضوع ڏانهن اچون ٿا. عام طور تي اهو چيو ويندو آهي ته سنڌين شڪست ان ڪري کاڌي، جو سنڌ ۾ ٻڌ برهمڻ نفاق هو. منهنجي خيال ۾ اهو ڪو وزني دليل ڪونه آهي. ڇاڪاڻ جو اسان ڏسون ٿا ته سڪندر اعظم جي دور ۾ يونان ۽ ميسڊونيا جون سياسي حالتون اهڙيون ڪريل هيون، جو سندس پيءُ فلپ کي پنهنجي جان جو ٻليدان ڏيڻو پيو هو. پر پوءِ به سڪندر حملا ڪري سڌريل دنيا جا سڀ ملڪ فتح ڪري ورتا هئا. اهڙي ريت جڏهن سڪندر ايران تي حملو ڪيو ته اتي به هندو ٻڌ نفاق موجود نه هو. اسپين جي فتح به هڪ اهڙو مثال آهي. جڏهن منگولن بغداد تي حملو ڪري مسلمانن جي هر چيز کي ڊانوا ڊول ڪري ڇڏيو ته اتي هندو ٻڌ نفاق موجود ڪونه هو. چوندا آهن ته ڄام فيروز ۽ ڄام صلاح الدين جي نفاق سنڌ ۾ سمن جي راڄ جو انت آندو، پر ارغونن وٽ ڇا هو. هو ته بابر جي طوفاني طاقت آڏو سڪل پن جيان اچي سبيءَ واري علائقي ۾ لڏو لاهي ويٺا هئا. جتي کاڌي خوراڪ لاءِ وٽن نه سر سبز علائقو هو ۽ نه لشڪر کي پگھار ڏيڻ لاءِ ڪو پئسو پنجڙ هو. اهڙو حال وري بابر جو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو محمد خان شيباني جي ڏنڊي آڏو ٿڙندو ٿاٻڙندو مختصر فوج سان وڃي دهلي پهتو ۽ لوڌي خاندان جو انت آڻي، پنهنجي گھراڻي جي پاڙ اهڙي پختي ڪيائين، جو ٻن ٽن صدين تائين نه لهر نه لوڏو.

سمن جي راڄ ختم ٿيڻ کانپوءِ به سنڌ جا سياسي ادارا ختم ڪونه ٿيا هئا، سنه 1520ع کان وٺي سنڌي، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن خلاف سنڌ جي آزاديءَ واسطي گوريلا جنگ جوٽيون آيا ۽ نيٺ ٻه سو سترهن سالن جي ڊگھيءَ جنگ ۽ ڪيترن نسلن جي قربانيءَ کانپوءِ هن 1737ع ۾ سنڌ جي آزادي ڌارين کان مڃائي ورتي. اهڙيءَ ريت راجا ڏاهر کانپوءِ به سنڌ جا سياسي ادارا ناس ڪونه ٿيا هئا. خليفي هشام بن عبدالملڪ جي زماني ۾ جنيد کي سنڌ جو والي مقرر ڪيو ويو هو. هو 107هه ڌاران سنڌ پهتو. جئه سينا پٽ ڏاهر ان وقت تائين سنڌ جي سياست تي قابض ٿي چڪو هو ۽ خليفي عمر بن عبدالعزيز جي دعوت تي مسلمان به ٿي چڪو هو. هن سنڌ جي آزاد حيثيت واسطي گھڻو ڪجهه پاڻ پتوڙيو ۽ نيٺ جنيد سان مقابلو ڪندي مارجي ويو. معلوم ائين ٿئي ٿو ته سنڌ فتح ٿيڻ سان عربن خلاف نفرت جو وايو منڊل پيدا ٿي ويو هو. جڏهن يزيد بن ابي ڪبشه سنڌ جو پهريون گورنر بنيو ته سنڌ جون حالتون سندس سنڀالڻ کان مٿي هيون. ”جيترو وقت به هو هتي رهيو ته کيس آرام نصيب ڪونه ٿيو“ (تاريخ سنڌ مولوي نور محمد نظاماڻي ص 33)، محمد بن قاسم جي گرفتاريءَ ابي ڪبشه جي وفات کانپوءِ وڳوڙي حالتون اڃا به وڌي ويون. ڏاهر جو پٽ جئه سينا برهمڻ آباد تي قابض ٿي ويو هو. تاريخ سنڌ-جلد پهريون ص 237 (اعجاز الحق قدوسي).

جئه سينا جڏهن برهمڻ آباد تي قبضو ڪيو ته سنڌ جا ٻيا راجائون به بغاوت ڪري آزاديءَ جو اعلان ڪري چڪا هئا. اهو حال ڏسي حبيب بن مهلب کي سنڌ ڏانهن روانو ڪيو ويو ۽ سنڌ جي وڳوڙي حالتن کي نظر ۾ رکي کيس جھجھو لشڪر ساڻ ڏنو ويو هو. جنيد کان پوءِ تميم بن زيد عتبي کي گورنر ڪري موڪليو ويو، پر سنڌ ۾ بغاوتون چوٽ تي چڙهيل هيون. هن باغين کان جان ڇڏائڻ واسطي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سنڌو درياهه پار ڪري هڪ ڍنڍ (ماءُ الجواميس) وٽ پهتو، پر سنڌي باغين کيس قتل ڪري ڇڏيو. بغاوت جي باهه ايڏي ڀڙڪيل هئي جو عربن کٽيل ملڪن کي پنهنجي قبضي ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر مسلمانن کي اها اعليٰ ڪاميابي ۽ فتحمندي وري ڪڏهن به نصيب نه ٿي. ”(تاريخ سنڌ مولوي نور محمد نظاماڻي ص 24) جڏهن حڪم سنڌ جو گورنر ٿي آيو ته سنڌ ۾ بغاوت جي ڄڀي ڄراٽ ڪري ڀڙڪي پئي هئي. سنڌ جا جيڪي ماڻهو مسلمان ٿيا هئا، سي سڀ مرتد ٿي ويا. اهو شهر ڪونه هو، جتي بغاوت جي اهڙي باهه ڀڙڪي نه اٿي هجي. عرب سر بچاءَ خاطر هتان هُتان لڏي اچي هڪ هنڌ آباد ٿيا ۽ ان شهر جو نالو محفوظ رکيو ويو، جيڪو سنڌوءَ جي ڇوڙ کان اڀرندي پاسي نئون ٻڌايل شهر هو. (تاريخ سنڌ مولوي نور محمد نظاماڻيءَ ۽ حوالو بلاذري 255) گورنر حڪم به سنڌي باغين هٿان مارجي ويو هو. چيو وڃي ٿو ته هو سنڌين جي هڪ اهڙيءَ بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ فوج وٺي وڃي مٿن حملو ڪيو ۽ مقابلو ڪندي سنڌين هٿان مارجي ويو. (تاريخ سنڌ مولوي نور محمد نظاماڻي ۽ حوالو يعقوبي ص 25) سنڌين جون بغاوتون جيئن پوءِ تيئن وڌنديون ٿي رهيون. عمرو بن محمد بن قاسم جڏهن گورنر مقرر ٿي آيو ته سنڌين به پنهنجون صفون سنواري وڃي منصوره تي گھيرو ڪيو. هن سڄو احوال عراق جي والي يوسف پٽ عمرو نقفي ڏانهن موڪليو. اهو احوال معلوم ٿيڻ شرط سندس امداد لاءِ هن چار هزار لشڪر موڪلي ڏنو هو. (تاريخ سنڌ مولوي نور محمد نظاماڻي ص 26) اعجاز الحق قدوسيءَ جو بيان آهي ته معاملو ايتري قدر وڌي ويو جو دشمن وڌندو اچي منصوره تائين پهتو ۽ ان کي گھيرو ڪيو، (ص 250) معلوم ائين ٿئي ٿو ته ان وقت عرب گورنر ۽ فوجون ايترو ته بيوس هيون، جو سنڌين منصوره جو گھيرو ڪيو ته هو قلعبند ٿي ويهي رهيا. سڌي سنئين مقابلي ڪرڻ بدران هنن سنڌين مٿان راتاهو هنيو. عمرو پاڻ عرب فوج جو سپهه سالار بڻيو ۽ هڪ رات اوچتو وڃي سنڌين مٿان ڪڙڪيو.

عباسي خليفا ڪمزور هئا. مٿن برمڪي خاندان جي وزيرن جو ضابطو هوندو هو. پوئين دور ۾ سندن تخت ۽ تاج ترڪن جي اشاري سان هلندو هو ۽ سندن گھرن ۾ ترڪي عورتون هونديون هيون. منصور بن جمهور کي نه اُمين، نه وري عباسين ئي سنڌ جو والي مقرر ڪيو هو. عباسي خلافت قائم ٿيڻ سان مغلس کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو، پر هن کي منصوره بن جمهور سنڌ پهچڻ شرط قتل ڪري ڇڏيو. عباسي خليفي، موسيٰ بن ڪعب کي سنڌ جو والي بنائي موڪليو، تنهن مس وڃي منصور بن جمهور کان سنڌ ڇڏائي (تاريخ سنڌ مولوي نور محمد يعقوبي ۽ بلاذري جي حوالن سان) جڏهن عينيه کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو ته هو عباسين کان ماڳهين بغاوت ڪري ويهي رهيو ۽ سنڌي حڪمرانن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪانه ڪئي. هن مان جند ڇڏائڻ لاءِ عمر بن حفص کي روانو ڪيو ويو. عينيه جي زماني ۾ عربن جا پاڻ ۾ جھيڙا چوٽ تي چڙهي ويا. ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته سنڌ ۾ وڳوڙي حالتن جو فائدو وٺي، سيدن ۽ خارجي فرقي به هتي اچي پناهه ورتي. ڏسو تاريخ سنڌ اعجاز الحق ص 262-263). خليفه مهدي (158-169هه) جي زماني ۾ روح بن حاتم کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. هن جي زماني ۾ سنڌ ۾ بغاوت جي ٻرندڙ باهه وڌيڪ ڀڙڪي ويئي، جيڪا هو وسائي ڪونه سگھيو (تاريخ سنڌ مولوي نور محمد بحواله يعقوبي ص 66) ان کانپوءِ بسطامي نصر، روح بن حاتم کي ٻيو ڀيرو ۽ پوءِ عبدالملڪ بن شهاب کي جھٽ جھٽ موڪليو ويو. (تاريخ سنڌ مولوي نور محمد – ابن اثير ۽ يعقوبي جا حوالا ص 67) سمجهه ۾ اچي ٿو ته ان وقت سنڌ جون حالتون تمام خراب ٿي ويون ۽ مذڪوره گورنر انهن کي سڌارڻ ۾ سوڀارا ڪونه ٿيا هوندا. خليفي مهديءَ به پنهنجي ٻارهن سالن جي دور خلافت ۾ سنڌ جا ٻارنهن گورنر مقرر ڪيا. هن آخر ليث کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو، پر هو به سنڌين جي بغاوتن سان منهن ڏئي ڪونه سگھيو. هن موقعي تي يعقوبيءَ جو حوالو هن ريت آهي ”سنه 165هه جاٽن جا هنگاما زور شور سان جاري هئا. ليث هر قسم جون تدبيرون ڪري ٿڪجي پيو.

هنن فسادن ۽ بغاوتن کي پورا ٻه سال گذري چڪا هئا. ان زماني ۾ خليفو مهدي حج تي روانو ٿيو. هڪ ريگستاني علائقي ۾ منزل ڪئي هئائين جو کيس سنڌ ۾ بغاوتن جي خبر پئي. هن اتان حڪم ڪري سنڌ ڏانهن فوج رواني ڪئي، جيڪا جهازن وسيلي اچي سنڌ پهتي، جنهن جي مدد سان ليث فوجي قانون (مارشل لا) جاري ڪري سنڌين مٿان غالب ٿيو. ”(تاريخ سنڌ مولوي نور محمد ص 71). خليفه هارون رشيد، سالم يونسي، اسحاق هاشمي، يوسف بن اسحاق، طيفور، سعيد، محمد بن عدي هڪ ٻئي پٺيان سنڌ جا والي مقرر ڪيا ويا. انهن کانپوءِ عبدالرحمان کي طاقتور ۽ باصلاحيت ماڻهو سمجھي سنڌ روانو ڪيو ويو، پر ان لاءِ به يعقوبيءَ جو حوالو آهي ته: ”عبدالرحمان کان سنڌ جو انتظام سنڀالجي ڪونه سگھيو.“ (تاريخ سنڌ مولوي نور محمد ص 84) هن کانپوءِ هارون رشيد ايوب بن جعفر کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو، پر هو به سنڌ جي حالتن تي ضابطو رکي نه سگھيو. (تاريخ سنڌ مولوي نور محمد ص 84-حوالو يعقوبي) خليفه هارون رشيد کانپوءِ عباسي گھراڻو گهرو سازشن جو شڪار رهيو. خليفه مامون جي وقت ۾ بشير کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو، پر هن عباسي خليفي خلاف بغاوت ڪئي. ان کانپوءِ حاجب پوءِ غسان کي روانو ڪيو ويو. موسيٰ جي ڏينهن ۾ سنڌ جي اوڀر علائقي جي راجا بالاچند بغاوت ڪئي، جنهن کي قتل ڪيو ويو. مامون جي زماني ۾ سنڌ جا ڪيترا علائقا آزاد ٿي ويا. سنڌ جي گڏيل قوت ٽٽي پئي. خلافت طرفان جڏهن موسيٰ سنڌ جو والي هو ته سنڌ وارن به آزاديءَ جو پروانو حاصل ڪيو. (تاريخ سنڌ مولوي نور محمد ص 103). مطلب ته عباسي خلافت جو سنڌ تي انڌو ڪاڻو ضابطو رهيو، سو به 218هه کان گھڻو اڳ ختم ٿي ويو. بلاذري، يعقوبي ۽ ابن اثير جي تاريخي حوالن مان محسوس ٿئي ٿو ته سنڌ عرب حڪومتن جي هڪ سو ٽيويهه سال ماتحت رهي ۽ ان سڄي عرصي ۾ سنڌي هٿ هٿ تي رکي پير پساري آرام سان ڪونه ويٺا، پر آزاديءَ لاءِ جھيڙيندا آيا. وقت جي نزاڪت کي تاڙي ڪڏهن مصلحتي ماٺ به اختيار ڪيائون. هينئر سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ جا سياسي ادارا ايڏا مضبوط به هئا، ته پوءِ سنڌين کي شڪست ڇو آئي؟ حالتن تي غور ڪرڻ کانپوءِ محسوس ائين ٿئي ٿو ته عربن وٽ جديد فوجي ضابطا قاعدا هئا، جيڪي هنن رومين وٽان سکيا هئا ۽ انهن سان گڏجي جديد فوجي هٿيار به هئا، جيڪي ڪيئي صديون اڳي رومي، تن کان اڳ يونان وارا آزمائي چڪا هئا. سڪندر اعظم به پنهنجن حملن، ۾ ”نقط گئس“ ۽ منجنيقون ڪتب آڻي چڪو هو. رومي ۽ بزنطيني حڪومتن انهن هٿيارن ۾ گھڻو سڌارو ۽ واڌارو آندو. عرب جڏهن دنيا جي طاقت جي روپ ۾ مٿي اڀريا، ته هنن به ساڳي جنگي ٽيڪنڪ ڪتب آندي هئي. تاريخي اصول کان سنڌين جون شڪستون غير فطري هيون، ڇاڪاڻ ته شڪست کانپوءِ سنڌين وڙهي سنڌ کي آزاد ڪرايو آهي ۽ دشمنن جي فطري تباهي تائين ماٺ ڪري ڪونه ويٺا آهن، جھڙيءَ ريت اسان اندلس ۾ ڏسون ٿا، جتي عربن جي پورا اٺ سو سال حڪمراني رهي پر سنڌ ۾ سندن 138 ورهيه حڪومت هلي جڏهن ته سنڌ ويجھو ۽ اندلس پري هو. (مترجم).

(58) چچ نامي جي ترجمي ٿيل اقتباسن ڪتب آڻڻ کان پهريان سر ايڇ. اليٽ پنهنجي ڪتاب ”انڊين هسٽورين“ ۾ هن تاريخ جو پورو احوال ڏنو آهي. انهن اقتباسن جي باري ۾ افسوس سان فقط ايترو چئي سگھجي ٿو ته انهن جي چونڊ سوچي سمجھي ڪانه ڪئي وئي آهي. حملي سان لاڳاپيل ڪي اقتباس وري اهڙا ڏنا ويا آهن، جيڪي وري تمام ڊگھا آهن. ان کانپوءِ اڻ سونهندڙ ڳالهه اها به ٿي وئي آهي جو جنهن شخص کي سر اليٽ جي ڪتاب ”هسٽورين“ جو مرتب ڪري چونڊيو ويو آهي، سو ٻين ڳالهين ۾ عالم ۽ قابل انسان آهي، پر کيس هندستان بابت ڄاڻ ڪجهه گھٽ آهي. ان ڪري جڏهن هن ڪنهن نڪتي کي سمجھائڻ ۽ تبصري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هو ان معاملي ۾ سوڀارو ڪونه ٿيو آهي. چچ نامي ۾ سچين ڳالهين ۾ به پڙهندڙ کي شڪ جو گمان ٿئي ٿو. اهو ان ڪري ٿيو آهي جو هن صحيح حقيقتون بيان ڪندي، ڪن ڏند ڪٿائن جو به ذڪر ڪيو آهي. نتيجو اهو ٿيو جو سندس اهميت ڄڻ گھٽجي وئي آهي. پر جيڪڏهن هن ڪتاب جو سوچ ۽ ويچار ڪري مطالعو ڪبو ۽ گھڻي ڀاڱي جو ترجمو ڪبو، ته سر اليٽ جيان هن تصنيف کي سچو ۽ کرو سمجھبو ۽ هندستان جي سچن ۽ دلچسپ تاريخي واقعن بابت هن ڪتاب کي هڪ سند ڪري سمجھبو ۽ هن تصنيف وسيلي هن ملڪ ۾ پهريون ڀيرو سامي قومن ۽ آرين جي ٽڪراءَ جو پتو پوي ٿو. مذڪوره ڪتاب جا ڪيترائي نقل آهن، جنهن ڪري منجھس موجود نقص دور ڪري سگھجن ٿا. مصنف جو اصلي قلمي نسخو عربيءَ جي ڪوفي رسم الخط ۾ هوندو. ان زماني ۾ عرب هن کانسواءِ ٻيو رسم الخط ڪونه ڄاڻندا هئا. پنج سو سال پوءِ جڏهن محمد علي کي مصنف جي پونئيرن وٽان مذڪوره نسخو هٿ آيو ته ان وقت تائين هن جا الائي ڪيترا نقل ۽ نقلن جا نقل لکجي تيار ٿي ويا هوندا. عراق جو مشهور گورنر حجاج بن يوسف ۽ سنڌ جي جنگي مهم جي جوان سال سپهه سالار محمد بن قاسم جي وچ ۾ جيڪا لکپڙهه ٿي هئي، سا، معلوم ائين ٿئي ٿو ته خيالي آهي. جيڪڏهن اسان ان کي سچو سمجھنداسون، ته حجاج ڏانهن خط لکڻ ۽ وري کانئس جواب اچڻ تائين فوج کي هڪ جاءِ تي ترسائي بيهارڻ ان وقت جي نقطهء نگاهه کان ۽ فوجي نقل حرڪت واسطي لاڀائتي ڳالهه ڪانه هئي.

(59) ”هسٽري آف انڊيا“ جلد I ضميمو P ص-376. هيءُ صاحب حاشيه ۾ لکندي ٻڌائي ٿو ته تاريخ ۾ جنهن مندر جو ذڪر آهي، سو ديبل شهر لڳ هو، پر شهر جي اندر ڪونه هو. هو سند طور بلاذريءَ جو حوالو ڏئي ٿو. پر ڏٺو وڃي ته بلاذري جا پنهنجا لفظ ”باالديبل“ آهن، جن جو مطلب آهي ته ”ديبل اندر“. پر جيڪڏهن مندر شهر کان ٻاهران ۽ ڀرسان هجي ها، ته به عربي ۾ ساڳيا لفظ ڪتب آندا وڃن ها. هن ۾ چچ نامو بلڪل چٽو آهي، جنهن ۾ ”درميان ديبل“ لفظ استعمال ڪيا ويا آهن، جنهن جي معنيٰ ته اهو مندر ديبل شهر اندر واقعي هو. ايم ريناد ”فتوح“ جو بلڪل صحيح ترجمو Daybala ڪيو آهي. جڏهن سر هينري اليٽ ان جو ترجمو ڪيو ته “in Place” يا ٰ“in Debal” بدران “at” ديبل جو لفظ استعمال ڪري ويو آهي، تنهنڪري مطلب ڦري ويو آهي.

(60) اها اچرج جھڙي ڳالهه آهي ته مسٽر ريناڊ، البيرونيءَ جو ترجمو غلط ڪيو آهي (”فرئگ مينٽس“ ص 119) ۽ خور جو ترجمو Baie ڪري ويو آهي. پر البيروني ان کي چٽيءَ ريت، ”درياهه جي ڇوڙ وارو ڪشادو ڀاڱو (Esluary) ڪري لکيو آهي. جتي سمنڊ جي وير به چڙهندي هجي ۽ مٺي پاڻيءَ سان ملندي هجي“. اهڙيءَ ريت وري ”غب“ جي وصف هن ريت لکي اٿس: سمنڊ، جنهنجي چوڌاري زمين وڪڙ ڪري ڦري “Sea Like a Bending or Wending in of the” ان کي Bay يا غب چئبو آهي. هن اپسمبند يا غب جي وصف ايڏي واضح ڪري ڪانه لکي آهي. اهڙيءَ ريت ڪراچي بندر جي اترئين پاسي کي ”خور“ چئي سگھجي ٿو. ڇاڪاڻ ته مينهوڳيءَ ۾ لياري نئن وهي اچي اتي ڇوڙ ڪندي آهي. ڪن نقشن مطابق سمنڊ جي لنگهه واري پاسي کي خور علي به سڏيو ويندو هو. مڪران پاسي خور ”نئن“ کي به سڏيو ويندو آهي.

(61) ڪرنل ٽاڊ جي راجستان ۾ ديبل کي تيرٿ يا پوتر آستان ڪري لکيو ويو آهي، جتي راجپوتانا مان ياتري هلي اچي پوڄا پاٺ ڪندا هئا ۽ وهنجندا هئا.

(62) سنڌ ۾ الائي ڪيترا اهڙا مشهور ڳوٺ آهن، جن جو واسطو قديم دور سان آهي. اهڙيءَ ريت هندستان ۾ به اهڙا قديم شهر آهن. ڳوٺ ۽ شهر ماڻهن جي ظلمن ۽ قدرت جي ستم ظريفين ڪري ناس ٿي ويندا آهن، پر زماني جي لاهين چاڙهين کانپوءِ به سندن نالا ضرور زنده رهندا آهن. بڪيرا جو ڳوٺ ڪيترو قديم آهي، تنهن جو پتو مونکي ڪونه آهي، پر مونکي ايترو سو ضرور ٻڌايو ويو آهي، ته هتي اوسي پاسي بڪيرا يا ان جي نُکَ جي ڪا ٻي ذات ڪن ايامن کان وٺي هتي آباد آهي. هن ماڳ جو ٻيو نالو ”بيگ چڳيو“ Beg Chugyo به آهي.

(63) مؤرخن مهراڻ جي ڇوڙ جو حوالو ڏنو آهي، پر اهي سنڌوءَ جي مکيه وهڪري ڏانهن اشارو ڪونه ٿا ڏين. فقط سنڌوءَ جي ان ڇاڙهه بابت ذڪر ڪن ٿا، جنهن سان ديبل آباد هوندو هو. اشڪال البلاد جي نقشي مطابق، تنهن زماني ۾ ديبل، سنڌوءَ جي مکيه وهڪري سان وسندڙ ڪونه هو. پر اهو مکيه وهڪري کان ڪيترو پري هو؟ تنهن جو اڄ اندازو لڳائڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته موجوده دور جي نقشن جوڙيندڙن کي تڏوهڪي مقرر ماپ Scale جو پتو ڪونه آهي.

(64) ڪئپٽن برٽن کي پڪ هئي ته ٺٽي جو شهر ديبل جي ماڳن تي آباد آهي. هو لکي ٿو ته: ”اسان کي پوري پڪ آهي ته جنهن ماڳ تي ڪڏهن قديم ديبل آباد هوندو هو، اي اڄ ٺٽو آباد آهي. عرب ۽ ايران وارا اڄ به ٺٽي ۾ ٺهندڙ هڪ قسم جي شال کي ديبلي شال چوندا آهن. (سنڌ-جلد II حاشيه 2). اسان کي اها به پڪ آهي ته عرب واپاري ٺٽي کي ديبل سڏيندا رهيا آهن. سر اليگزينڊر برنس (ڪابل ص 17) اسان کي ٻڌائي ٿو ته: ”اڳئين ڀيري جڏهن آءٌ بمبئي ۾ هئس ته مسقط ۾ رهندڙ اسان جي گماشتي خبر ڏيڻ جي ارادي سان اسان ڏانهن اطلاع موڪليو ته: ”مسقط جو امام زنجبار تي حملي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. ان ڪري هن پنهنجو هڪ نمائندو ديول روانو ڪيو آهي، انهيءَ مقصد سان ته جيئن اتان سنڌين کي فوج ۾ ڀرتي ڪري سگھي. هن سنڌ جي حڪمران کي به اهڙي گذارش ڪئي هئي. ٺٽي کي ديبل سڏڻ جو ٻيو مثال اسان کي برطانيه جي واپاري گماشتي مسٽر ڪرو Crow جي طرفان موڪليل اطلاع آهن، جيڪي اسان کي قلمي نسخي جي صورت ۾ مليا آهن، جيڪي هن گذريل صديءَ جي پوئين سال ٻن ۾ لکيا آهن. هو اسان کي ٻڌائي ٿو ته: ”هڪڙا کنڊر آهن، جن بابت چيو وڃي ٿو ته اهي قديم شهر ٺٽي يا ديبل سنڌي جا آهن، جيڪي هڪ کاري (هنجو اشارو گھاري جي ڪناري سان موجود ڀنڀور جي کنڊرن ڏانهن آهي جي اڀرندي (اترئين) ڪناري سان ۽ ڇوڙ کان اٽڪل چاليهه ميل پري آهن. چيو وڃي ٿو ته هن کان وڌيڪ پراچين ٻيا ٿرڙ آهن، جيڪي ڇوڙ واري علائقي جي وچ تي آهن. ٿي سگھي ٿو ته اهي ٿرڙ ٺٽي يا ديبل سنڌي جا هجن. (سندس اشارو شايد بڪيرا واري ٿرڙ ڏانهن آهي). پر مان سمجھان ٿو ته ڇوڙ واري علائقي ۾ هن کان به وڌيڪ پراڻا اڃا ٻيا به ٿرڙ آهن. پورچوگيز ڇوڙ واري علائقي کان سورهين صديءَ ۾ واقف ٿيا هئا. اهي لاهريءَ کي ديول ۽ سنڌ Diul and Sindh يا ديول سنڌي سڏيندا هئا. پوئين دور ۾ انگريز لاهري کي ديول سنڌي سڏڻ لڳا هئا. فاريا واءِ سوزا Faria y Soza ايشيا تي لکيل پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: ”ديول سنڌوءَ جي صفا اولاهين ڦاٽ تي آباد هو“ (اسٽيوِن جو ترجمو جلد II ص 514) حقيقت اها آهي ته قديم ديبل جي مشهوريءَ جو سبب اهو آهي ته اهو هڪ واپاري بندر هو، ٻيو ته اتي هڪ تيرٿ جو آستان هو، جيڪو بندر نه هجڻ ۽ تباهه ٿي وڃڻ جي باوجود دائم قائم رهيو. ڏيساور جا واپاري ڇوڙ جي ٻئي مشهور لاهري بندر کي ديبل جي مشهور نالي سان سڏڻ لڳا. جڏهن ڇوڙ جي الهندي پاسي ٺٽي جو شهر وجود ۾ آيو، ته ان کي به ان مشهور بندر جي نالي پٺيان ديبل سڏڻ لڳا، پر اسان کي اها ثابتي ڪانه ٿي ملي، ته سنڌين ڪڏهن به ٺٽي کي ديبل سڏيو آهي، توڙي جو هتان جي هڪ ڏيهي مؤرخ بي پرواهي ڪري پنهنجي تاريخ ۾ لکي به ڇڏيو آهي ته: ”ديبل، ٺٽو آهي“. ٺٽي شهر جا رهاڪو به هن خيال جا ڪونه آهن ته ٺٽو ڪو ديبل آهي. مان ٺٽي جي هڪ سيد کان پڇيو هو ته ديول ڪٿي آهي؟ ته هن ويچار ڪري مون کي ٻڌايو ته هن پاڻ به ديول کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ گھڻي جتن ۽ جاکوڙ کان پوءِ کيس اهو پتو پئجي ڪونه سگھيو ته ديبل ڪهڙي جاءِ تي هو. جيڪڏهن هو ٺٽي کي ديبل سمجھي ها ته هڪدم وراڻي ڏئي ها ته ٺٽو ئي ديبل آهي.

(65) سر ايڇ. اليٽ هن کي تنگامرا Tangamara ڪوٺي ٿو، پر ساڳئي وقت اهو به چوي ٿو ته هن لفظ جي پهرئين اکر ۾ ڪجهه مونجھارو آهي. منهنجي خيال ۾ ڪتاب ۾ ڏنل نالو بلڪل صحيح آهي مان به نڱامرا قبيلي بابت سنڌ ۾ ڪجهه به ڪونه ٻڌو آهي.

(66) ڏسندا ميجر ريورٽي جو طبقات ناصري جو ترجمو جلد I ص 452. اوڀر متعلق تاريخ تي ڪم ڪري ميجر ريورٽي کيرون لهڻي ٿو، قبول ڪرڻو پوي ٿو ته هن ان تاريخ جو صحيح ترجمو ۽ ان تي تفصيل سان حاشيا لکي ان دور تي وڌ ۾ وڌ روشني وجھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر هن ضميما نه لکي، اسان کي ڪجهه نا اميد ڪري وڌو آهي.

(67) ايضاً-ڏسندا ص 294-295 تي لکيل حاشيا.

(68) اهو به امڪان آهي ته جلال الدين خوارزم شاهه جي ڏينهن وارو ديبل به اصلي ديبل هجي، پر ڪو ٻيو بندر هجي، جنهن کي هن مشهور بندر جي نالي پٺيان سڏيو ويو هجي. ويچارڻ جوڳي هيءَ حقيقت به آهي ته البيروني يارهين صديءَ جي اڳياڙيءَ ۾ پنهنجي تاريخ لکي هئي، پر ان ۾ ديول جو ذڪر موجود ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. ان جي جاءِ تي لوهاراڻيءَ کي ڇوڙ جي علائقي جو بندر ٻڌائي ٿو.

(69) ديبل بندر جو بنياد ڪهڙي زماني ۾ رکيو ويو، تنهن جو پتو پئجي ڪونه ٿو سگھي. معلوم ائين ٿئي ٿو ته سنڌ جي راءِ گھراڻي جي شروعات وقت هن بندر کي موجود ڏسجي ٿو. اليٽ (هسٽري جلد I ص 138 ۽ 407) هن خاندان جي شروعات جو دور 495ع ٻڌائي ٿو. هن بندر بابت ستين صدي عيسوي جي چيني ٻيڙائتن کي ڄاڻ هئي. سر. ايڇ يول Yule ”ڪئٿي ائنڊ دي وي ددر“ Cathay and the way thither جلد-I- ixx viii ۾ لکيو آهي ته، چين جي تاريخ، ستين ۽ اٺين عيسوي صدي جي ٿانگ Thang گھراڻي جو ذڪر ڪندي ٻڌايو آهي، ته چين جي تاريخ ٻيڙائت ڪئٽن کان سڙهه سنباهي هاڪاريندا وڃي فرات درياهه تائين پهتا هئا.“ سري لنڪا جي چوڌاري ڦري پنهنجي هاڪارڻ وارو رستو ٻڌائيندي لکن ٿا ته هو اتر طرف هلندا هلنداوڃي تيو Tiyu يا ڊيو Diu تائين پهتا هئا. هو وڌيڪ ٻڌائين ٿا ته: ”هو وڌيڪ ڏهه ڏينهن سفر ڪري ۽ پنج ننڍڙيون بادشاهيون اڪري ٻئي تيو Tiyu وٽ وڃي پهتا هئا، جيڪو وڏي ميلان Milan يا سنتو Sintu جي ڪناري سان آباد هو. معلوم ائين ٿئي ٿو ته هي ئي ديبل هو، جيڪو مهراڻ يا سنڌوءَ جي ڪٺار سان وسندڙ هو.

(70) اهو سوال ضرور پڇي سگھجي ٿو ته جڏهن سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ تائين ان ڦاٽ جو نالو ساگر هو ته پوءِ ٽالمي ان کي ساگر بدران لوڻي ٻاري ڇو لکيو آهي؟ ان جي امڪاني سمجھاڻي هيءَ ٿي سگھي ٿي ته اڀرندو سنڌ ساگر وارو وهڪرو ڪڇ رڻ وٽ پهچي پنهنجو نالو وڃائي ڇڏيندو هو يا لوڻيءَ سان ملي ويندو هو، جيڪو لکپت کان ٿوري پنڌ تي اتران وهي سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو. هن ٿاڪ کان وٺي ويندي ڇوڙ ڪرڻ تائين پاڻي جي هن وهڪري کي لوڻي ٻاري چيو ويندو هوندو. سڪندر هن وهڪري وسيلي تڪڙو تڪڙو هاڪاريندو وڃي سمنڊ تائين پهتو هو، تنهنڪري کيس مذڪوره وهڪري جي صحيح ڄاڻ ملي ڪانه سگھي هئي ۽ سندس دور جي مؤرخن به ايڏانهن خاص ڌيان ڪونه ڏنو هو.

(71) ”ڪشتي در الفس که آن را سندساگر گويند مي بردند Kushti dar alfs kih anra sind sagar goyand mi bur dand” . مٿئين فارسي حوالي جو سر اليٽ (”هسٽري“ جلد I ص 157) ترجمو هن ريت ڪيو آهي. ”ٻيڙيون ان ڦاٽ تائين وينديون هيون، جنهن کي سنڌ ساگر جي نالي سان سڏيو ويندو هو.“

(72) ديبل بندر تي گھيرو ڪندڙ فوجون عراق مان سمنڊ رستي آيون هيون. پر ديبل کان مٿي درياهه ۾ هاڪارڻ واسطي سمنڊ ۾ هلندڙ ٻيڙا ڪم جا ڪونه هئا. تنهنڪري انهن کي ديبل وٽ بيهاري درياهي ٻيڙين وسيلي مٿي هاڪاريو هوندائون.

(73) اهو ضروري ڪونه آهي ته هن خيال جي مخالفت ڪندڙ ٽالمي طرفان ڏنل درياهي ڇوڙن جا نالا به پٺڀرائي ڪن. جيڪڏهن اسان ساگاپا Sagapa نالي واري ڦاٽ کي ساگر ڦاٽ سمجھون ته يونانين جنهن وهڪري کي سنٿون Sinthon ڪوٺيو آهي، به حالت ۾ سنڌو آهي ۽ اهو اولهه پاسي کان سنڌوءَ جو ٻيو نمبر ڇوڙ هو. ان کان پوءِ اهو گمان غالب ٿئي ٿو ته سنڌ ساگر ڦاٽ جو ڇوڙ ساتاپا نه، پر سنٿن هو، جيڪو بگھاڙ ڦاٽ ۽ سندس پڇڙيءَ سان هڪجھڙائي رکي ٿو. جيڪڏهن هن ڳالهه کي قبول ڪيو وڃي، ته ان حقيقت کي به مڃڻو پوندو ته ديبل گھاري ڦاٽ جي ڪٺار سان آباد هو. ان جو لازمي نتيجو اهو وڃي بيهندو، ته اٺين صدي عيسوي جي اڳياڙيءَ ۾ ان وهڪري ۾ گھڻي فاصلي تائين سامونڊي ٻيڙا مٿي هاڪاري سگھندا هئا. هن جو حاصل مطلب اهو وڃي بيهندو ته سڪندر ۽ عربن جي حملي جي وچ واري هڪ هزار سال جي عرصي ۾ ڪو فرق آيو ڪونه ٿو ڀائنجي. درياهه جو اولهه طرف ڏانهن سرڪڻ وارو لاڙو هن عرصي دوران هڪ جاءِ تي بيٺل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مان خاص طور تي هن خيال جو آهيان، ته جڏهن وچين ڇوڙ ۾ پاڻي سڀني کان وڌيڪ اچڻ لڳو ته ان کي سنڌوءَ جي نالي سان سڏيو ويو ۽ پراڻي ڇوڙ جي باقي رهيل حصي کي اڳيون نالو ڏنو ويو. جيڪڏهن ڪنهن کي هن نڪتي تي شڪ آهي ته ان کي دور ڪرڻ لاءِ ٽالمي جي جاگرافي جي ٻئي حصي (Lib vii-I. S-28) جو مطالعو ڪرڻو پوندو، جنهن ۾ هن ساڳئي ڇوڙ کي انڊوس Indos ڪري لکيو آهي.

  1. تاريخي بيانن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي واه دولهه درياهه خان کوٽايو هو. (تاريخ سنڌ-سما دور-مرتب غلام محمد لاکو ص 86) امڪان آهي ته اهو وهڪرو اڳ ۾ڪنهن ڦاٽ جو پراڻو پيٽ هجي، جنهن کي دولهه درياهه خان کوٽائي صاف ڪرائي واهه جي صورت ڏني هجي. ان واهه جي ضرورت تڏهن ٿي هوندي، جڏهن سنڌو ٺٽي کان گھڻو اوڀر طرف سرڪي ويو هوندو ۽ پاڻيءَ جي آبپاشي ۽ پئڻ جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ مذڪوره انتظام ڪيو ويو هوندو. حالتن مان معلوم ٿئي ٿو ته خان واهه ٺٽي کان اتر-اوڀر، درياهه مان کوٽي ٺٽي آندو ويو هو. پر هو ختم ڪاٿي ٿيو ٿي؟ تنهن جو ڪو پتو ڪونه آهي. انڊس ڊيلٽا ڪنٽريءَ جو مصنف اسان کي ٻڌائي ٿو ته اهو وهڪرو بگھاڙ ڦاٽ سان ڪڪر بُڪيرا وٽ ملندو هو. واه جي ڊگھائي ايتري گھڻي آهي جو ڪوڏر ۽ انساني پورهئي لاءِ هيءَ ڳالهه ڄڻ مشڪل نظر اچي ٿي. انڪري سمجھه ۾ اچي ٿو ان واهه جو هيٺيون ڀاڱو ڪنهن پراڻي ڦاٽ جو پيٽ هو.

(74) جيڪڏهن پراڻو وهڪرو اڃا به پوريءَ ريت وهي رهيو هو ته سندس فوج ديبل کان ٿورو مٿي هلي وري پار اڪري هوندي، پر اهڙيءَ حقيقت جو ڪٿي به ذڪر ڪونه آهي. هن سڄي جنگي مهم دوران سنڌي بادشاهه ۽ سندس فوج جو وڏو حصو سنڌوءَ جي اوڀر پاسي موجود هو. عربن جي فوجي مهندار آخري ۽ فيصله ڪن جنگ ڪرڻ کان اڳ ۾ نيرون ۽ سيوهڻ جا قلعا فتح ڪري پنهنجي فوج جي پُٺِ واري حصي کي محفوظ رکڻ پئي چاهيو، ان لاءِ سنڌوءَ جو ساڄو ڪنارو وٺڻ ضرور ٿي پيو هو.

  1. حقيقت مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته نيرون حيدرآباد جي ماڳن وٽ ڪونه هو. ڇاڪاڻ ته حيدرآباد وارا ماڳ نصرپور واري سنڌوءَ جي وهڪري کان ويهارو ميل اولهه آهن ۽ حيدرآباد ۽ نصرپور جي وچ تي ڦليلي ڦاٽ کانسواءِ ٻيو ڪو درياهي وهڪرو به موجود ڪونه هو، جيڪو 1758ع کان اڳ جو وهڪرو ڪونه آهي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته نصرپور وارو درياهه جو صفا پويون وهڪرو هو، جيڪو هيٺ هلي ٻه درياهي جي صورت ۾ وهندو هو، جن مان اولاهينءَ کي ڪلري ۽ اوڀارين کي بگھاڙ سڏيندا هئا. جنرل هئگ جي نقشن موجب ديبل بندر، ڪلري، بگھاڙ ڦاٽن جي سنگم واري ٿاڪ تي چار ميل هيٺ ڏيکاريو ويو آهي.

جيڪڏهن ڪو مسافر ديبل بندر کان منصوره ويندو ته نيرون يا حيدرآباد کيس اچڻو پوندو. اڳي سپر هاءِ وي يا نيشنل هاءِ وي ڪونه هوندا هئا، جن سان ڪار يا ٽرڪ وسيلي اچي نيرون پهچبو هو. جيڪڏهن نيرون ۽ حيدرآباد هڪ آهن، ته اسان کي هن ڳالهه تي به سوچڻو پوندو ته اڄ اسان کي منصوره جا کنڊر حيدرآباد کان اوڀر اتر نه، پر اوڀر ڏانهن ٿورو وڌيڪ لڙيل نظر ايندا ۽ حيدرآباد کان ديبل سر ڏکڻ، پر ٿورڙو اولهه تي لڙيل ڏسڻ ۾ ايندو. پوءِ اهو ڀنڀور هجي يا ڪڪر بڪيرا يا ڪو ٻيو ماڳ هجي. ان حساب سان ديبل کان منصوره جو طرف اتر اوڀر وڃي بيهندو، جيڪو ماڻهو ديبل کان منصوره جي سفر تي نڪرندو هوندو، سو ضرور قافلي سان هوندو، جنهن کي درياهه جي ڪٺار سان هلڻو پوندو هوندو ۽ ڪلري ۽ بگھاڙ واري ٻه درياهي کان مٿان سنڌوءَ جو اولهه پاسو ڏئي، ريڻ ڦاٽ جي سنڌوءَ کان ڌار ٿيڻ واري ٿاڪ مٿان درياهه اڀرندي طرف اڪري، منصوره ڏانهن سڌو وڃي الهندي پراڻ جي منڍ واري حصي ۾ پهچندو، جيڪو حيدرآباد کان اٽڪل چاليهه پنجيتاليهه ميل وڃي اوڀر بيهندو. جيڪڏهن کيس نيرون اچڻو پوي ته ڪلري ۽ بگھاڙ واري ٻه درياهي وٽان درياهه کي ڇڏي سڌو اتر رخ  ڪرڻو پوندو. نيرون يا حيدرآباد پهچي، درياهه ٽپڻ لاءِ جاگرافيدانن جي لکت موجب وري ارڙهن ويهه ميل صفا اوڀر هلڻو پوندو. ٽيهه چاليهه ميل وڪڙ ڪري مسافر آخر نيرون وڃي ڪهڙي ڪم واسطي سوبه پاڻي ڪوهين ڏور. گنجي ڏونگر گام جي زيارت لاءِ ته اڙيو ٿڙيو ياتري ايڏانهن ويندو هوندو، باقي منصوره ويندڙ مسافر نيرون يا حيدرآباد ڇو وڃي. عرب جاگرافيدانن مان هڪڙن ديبل کان نيرون ٻن ڏينهن ۽ ٻين ٽن ڏينهن جي پنڌ تي ٻڌايو آهي (ڏسندا ابن خردازبه، مسعودي، اصطخري ۽ ابن حوقل جا حوالا)، حقيقت حال مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو فاصلو اڄ جي چاليهن ۽ سٺ ملين جي وچ تي هجڻ گھرجي. ٻئي پاسي پاڻ مصنف ٻڌائي ٿو ته نيرون ڪوٽ ۽ سيوهڻ جي وچ تي هڪ سو ويهن ميلن جو پنڌ آهي، پر هاڻوڪي فاصلي موجب اهو سيوهڻ کان فقط اسي ميلن جي فاصلي تي آهي. منهنجي خيال ۾ نيرون ٻن ڏينهن جي فاصلي مطابق ديبل کان پنجيتاليهه ميل اتر ۽ سيوهڻ کان فاصلي مطابق موجوده حيدرآباد کان ٽيهه پنجٽيهه ميل ڏکڻ اوڀر هجڻ کپي.

سيوهڻ کان نيرون ۽ ديبل کان نيرون واري فاصلي جي وچ تي ۽ ديبل ۽ منصوره جي طرفن کي ۽ ان دور جي درياهي وهڪري کي ڌيان ۾ رکي ان ايراضي کي نيرون لاءِ جاچڻو پوندو. ٻي اهم ڳالهه اها به آهي ته سنڌ ۾ اهڙو پراڻو قلعو آهي ئي ڪونه، جيڪو پاڻيءَ جي سهوليت کان ارڙهن ويهه ميل پري هجي، جھڙيءَ ريت نيرون ڪوٽ لاءِ چيو وڃي ٿو. حيدرآباد وارو قلعو به ڦليلي وهڪري ڪري تعمير ڪيو ويو هو، جيڪو 1758ع کان اڳي اتي موجود ڪونه هو. ان کانسواءِ ٻيو به هڪڙو اهم تاريخي حوالو اسان جي سامهون اچي ٿو ته محمد بن قاسم جڏهن ٻڌيه جي علائقي ۾ پهتو هو ته حجاج طرفان وٽس حڪم پهتو هو ته هو نيرون موٽي اچي ۽ درياهه اڪري وڃي راءِ ڏاهر سان مقابلو ڪري. جيڪڏهن نيرون حيدرآباد آهي ۽ کيس اتان درياهه اڪرڻ جو حڪم ٿيو هو ته پوءِ هو اتان ئي درياهه اڪريو هوندو.

جيڪڏهن حيدرآباد نيرون آهي، ته هن ٽن خاص ڳالهين ڪري سامهون درياهه ڪونه اڪريو هوندو نيرون (حيدرآباد) وٽان اوڀر طرف درياهه اڪرڻ سان سنڌ جي مرڪزي حصي ۾ وڃي پهچي ها، جيڪو برهمڻ آباد ۽ راوڙ جي وچ تي هو ۽ فوجي نقطهء نگاهه کان اهم هو. ٻي ڳالهه ته راوڙ تائين پهچڻ واسطي سنڌوءَ جي ڦاٽن ۽ ڇاڙهن ۾ وڃي ڦاسي ها ۽ ان سان گڏ سنڌي فوج جي مزاحمت جو به خطرو هو، ڇاڪاڻ ته ان وقت سنڌوءَ ۾ چاڙهه اچي ويو هو. ٽين ڳالهه اها به آهي ته محمد بن قاسم جا حليف جٽ، ڀٽي يا موڪي پٽ وسائي وارو علائقو هتان کان ۽ راوڙ کان به گھڻو ڏکڻ طرف هو، جتي ڏاهر رهيل هو. جيڪڏهن نيرون (حيدرآباد کان ٽيهه ميل هيٺ وڃي درياهه اڪري، ته به موجوده ٺٽي کان اتر وڃي سندس پار اڪرڻ وارو ٿاڪ بيهندو، محمد بن قاسم ٻيڙين جي جنهن پل تان اڪريو هو، تن جو بندوبست موڪي پٽ وسائي ڪيو هو. کيس اها مجال ڪيئن ٿي هوندي جو راوڙ کان ستر اسي ميل مٿي پنهنجا ٻيڙا ڪاهي وڃي محمد بن قاسم کي پل ٺاهڻ لاءِ ڏئي، ڇاڪاڻ ته ڏاهر پاڻ راوڙ ۾ موجود هو تنهنڪري مناسب ڏسڻ ۾ ائي اچي ٿو ته هن نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) کان گهڻو ڏکڻ اوڀر طرف واقع هوندو. ان کانسواءِ ائين ڪرڻ سان پوئين دور وارا فتح باغ ۽ جوڻ وارا اهم علائقا عرب فوج ۽ راجا ڏاهر جي وچ تي اچي وڃن ٿا، جيڪا ڳالهه پڻ عرب فوج لاءِ مفيد ڪانه هئي.

(75) هن علائقي ۾ سال جي هڪ اهڙي رت به هوندي آهي جو ٿورن هزارن تي مشتمل هڪ فوج واسطي پاڻيءَ جي اُڻاٺ محسوس ڪئي ويندي آهي، پر عرب لشڪر ان موسم ۾ پيشقدمي شروع ڪئي، جڏهن وسڪارو شروع ٿي ويو هو ۽ مذڪوره ڪوهستان واري علائقي ۾ تليون ۽ ترايون پاڻيءَ سان پُر لڳيون پيون هيون. سن 1814-41ع ۾ سياري جو برطانيه جي ڊرئگون ريجيمينٽ Dragoon Regiment به هن علائقي مان سولائيءَ سان سفر ڪري پار پئي هئي.

(76) هتي ڪتاب ۾ ڪجهه مونجھارو نظر اچي ٿو. خاص طور وهڪري جي نالي ۾ ڪجهه گڙ ٻڙ ٿي وئي آهي. سر ايڇ. اليٽ وٽ جيڪو نسخو آهي، ان ۾ ”جوئي سند و راول“ لکيل آهي. انڊيا آفيس واري نقشي ۾ ”جوئي سند در اول“ جا لفظ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. پوري پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته اهو اشارو مذڪوره وهڪري ڏانهن آهي. اهو وهڪرو اڙل وارو ئي آهي، جيڪو سيوهڻ جو اتر ۽ اوڀر وارو پاسو ڏئي ڦري اچي ٿو ۽ اڙل کي عربي صورتخطيءَ مطابق ”راول“ ۽ ”دراول“ ڪري لکيو ويو آهي. گھڻو ڪري اهو نالو سنڌ اڙل آهي، جيڪو پهريائين سنڌ راول جي هجي ۾ لکيو ويو هوندو. ريگستان وارو علائقو اهو آهي، جيڪو سيوهڻ کان ڏکڻ پاسي پکڙيو پيو آهي ۽ هلندو وڃي لڪيءَ جي ٽڪرائتي علائقي سان ملي ٿو. چوماسي واري ٻوڏ مان مطلب درياهه جو ساليانو عام رواجي چاڙهه آهي، جيڪو ساوڻيءَ جي رت ۾ ايندو آهي، جنهن مان اهو مطلب هروڀرو وٺڻ نه گھرجي ته ڪي مينهن پيا هئا. معلوم ائين ٿئي ٿو ته اهو جولاءِ يا آگسٽ جو مهينو هوندو. هن موسم دوران سنڌ ۾ ڪن ٿورن ڏينهن لاءِ مينهن وسندو آهي.

(77) اصطخري ۽ ابن حوقل جا ڏنل نقشا، جيڪي ذري گھٽ هڪ جھڙا آهن، تن ۾ سوِستان يا سندو ساڻ سنڌوءَ جي ڪناري سان واقع ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ابن حوقل پنهنجي ڪتاب ۾ اهڙي زبان استعمال ڪئي آهي، جنهن مان پڻ ائين لڳي ٿو ته سوستان سنڌوءَ جي ڪناري سان واقع هو. ٻنهي جاگرافيدانن ان علائقي جا احوال سنڌ جي فتح کان ٻه سؤ پنجاهه سال پوءِ جا ڏنا آهن. ان وقت تائين سنڌو گھڻو الهندي آهل سرڪي ويو هوندو. جيڪڏهن اهي پنهنجي لکتن ۾ صحيح آهن، ته محمد بن قاسم جي حملي وقت سيوهڻ کان درياهه اٺن ميلن کان وڌيڪ پري ڪونه هوندو.

  1. ڪاڪا راڄ قلعو ته هوندو، پر اهو ٻڌيه علائقي جي راڄڌاني هو، اتان جو حاڪم سرڪونڌ پٽ ڀنڊرکو ڀڪو هو. ان علائقي ۾ سويس نالي هڪ قلعو هو، جنهن تي چچ وڃي حملو ڪيو. قلعي جي حاڪم وڪيي پٽ ڪاڪي سندس آڻ مڃي (چچ نامو سنڌي ايڊيشن ص 53 مخدوم امير احمد) سوستان جي قلعي جي گورنر جو نالو متو هو. هن پوري تياري ڪري چچ سان مقابلو ڪيو، پر شڪست کائي ڀڄي وڃي قلعي ۾ پناهه ورتي. راءِ چچ اڳتي وڌي وڃي قلعي کي گھيرو ڪيو، جيڪو هفتو کن هليو. قلعي وارا عاجز ٿي پيا ۽ امان گھريائون. (چچ نامون سنڌي ايڊيشن ص 54) مترجم.

(78) اهو سنڌوءَ جي اولهه پاسي وارو شڪارپور علائقي جو ڪَڪڙ وارو پرڳڻو ٿي سگھي ٿو. تاريخي شاهدين مان معلوم ائين ٿئي ٿو ته ان جو ڪجهه حصو ڏکڻ ڏانهن اڳتي وڌي وڃي منڇر سان لڳندو هو. ابن حوقل ان کي منصوره کان پندرهن ڏينهن جي پنڌ تي ٻڌائي ٿو. مان سمجھان ٿو ته اها کانئس غلطي ٿي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته ان فاصلي جي حساب سان ٻڌيه سنڌ جي حدن مان ٻاهر نڪري وڃي، ديره جات واري علائقي ۾ بيهندو. چچ نامي ۽ اصطخري جي بيانن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو سيوهڻ کان اتر ۽ گھڻو پري ڪونه هو. عرب جاگرافيدان هن کي بدا Bada سڏيندا هئا.

*ٻڌيه جو علائقو سيوهڻ جي پرڳڻي سان دنگئي ضرور هو، پر ان جي اترين سرحد گھڻو پري هئي. موجوده دور وارا لاڙڪاڻو ۽ جيڪب آباد به ان جي حدن اندر واقع هئا. قندابيل يا گنداوا جو شهر ان جي دنگ تي واقع هو. يا ائين کڻي چئجي ته اهو ٻڌيه جي مکيه تجارتي شهرن مان هڪ هو. (چچ نامو سنڌي ايڊيشن ص 403) امڪان آهي، ديره جات وارو علائقو به ان ۾ شامل هو. (مترجم).

(79) گھڻو ڪري اهو جھانگارا جو مشهور شهر آهي، جيڪو سيوهڻ کان تيرهن ميل کن اولهه طرف ۽ اترئين جابلو علائقي جي ڪڇ ۾ آهي.

(80) هو ڏاهر جو سوٽ ۽ مکيه ماڻهو هو.

*نڌا يا نڌان 11. جو علائقو اروڙ ۽ ملتان جي وچ تي هوندو هو. جتان جا ٻن ڪونهٽن وارا اٺ مشهور هوندا هئا، جن کي ڪرها ڪري چيو ويندو هو. قزويني به انهن اٺن جو ذڪر ڪيو آهي (ڏسو مهراڻ آف سنڌ- ريورٽي) (مترجم).

(81) موجوده دور ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ وارن مهينن ۾ فوج سان هن جوءِ منجھان پار ڪرڻ ممڪن ڪونه آهي. هتي اسان کي اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته تڏهن منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي تمام گھڻو هو ۽ الهندي ناري واري علائقي ۾ ٻوڏ واري صورتحال هئي. پر پوءِ به عرب فوج اڳتي پيشقدمي ڪندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ان جو سبب اهو آهي ته اٺين صدي عيسويءَ ۾ سنڌو موجوده دور واري وهڪري کان گھڻو اوڀر تي وهي رهيو هو. سنڌ جو اولهه وارو ڀاڱو اڄ واري زماني کان وڌيڪ خشڪ ۽ ويران هو. پر ڪڏهن ڪڏهن سنڌو اٿل ڪري قديم سيوستان ۽ ٻڌيه جي علائقي کي ٻوڙي ڇڏيندو هو.

(82) مان بهطلور Bhatlor ۽ سالوج Saloj جي ٿاڪن کي سڃاڻي ڪونه سگھيو آهيان. قندابيل (گھڻو ڪري گنداوا جا ٿرڙ آهن) ڪيڪانان جو مکيه شهر هو. ڪڇيءَ جو موجوده علائقو ويندي سنڌو درياهه تائين به ان ۾ شامل هو. ٻڌيه جو علائقو اتر ڏانهن ڪيڪانان تائين پکڙيل هو. ڪيڪانان جو شين سئنگ به ذڪر ڪيو آهي، جنهنکي هن ڪيڪانا Kika-na لکيو آهي. هو لکي ٿو ته اهو علائقو گھوڙن ڪري گھڻو مشهور آهي ۽ اهو علائقو هر دور ۾ ڀلن گھوڙن کان گھڻو مشهور رهيو آهي. وقت جا خليفا به ڪيڪاني نسل جي ڀلن گھوڙن سان پنهنجي ڪڙهين جي سونهن وڌائيندا هئا.

(83) جڏهن سندس چاچي حجاج بن يوسف محمد بن قاسم کي سنڌ جي جنگي مهم جو مهندار ڪري موڪليو هو ته سندس عمر سترهن سال هئي. حجاج کانپوءِ جڏهن سندس دشمن عراق جو والي ٿيو ۽ محمد بن قاسم کي سزا طور واپس گھرايو، ته ان وقت سندس عمر ايڪيهه يا ٻاويهه سال مس هوندي.

  1. محمد بن قاسم لاءِ ڪيتريون ئي جڙتو ڳالهيون لکيون ويون آهن ۽ انهن مان هڪ ڳالهه سندس عمر بابت به آهي. جڏهن حجاج بن يوسف کيس سنڌ تي حملي ڪندڙ فوج جو مهندار مقرر ڪيو ته هو سڌو عراق مان ڪونه آيو، پر قيتبه ۽ مغيره سان گڏ ڪاشغر ۽ منگوليا طرف اسلامي لشڪر سان گڏ پنهنجي تلوار جا جوهر ڏيکاري رهيو هو ۽ اتان حجاج بن يوسف جي حڪم سان شيراز پهتو ۽ بعد ۾ سامونڊي ۽ خشڪيءَ جو لشڪر ساڻ ڪري سن 93هه جي محرم مهيني ۾ اچي ديبل سامهون پهتو. سنڌ جي فتح کانپوءِ سن 95هه ۾ خليفه سليمان بن عبدالملڪ جي ڏينهن ۾ کيس معزول ڪيو ويو. تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته هن سان گڏ حرم ڪونه هو. تميم بن زيد عتبي کانپوءِ خليفه هشام بن عبدالملڪ جي ڏينهن ۾ حڪم بن عوانه کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو ته محمد بن قاسم جو پٽ عمر ساڻس گڏ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جنيد کي 105هه ۾ گورنر مقرر ڪيو ويو هو. هو طاقتور عملدار هو، تنهنڪري هن جي گورنري لاءِ پنج سال عرصو مقرر ڪري سگھجي ٿو. تميم جي دور ۾ سنڌ عربن خلاف اٿي کڙي ٿي هئي. هو حالتن کان مايوس ٿي وٺي ڀڳو هو ۽ کيس ماءُ الجواميس وٽ سنڌي باغين قتل ڪري ڇڏيو. سندس گورنري جي عرصي جو تعين فقط هڪ سال ڪري سگھجي ٿو. کانئس پوءِ حڪم بن عوانه کي گورنر مقرر ڪيو ويو، جيڪو ٿلهي ليکي 111هه يا112هه ٿي سگھي ٿو. ڇاڪاڻ ته هن دور جي مقرر ڪيل گورنرن جا سال تاريخن ۾ ڄاڻايل ڪونه آهن، فقط جنيد جو پتو آهي ته هو 105هه ۾ گورنر ٿي آيو هو. جڏهن حڪم بن عوانه سنڌ پهتو هو، ته بغاوت جي باهه پوري چوٽ تي هئي. ٽڙيل پکڙيل عربن کي خطري ۾ ڏسي، هن کين ميڙي چونڊي هڪ هنڌ ڪٺو ڪيو ۽ هڪ وستي جوڙائي، جنهن جو نالو هن محفوظ رکيو هو ۽ عربن کي اتي آباد ڪيو ويو هو. هن خطرناڪ حالتن ۾ عمرو بن محمد قاسم ڪچيءَ عمر ۾ سنڌ نه آيو هوندو ۽ ان وقت سندس عمر گھٽ ۾ گھٽ پنجويهه يا ٽيهه سال هوندي. انهن حقيقتن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته سنڌ تي حملي ڪرڻ وقت محمد بن قاسم جي عمر سترهن سالن کان گھڻو مٿي هوندي. ٻيو ته محمد بن قاسم جو پيءُ (قاسم ۽ حجاج پاڻ ۾ سوٽ هئا ڀائر نه هئا. (ڏسندا چچ نامون ص 440) مترجم.

(84) ”موج“ سوستان ڀرسان ڪا وسندي هوندي، جتي ٻڌن جو وهار ۽ ڳوٺ هوندو.

(85) بلاذريءَ جو بيان آهي ته ان زماني ۾ ڍل جي اوڳاڙيءَ واسطي جت مقرر ڪيا ويا هئا، پر چچ نامو هن ڳالهه بابت خاموش آهي. اڳتي هلي چچ نامي مان غربي يا الهندي پاسي وارن جتن جي ڄاڻ پوي ٿي. جيڪي عربن سان ڪنهن عهدنامي تحت ٻٽُ ٿي ڏاهر سان جھيڙن ٿا. هي مٿي ڏنل ٻنهي بيانن کان مختلف حقيقت آهي. اليٽ پنهنجي ترجمي (هسٽري- جلد I ص 167) ۾ هنن غربي جتن کي ”غزني“ جا جت لکي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته هن لفظ ۾ نقطن جي هيٺ مٿي ٿي وڃڻ ڪري غربيءَ مان غزني ٿي وڃڻ جا امڪان آهن. هن ڪتاب ۾ حمله آور فوج کي عرب لشڪر ڪري لکيو ويو آهي، پر حقيقت اها آهي ته اهو لشڪر مختلف قومن تي مشتمل هو. جڏهن هن فوج شيراز مان پيشقدمي جي شروعات ڪئي هئي ته منجھس ٻارنهن هزار ماڻهو شامل هئا، جن مان ڇهن هزارن جو واسطو شام سان هو. ڇاڪاڻ ته حجاج بن يوسف کي عراقي عربن ۾ ڪنهن به قسم جو اعتماد ڪونه هو ۽ سندس خاص گذارش تي شام جي سٺن گھراڻن مان فوجي جوان کنيا ويا هئا. ديبل جي فتح کانپوءِ لاڙ جا سنڌي به ان عرب فوج ۾ شامل ڪيا ويا هئا. ان کانپوءِ ٻه چار هزار ماڻهو سيوهڻ مان به ڀرتي ڪيا ويا هئا. جڏهن عرب فوج سنڌو اڪري اوڀر طرف آئي هئي، ته ان ۾ ٻيٽ جا ٺڪر به اچي شامل ٿيا هئا. ان علائقي جو هاڻي پتو پئجي ڪونه ٿو سگھي، پر معلوم ائين ٿئي ٿو ته سنڌوءَ جي کاٻي ڪناري سان هو. سنڌوءَ جي اولهه طرف وارن علائقن جي فتح ٿيڻ کانپوءِ محمد بن قاسم انتظام لاءِ پنهنجي فوج اتي ضرور وهاري هوندي. ان ڪري فوج جي انگ ۾ ضرور کوٽ اچي وئي هوندي. بلاذري جو بيان آهي ته محمد بن قاسم ديبل ۾ چار هزار فوجي ترسايا هئا ۽ سنڌوءَ جي اولهه طرف وارن علائقن جي فتح کانپوءِ انهن کي وري جنگ واسطي ضرور گھرايو هوندو.

  1. عرب فوج جڏهن ٻڌيه واري علائقي ۾ موجود هئي ته ان بابت چچ نامي مان اهڙو حوالو ڪونه ٿو ملي، ته محمد بن قاسم ڪو فوجي جٿو انهيءَ مقصد سان موڪليو هجي ته جيئن الور مٿان ڪرڙي نظر رکي سگھي. پر هيٺ جڏهن راوڙ جي علائقي ۾ هو ته هن سليمان بن نبهان کي ڇهه سو ماڻهو ڏئي روانو ڪيو هو ته جيئن گوپي پنهنجي پيءَ راءِ ڏاهر کي فوجي امداد نه ڏئي سگھي. اهڙيءَ ريت هن عتبه تغلبي کي پنج سو ماڻهو ڏئي اگھم واري رستي تي بيهاريو هو ته جيئن ڪنڌراه واري ايراضيءَ تي چوڪسي رکي سگھي. اگھم وارو علائقو به برهمڻ آباد کان هيٺ سجھڻ گھرجي. (ڏسندا چچ نامو سنڌي ايڊيشن ص 222-223 ۽ انگريزي ايڊيشن- مرزا قليچ بيگ ص 123). (مترجم).

(86) اهو چيو وڃي ٿو ته چچ نامي جي حوالي موجب عرب فوج ديبل وٽ سن 73هه ۾ محرم مهيني ۽ جمعي ڏينهن اچي پهتي هئي اهو سال ڏٺو وائٺو غلط ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهو سن 92هه هجڻ کپي. ڇاڪاڻ ته اشبهار ۾ مذڪوره فوج محرم 93هه ۾ پهتي هئي، جيڪو آڪٽوبر/نومبر 711ع  بيهي ٿو.

* اهو سن 73 هه نه، پر محرم جو مهينو جمع جو ڏينهن سن 93هه آهي (ڏسندا چچ نامو سنڌي ايڊيشن ص 143). مرزا قليچ بيگ واري انگريزي ايڊيشن ۾ ڏهين محرم جمع جو ڏينهن ۽ 73هه لکيل آهي، پر هيٺ حاشيه ۾ ان کي صحيح ڪري 93هه لکيو ويو آهي. معلوم ٿئي ٿو ته جنهن قلمي نسخي تان مرزا قليچ بيگ انگريزي ترجمو ڪيو، ان ۾ غلطيءَ وچان 93هه بدران 73 لکيل هوندو. (مترجم).

(87) لفيٽيننٽ برنس جون سنڌوءَ جي اوڀارينءَ ڇاڙهه تي لکيل يادگيريون- رايل ايشياٽڪ سوسائٽي جلد P iii ص 552.

(88) چچ نامي ۾ ڏنل سندس موت جو واقعو هڪ ڪهاڻيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به معلوم ڪونه ٿو ٿئي. هتي بلاذريءَ جو بيان بلڪل صحيح معلوم ٿئي ٿو. هي ٻڌائي ٿو ته عراق جي نئين گورنر صالح بن عبدالرحمان، محمد بن قاسم ۽ سندس گھراڻي جي ٻين ماڻهن کي چيچلائي مارايو هو. حجاج 714ع ۾ وفات ڪري ويو هو. صالح بن عبدالرحمان پنهنجي ڀاءُ جو حجاج بن يوسف کان ان طريقي سان وير ورتو.

(89) هن موضوع تي رايل ايشياٽڪ سوسائٽي (جلد xvi ڀاڱي – 2) جي جرنل ۾ هڪ ننڍو مقالو پڙهندا. بلاذري جو بيان آهي ته منصوره جو بنياد سنڌ جي فاتح جي پٽ عمرو سن 730-40ع ڌاران رکيو هو. جڏهن محمد بن قاسم کي سن 715-16ع ۾ قتل ڪيو ويو هوندو ته سندس پٽ عمرو جوان ڪونه هوندو ۽ ان هلندڙ ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ تائين به ننڍوهوندو. هن معاملي ۾ مسعودي ۽ ادريسي وڌيڪ صحيح معلوم ٿين ٿا. سندن ويچار آهي ته منصوره جو بنياد عباسي خليفه المنصور جي دور خلافت جي اڳياڙيءَ ڌاران رکيو ويو هوندو، جيڪو سنه 753-54ع ۾ تخت تي ويٺو هو.

(90) منحاتار بابت اصطخريءَ ڪجهه به ڪونه لکيو آهي. ابن حوقل ۽ الادريسي هن شهر کي منجاباري ڪري لکيو آهي.

  1. درياهن جا وهڪرا ڪاٿي غير فطري به محسوس ٿيندا آهن، انهن جو پهريون مثال بياس جو وهڪرو آهي. هونئن ته فطري قانون موجب درياهه الهندي ڏانهن سرڪندا رهيا آهن. پر بياس غير فطري طور اوڀر ڏانهن سرڪي وڃي ستلج سان ملي هئي ۽ ٻنهي درياهن جي گڏيل وهڪري کي گهلوءَ جو گھارو سڏيو ويندو هو. ٻيو مثال سنڌوءَ جي بيگاري ڇاڙهه هئي، جيڪا ڪشمور هيٺان مکيه وهڪري کان ڇڄي وڃي بلوچستان جو پٽَ وارا علائقو پسائيندي هئي. هاڻي ان جي جاءِ تي پٽ فيڊر آهي، جيڪو بيگاري جيان ڏکڻ ڏانهن وهڻ بدران اتر ڏانهن وهندو آهي. ٽيون مثال اهو آهي پر ستاويهن ڊگرين جي ويڪرائي ڦاڪ جي برابر اچي هاڪڙي ۽ سنڌوءَ جي پاڻي ڏکڻ اوڀر ڏانهن رخ اختيار ڪيو آهي. گوني، گنگرو پراڻ ۽ سير وارا وهڪرا ان جي ثابتي آهن. وري ارڙهين صديءَ جي ٻئي اڌ جي شروعات ۾ سنڌو اوڀر ڏکڻ وارو نصرپور ڀرسان وهندڙ وهڪرو هڪدم ڇڏي، اولهه ڏکڻ منهن ڪري حيدرآباد جو اولاهيون پاسو وٺي وهڻ شروع ڪيو. سو به تعجب کان خالي ڪونه آهي (مترجم).

(91) خليج جي معنيٰ هٿرادو کوٽيل واهه يا درياهه جي فطري ڇاڙهه آهي. جيڪڏهن هڪ کان وڌيڪ درياهي ڇاڙهن جو ذڪر آهي، ته خليج جو مطلب هڪڙو تمام ننڍڙو وهڪرو ٿيندو.

(92) رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي جرنل ۾، مان منصوره ۽ برهمڻ آباد جي چوڌاري ڦيرو ڏئي وهندڙ خليج بابت لکيو آهي ته: ”اهو وهڪرو، ڪلري واري ماڳ کان گھڻو هيٺ لوهاڻي درياهه کان ڇڄي ڌار ٿيندو هو، جنهن بابت ڪتاب ۾ اشارو به ڏنو ويو آهي ۽ اهو ماڳ ڪالرو Kalro شهر جي ڀرسان آهي. مونکي معلوم ته ائين ٿئي ٿو ته اهو ڄڻ ڪو گھاڙ واهه آهي. پر مان هن ڳالهه تي ڳت ٻڌي بيهڻ ڪونه ٿو چاهيان. ڪلريءَ کان وٺي منصوره تائين هن وهڪري جي ڊيگهه ٽيهن ميلن کان گهٽ ڪانه ٿيندي ۽ هيءَ حقيقت مون واري خيال گھاڙ واهه خلاف وڃي ٿي. ان ڪري مان هن ويچارڻ لاءِ مجبور آهيان، ته درياهه جي اها هڪ فطري ڇاڙهه آهي، پر گھاڙ واهه نه آهي.

(93) هيءُ نالو ڪجهه دلچسپ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. منهنجي خيال ۾ مسٽر برٽن ڪاٿي ان جو ذڪر ڪيو آهي، ته مسلمان جنهن درگاهه کي لال شهباز قلندر ڏانهن منسوب ڪندا آهن، سا راجا ڀرتريءَ سان واسطو رکي ٿي، جنهن جو اصل نالو ڀرتري هري Bhartari Hari آهي. هو مهاراجا وڪرماجيت جو ڀاءُ ۽ سنياسي هو ۽ عيسوي سن کان هڪ صدي اڳ واري دور سان واسطو رکي ٿو. ڪرنل ٽاڊ پنهنجي ڪتاب ”راجستان“ (جلد I ص 776) ۾ لکي ٿو ته هو ڪجهه وقت لاءِ سنڌوءَ جي ڪناري سان آباد سيوهڻ ۾ وڃي رهيو هو. هن درويش صفت ماڻهوءَ جي مشهوري اتر هندستان جيان سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙجي وئي هوندي. نالي جي هجي برطري ڪري لکي وئي آهي ۽ ”ط“ جو اکر سنسڪرت جي ”ت“ اکر کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو آهي، جيڪو ڀرتري هري ۾ موجود آهي.

* سنڌ غزنوي دور کان گھڻو اڳ، عباسي خلافت کان الڳ ٿي آزاد ٿي وئي هئي. ڏسندا عبدالغني عبدالله جي تاريخ ص 13، جنهن ۾ سندس بيان آهي ته سنه 256هه ۽ 870ع ڌاران سنڌ بغاوت ڪري آزاد ٿي وئي هئي. ان جو سبب اهو هو ته هارون رشيد جي خلافت کان پوءِ هن گھراڻي ۾ گھرو سازش ڪاهي پئي. سنڌ جي آزاديءَ لاءِ بغاوتون چوٽ تي هيون، جيڪي سنڌ جي فتح ٿيڻ شرط شروع ٿي ويون هيون ۽ ٻي ڳالهه هئي يمني ۽ نزاري نسل وچ ۾ جھيڙو (مترجم).

  1. محمود غزنويءَ جو دور ڏهين صدي عيسوي جي پڇاڙي کان هلي، يارهين صديءَ جي اڳياڙيءَ تي ختم ٿيو. هو پنهنجي پيءُ سبڪتگين جي وفات کانپوءِ سن 387هه ۾ بلخ ۾ تخت تي ويٺو. پنهنجي حياتيءَ ۾ هن خراسان، خوارزم، طبرستان، عراق نيمروز فارس، غور ۽ هندستان جا علائقا فتح ڪيا. محمود به پنهنجي ڀاءُ اسماعيل کي قيد ڪري ۽ آخر ۾ قتل ڪرائي تخت تي ويٺو هو، جيڪو تخت جو حقي دعويدار هو. اورنگزيب به پنهنجن وڏن ڀائرن کي قتل ڪري تخت تي ويٺو هو. ان زماني ۾ خلافت تي القادر باالله عباسي مسند نشين هو. سندس وفات کانپوءِ جيئن اورنگزيب جي پٽن ۾ تخت تي ويڙهاند شروع ٿي، تيئن هن جي پٽن محمد ۽ مسعود جي وچ ۾ جھيڙو شروع ٿيو. مسعود، پنهنجي ڀاءُ محمد جون اکيون ڪڍرايون ته ان بدلي ۾ کيس به بکيءَ تلوار جو بکُ بڻجڻو پيو. مسعود کانپوءِ سندس پٽ مودو تخت تي ويٺو. پر سندس تخت ترڪ سردارن جو محتاج ٿي ويو هو. ڏسندا طبقات ناصري اردو ص 419 کان 420 تاريخ مان پتو پوي ٿو ته سنڌ ان کان گھڻو وقت اڳ آجپو ۽ سوراج ماڻي پنهنجو مرڪز قائم ڪري ورتو هو. ٽين صدي هه (268-290) ۾ يعقوب ۽ عمرو صفاري اهڙي طاقت ورتي جو خليفي سان گڏ خطبن ۾ سندن نالو ورتو ويندو هو. (طبقات ناصري اردو ص358- تاريخ سنڌ عبدالغني عبدالله ص 5 ۽ 6) ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ پنهنجي تصنيف ”سنڌ“ ص 234 ۾ لکي ٿو ته يعقوب صفاريءَ خود بغداد تي به حملو ڪيو. ان زماني ۾ عباسي خليفه موفق باالله خلافت تي مسند نشين هو. ان کانپوءِ قرمطين جو نالو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جن سن 290 هه خليفه مقتدر بالله عباسي جي ڏينهن ۾ شام تي 311هه ۾، بصري ۽ ڪوفي تي ۽ 317 ۾ مڪه معظمه تي حملو ڪيو. ڪعبة الله شريف ۾ هزارين مسلمانن جو ڪوس ڪري ڪعبة الله ڊاهي حجر اسود کڻي ويا. وقت جو عباسي خليفو سامهون ٿيڻ جي سگهه ۽ ست ساري ڪونه سگھيو نيٺ سنه 319هه ۾ خود خليفي مقتدر بالله کي وڃي قيد ڪيائون. سنڌين پنهنجي آزادي واسطي ”سيوهڻ بغاوت“ جي روپ ۾ پهرين شروعات ان وقت ڪئي هئي، جنهن وقت محمد قاسم اڃا راوڙ ئي فتح ڪونه ڪيو هو، جيڪا اڳتي هلي سومرن جي حڪومت جي شڪل ۾ ظاهر ٿي. محمود غزنوي جڏهن سومناٿ فتح ڪري منصوره کان لنگھيو هو ته خفيف سومرو اتان جو حڪمران هو. معلوم ٿئي ٿو ته سن 375ع کان پوءِ ستت ئي سومرا منصوره تي قبضو ڪري ويا. (ڏسندا تاريخ سنڌ اعجاز الحق قدوسي ص 322-321) بکر جي اهميت ناصرالدين قباچه جي وقت (سن 607هه-11-1210ع) ۾ وڌي. پر ان دور ۾ سنڌ جي سياست جو اصلي مرڪز محمد طور هو، جيڪو منصوره تي سومرن جي قبضي ڪرڻ کان صدي سوا اڳ سندن سگهه جو سرچشمو هو. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته وري سما دور ۾ ٺٽي کي عظمت ڪانه ملي ها، جيڪو پنهنجي دور جو اصفهان اڌ جهان هو. اهو شهر محمد طور جي ڀرسان ۽ سندس اصلي جانشين هو. بکر جي وقتي مرڪزيت هڪ حادثو هئي.

تاريخي طور تي اهو غلط آهي ته سومرن يارهين صدي عيسويءَ جي اڌ کانپوءِ پنهنجو راڄ قائم ڪري ورتو هو. هن ڪتاب (انڊس ڊيلٽا ڪنٽري-جنرل هئگ) جي ص 73 تي هڪ حوالو آهي ته: ”سنڌ جي لاڙ وارو ڀاڱو جيڪو مسلمانن جي مرڪز کان گھڻو پري هو (ٿي سگھي ٿو ته اهو ٿر واري پاسي هجي) ان جي اهميت به ڪانه هئي. ان ڪري مذڪوره علائقي کي گھڻي وقت کان وٺي هڪ قسم جي آزادي حاصل هئي. ان علائقي ۾ سومرن جو هڪ ڏيهي قبيلو آباد هو، جنهن يارهين صديءَ جي وچ ڌاران پنهنجي آزاد حڪومت قائم ڪري ورتي.“ معلوم ائين ٿئي ٿو ته اهو لاڙ واري حصي ۾ ٿر وارو وارياسو آهي، جنهن ۾ اُپت جا وسيلا گھٽ هوندا هئا ۽ عربن اوڏانهن واجھائي به ڪونه ڏٺو هوندو. تاريخ ريگستان صفحي 47 تي حوالو آهي ”سن 711ع کان وٺي ٿر ۾ سومرن راجپوتن جي حڪومت هئي“. ڏسڻ ۾ اهو اچي ٿو ته سنڌ ۾ عرب طاقت ڪمزور ٿيڻ سان ئي سومرا قوت هڪ سياسي سگهه بڻجي سنڌ ۾ پنهنجو راڄ قائم ڪري ورتو. ان لاءِ اسان کي عرب دور تي هڪ سرسري نظر وجھڻي پوندي.

سن 95هه ۾ محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي هئي. پر اڃا هن حجاج بن يوسف جي حڪم مطابق راوڙ تي حملو ئي ڪونه ڪيو هو ته پٺيان سيوهڻ ۾ بغاوت جو ٻڌو هئائين. راوڙ ۾ تن ڏينهن ڪاڙهه جي رت واري راڄڌاني هئي ۽ راءِ اتي ترسيل هو. ان کانسواءِ ٻي ڳالهه اها به آهي ته عربن ٿر وارو پاسو مورڳو فتح ئي ڪونه ڪيو هو، جنهن ۾ سنڌ جي سومرن جو نهايت ويڙهاڪ قبيلو آباد هو (ڏسندا تاريخ ريگستان مؤلف راءِ چند ص 47) جنهن عربن جي ڪمزور ٿيڻ شرط اولهه ڀرو سرڪي پراڻي بدين واري جوءِ ۾ پنهنجي سياسي سگهه کي سهيڙيو. تنهن زماني ۾ اها جوءِ سنڌوءَ جي ڇوڙ واري هيٺئين علائقي جو وچ هئي. ان سان گڏ اسان کي اها ڳالهه به ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جيڪا تاريخ سنڌ ۾ عبدالغني عبدالله چچ نامي جو حوالو ڏيندي ص 27-28 تي لکي آهي. لکي ٿو ته: ”ڀنڀور نالي هڪ ٻي رياست به هئي، جنهن جو حڪمران هندو هو. مذڪوره رياست ميرپور ساڪري ۽ گھوڙا ٻاري جي تعلقن تي مشتمل هئي، جيڪا محمد بن قاسم کي جزيه ڏيڻ سان قائم رهندي پئي آئي. جڏهن خليفي وليد بن عبدالملڪ کانپوءِ خليفي سليمان بن عبدالملڪ جو وارو آيو، ته هن نه رڳو محمد بن قاسم کي خلافت جي راڄڌاني طلب ڪري قيد ۾ رکيو هو. پر موسيٰ بن نصير ۽ سندس فوجي جرنلن کي به عتاب هيٺ رکيو هو. سنڌ ۾ بغاوت جي ٻرندڙ باهه ڀنڀٽ ڪري هڪدم آڙاهه جي صورت اختيار ڪري ورتي. محمد بن قاسم اڃا سنڌ ۾ هو جو يزيد بن ابي ڪبشه سڪسڪي سنڌ جو گورنر ٿي آيو. اهو سنڌ جي وڳوڙي حالتن تي ضابطو رکي ڪونه سگھيو. هن کانپوءِ عامر بن عبدالله گورنر ٿي آيو، هيءُ سنڌ جي سياسي حالتن کي سنڀالي ڪونه سگھيو. ان وقت ڌاران جئه سينا پٽ راءِ ڏاهر، برهمڻ آباد تي قبضو ڪري ورتو. (ڏسندا تاريخ سنڌ ڀاڱو ٻيو مولانا نور محمد ص 3-4 بحوالله يعقوبي- تاريخ سنڌ- اعجاز الحق ص 237).

سنڌ جي حالتن کي نظر ۾ رکي حبيب بن مهلب کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو. تاريخ جي پڙهندڙن کي خبر هوندي ته بني اميه دور ۾ مهلب خاندان وڏي اهميت رکي ٿو. هن گھراڻي جا گورنر تلوار جا ڌڻي اعليٰ منتظم رهيا آهن. وڳوڙي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدرت طرفان کين ڏات مليل هئي. ان زماني ۾ سندس ڀاءُ يزيد بن مهلب بصري جو حاڪم هو. حبيب بن مهلب بغاوت کي منهن ڏيڻ لاءِ فوج به اتائين پاڻ سان وٺي آيو هو، پر حالتن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته بغاوت جي باهه وسائڻ ۾ سندس تيز تلوار جو پاڻي ڪم ڪونه اچي سگھيو. ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ پنهنجي تصنيف ”سنڌ“ (ص 206) ۾ لکيو آهي ته: ”ان ئي زماني ۾ جئه سينا پنهنجي پيءُ جي ملڪ جو وڏو حصو ۽ برهمڻ آباد جو شهر عربن کان فتح ڪري ورتو هو، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌوءَ جي اوڀر ڪناري وارو سنڌ جو سڄو حصو سندس قبضي هيٺ اچي ويو هو. اهي حالتون ڏسي سنڌ جا ٻيا راجائون به آزاديءَ جو اعلان ڪري چڪا هئا. (ڏسندا تاريخ سنڌ اعجاز الحق- ص 237). هن کانپوءِ خليفه عمر بن عبدالعزيز خلافت جي گاديءَ تي ويٺو. ان ئي زماني ۾ جئه سينا مسلمان ٿيو ۽ پنهنجي خودمختيار رياست قائم ڪرڻ جو کيس اختيار مليو، جيڪا خلافت کي ساليانو ڏن ڀري ڏيندي هئي. سندس زماني ۾ عمرو بن مسلم باهلي گورنر هو، پر ٻئي طرف سنڌ ۾ ڪيترائي هندو راجا حڪومت ڪري رهيا هئا. (ڏسندا تاريخ سنڌ اعجاز الحق قدوسي ص 238-239) مولوي نور محمد پنهنجي ڪتاب تاريخ سنڌ ص 7-8 تي بلاذريءَ جي حوالي سان لکيو آهي ته: ”عمر بن عبدالعزيز جي زماني ۾ ڀرپاسي وارا ڪيترائي راجائون اسلام قبول ڪري چڪا هئا، جنهن مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته حضرت عمر بن عبدالعزيز جي زماني (99هه کان 101هه) ۾ سنڌ اندر ئي ڪيتريون سنڌي رياستون پيدا ٿي چڪيون هيون. هن پنهنجي زماني ۾ عمر بن مسلم باهلي کي سنڌ جو گورنر ڪري موڪليو. هن اتر سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب وارين سرحدن ۾ سرڪش راجائن تي حملا ڪيا هئا، جن آزاديءَ جو اعلان ڪيو هو (ڏسندا ”تاريخ سنڌ“ ڊاڪٽر ممتاز ص 206)

هن مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته ان دور ۾ به سنڌ ۾ وڳوڙي حالتو هيون. هن کانپوءِ يزيد بن عبدالملڪ خلافت جي مسند تي ويٺو. هن پنهنجو سڄو وقت مهلبين سان ويڙهه ۾ گذاريو ۽ سنڌ ڏانهن ڌيان ڏئي ڪونه سگھيو. هن هلال بن اخوز کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو. يزيد بن عبدالملڪ کانپوءِ هِشام بن عبدالملڪ سن 105کان 125هه تائين خليفو رهيو. حالتن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ان وقت عربن ۾ وڏي پيماني تي لڏ پلاڻ جو عمل جاري ٿي چڪو هو، جنهن جي شروعات خليفي سليمان بن عبدالملڪ جي زماني ۾ ٿي چڪي هئي. سندس واضح حڪم هئا ته جيڪو عرب سنڌ مان لڏي ايندو، ته ان لاءِ عرب ۾ ڪائي به جاءِ ڪانه آهي. لڏ پلاڻ ۽ عربن لاءِ سنڌ ۾ نازڪ حالتن کي نظر ۾ رکي جنيد بن عبدالرحمان المري کي شوال 105هه ۾ سنڌ جو گورنر ڪري موڪليو، هن سنڌ پهچڻ ساڻ اول جئه سينا ۽ پوءِ ڪيرج جي راجا تي حملو ڪيو ۽ انهن راجائن جي به کٿو کريو کڻي ڪڍ پيو، جن بغاوت ڪري پنهنجون آزاد رياستون قائم ڪري ورتيون هيون. هن کان پوءِ تميم بن زيد عتبي سنڌ جو گورنر ٿي آيو. جنيد جي سخت پاليسيءَ ڪري سنڌ ۾ بغاوت جي ڀنڀٽ جو بَٺو جيڪو مٿان ته خاموش نظر اچي رهيو هو، سو جنيد جي وڃڻ ڪري ٻنڀ ڪري ڦاٽي پيو. حالتن جو اندازو ڪري هن وٺي پوئتي عراق ڏانهن ڀاڄ ڪئي. سنڌو درياهه اڪري ديبل ڀرسان هڪ ڍنڍ ماءَ الجواميس وٽ بيمار ٿي مري ويو. هي (بلاذري جو حوالو آهي). (ڏسندا تاريخ سنڌ مولانا نور محمد ص: 22-23، تاريخ سنڌ اعجاز الحق قدوسي ص: 245). تاريخ سنڌ مولانا ابو ظفر ندوي دارالمصنفين اعظم ڳڙهه، لکي ٿو ته هن کي ماءُ الجواميس وٽ سنڌي باغين قتل ڪري ڇڏيو. هن کانپوءِ حڪم بن عوانه ڪلبي کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو، پر تميم جي زماني ۾ سنڌ جا اڪثر علائقا سنڌين جي هٿ اچي ويا هئا ۽ مسلمانن جي حڪومت مان نڪري چڪا هئا، جيڪي بلاذري جي زماني (279هه) تائين وري فتح ڪونه ٿيا هئا. (تاريخ سنڌ اعجاز الحق قدوسي ص 247 تاريخ سنڌ مولوي نور محمد ص 24-25).

جڏهن حڪم بن عوانه سنڌ پهتو هو ته محمد بن قاسم جو پٽ عمرو به ساڻس گڏ هو. هنن ڏٺو ته سنڌ جي وڏي حصي ۾ بغاوت جي باهه ڀڙڪيل هئي. هندو، جيڪي اڳ ۾ مسلمان ٿي ويا هئا، سي موٽي وري هندو ٿي رهيا هئا. ان ڪري عراقي ۽ شاهي عرب جيڪي مختلف شهرن ۾ آباد هئا، سي خطرن ۾ وڪوڙجي ويا هئا. حڪم بن عوانه پهريون ڪم اهو ڪيو ته جيڪي عرب سنڌين جي وسندين ۾ آباد هئا ۽ کين قتل ٿيڻ جو خطرو هو، تن کي ٻارين ٻچين لڏائي هڪ هنڌ آباد ڪيو ۽ ان عرب وسنديءَ جو نالو محفوظه رکيو ويو هو ۽ جنهن جو بنياد 113هه (731-732ع) ۾ رکيو ويو هو. (ڏسندا تاريخ سنڌ اعجاز الحق قدوسي ص 248-247) حڪم بن عوانه سنڌين جي بغاوتن کي ختم ڪرڻ لاءِ نهن چوٽيءَ جا زور لاتا هئا، پر پوءِ به هو ڪامياب ٿي نه سگھيو ۽ سنڌين سان جنگ ڪندي سن 121هه (738ع) ۾ ماريو ويو. (ڏسندا تاريخ سنڌ اعجاز الحق ص 249-بلاذري جي حوالي سان فتوح البلدان ص 446). مولوي نور محمد پنهنجي ڪتاب تاريخ سنڌ ص 27 تي يعقوبيءَ جي حوالي سان لکي ٿو ته عرب گورنر حڪم بن عوانه سنڌي فوجن سان وڙهندي مارجي ويو: ”(تاريخ سنڌ ممتاز پٺاڻ ص 209) بنو اميه دور جا هي ٻه مکيه گورنر هئا، جيڪي سنڌي ماڻهن هٿان مارجي ويا هئا، پر بغاوت جي ڀنڀٽ ڀڙڪڻ کان بس ڪانه ڪئي هئي. ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ به اهڙي حقيقت جي پٺڀرائي ڪندي پنهنجي ڪتاب ”تاريخ سنڌ“ (ص 209) ۾ لکي ٿو: ”عرب جن وسندين ۾ آباد هئا، تن کي سنڌي ڌڪي ٻاهر ڪڍي رهيا هئا، حڪم بن عوانه جڏهن سنڌ پهتو ته ڏٺائين ته سنڌ ۾ اهڙي ڪا جاءِ ڪانه هئي، جتي عرب سر بچاءُ ڪري سگھن ۽ باغي سنڌين کان سر لڪائي سگھن. پوءِ هن سڀني عرب قبيلن کي آڻي هڪ هنڌ آباد ڪيو. ان عرب وسنديءَ جو نالو محفوظه رکيو، جيڪو سنڌوءَ اڀرندي ڪناري آباد هو“. هن کانپوءِ عمرو بن محمد بن قاسم فاتح سنڌ جو پٽ سنڌ جو گورنر ٿيو. هن جو دور ڪارڪردگيءَ کان خالي نظر اچي ٿو، پر جڏهن حڪم جو ٻانهن ٻيلي هو، تڏهن پنهنجي تيز تلوار جا خوب جوهر ڏيکاريا هئائين.

عمرو بن محمد بن قاسم جي دور ۾  خاص واقعو اهو ٿيو، جو جڏهن هو منصوره ۾ هو ۽ يزيد بن عرار سان ڪنهن گھوٽالي تي اٽڪيو بيٺو هو، ته سنڌين مٿس حملو ڪري اچي منصوره تي گھيرو ڪيو هو، جيڪو مهينن تائين هليو. ان زماني ۾ عراق جو والي يوسف ثقفي هو. عمرو بن محمد بن قاسم سارو پيرائتو احوال ڏانهس لکي موڪليو، جنهن چار هزار فوج ڏانهس رواني ڪئي. ان فوج اچڻ کان پوءِ به سنڌين تي رات جو لڪي حملو ڪيو ويو هو. (ڏسندا تاريخ سنڌ اعجاز الحق قدوسي ص 250) مولوي نور محمد به پنهنجي ڪتاب تاريخ سنڌ جي ص 18 تي ساڳيو احوال ڏنو آهي. هنن حالتن مان معلوم ائين ٿئي ٿو ته عرب پنهنجي قائم ڪيل راڄڌاني منصوره ۽ ڀر واري شهر محفوظه ۾ به محفوظ ڪونه هئا. وليد بن يزيد بن عبدالملڪ جي زماني ۾ يزيد بن عرار کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. هن ڀرپاسي جي راجائن تي ارڙهن اڻويهه حملا ڪيا. (تاريخ سنڌ اعجاز الحق ص 251). حالتن مان معلوم ائين ٿئي ٿو ته عرب راڄڌانيءَ جي چوڦير سنڌي ويڙهاڪ تلوارون اگھاڙيون ڪيو ڦري رهيا هئا ۽ منصوره جو گورنر ڇتو ٿي پيو هو ۽ سنڌين کي منهن ڏيڻ لاءِ کيس پنهنجي گورنريءَ واري ٿوري عرصي ۾ ارڙهن حملا ڪرڻا پيا هئا. ان زماني ۾ بني اميه گھراڻي جي پنهنجي رنڌڻي ۾ رولو پئجي ويو هو. جلد ئي وليد کي قتل ڪيو ويو. هن جي جاءِ تي سندس ڀاءُ ابراهيم کي آندو ويو. ٽن چئن مهينن جي خلافت کانپوءِ هن به ڀڄي جان بچائي. کانئس پوءِ مروان العمار بن محمد خليفو ٿيو ۽ جلد ئي پوءِ عباسي خلافت جو دور آيو. سڄي بني اميه دور ۾ اسان کي ڏسڻ ۾ ايندو ته سنڌي باغين جون تلوارون هيٺ ڪونه ٿيون. ٻي ڳالهه اها ته عربن جي گورنري فقط منصوره تائين محدود هئي ۽ چوڌاري سنڌي راجائن جون خودمختيار رياستون قائم ٿي چڪيون هيون، جيڪي وقت جي نزاڪت کي ڏسي خلافت جو ڏن به ڀريندا هوندا.

بني عباس جي خلافت  132هه ۽ ابو العباس عبدالله بن سفاح سان شروع ٿي، جنهن مغلس عبدي کي سنڌ جو گورنر ڪري روانو ڪيو. هو منصور بن جمهور سان مقابلي ۾ مارجي ويو. ان کانپوءِ موسيٰ بن ڪعب تميمي آيو. هن جو سڄو دور منصور بن حيمور سان جنگيون ڪندي گذريو. موسيٰ جي وڃڻ کانپوءِ سندس پٽ عيينه گورنر ٿيو. پر هن عباسي خليفي ابو جعفر منصور جي خلاف بغاوت ڪئي، ان ڪري سن 142هه ۾ عمر بن حفص عتڪيءَ کي سنڌ روانو ڪيو ويو. هن کانپوءِ هاشم بن عمرو تغلبي کي روانو ڪيو ويو ۽ پوءِ معبد بن خليل، مصبح بن عمرو تعلبي آيا. ان زماني ۾ عرب، يمني ۽ حجازي جي ٻن گروهن جي صورت ۾ وڙهي پاڻ ئي پنهنجون پاڙون پٽي رهيا هئا. ان کانپوءِ ليث بن ظريف، سالم يونسي طيفور بن عبدالله، جابر بن اشعث، سعيد بن مسلم، يشر بن دائود مهلبي آيا.

هن گورنر جي زماني ۾ جڏهن حجازين اچي منصوره تي گھيرو ڪيو هو ته هن سنڌي راجائن کان مدد وٺي، سندن مقابلو ڪيو ۽ حجازين کي ماري مڃايو. (ڏسندا تاريخ سنڌ ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ ص 215-216) عباسي دور ۾ خليفي معتمم جي زماني ۾ (جنهن کي پنهنجي ترڪ پهريدارن قتل ڪري ڇڏيو) محمد بن الفضل ۽ سندس ڀاءُ ماهان سنڌ جي ڪڇ واري علائقي تي قبضو ڪيو. اتان جي سنڌين پهريائين ماهان کي قتل ڪيو. پوءِ جڏهن محمد بن الفضل مٿن ڪاهي آيو ته ان کي قتل ڪري ڇڏيائون (ڏسو فتوح البلدان ص 51 تاريخ سنڌ ممتاز پٺاڻ ص 218-219) ۽ پوءِ موسيٰ بن يحيٰ برمڪي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. نظر ائين اچي ٿو ته خليفي هارون الرشيد (193هه-170هه) کانپوءِ عباسي گھراڻو گھوٽالي جو شڪار ٿي ويو. خليفي امين (193-198) ۽ خليفي مامون (198-218هه) ۾ جو ڦيٽاڙو پيو ته ڪو به عباسي حڪمران اپڙي ۽ اڀري ڪونه سگھيو. عباسي گھراڻي جو آخري خليفو 640 (1242ع) ۾ ٿيو، جنهن جو نالو معتصم باالله هو. ان وقت بغداد جي خليفي جي حڪمراني فقط بغداد جي آس پاس هئي. جڏهن چنگيز خان جي پوٽي 651هه ۾ بغداد تي حملو ڪيو ته ان زماني ۾ عباسي گھراڻي جو اهو ٽمڪندڙ ڏيئو به گل ٿي ويو. ڏسندا تاريخ سنڌ عبدالغني عبدالله ص 13، 14 ۽ 15) پر اسان کي سن 256هه کان 290هه (767ع -904ع) تائين صفاري خاندان ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن ۾ يعقوب ۽ عمروءَ جا نالا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. پر اهي ڪڏهن به سنڌ ۾ ڪونه آيا. عبدالغني عبدالله پنهنجي ڪتاب تاريخ سنڌ ۾ ابن اثير ۽ ابن خلدون جي حوالي سان ص 6 تي لکيو آهي ته: ”عمروءَ جي وفات (29هه) کانپوءِ جهڙيءَ ريت ٻيا ملڪ خود مختيار ٿي ويا، تهڙيءَ ريت سنڌ جون رياستون به وري خود مختيار ٿي ويون. هن حقيقت مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت صفارين جون ڏن ڀرو رياستون گھڻيون هيون، فقط عمر بن عبدالعزيز هباري جي هڪ منصوره واري رياست ڪانه هئي. ان سان گڏ اسان کي اهڙو ذڪر ملندو ته هن خليفي سان لهه وچڙ ۾ اچي هباري خاندان جي حڪومت جو بنياد رکيو، پر هو ڪڏهن به پنهنجي ڳوٺ ڀانيه کان ٻاهر ڪونه نڪتو ۽ سنه 270هه ۾ وفات ڪيائين. سندس پٽ عبدالله بن عمر سندس جانشين بڻيو ۽ سندن حڪومت منصوره تائين محدود هئي.

عباسي خاندان جي شروع ٿيڻ سان اسان کي معلوم ٿيندو ته عربن جون جيڪي سنڌين خلاف سدائين تلوارون اڀيون هونديون هيون، سي ڏسڻ ۾ ڪونه ٿيون اچن، جنهن جا ٽي سبب ٿي سگھن ٿا. پهريون عباسين ۾ بنو اميه جھڙو سياسي تدبر ڪونه هو، جن جي راڄڌاني شام ۾ هئي. هن ملڪ تي يونان ۽ روم جي سياست جو وڏو اثر رهيو آهي. بزنطيني سياست جو مرڪز به شام هوندي هئي. عباسي گھراڻو ۽ بغداد جو علائقو انهن ڳالهين کان پري هئا. ٻيو ته عباسي خلافت تي پهرين برمڪي ڇانيل رهيا ۽ پوءِ سندن تخت ۽ تاج ترڪن جي گوڏي هيٺان رکيل هوندو هو (جنهن جو اثر اهو ٿيو ته آخر خلافت هجرت ڪري وڃي ترڪيءَ ۾ پهتي. ٻيو اثر اهو ٿيو جو ان ترڪي سياست جي ڏڍ تي ترڪ دهليءَ جي سياست تي صدين تائين ڇانيل رهيا) عباسي خليفن جو سنڌي سورمن تي تلوار نه کڻڻ جو ٽيون سبب اهو به هو ته سنڌ جي خود مختيار رياستن کي هنن مڃي ورتو هو. اسان ڏسون ٿا ته سنه 290هه ۾ خليفي مقتدر جي ڏينهن ۾ قرمطي شام تي حملو ڪن ٿا، جيڪي شهرن کي ڦريندا لٽيندا ڀڙڀانگ ڪندا، ساڙيندا رک ڪندا ماڻهن کي ڪڪڙن جيان ڪهندا هلندا ٿا وڃن، ته بغداد جي خلافت طرفان مسلمانن جي سر بچاءَ لاءِ ڪا پهر ڪانه ٿي پهچي. سنه 311هه ۾ بغداد جي ڀرسان بصري ۽ ڪوفي ۾ مسلمان جو ڪوس ٿيو. شهر لٽجي ڀينگ ٿي ويا. پر پوءِ به خليفن وٽان ڪا واهر ڪانه آئي.هنن 317هه ۾ مڪي معظم تي حملو ڪيو. ڪعبة الله جون ڀتيون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيائون، حجر اسود پٽي کڻي هليا ويا، پر پوءِ به خليفو ڪجهه ڪونه ڪري سگھيو. سنه 319هه ۾ بغداد وڃي خود خليفي مقتدر کان قيد ڪيائون. حالتن مان ڏٺو وڃي ته عباسي خليفا 290هه کان گھڻو وقت اڳي ڪمزور ٿي چڪا هئا. تحفة الڪرام (ص 62 سنڌي ترجمو) جو بيان آهي ته: ”جڏهن بني اميه جا گورنر سنڌ تي حڪومت ڪري رهيا هئا، ته سنڌ جا ڪي بادشاهه، ظاهري ڏيک لاءِ وقت جي بادشاهه جي اطاعت تي قائم هئا.“ عبدالغني تاريخ سنڌ ص 13 تي لکيو آهي ته: ”سنڌ ملڪ 256هه (سن 870ع) ۾ بغداد جي خليفن کان صفا ڇڄي ويو هو.“

هن سان گڏ ٻي اهم ڳالهه به ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته جتي ڪيچ مڪران، قندابيل ۽ منصوره جي مسلمان گورنرن جا نالا ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ انهن علائقن کي مسلمان سياست جي چرپر ۾ هلندو ڦرندو ڏسجي ٿو، اتي سنڌ جي اهم علائقن جي گورنرن جا نالا نظر ڪونه ٿا اچن، اهي سيوهڻ، ٻڌيه ۽ اروڙ آهن. سياسي ۽ معاشي طور تي سندن اهميت کان لنوائي ڪونه ٿو سگھجي. اروڙ واسطي عبدالغني عبدالله پنهنجي ڪتاب ”تاريخ سنڌ ص 34 تي لکي ٿو ته: ”خليفي هشام بن عبدالملڪ (105هه کان 125هه) جي زماني ۾ جيئن خلافت جي سڀني پرڳڻن ۾ بغاوتون ٿيون، تيئن سنڌ ۾ به بدنظمي ۽ بدانتظامي پيدا ٿي پئي. . . سنڌ جو گورنر تميم گورنريءَ تان هٿ کڻي اروڙ ڇڏي هليو ويو. اهڙيءَ ريت اتان جا ٻيا ڪيترا ئي عرب عملدار ۽ سردار نڪري هليا ويا. . . خليفي هشام جڏهن حڪم کي سنڌ جو گورنر ۽ عمر بن محمد بن قاسم کي سپهه سالار ڪري موڪليو، ته هنن تخت گاهه ڀرسان اول محفوظه ۽ پوءِ منصوره جو شهر آباد ڪيو. انهن عملدارن ڪي رياستون خراج ۽ جزيه ڏيڻ سان قائم رکيون، جن مان اروڙ جي به هڪ رياست هئي، جيڪا جزيه ڏيڻ سان قائم رهجي وئي.“ يعني اروڙ واري رياست سنه 105هه کان پوءِ سنڌين جي قبضي هيٺ هئي.“ اهڙن علائقن ۾ ٻڌيه به شامل آهي، جن ۾ عرب گورنرن جا نالا ڏسڻ ۾ ڪونه ٿا اچن. مذڪوره علائقي ۾ لاڙڪاڻي، شڪارپور، جيڪب آباد ضلعي ۽ سبي ۽ راڄڻ پور جا علائقا به شامل هئا. عرب دور ۾ ٻڌيه جو سرسبز ۽ خوشحال خطو هو، پر ان دور ۾ هن علائقي جو نالو نظر ڪونه ايندو. سمجھه ۾ اچي ٿو ته اتي به سنڌي رياست قائم ٿي چڪي هئي.

سکر جي ويجھو درياهه جي هڪ ٻيٽ تي خضر جي آستان ڀرسان مسجد ۾ هڪ ڪتبو لڳل آهي، جنهن ۾ سن 341هه لکيل آهي. چيو ويندو آهي ته هن دور جي لڳ ڀڳ درياهه پنهنجو وهڪرو مٽائي بکر وٽان وهڻ لڳو هو. تاريخي حوالن مطابق ان زماني ۾ اروڙ تي راجا دلو راءِ جو راڄ هو. اهو به چيو ويندو آهي ته اهو سومرو هو.

سنڌ ۾ هباري دور، جنهن جو مٿي ذڪر اچي چڪو آهي، تنهن جا ڪل هي حڪمران ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جھڙوڪ عمر بن عبدالعزيز، عبدالله، بن عمر بن عبدالعزيز، موسيٰ بن عمر، عمر بن عبدالله، محمد بن عبدالله اهو دور صفاري خاندان جو همعصر آهي. سندن حڪمراني منصوره جي ٻاهر تائين مس هلندي هئي. جھڙيءَ ريت سليمان بن عبدالملڪ واري بني اميه جي حڪمراني يا ستين صدي هجري واري عباسي خلاف جنهنجو اثر بغداد کان ٻاهر ڪونه هو، پر اهي سڏيا امير المؤمنين ويندا هئا. اهڙي ريت ارڙهين صديءَ جي پوئين اڌ ۽ اڻوهين صديءَ جي پهرئين اڌ جا مغل حڪمران به ان جو مثال آهن، جيڪي سڏيا ته هندستان جا شهنشاهه ويندا هئا، پر سندن حڪومت دهلي کان ٻاهر ڪانه هوندي هئي. هباري خاندان منصوره جو حڪمران هو، پر تاريخي حقيقتن موجب ان کي سڄيءَ سنڌ جو حڪمران سڏي ڪونه ٿو سگھجي. اهڙيون حقيقتون مٿي بيان ٿي چڪيون آهن. تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته محمد بن قاسم ٿر تي حملو ڪونه ڪيو هو. جزيه وٺي محمد بن قاسم ڀنڀوراءِ جي رياست جي خود مختياري تسليم ڪئي هئي. (ڏسندا تاريخ سنڌ عبدالغني عبدالله ص 27). هشام بن عبدالملڪ جي زماني ۾ تميم کانپوءِ اروڙ جو ڪوبه عرب گورنر مقرر ڪونه ڪيو ويو هو ۽ جزيه وٺي هن سنڌي رياست کي قائم رهڻ ڏنو ويو هو. عربن جي تاريخن مطابق ٻڌيه جو عرب سياست ۾ ڪوبه ڪردار نظر ڪونه ٿو اچي. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو علائقو به ڪنهن سنڌي راجا جي حڪمرانيءَ هيٺ هو.

سنڌ جي هن سياسي صورتحال مان اندازو ڪرڻ ڏکيو ڪونه ٿيندو ته سومرا سنڌ جي سياسي آسمان تي ڪهڙي سمي اڀري آيا. تاريخ معصوميءَ جي حوالي موجب سلطان عبدالرشيد (441-444هه) جي زماني ۾ سومرن ٿريءَ جي شهر ۾ گڏ ٿي سومر نالي هڪ شخص کي تخت تي وهاريو هو. تحفة الڪرام (سنڌي ص 93-94) جو حوالو آهي ته بنو عباس جي گورنر آل تميم جي پوئين گورنر کانپوءِ سومرن جي گھڻائي ڏسي، تاريخدانن جي هڪ ٽولي هن قوم جو زمانو انهيءَ وقت کان ليکيو آهي. بنو عباس جي خلافت جا ٻه آل تميمي گورنر ڏسڻ ۾ اچن ٿا، هڪ عينيه بن موسيٰ بن ڪعب ۽ ٻيو معبد بن خليل تميمي آهي. پهريون گورنر ابو جعفر منصور (136هه کان 158هه تائين) ۽ ٻيو خليفو مهدي (158هه کان 169هه تائين) جي زماني ۾ ٿيو. امڪان آهي ته سومرا هن دور ۾ مٿي اڀري آيا هجن. ڊاڪٽر علامه دائود پوٽو تاريخ معصوميءَ جي تعليقات (ص 286-287) لکي ٿو ته سومرن جي حڪومت، عباسي خليفي متوڪل جي وفات (247هه) کانپوءِ شروع ٿي. تحفة الڪرام جو (ص 92) بيان آهي ته سومرن جي بادشاهي پنج سو پنج سال هلي. سنڌ ۾ لکيل ٻي تاريخ بيگلارنامه جو (ص 92) بيان آهي ته سومرن جي بادشاهي پنج سو سال هلي.

سنڌ ۾ سومرن جي حڪومت جو خاتمو ان وقت آيو جڏهن ابن بطوطه (737هه-1333-1334ع) سنڌ ۾ آيو. ان دور ۾ همير سومري ۽ ڄام انڙ سمي جي وچ ۾ جنگ هلي رهي هئي. (ڏسندا مڪلي نامو ص 103 ۽ سفرنامه ابن بطوطه اردو ص 22-23) سومرن جي طاقت جي شروعاتي زماني تي نظر ڪرڻ واسطي اسان کي عباسي خلافت جي زوال کي به جاچي ڏسڻو پوندو.

تاريخي حقيقتن مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته عباسي خلافت جي سياسي سگهه جو سر چشمو خراسان هو. ابو مسلم خراسانيءَ (مروزي) وڏو لشڪر ڪٺو ڪري، رمضان 129هه عباسي خلافت واسطي بغاوت جو اعلان ڪيو. بنو اميه طرفان مقرر ڪيل حاڪم نصر بن سيار، ابو مسلم جي مقابلي کان لنوائي نڪري هليو ويو (ڏسندا طبقات ناصري ص 207). جڏهن عباسي حڪومت قائم ٿي ته ابو مسلم خراسان ۾ وهي مشرقي ملڪن جا گورنر مقرر ڪندو هو ۽ انتظام سنڀاليندو هو. مغلس عبد ۽ موسيٰ بن ڪعب عباسي دور جو پهريون گورنر هو، جنهن عباسي خلافت جي خلاف بغاوت ڪئي: ”خليفه منصور عباسي عينيه جي بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ عمر بن حصص کي روانو ڪيو (تاريخ سنڌ اعجاز الحق ص 260). هن دور ۾ معلوم ٿئي ٿو ته خراسان ۾ ڪابه ڇڪتاڻ ڪانه هئي، جنهن مان اسان بغداد جي عباسي خلافت جي تخت کي لڏندو لمندو محسوس ڪونه ٿا ڪريون. باقي مقامي طور تي هن صورتحال مان سومرن کي مٿي اڀري اچڻ جي وٿيءَ ملڻ جو ضرور وجھه ملي ويو هوندو.

خليفي هارون الرشيد جي وفات کانپوءِ سندس پٽ امين تخت تي ويٺو. هن جي سڄي ڄمار پنهنجي ڀاءُ مامون سان گهرو لڙائي ۾ گذري. (ڏسندا تاريخ سنڌ اعجاز الحق 257 طبقات ص 218-219) خليفي امين پنهنجي ڀاءُ مامون سان گهرو جھيڙي ۾ ايترو رڌل رهيو، جو سنڌ ڏانهن توجهه ڏئي ڪونه سگھيو. ان زماني ۾ علوين به خروج ڪيو. (طبقات 218-219). هن زماني ۾ خراسان جو حاڪم طاهر ذاليمنين ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مامون عباسي پنهنجي ڀاءُ خلاف مدد حاصل ڪرڻ لاءِ اچي خراسان پهتو. امين بغداد مان علي عيسيٰ ماهان کي روانو ڪيو. هوڏانهن مامون مقابلي لاءِ طاهر کي موڪليو، جيڪو هن جنگ ۾ علي هٿان مارجي ويو. پوءِ هن بغداد پهچي امين کي گرفتار ڪيو ۽ آخر ۾ قتل ڪري ڇڏيو. چيو ويندو آهي ته امين کي طاهر جي غلام فردوس قتل ڪيو هو ۽ سومرن جي سياسي سگهه جي اوسر جو زمانو به اهو سمجھڻ گهرجي.

سومرن جي سياسي سگهه جي بئراميٽر کي هن ناتي سان به ڏسڻ کپي، سنه 416هه ۾ جڏهن سلطان محمود سومناٿ کان موٽندي منصوره تي حملو ڪيو هو ته اتان جو حڪمران خفيف نالي هڪ سومرو هو. مولانا ابو ظفر  ندوي پنهنجي ڪتاب تاريخ سنڌ (ص 273-274) ڪامل ابن اثير جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته سنڌ جي هن سومري حڪمران وٽ تمام گھڻو لشڪر ۽ هاٿي به هئا. هن کانسواءِ ريورٽي جي ڪتاب ”مهراڻ آف“ سنڌ ۾ به هڪ تاريخي حقيقت اسان جي سامهون اچي ٿي ته سنڌي محمود غزنوي جي فوج سان ملتان تائين وڙهندا ويا. سنه 417هه ۾ محمود غزنويءَ سنڌ تي ٻيهر جوابي حملو ڪيو. پاڻيءَ جي ان جنگ ۾ محمود چار  هزار ٻيڙيون آنديون. هن پاسي کان فوجي مهندار سلطان محمود غزنوي پاڻ هو. پر جنهن جوان سنڌ جي اٺن هزارن ٻيڙين جي ڪمان ڪئي، ان جو نالو تاريخ ۾ موجود ڪونه آهي. ”منهنجو خيال آهي ته اهو فوجي مهندار منصوره جي بادشاهه خفيف سومري جي ويجھن مان ڪو سومرو سردار هوندو، جنهن سلطان محمود سان سندرو ساهي ايڏو وڏو مقابلو ڪيو هوندو. اهڙو ساڳيو حوالو تاريخ سنڌ اعجاز الحق ص 322، 323 ۽ 334 تي موجود آهي. سلطان محمود تي مذڪوره حملو خود منصوره جي بادشاهه خفيف سومري جي حڪم سان ٿيو هو.

مٿين حقيقتن مان معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت سومرا ملتان جي حدن تائين سڄيءَ سنڌ تي پنهنجو مستحڪم راڄ قائم ڪري چڪا هئا ۽ سندن فوج ۾ هاٿي به شامل هئا. هڪ اندازي موجب سومرن ٿر ۽ ڇوڙ واري علائقي تي مشتمل هڪ خودمختيار رياست قائم ڪري مٿي وڌڻ شروع ڪيو هو. ٻئي طرف بغداد جي عباسي خلافت جو سنڌ جي عربن سان واسطو هوريان هوريان ٽٽي رهيو هو. خليفي امين ۽ مامون جي وچ ۾ گھرو ويڙهه دوران خراسان جو طاهري خاندان اڳتي وڌي آيو هو. ان سان گڏ اسان ساماني خاندان کي ڪوڙيءَ ول جيان وڌندي ڏسون ٿا ۽ خليفي معتمد باالله (ولادت 243) جي زماني ۾ سڄي ايراني سياست تي ڇانيل ڏسون ٿا. اميرالمؤمنين متقي باالله جي دور ۾ ديلمي امير بويه جو گھراڻو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪي سڀ ايراني حڪمران هئا. سنه 333هه تورون جي سرڪردگيءَ ۾ ترڪن هن خليفي جون اکيون ڪڍي، کيس بصارت کان محروم ڪيو هو، پر عرب ماٺ هئا. خليفي  مطيع الله جي زماني ۾ عضد الدوله گھراڻو اڇي ڪاري جو مالڪ هو. انهن سڀني گھراڻن جو تعلق ايران سان هو، سندن سنڌ ۾ رهندڙ عربن سان ڪوبه رت جو رشتو ڪونه هو ۽ اڳي ايران، سنڌ ۽ خلافت جي وچ تي هڪ رابطو هوندو هو، جنهن جا حاڪم عرب هوندا هئا. هاڻي صورتحال تبديل ٿي وئي هئي. پهريون ته سنڌ اندر بغاوتن جو سلسلو ڳنڍيو آيو ۽ اهڙي خطري کي محسوس ڪري محفوظه ۽ منصوره جا شهر تعمير ڪيا ويا هئا. ٻي ڳالهه ته بغداد جا عباسي خليفا ڪمزور هئا، جن کي ترڪ درٻاري ۽ پهريدار وڻندو هون، ته تخت تان لاهي ڇڏيندا هئا، وڻندو هون ته کين بصارت کان محروم ڪري ڇڏيندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن کين قتل ڪري ڇڏيندا هئا. ٽين اهم ڳالهه اها به هئي ته ايران وارو وچون رابطو به ايراني حاڪمن جي اچڻ ڪري ٽٽي ويو هو ۽ سنڌ جي وڳوڙي حالتن تي خليفي هارون الرشيد کان پوءِ ڌيان ڪونه ڏنو ويو. سنڌ جي سومرن، عباسين جي ڪمزوريءَ جو فائدو ورتو. اهو عرصو 218هه کان 247هه ٿي سگھي ٿو، جيڪو عباسي خليفي مامون ۽ خليفي متوڪل علي الله جي وچ وارو زمانو هو ۽ سنڌين به اهو وجهه تاڙي سنڌ کي آزاد ڪرائي ورتو. آخر هو محمود غزنويءَ جي پوين تائين پوريون ٻه صديون ماٺ ڪري ڇو ويهي رهن ها ۽ ان حساب سان سومرن جو دور حڪومت تحفة الڪرام جي بيان مطابق ٻه سؤ سال بيهي ٿو (مترجم).

(17) تحفة الڪرام (سنڌي – ص 98) اسان کي ٻڌائي ٿو ته سامره جا عرب هئا، جيڪي چوٿين صدي هجري ۾ هتي آيا هئا. دلوراءِ جو ڀاءُ ڇٽو امراڻي بغداد وڃي خليفه کان سيد علي موسوي جي سرڪردگيءَ هيٺ سامره جا هڪ سؤ عرب پاڻ سان وٺي آيو ”پر اسان کي تاريخي حقيقتن مان معلوم ٿئي ٿو ته پهرين صديءَ هجريءَ جي ختم ٿيڻ سان ئي سنڌ ۾ عربن خلاف ردعمل شروع ٿي چڪو هو ۽ گھڻا عرب سنڌ ڇڏي هليا ويا هئا. اهو حال ڏسي خليفه سليمان بن عبدالملڪ هڪ فرمان جاري ڪيو هو ته ڪو به عرب سنڌ خالي ڪري عرب ملڪ نه پهچي. (ڏسندا: سومرن جو دور، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ص. 239). پر پوءِ به عرب سنڌ مان ڀڄندا رهيا. اها حالت ڏسي خليفي هشام بن عبدالملڪ (105-125هه-724-741ع) پنهنجي دور خلافت ۾ جنيد کي سنڌ جو گورنر ڪري موڪليو ته ڪيئن به ڪري عربن کي سنڌ خالي ڪرڻ کان روڪي. ٽين صديءَ جي وچ ڌاران سنڌ جي لاڙ واري حصي ۾ سومرن جو تسلط قائم ٿي چڪو هو. ان وقت تائين شام ۾ خارجين جو ۽ مصر ۾ اسماعيلي فرقي جو زور وڌي رهيو هو ۽ هو سنڌ ۾ پنهنجا پير کوڙي چڪا هئا. چوٿين صدي ۾ قرمطين ڪوفي بصري کي تباهه ڪري مڪي معظمه کي ڦري لٽي ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيو هو. ان دور ۾ خليفن جي ترڪ غلامن کي ايتري طاقت هوندي هئي جو جنهن خليفي کي وڻندو هون، ته انڌو ڪري ڇڏيندا هئا ۽ جنهن کي وڻندو هون ته قتل ڪري ڇڏيندا هئا هو ته پنهنجي جيڻ ۾ آجرت (عاجز) هئا، سي ڇٽي امراڻي کي سامري جا هڪ سو عرب ڪيئن ڪڍي ڏين ها. اهي سؤ عرب پنهنجي پهري لاءِ ڇو نه ٿي رکيائون ته کين ترڪن کان بچاءُ ملي پوي ها، ۽ اهي هڪ سو عرب وري هڪ سيد عليءَ جي همراهيءَ ۾! بني اميه کان عباسي گھراڻو سيدن جو وڌيڪ رت پياڪ هو سو هڪ سيد جي همراهيءَ ۾ هڪ سو عرب ڪيئن موڪليندو، پر جيڪڏهن اهو قبول ڪجي ته سيد جي ماتحت سامري جا هڪ سو عرب چوٿين صديءَ ۾ سنڌ آيا ته اهو ممڪن ڪيئن ٿي سگھيو جو هنن سندس بيان موجب سلطان عبدالرشيد جي زماني ۾ 436هه ۽ 1050ع ۾ انهن هڪ سؤ عربن ايترو غلبو حاصل ڪيو، جو سامونڊي ڪناري کان وٺي اُچ تائين سڄيءَ سنڌ جا ٽن صدين تائين حڪمران رهيا، جڏهن ته هنن کان وڌيڪ طاقتور عرب گھراڻا بنو اميه ۽ بنو عباس ٻئي گھراڻا سنڌ تي فقط هڪ سو ستيتاليهه سال مس حڪمراني ڪري سگھيا. جيڪڏهن عباسي سيدن جا ايڏا عقيدتمند هئا، ته پوءِ هنن سنڌ جي گورنر عمر بن حفص سان بدسلوڪي ڇو ڪئي هئي. مير معصوم بکري هن قبيلي جي اصل نسل تي خاص روشني ڪانه وڌي آهي. سندس بيان آهي ته سلطان محمود جي وفات کانپوءِ سلطان عبدالرشيد غزنوي جي زماني (441هه -1050ع) ۾ سومرن جو قبيلو ٺريءَ جي شهر ۾ ڪٺو ٿيو ۽ هنن سومر نالي هڪ ماڻهوءَ کي حڪومت جي پڳ ٻڌائي. بعد ۾ پاڙي جي زميندار صاد نالي هڪ شخص جي ڌيءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان کيس هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو ڀونگر رکيائين.

هن حقيقت مان اڻ سڌيءَ طور ٻه ڳالهيون واضح ٿين ٿيون. هڪ ته سومرن جو قبيلو ”اصل نسل“ سنڌي هو، ٻيو ته ان صاد نالي هڪ شخص جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. نالي مان معلوم ٿئي ٿو ته صاد (سعد) عرب آهي. هن حقيقت مان محسوس ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ عرب زميندارن جي حيثيت ۾ وڃي رهيا هئا. سومرا سلطان عبدالرشيد جي دور ۾ نه، پر سلطان محمود غزنويءَ جي زماني ۾ ايترا طاقتور ٿي چڪا هئا، جو منصوره کان وٺي ملتان جي حدن تائين مٿس حملا ڪندا ويا هئا. اهڙو حوالو مٿي اچي چڪو آهي.

مولانا عبدالحليم شرور پنهنجي ڪتاب ”تاريخ سنڌ“ جي پهرئين جلد ۾ هن قبيلي کي يهودي سڏي ٿو، جيڪو سندس خيال موجب بعد ۾ مسلمان ٿيو. مير طاهر محمد نسيانيءَ سومرن کي هندو راجپوتن جي نک مان سمجھي ٿو. ڪاڪي ڀيرومل پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي جي تاريخ (ص 227) ۾ سومرن کي هندو راجپوت لکيو آهي. مرزا قليچ بيگ (”قديم سنڌ“ ص 41) سومرن کي هندو راجپوت سڏي ٿو. ”راجستان“ ۾ لکي ٿو ته: ”سومرا هندو راجپوت آهن، ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا جلد 3 ۾ لکيل آهي ته: ”سومرن راجپوتن سنڌ۾ پنهنجي بادشاهي قائم ڪئي. هن ڪتاب انڊس ڊيلٽا ڪنٽري جي ص 73 تي آهي ته سومرا ڏيهي نسل ۽ هندو آهن.“ سنڌ گزيٽيئر ص 179 تي لکيل آهي ته: ”سومرا پرمار راجپوتن مان اهن“ سر هينري ايلٽ پنهنجي ڪتاب هسٽري آف انڊيا جلد I ص 484 تي لکي ٿو ته سومرا اصل هندو هئا. عبدالغني عبدالله پنهنجي ڪتاب تاريخ سنڌ (ص 75) ۾ لکيو آهي ته سومرا عربي نسل قوم جا نه آهن. ايبٽ جي ”تاريخ سنڌ“ ۾، ص 89 جي حاشيه ۾ لکيل آهي ته سومرا قوم ڪڇ ڪاٺياواڙ، گجرات، سورت، مڪران، ملتان ۽ بکر جا حڪمران رهيا آهن. ان کانسواءِ سندن نالا سومر، ڀونگر، ننگر، منگر، ڏونگر، دودو ۽ چنيسر ٻڌائن ٿا ته سندن اصل نسل راجپوت آهي. (مترجم)

(94) رايل ايشياٽڪ سوسائٽي جي جرنل جلد xix ڀاڱي، ٽئين ۾ ”ابن بطوطه ان سنڌ“ جي عنوان سان هن موضوع تي واضح نموني سان لکيو ويو آهي. هتان جي هڪ ڏيهي تاريخ بيگلار نامه سمن جي اقتدار جو سال 734هه(1333-34ع) ڪري لکيو آهي. معلوم ائين ٿئي ٿو ته هن مؤرخ کي ابن بطوطه جي اچڻ جي خبر ڪانه آهي.

(95) پڙهندا. ساه ڪنگس “Sah Kings” جي عنوان سان سندس مقالي جي صفحي ڇٽيهه تي حاشيه.

(96) ڪئپٽن فلپس جيڪو هاڻي ميجر جنرل آهي، پنجٽيهه سال کن اڳ هنن ٿرڙن تي بمبئي برانچ جي رايل ايشياٽڪ سوسائٽي جي جرنل ۾ سندس ڪي مضمون ڇپيا هئا. (اهو غلط آهي سومرا سنڌ جي سامونڊي ڪناري کان وٺي اُچ ۽ ملتان تائين سڄيءَ سنڌ جا حاڪم هيا) (مترجم).

  1. ڪالا ڪوٽ وارو قلعو مسلمان دور کان اڳ جو آهي، ڇاڪاڻ ته قلعي جي چؤ ڀتيءَ اندر ڪالي ديويءَ جو مندر موجود آهي. جيڪڏهن اهو قلعو ڪنهن مسلمان بادشاهه جي دور ۾ تعمير ڪيو وڃي ها، ته هندن کي ڪهڙي مجال هئي، جو ڪالي ماتا جو مندر اچي قلعي ۾ اندر ٺاهين ها (مترجم).

(97) ڪالا ڪوٽ جو بنياد تغلق جي دور کان گهڻو اڳ پيو هو. تاريخ معصوميءَ موجب هو سما گھراڻي جي سلطانن مان ٻارهون سلطان هو. ڪالا ڪوٽ قلعي لاءِ چيو ويندو آهي ته سما خاندان جي اقتدار ۾ اچڻ سان هن قلعي جو بنياد رکيو ويو هو. هن قلعي جا مختلف نالا جھڙوڪ: ”ڪلان ڪوٽ“ يعني عظيم قلعو، ڪلياڻ ڪوٽ يعني سهڻو قلعو، اهي سڀ نالا انگريزن جا ڄاڻايل آهن ۽ ڏيهي ماڻهو اهڙن نالن کان بي خبر آهن.

  1. ٺٽي جو شهر سما خاندان جي اقتدار ۾ اچڻ کان گھڻو اڳي موجود هو. لب تاريخ (سنڌي ترجمو) جي ص 60 تي هڪ حوالو موجود آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي، ته ٺٽي شهر جو بنياد ڄام نظام الدين رکيو هو. تحفة الڪرام (ص 136) موجب هن سلطان 914هه (1508ع) ۾ وفات ڪئي. هو وڌيڪ چوي ٿو ته سندس حڪمرانيءَ جو دور پنجاهه سالن کان گھٽ ۽ ٽيتاليهن سالن کان مٿي آهي. هڪ اندازي مطابق هيءُ سلطان 866هه(1460-1461ع) ڌاران تخت تي ويٺو هوندو. اڳتي هلي سنڌ جو هي مؤرخ ٻڌائي ٿو ته ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي 900هه (اٽڪل 1495-1496 ڌاران) ٺٽي جي شهر جو بنياد رکيو (ص 463-64) پر حقيقت اها آهي ته جڏهن سلطان محمد تغلق (725-752هه) طغيءَ جو پيڇو ڪندي سنڌ تي حملو ڪيو هو ته ٺٽو نه فقط موجود هو، پر هڪ مضبوط قلعو به هو. خواجه رشيد الدين فضل الله طيب، پنهنجي پٽ عزيز الدين ابراهيم حاڪم شيراز ڏانهن لکيل هڪ خط ۾ مغلن جي حوالن جو ذڪر ڪندي ٺٽي جونالو کنيو آهي. خواجه رشيد الدين کي سلطان خدا بندي 718هه ۾ قتل ڪرايو. (مڪلي نامه ص 21) امير خسروءَ (651-725هه) پنهنجو ديوان تحفة الاصغر ترتيب ڏنو هو، جنهن ۾ هن سورهن سالن کان اڻويهن سالن جي عمر تائين جيڪا پنهنجي شاعري ڪئي هئي، تنهن کي مرتب ڪري مٿيون نالو ڏنو هئائين، جنهن ۾ سندس هڪ غزل آهي.

سرو چوتو، در اچ ودر تته نباشد

گل مثلِ رخ تو، البته نبا شد

جيڪڏهن هن غزل ٺاهڻ وقت امير خسروءَ جي عمر 19 سال هوندي ته مذڪوره غزل 670هه ڌاران ٺاهيو هوندائين. هن حقيقت مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته سن 670هه ڌاران ٺٽي جي رونق، رنگيني، سونهن ۽ سيبتائي ايتري مشهور ٿي وئي هئي، جو دهليءَ وڃي دنگ ڪيو هئائين ۽ وقت جا مشهور شاعر پنهنجي محبوب جي سونهن جي ڀيٽ ٺٽي جي سهڻن گلن ۽ سروقد سان ڏين ٿا. ان ڪري اندازو ڪري سگھجي ٿو ته ٺٽي جو شهر 670هه کان به پنجاهه سٺ سال اڳ تعمير ٿي چڪو هوندو.

خان شهيد ولد سلطان غياث الدين بلبن 668هه ۾ ملتان جو گورنر ٿي آيو. ان جو ذڪر ڪندي تاريخ مبارڪ شاهيءَ (تاليف 838هه) ۾ لکيو آهي. از مالم تاحد جناتي اقطاع او داخل ملتان بود . . . . . . . . جناتي شصت ڪروه ارز تته پيشتر برسر درياه است“ (مڪلي نامه ص 21 تاريخ مبارڪ شاهي انگريزي ترجمو- ڪي - ڪي- باسو ص 40).

مٿين تاريخي حوالن مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته ٺٽي جو بنياد ڄام نظام الدين جي دور کان گھٽ ۾ گھٽ ٻه اڍائي صديون اڳ پيو هو (مترجم).

  1. جيڪڏهن اها حقيقت آهي ته لاهري بندر تي لاهور تان نالو پيو آهي ته پوءِ ڪراچي کي لاهري بندر سڏيو وڃي. ڇاڪاڻ ته ڪراچي جي بندر تان گھڻو ڪري پنجاب جو تيار ٿيل مال چڙهندو آهي. اهڙيءَ طرح پٽالا ۽ ان کانپوءِ ديبل بندر به هئا. بمبئي بندر تان دهليءَ جو مال چاڙهيو ويندو آهي. بندرن جا نالا پنهنجا هوندا آهن. انهن تان ڪٿان جو مال چاڙهي سگھجي ٿو. لاهري بندر جو بنياد ابن بطوطه جي سفرنامي موجب 737هه ۽ 1333-1334ع ۾ پيو هو. ان زماني ۾ لاهور ڪو مشهور ماڳ نه هو، پر تاريخي حقيقت مان پتو پوي ٿو ته جلال الدين خوارزم شاهه چنگيز خان جي حملي جو تاب نه سهي سنه 619هه-1225ع ۾ سنڌ پهتو هو ۽ ديبل جي حڪمران سنان الدين چنيسر جي راڄڌاني ديبل تي حملو ڪيو هئائين. سنڌي روايتن مطابق ان چنيسر جي گھر واريءَ جو نالو ليلا هو، جيڪا لهور شهر جي ويٺل هئي.

(98) پرچس پلگرمس-جلد 1 ص 520 (منهنجو خيال آهي ته ٺٽي ۽ لاهور جي صنعت ڪارن سان پورچوگيزن جو واپار هلندڙ هوندو. (مترجم).

  1. اهي هندو نه پر سنڌي نالا آهن. سنڌ وارا اهڙن نالن رکڻ کي عيب ڪونه سمجھندا آهن. ڄام بابينو، ڄام ٻانڀڻو يا ٻانهن ٻيڻو (مترجم).
  2. ڄام خيرالدين نه، پر هن کي ڄام تماچي سڏيو ويندو هو، جنهن کي سلطان فيروز تغلق جي زماني ۾ دهلي نيو ويو هو (ڏسندا مڪلي نامه ص 136 ۽ ساڳئي ڪتاب ۾ ڏنل شجرو). (مترجم).

مڪلي نامه ۾ ڏنل سمن جي شجري موجب ڄام خيرالدين جو پنهنجو نالو ڄام توڳاچي هو. سما گھراڻي ۾ رڪن الدين ڄام تماچي فيروز الدين ڄام انڙ (اول) جو پٽ هو. خيرالدين ڄام تغاچي ڄام جوڻي اول جو پٽ هو. ڄام خيرالدين جا پٽ ڄام ڪرن ۽ ڄام صدرالدين عرف ڄام سڪندر هئا. ڄام تماچي ۽ ڄام بابينو ڀائر آهن، پر سندن پيءُ جو نالو ڄام انڙ آهي. (مڪلي نامه ۾ ڏنل شجري مطابق) ان زماني ۾ حسن ڪانگو دولت آباد ۾ ۽ گجرات ۾ اميران صده بغاوت ڪئي هئي. تاريخ مبارڪ شاهي انگريزي (مترجم) طفيءَ باغيءَ کي ڄام خيرالدين پناهه ڪانه ڏني هئي، پر ڄام جوڻي ۽ ڄام بابيني پناهه ڏني هئي، جيڪي پاڻ ۾ چاچا ڀائٽيا هئا. (مترجم).

  1. سلطان فيروز شاهه اسپدار رجب جو پٽ هو ۽ اسپدار رجب سلطان غياث الدين تغلق جو ڀاءُ هو. ان رشتي موجب سلطان فيروز ۽ سلطان محمد تغلق پاڻ ۾ سؤٽ هئا، پر هتي غلطيءَ وچان سلطان محمد تغلق کي سلطان فيروز جو چاچو سمجهيو ويو آهي. (ڏسندا تاريخ مبارڪ شاهي انگريزي ص 121-تاريخ فيروز شاهي اردو حصو اول- سراج عفيف ص 35 (مترجم).

(99) اليٽ واري نسخي ۾ چار لک لکيل آهي. مان سمجهان ٿو ته اها اتاري ڪرڻ واري جي غلطي آهي. * هن واقعي بابت تاريخ فيروز شاهيءَ جي مصنف سراج عفيف جو بيان آهي، جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي. اسان کيس بنگال ۾ فقط هڪ جنگ دوران سلطان شمس الدين جا هڪ لک اسي هزار ماڻهو (مسلمان ڀائر) ڪسندا ڏسون ٿا. (ڏسو تاريخ فيروز شاهي سراج عفيف اردو ترجمو ص 94 تاريخ مبارڪ شاهي انگريزي ترجمو ڪي ڪي باسو ص 129) تاريخي واقعن مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته دهليءَ جي سلطانن وٽ بنگالين ۽ سنڌي مسلمانن لاءِ ڪوبه رحم ڪونه هو. (مترجم).

  1. دولت آباد ۾ آباد اميران صده بغاوت ڪري دولت آباد جي گورنر مجدد الملڪ کي قتل ڪري اسماعيل ماخ کي دولت آباد جي تخت تي ويهاريو. اها خبر جڏهن سلطان محمد تغلق کي پهتي ته وڏو لشڪر ساڻ ڪري دولت آباد ڏانهن روانو ٿيو. سلطان اڃا دهليءَ کان پنجٽيهن ميلن تي پهتو ته خبر پيس ته گجرات ۾ اميران صده جي بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ سلطان طرفان موڪليل احمد لاچين کي باغين گجرات ۾ قتل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان سان گڏ عزيز خُمار کي به ماري ڇڏيو اٿن. کيس دولت آباد مان اهي به خبرون پهتيون ته اسماعيل ماخ کي حسن ڪانگو ڊوڙائي علاؤالدين جي لقب سان پاڻ تخت تي ويٺو آهي. دولت آباد جي انتظام رکڻ لاءِ عماد الملڪ کي روانو ڪيو ويو، پر ان کي حسن ڪانگو قتل ڪري ڇڏيو. هيڏانهن وري کيس طغي جي بغاوت جو پتو پيو، جنهن صوبيدار شيخ معزالدين کي قتل ڪري گجرات جي اميران صده کي پاڻ سان ملائي ورتو هو. سلطان اها خبر ٻڌڻ سان ڀڙوچ طرف روانو ٿيو، جتي طغي، کنڀات جي عوام جو قتل عام ڪري آرام لاءِ ترسيو ويٺو هو. سلطان نهرو والا پهتو ته خبر پيس ته طغي ڪڙه ۾ مقيم آهي. سلطان وسندي مينهن ۾ سفر ڪندو اساول روانو ٿيو ۽ ٽئين چوٿين ڏينهن وڃي ڪڙه پهتو. ٻنهي ڌرين ۾ جھيڙو لڳو. طغي اتان شڪست کائي گرنار جي راجا مهروپ وٽ پهتو. سلطان به سندس ڪڍ گرنار جو رخ ڪيو. گرنار جي راجا سلطان کان ڊڄي طغي کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کيس اهڙي ٻاٻُور پئجي وئي. پوءِ هن اڳتي وڃي ٺٽي جي سمي کان سام گھري.

تاريخ ۾ ٻه ٽي ڳالهيون اهڙيون آهن، جن تي ويچارڻو پوندو ته طغيءَ جي بغاوت ايڏي اهم ڇو هئي؟ جڏهن ته دولت آباد ۾ اميران صده دولت آباد جي گورنر مجدد الملڪ کي قتل ڪري ڇڏيو هو، اسماعيل ماخ کي دولت آباد جو بادشاهه بنايو ويو. هو جنهن کي حسن ڪانگو ڊوڙائي پاڻ بادشاهه ٿيو. انتظامي ڪارروائي لاءِ سلطان، عماد الملڪ کي لشڪر ڏئي روانو ڪيو ته کيس به قتل ڪيو ويو. طغي، اسماعيل ماخ ۽ حسن ڪانگو جھڙو ڏوهي ته ڪونه هو، جن سلطان طرفان مقرر ڪيل گورنر ۽ موڪليل سپهه سالار کي قتل ڪري، تاج سر تي رکي تخت تي ويهي بادشاهه هجڻ جو دم هنيو هو. سلطان انهن سڀني ڳالهين کي ڇڏي اٽو ٻڌي ڄڻ طغيءَ جي ڪڍ لڳي ٿو پوي. ڪاوڙ سندس ڪنڊي تي ايتري چڙهيل آهي، جو وسندي مينهن ۾ به پيشقدمي ڪندو ٿو رهي. پر تاريخي واقعن مان معلوم ٿئي ٿو ته سلطان 1347ع جي اڳياڙيءَ ۾ گجرات پهتو هو. پر ان 1347ع وارو پورو سال، 1348ع وارو پورو سال 1349ع وارو پورو سال، 1350ع وارو پورو سال ۽ 1351ع وارو پورو سال ويندي آگسٽ سيپٽمبر تائين ڪٿي گذاريو.

جيتريقدر طغي تي حملي ڪرڻ جي اهميت جو سوال آهي ته معلوم ائين ٿئي ٿو ته سلطان محمد تغلق جو طغيءَ تي حملي ڪرڻ جو ايترو شوق ڪونه هو، جيتري کيس ٺٽي تي حملي ڪرڻ جي نيت هئي. هن حقيقت کان پوريءَ ريت باخبر هو ته طغي سنڌ کانسواءِ ڪٿي سر لڪائي ڪونه سگھندو.

اسان کي ابن بطوطه جي سفر نامي مان پتو پوي ٿو ته جڏهن ابن بطوطه سن 738هه/1333-1334ع ۾ سنڌ ۾ آيو هو ته محمد شاهه تغلق به ان وقت موجود هو ۽ ابن بطوطه ان سان گڏجي گينڊي جو شڪار ڪيو هو (ڏسندا سفرنامه ابن بطوطه اردو- ص 20) ان زماني ۾ سمن ۽ سومرن جي وچ ۾ جنگ هلي رهي هئي. سلطان محمد تغلق (725هه) جي زماني ۾ ڄام انڙ، سومرن جي حڪومت ختم ڪري 1333-1334ع سنڌ ۾ سمن جو راڄ قائم ڪيو. تاريخ سنڌ ۾ عبدالغني عبدالله جي حوالي موجب هن ساموئي (سانگر) مان وڏو لشڪر وٺي سيوهڻ تي ڪاهيو ۽ دهليءَ طرفان مقرر ڪيل گورنر ملڪ رتن کي قتل ڪري ڇڏيو (ص 110) امڪان اهو آهي ته سمن جي سگهه کي اڀرڻ کان روڪڻ لاءِ هن مٿا مونا هنيا هوندا، پر سوڀارو نه ٿيو هوندو. ان پلاند وٺڻ لاءِ طغنيءَ کيس هڪ وجهه فراهم ڪري ڏنو هو.

ٻي ڳالهه ته سلطان گجرات جي حدن ۾ 1347ع ۾ داخل ٿيو ۽ ٺٽي ۾ پنجين سال يعني 1351ع جي آگسٽ ۾ پهچي ٿو. جيڪڏهن في ڏينهن جي، ويهن ميلن واري سولي منزل ڪجي، ته به اهو فاصلو هڪ مهيني جو به ڪونه آهي. رستي ۾ طغي سان رڳو ٻه ڀيرا مقابلو ٿيو. سلطان نربدا جي ڪناري وٽان يوسف بغرا کي ٻه هزار لشڪر ڏئي. طغي جي مقابلي لاءِ روانو ڪيو، جنهن ۾ يوسف مارجي ويو. تاريخي حوالن مطابق ٻيو مقابلو ڪَڙهه ۾ ٿيو، جنهن ۾ طغي هارائي ڀاڄ کاڌي. ان کانپوءِ طغي اڳ ۾ ۽ سلطان محمد تغلق سندس ڪڍ آهي. طغي تيز رفتاريءَ سان هلندو سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿي وڃي ٿو ۽ سلطان ٺٽي جي حدن تي بيهي وڃي ٿو ۽ حملي ڪرڻ کان اڳ مري وڃي ٿو. سراج عفيف پنهنجي ڪتاب فيروز شاهي (ص 178) ۾ لکيو آهي ته: ”سلطان محمد شاهه تغلق پنهنجي جرار لشڪر سان سالها سال ڪوشش کانپوءِ به فتح ڪري ڪونه سگھيو هو.“ هن مان معلوم ٿئي ٿو ته سلطان محمد شاهه تغلق بيمار ٿيڻ کان اڳ ۾ ٺٽي تي حملو ڪري چڪو هو. تاريخ فيروز شاهي (ضيا برني) جو هڪ واضح حوالو آهي ته محمد شاهه تغلق 1348ع وارو چوماسو منڊل ۽ پاتري ۾ گذاريو. 1349ع وارو چوماسو هن گرنار ۾ گذاريو ۽ 1350ع وارو چوماسو گوندل ۾ گذاريو. منڊل ۽ پاتري جو ماڳ ڪڇ جي علائقي ۾ ٺٽي جي ويجھو آهي. معلوم ائين ٿو ٿئي ته طغي 1348ع ۾ سنڌ ۾ داخل ٿي چڪو هو، نه ته سلطان محمد تغلق هن کي پوئتي ڇڏي اڳ ۾ منڊل ۽ پاتري ڪونه رسي ها ۽ لازمي طور تي سندس ائين ڪڍ لڳو آيو هوندو، جيئن ڀڙوچ کان لڳو آيو هو. ٺٽي تي حملي ڪرڻ ۽ شڪست کائڻ کانپوءِ هن وٺي گرنار ڏانهن منهن ڪيو ۽ اتان خداوند زاده، حرم، مخدوم صدرالدين ۽ وڏي فوج وٺي اچڻ لاءِ هن پنهنجو ماڻهو موڪليو (تاريخ فيروز شاهي-برني ص 740) امڪان آهي ته هن اتان خراسان جي حڪمران علي قليءَ ڏانهن مدد موڪلڻ لاءِ خط لکيو هجي، جنهن وزيراعظم قرغن جي ڀاءُ التون کي مغلن جو لشڪر ڏئي سلطان محمد تغلق جي مدد لاءِ سنڌ روانو ڪيو. ٺٽي جي هن حملي ۾ فيروز شاهه محمد تغلق سان گڏ ڪونه هو. (ڏسندا تاريخ فيروز شاهي ص 720-728) پر کيس پنهنجو مقام بڻائي احمد اياز سان گڏ دهلي ڇڏي آيو هو. تاريخ جي حوالن مان اڻ سڌيءَ طور اهو معلوم ٿئي ٿو ته سلطان محمد تغلق جي گھڻي وقت کان وٺي پتي نه پوڻ ڪري دهليءَ جي هڪ بزرگ هستي نصيرالدين چراغ مخدوم عباسي، فيروز شاهه کي دهلي سلطنت جو سلطان بنائي تخت ۽ تاج سندس حوالي ڪري ڇڏيا هئا. اهو ٻڌي سلطان محمد تغلق ٻنهي کي قيد ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڪيو. اهي ٻئي ان وقت پهتا، جڏهن سلطان محمد زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا هو. (ڏسندا منتخب تاريخ ملا عبدالقادر انگريزي ص 322) سلطان فيروز شاهه تخت تي ويهڻ کانپوءِ هانسي وارو سارو پرڳڻو مخدوم نصيرالدين کي ڏئي ڇڏيو (منتخب التواريخ انگريزي-323) تاريخي حقيقتن مان اسان کي اهو پتو ٿو پوي ته سلطان محمد شاهه جي حڪم سان دهليءَ جي جنهن لشڪر درياهه پار اڪري ٺٽي تي حملو ڪيو هو، تنهنجي فتح ۽ شڪست جو ذڪر ڪونه ٿو ملي. معلوم ائين ٿئي ٿو ته دهليءَ جي فوج کي سلطان محمد شاهه جي زندگيءَ ۾ ئي شڪست ملي هئي، جنهن جا اهڃاڻ هي آهن:

ان زماني ۾ دستور هوندو هو ته ٿوريءَ ٿوريءَ ڳالهه تي قطعه تاريخ ضرور چيو ويندو هو. ان زماني ۾ قتلغ خان ديوگريءَ مان سلامتيءَ سان موٽي آيو ته درٻاري شاعر بدر چاچ قطعه تاريخ لکي درٻار ۾ پيش ڪئي هئي. پر جڏهن سلطان محمد شاهه پاڻ هن وڏيءَ بيماريءَ مان چُڙي چُڙي اٿي ٿو ته ڪنهن به شاعر قطعه تاريخ ڪانه چئي ۽ نه وري ڪنهن قصيدو چيو. سمجهه ۾ ائين اچي ٿو ته بيماريءَ واري ڳالهه جڙتو آهي. ڊاڪٽر مهدي حسين پنهنجي ڪتاب (رائيز ائنڊ فال محمد شاهه تغلق ص 209 ۽ 210) ۾ لکيو آهي ته سلطان محمد شاهه تغلق جو موت زهر سان ٿيو هو. امڪان اهو آهي ته هن زهر ان وقت کاڌو هوندو، جنهن وقت کيس پتو پيو هوندو ته ٺٽي ڏانهن رواني ڪيل لشڪر کي سنڌ وارن شڪست ڏني آهي. ان کانسواءِ 1348ع ۾ منڊل پاتري پهچي وري گرنار ڇو موٽي ويو. اهڙي ساڳي برسات ته ٺريءَ ۾ به هوندي. طغيءَ جي ڪڍ به پيشقدمي دوران مينهن وسائيندو آيو هو. تنهن ڪري مينهن جو سبب ڏئي سلطان محمد تغلق کي واپس موٽائڻ تاريخي وڌاءُ آهي. ٻي ڳالهه ته جڏهن دهلي کان نڪتو هو ته ساڻس گڏ لشڪر هو. ته پوءِ هن گوندل ۾ ويهي، مشائخ، عالم، امرا، سوار ۽ پيادل فوج گھرائي ورتي. ملتان، اچ، ديبال پور ۽ سيوستان مان ٻيڙيون گھرايون. لشڪر پهچڻ کانپوءِ به 751هه يا 1350ع وارو سڄو سال ٺٽي ۽ ٺريءَ ڀرسان واندو ويهي ٿو گذاري ۽ 752هه جي محرم مهيني ۾ 1351ع جي مارچ مهيني ۾ سندس وفات ٿئي ٿي ۽ ان وقت جنگ هلي رهي هئي پورو ڏيڍ سال واڌو فوج کي پهتي ٿيو هو، پر تاريخ ۾ جنگ ان وقت ڏيکاري وڃي ٿي، جنهن وقت سلطان محمد شاهه تغلق موت جي بستري تي سمهيل آهي. هن مان سلطان جي شڪست جو جواز ڳولڻو هو. دهليءَ جي فوج جي شڪست جو اندازو لشڪر ۽ سلطان فيروز شاهه جي طرز عمل مان به لڳائي سگھجي ٿو، ته هن شاهي تخت تي ويهڻ شرط دهليءَ طرف ڪوچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو (تاريخ فيروز شاهي عفيف ص 121). جيڪڏهن جنگ چالو حالت ۾ هجي ها ته دهليءَ جو لشڪر غالب هجي ها، ته فيروز شاهه به جنگ جاري رکي ها. پر جيڪڏهن دهليءَ جو لشڪر ٺٽي کي فتح ڪري ها جشن ملهائڻ جا بيان تاريخن ۾ ملن ها. قصيده پڙهڻ ۾ اچن ها، قطع تاريخون لکيون وڃن ها. التون بهادر سان شامل مغل فوج فتح جي حالت ۾ ٺٽي جي ڦر لٽ جو آسرو رکي جنگ ۾ شريڪ ٿي هئي، تن هٿان پورچوگيزن جيان ٺٽو سڙندو ٻرندو خاڪ ٿيندو ڏسون ها. پر جڏهن ٺٽي جي بدران دهليءَ جي لشڪر هار کاڌي ۽ مغلن کي ٺٽي جي ڦر لٽ جو وجهه نه مليو، ته سلطان فيروز جي لشڪر کي شڪست خورده فوج سمجھي مٿانئس حملو ڪيو“. (ڏسندا تاريخ فيروز شاهي عفيف ص 45-تاريخ مبارڪ شاهي انگريزي ص121-تاريخ سنڌ-اعجاز الحق ص 394). پر لشڪر جي رواني ٿيڻ کان اڳ ۾ دهلي فوجي ڪئمپ ۾ ڇا حال هو؟ سو ضيا برني جي حوالي سان ٻڌندا هلو. ”هُو ڏاڍا پريشان هئا. کين پنهنجي ڀڄڻ ۽ واپس وڃڻ جو رستو معلوم ڪونه هو. انهن حالتن ۾ هو پنهنجي زندگين تان هٿ ڌوئي ويٺا. (ص 742) خوف ۽ خطري سبب سڀ ننڍا وڏا نماز، دعا، تضرع، مسڪيني ۽ انڪساري ظاهر ڪرڻ ۾ مشغول هئا. ان حيراني ۽ پريشانيءَ جي حالت ۾ سندن اکيون مٿي کڄي ويون. عام طور تي لشڪر جي زبان تي هي الفاظ هئا. يا دليل المتحربين يا غياث المستغيشين“ (تاريخ فيروز شاهي ضيا برني ص 744). ”شور ۽ غوغاءَ سبب عورتن ۽ ٻارن جي لٽجي وڃڻ جي ڊڄ کان ٻه ٽي ڏينهن ته ماڻهن جي نڙيءَ کان هيٺ نه مانيءَ جو گرهه نه پاڻيءَ جو ڍڪ لهي سگھيو هو“ (تاريخ فيروز شاهي ضيا برني- ص 752) اڃا قيام گاهه کان پري نه ويا، ته ٺٽي جي مفسدن اچي مٿائن حملو ڪيو. هنن ڪنهن به طريقي سان درياهه تي پهچي، ڪناري سان آرام ڪيو“ (ضيا برني) 754-755) هي تغلق دور جي درٻاري مؤرخ جا اکر آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته سلطان فيروز شاهه کان اڳ خود سلطان محمد تغلق سنڌين هٿان شڪست کائي چڪو هو.

سنه 1351ع کان 1364-1365ع تائين سلطان ڄام بابينو ماٺ ڪري ڪونه ويٺو. جڏهن سلطان فيروز شاهه تغلق لکنؤ جي علائقن تي حملا ڪيا ته هن ڄام ملتان جي حد تائين دهليءَ جي حڪمراني وارا علائقا فتح ڪري سنڌ سان گڏي ڇڏيا هئا (مڪلي نامه ص 104) سن 1364-1365ع سلطان فيروز شاهه، وزير اعظم خان جهان کي دهليءَ ۾ پنهنجو قائم مقام ڪري ٺٽي تي حملو ڪيو. ان وقت ڄام جوڻو ۽ ڄام ٻانهٻيڻو ٺٽي جا حڪمران هئا. (مڪلي نامه 104) – تاريخ مبارڪ شاهي انگريزي ص 138).

ٺٽي تي حملي ڪرڻ وقت سلطان فيروز سان نوي هزار سوار، اسي هزار پيادا، چار سو اسي جنگي هاٿي ۽ پنج هزار ٻيڙيون هيون. (تاريخ فيروز شاهي عفيف ص 142-143) سنڌين جي فوج جو انگ ويهه هزار سوار ۽ چار لک پيادا ٻڌائي ٿو (ص 145). پر جنرل هئگ انڊس ڊيلٽا ڪنٽري جي ص 80 تي ٻڌائي ٿو ته سنڌي چار لک بدران فقط چاليهه هزار هئا. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ مقابلي کانپوءِ سلطان فيروز هڪ ڏينهن پنهنجي فوج جي ڳڻپ ڪئي ته ڏٺائين ته سندس گھوڙيسوارن مان باقي چوٿون حصو وڃي بچيو هو. (تاريخ فيروز شاهي عفيف ص 145) يعني سلطان جي نوي هزار گھوڙيسوارن مان سنڌين ستهٺ هزار قتل ڪري ڇڏيا هئا. ان حساب سان پيادا به مئا هوندا. ان کانپوءِ بادشاهه گجرات ڏانهن رخ ڪيو. تاريخ فيروز شاهي عفيف ص 146) جڏهن روانگي لاءِ دمامي جو آواز دهلي جي لشڪر جي ڪن تي پيو ته ڏاڍا خوش ٿيڻ لڳا (تاريخ فيروز شاهي عفيف ص 148) مؤرخ هتي ڏڪر ۽ جانورن جي بيماريءَ جو بهانو ڏئي، سلطان کي گجرات ڏانهن ڀڄي وڃڻ جو جواز فراهم ڪري ٿو ڏئي، جيڪا سندس پهرين شڪست هئي. مؤرخ طرفان پيش ڪيل سبب تڏهن دل سان لڳن ها، جڏهن سلطان فيروز شاه هندستان کان گھڻو پري هجي ها. سندس رسد واري لائين ڪٽيل هجي ها، يا گھيري اندر هجي ها. هو گجرات ۽ ڪڇ جي ڀرسان بيٺو هو ۽ دهليءَ تائين سندس حڪمراني هئي. جيڪڏهن سندس جانور بيمار هئا ته ساڳي وبا ٺٽي جي جانورن ۾ پئجي ٿي سگھي. ٺٽو محدود هو، پر دهليءَ جي سلطنت وسيع هئي. ان حساب سان به حالتون سلطان فيروز جي وڌيڪ فائدي ۾ هيون، جيتريقدر وٽن مرڻ واريءَ حقيقت جو تعلق آهي ته سلطان جي وزير اعظم خان جهان ڏانهن لکيل خط ۾ اهڙو ذڪر موجود ڪونه آهي، جنهن ۾ ڏانهس بي انتها سازو سامان رواني ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو آهي (ايضاً ص 158) پر سلطان جي شڪست ۽ لشڪر ۽ سلطان جي گمشدگيءَ جو ٻڌي سڄي دهلي ڏهين محرم بڻجي وئي هئي. وقت جو مؤرخ عفيف لکي ٿو ته: ”خان جهان جي موجود هجڻ ڪري ڪنهن کي مخالفت ڪرڻ جي جرئت ئي ڪانه هئي، پر سڄو شهر ماتم ڪده بڻيل هو (ص 152) هن اٽڪل ڪري سلطان فيروز شاهه جي نالي هڪڙو جڙتو فرمان جاري ڪيو، جنهن ۾ بادشاهه ۽ لشڪر جي خير عافيت جو ذڪر هو (ايضاً ص 152). سلطان فيروز شاهه ٺٽي روانو نه ٿيو، پر سندس فوج تي سنڌين جو خوف ايترو غالب هو، جو هو رات جي وڳڙي ۾ پوئتي ڀڄڻ لڳا. سلطان کي صلاح ڏنائون ته فوج کي ڀڄڻ کان روڪڻ لاءِ مٿس پهرو رکيو وڃي، بادشاهه به خان جهان ڏانهن هن مضمون جو فرمان روانو ڪيو ته فوجي جيڪي سنڌ وڃڻ کان لهرائي دهليءَ ڀڄي اچن ٿا، تن کان پچا ڳاڇا ڪئي وڃي“ ايضاً 162-163 خان جهان انهن ڀاڄوڪڙن کي پڪڙي سزا ڏيڻ لڳو (وڌيڪ لاءِ ڏسندا تاريخ فيروز شاهي عفيف ص 161-164).

سلطان فيروز پنهنجي لشڪر سان وڃي سنڌوءَ جي ڪٺار سان پنهنجي فوجي ڪئمپ هنئين پر کيس ٺٽي تي حملي ڪرڻ جي جرئت ئي ڪانه ٿي. وري حملن جي شروعات سنڌين ڪئي، جيڪي روزانو گھاٽ ڇڏي، اچي سلطاني لشڪر مٿان حملو ڪندا هئا. (ايضاً عفيف 167 شاهي فوج کي ٺٽي سامهون سنڌو پار ڪرڻ جي جرئت ڪانه ٿي. سلطان فيروز عماد الملڪ ۽ ظفر خان کي حڪم ڪيو ته لشڪر وٺي هڪ سو ٽيهه ڪوهه مٿي وڃي، بکر وٽان درياهه اولهه پاسي ڏانهن پار ڪن. وري ٻئي ڪناري سان هڪ سو ٽيهه ڪوهه سفر ڪري ٺٽي اچن. شاهي فرمان مطابق هنن ائين ڪيو (ايضاً 167). جنگي ميدان سلطان کان ايترو پري هو، جو فقط گھوڙن کي ڊوڙندي ڏسي رهيو هو. شاهي مورخ عفيف لکي ٿو ته سلطان فيروز شاهه جون اکيون آسمان ۾ کُتل هيون ۽ لطيفه غيبي جو اميدوار هو (ص 168). بعد ۾ سلطان پنهنجو ملازم موڪلي عماد الملڪ ۽ ظفر خان کي گھرائي ورتو ۽ اهي جنهن رستي سان ويا هئا، تنهن سان واپس موٽيا.

اهو حال ڏسي صلاح مشورو ڪري عمادالملڪ کي دهليءَ موڪليو ته جيتري به فوج ٿي سگھي وٺي اچي. (ايضاً 169). هيءُ سلطان فيروز جي ٽين شڪست هئي. عماد الملڪ دهليءَ پهتو. خان جهان، بدايون، قنوج، ائوڌ، جونپور، بهار، ديپال پور، ترهٽ، مهوبه، ايرج، چنديري، ڌار دميان دوآبه، سامانه، ملتان ۽ لاهور جو لشڪر ميڙي چونڊي ٺٽي روانو ڪيو ويو (تاريخ سنڌ اعجاز الحق 403، تاريخ فيروز شاهي عفيف ص -17). مذڪوره لشڪر جي پهچڻ کانپوءِ به سلطان فيروز کي ٺٽي جي فتح جو آسرو ڪونه هو. ان ڪري سلطان فيروز ماڻهو موڪلي مخدوم جهانيان کي اُچ مان گھرائي ورتو، جنهن دهليءَ جي لشڪر ۾ ويهي دعا تهجد ۽ مناجات جا تير ۽ تفنگ شروع ڪيا. اهي سما جيڪي تغلقن جي تلوارن کان نه ڊنا، سي مخدوم صاحب جي تسبيح جي ڪرامت ڪهي وڌا (وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسندا مڪلي نامه ص 133 ۽ 134). ڊاڪٽر پروفيسر مهدي حسين آغا به پنهنجي ڪتاب تغلق ڊينسٽي ۾ لکي ٿو ته: سلطان فيروز شاهه، ٺٽي ۾ ٽي ڀيرا شڪست کاڌي هئي. (ص 404-405) (مترجم).

فيروز شاهه تغلق جي مقابلن دوران سمن ۾ ڪنهن به قسم جو اختلاف ڪونه هو. ڪنهن به تاريخ ۾ اهڙن اختلافن جو هلڪو اشارو به موجود ڪونه آهي (مترجم) سمن آڻ ڪانه مڃي هئي، پر سلطان فيروز شاهه سندن مرشد مخدوم جهانيان کي ميڙ ڪري وٺي آيو هو. (تفصيل لاءِ ڏسندا مڪلي نامه ص 133 ۽ 134) مترجم.

  1. ڄام نظام الدين جي پيءُ جو نالو ڄام سنجر عرف ڄام راءِ ڏنو هو (شجرو مڪلي نامه) مترجم.

(100) بيگلارنامي ۾ ڄام نندي جي وفات جو سال 914هه ڏنل آهي.

(101) مير معصوم جو بيان ائين آهي، پر ابوالفضل، نظام الدين ۽ فرشتي جو بيان ارسڪن Erskins جيان آهي، جنهن پنهنجي تاريخ ۾ پهرين ٻن تيموري حڪمرانن بابت حوالا هنن وٽان کنيا آهن. (ڏسندا سندس ڪتاب جو جلد I حاشيه 343). سندس بيان آهي ته محمد بيگ جي قتل جي پلاند وٺڻ ڪارڻ ارغونن هڪدم بکر ۽ سيوهڻ تي قبضو ڪيو هو، پر مير معصوم هن دؤر جو اعتماد جوڳو مؤرخ آهي. ڇاڪاڻ ته پاڻ بکر ۾ ڄائو هو. هن پنهنجي پيءُ کان به احوال پڇي پڪ ڪئي هوندي، جنهن 1583ع ۾ وفات ڪئي هئي. ان صديءَ جي اڳياڙي جي احوالن بابت هن پنهنجي ڏاڏي کان به پڇا ڳاڇا ڪئي هوندي. ٻي ڳالهه اسان کي اها به ڏسڻ ۾ به اچي ٿي ته تاريخ ۾ هو ارغونن جي ڌر نه آهي شايد هن جون همدرديون ارغونن سان وڌيڪ هيون.

  1. مير معصوم ڏٺو وائٺو ارغونن جي ڌر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سمن جو علم دوست گھراڻو هو، ڪنهن سان اڳرائي ڪونه ڪيائون، ڪنهن ملڪ تي حملو ڪري اتان جي رهواسين کي غلام ڪونه بنايائون. نه شهرن کي باهيون ڏنائون ۽ نه وري ماڻهن جو قتل عام ڪيائون جھڙيءَ ريت ارغونن ڪيو. سنڌ ۾ شاهه بيگ ارغون گھراڻي جو بنياد وڌو هو. پر ان گھراڻي جي حڪومت فقط سندس پٽ تائين هلي ختم ٿي وئي. يعني ارغون گھراڻي جو فقط هڪ ماڻهو شاهه حسين ارغون سنڌ تي حڪومت ڪري سگھيو. هن 962هه (1554ع) ۾ وفات ڪئي ۽ پنهنجي حڪمرانيءَ واري دؤر ۾ سنڌ، ڪڇ ۽ ملتان خلاف اهي قهري ڪارروايون ڪيون، جو تاريخ ۾ انهن جو مثال ئي ڪونه ٿو ملي. سمن سلطانن جو دؤر 1333ع کان شروع ٿئي ٿو ۽ 1520ع تائين هلي ختم ٿئي ٿو. اهو عرصو گھٽ وڌ ٻه سو سال ٿيندو. ان عرصي دوران ڪيترائي حڪمران ٿيا، جيڪي هڪ ٻئي کان وڌيڪ سخي، هڪ ٻئي کان وڌيڪ علم دوست ۽ هڪ ٻئي کان وڌيڪ غريب پرور هئا. هنن ڌارين کي سنڌ کان ڪوهين دور رکڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سنڌ جي آزاديءَ واسطي پنهنجا سر ترين تي رکيا. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ان سڄي گھراڻي جي هيترن سارن سلڇڻن حڪمرانن جي لاءِ مير معصوم جي تاريخ ۾ فقط ٻه ٽي صفحا آهن. هوڏانهن ارغون دؤر تي سندس قلم هلندي ڪونه ٿو ٿڪجي. هوڏانهن سمن جي ڪمال ۽ زوال جي اها ساڳي صدي آهي، جنهن ۾ مير معصوم پاڻ جنم ورتو هو، جن ماڻهن سمن جي سلطانيءَ ۽ سخا جو ڪمال ڏٺو هوندو سي مير معصوم جي اکين آڏو هوندا. هن مؤرخ پنهنجين ڪنين انهن اکين ڏٺن ماڻهن جي واتان سمن جون ڳڻن ڀريون ڳالهيون ٻڌيون به هونديون. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سندس قلم فقط ارغونن لاءِ وقف ٿيل هو، ان جو هڪ سبب اهو به ٿي سگھي ٿو ته جنهن مغل درٻار سان هو وابسته هو، ارغون گھراڻو ان جو سوٽاڻ، جنهن ماضيءَ ۾ هن گھراڻي جون گران قدر خدمتون به سرانجام ڏنيون هيون (مترجم).

(102) ارسڪن جو بيان آهي ته هنن سوي 1485ع ڌاران فتح ڪئي هئي. شايد بولان لڪ جي جلوگير واري جنگ ٻي سال لڳي هئي.

(103) باغبان وارو علائقو سيوهڻ کان ستاويهه ميل اتر طرف آهي. ڳاها نالي واري ٻي جوءِ سيوهڻ کان ايڪيهه ميل اتر اولهه طرف هئي. انگريزي تاريخن ۾ ڳاها کي ڪاهان ڪري لکيو ويو آهي. ان جو شايد سبب اهو آهي ته مير معصوم جي تاريخ ۾ ڪاهان جو لفظ لکيل آهي ۽ ”گ“ اکر جي ٻن اڻين مان هڪ اڻي لکڻ رهجي وئي آهي ۽ خاص آواز اچارڻ واسطي پٺيان ”ن“ جو اکر به ملايو اٿس. ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ڊگھي حرف علت وارن لفظن جي پڇاڙين کي نڪ سان اچاريو ويندو آهي. سر ايڇ اليٽ جو چوڻ آهي ته ڪاهان جي علائقي واري جوءِ مري قبيلي جي قبضي هيٺ ايراضيءَ ۾ موجود آهي. 1840ع ۾ بمبئي ريجمنٽ جي اتي رهڻ وقت اهو تجربو ٿيو ته اهو علائقو بچاءَ جي نقطهء نگاهه کان اهم هو. باغبان ۽ ڳاها، ٻئي آئين اڪبري موجب سيوهڻ سرڪار جا محال هوندا هئا. (مترجم)

(104) معلوم ائين ٿئي ٿو ته فطري ۽ قديم وهڪرن تي اهڙي قسم جا نالا ڪونه رکيا ويندا آهن، پر اهڙا وڏا ڪم ڪري ڪنهن مشهور شخصيت نالي ارپيا ويندا آهن. هن نالي خان واه سان ٻيو به هڪ وهڪرو آهي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ ڪلري Kalri کان هيٺ وهندو هو، تنهن کي هن وهڪري سان گڏائي وچڙائي منجھايو نه وڃي. پتو نه آهي ته تاريخ طاهريءَ جو اشارو هن ننڍي خانواهه ڏانهن آهي، يا ان وڏي واه ڏانهن، جنهن لاءِ سندس بيان آهي ته دريا خان جي ڪوشش سان کوٽائي تيار ڪيو ويو هو، انهيءَ مقصد سان ته جيئن ساڪري گجرات جي مشهور تاريخ ظفرواله جي حوالي موجب سنڌ جي هن سورهيه ۽ سچي انسان کي ارغونن دغا سان گرفتار ڪيو ۽ بعد ۾ شهيد ڪري ڇڏيو.

(105) هتي اسان کي اهو ڏسڻ ۾ ايندو ته سن 1520ع ۾ ٺٽي شهر جي چوڌاري وهندڙ ٻئي ڇاڙهون، سنڌوءَ ۾ گھٽ پاڻي هجڻ واري موسم ۾ به وهنديون هيون.

  1. اسان کي هن ڪتاب ”انڊس ڊيلٽا ڪنٽري جي ص 78 تي هڪ حوالو ملي ٿو، جنهن ۾ لکيل آهي ته سنه 1614ع ۾ ٻن انگريزن سيلانين رچرڊ اسٽيل Richard Steele ۽ جان ڪروٿر Jhon Crowther سفر ڪندي لاهور ۾ پورچوگيز واپارين کي ڏٺو هو، ٻي به هڪڙي تاريخي حقيقت سامهون اچي ٿي ته سنه 1505ع ۾ ترڪ خليفي، اميرالمؤمنين، سنڌ جي ڄام نظام الدين ۽ گجرات جي حڪمران محمود جي گڏيل قومن کي پورچوگيزن جي سامونڊي فوج، گجرات ۽ سنڌ جي وچ تي ڪنهن سامونڊي علائقي ۾ شڪست ڏني هئي. اهو به تاريخي حوالو نظر مان گذريو آهي ته ارغون حڪمران سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ گجرات تي حملي ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو ۽ لشڪر وٺي ان ارادي سان ٻاهر به نڪتو هو. محمود ڪوڪلتاش جي بيماريءَ جي سبب ڪري کيس اهو ارادو ترڪ ڪرڻو پيو هو ۽ اگھم ۾ سنه 928 ۾ وفات ڪئي. ان کانسواءِ اسان کي هيءَ حقيقت به معلوم آهي ته مرزا عيسيٰ ترخان اول (1555ع) بکر (سلطان محمود ڪوڪلتاش) خلاف پورچوگيزن کان وڌيڪ واپاري رعايتن جي واعدي تي مدد به گهري هئي. (ڏسندا هن ڪتاب جو ص 97) هنن سڀني ڪڙين کي ملائڻ سان هڪ ڳالهه سامهون اچي ٿي ته جيئن پورچوگيزن بعد ۾ گجرات جي سامونڊي علائقي ۾ گوا، ڊيو ۽ ڊم علائقا ۽ بندر قائم ڪري ورتا هئا، ته هنن ڄام نظام کان به اهڙي گھر ڪئي هوندي، جيڪا ڄام بر وقت ئي ٿڏي ڇڏي هوندي، ان سان گڏ هنن سنڌ جي سمي سلطان کان ٺٽي ۾ واپاري ڪوٺيءَ ۽ سنڌو درياهه سان واپار ڪرڻ جي اجازت به طلب ڪئي هوندي، جنهن کان به کين انڪار ڪيو ويو هوندو. ڄام نظام الدين جي حياتيءَ ۾ ته هو ڪجهه به ڪري ڪونه سگھيا هوندا. سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ فيروز کي پنهنجي ڪنهن ماڻهوءَ پٽيون پڙهائي، دولهه درياهه جھڙي عقل جي اڪابر ۽ تلوار جي ڌڻيءَ کي سندس درٻار مان ڪڍرائي ڇڏيو. پوءِ انهن ئي ماڻهن کيس غير سنڌي ڌاري مغل فوج ڀرتي ڪرڻ جي صلاح ڏني. جھڙيءَ ريت خليفه معتصم پنهنجي عربن بدران ترڪن مسلمان تي اعتبار ڪري کين پنهنجو محافظ ڪري رکيو ته هنن ترڪن، جن عباسي خليفن کي قتل نه ڪيو ته انڌو ضرور ڪيو ۽ آخر ۾ خود خلافت کي هجرت ڪرائي ترڪيءَ وٺي ويا. اهڙيءَ ريت مغلن وري فيروز ۽ صلاح الدين کي ويڙهائي شاهه بيگ ارغون کي آندو. ويچار ڪري ڏسجي ته شاهه بيگ ارغون پاڻ سلطان حسين باقرا جو گورنر هو، جيڪو مرزا بديع الزمان جي پاسي کان محمد خان شيبانيءَ جو مقابلو ڪندي مارجي ويو. ان کان پوءِ هو ۽ سندس ڀاءُ مقيم مرزا قنڌار ۽ داور جا حاڪم هئا.

سنه 1516ع ۾ بابر اچي قنڌار تي قبضو ڪيو. شاهه بيگ جي هڪ پاسي بابر ۽ ٻئي پاسي ايران جو شاهه اسماعيل هو. هن ڊوڙي اچي سبيءَ ۾ ساهه پٽيو، جيڪو نسبتن سڃو علائقو هو. شاهه بيگ جا فوجي سپاهي گجرون ۽ گوگڙو کائي وقت گذاري رهيا هئا. هو ڪنهن اهڙيءَ جالاري جوءِ لاءِ واجھائي رهيو هو، جتي هو پنهنجو سر لڪائي سگھي. اهي ڪهڙا ماڻهو هئا، جن شاهه بيگ جي مدد لاءِ سلطان فيروز کي هشي ڏني، جنهن کي گھڻي فوج به ساڻ ڪانه هئي ۽ نٻل ۽ لاچار هو. شاهه فيروز سان مغل. ڌاري فوج ته غداري ڪئي، پر امڪان آهي ته کين جديد هٿيارن جي مدد پورچوگيزن ڪئي. جھڙيءَ ريت اورنگزيب خلاف دکن ۽ گولڪنڊي جي حڪومتن کي انگريز هٿيار ڏئي رهيا هئا. اهي واسطا ناتا قائم هئا، تڏهن ته 1555ع ۾ مرزا عيسيٰ اول پورچوگيزن کان بکر خلاف مدد گھري هئي ۽ شاهه بيگ گجرات تي حملو به پورچوگيزن جي منصوبي جي ڪڙي هو. شايد ان کانپوءِ ئي پورچوگيزن جو سنڌوءَ ۽ ٺٽي رستي دنيا سان واپار شروع ٿيو، جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. سرفراز ڪلهوڙو توڙي جو ڪمزور حڪمران هو، پر تنهن هوندي به انگريزن جون واپاري ڪوٺيون پٽرائي ڇڏيون هئائين. ڄام فيروز کڻي ڪيڏو به ڪمزور حڪمران هجي ها، پر پوءِ به پورچوگيزن کي پير کوڙڻ ڪونه ڏي ها. ساڳي حڪمت عملي پر ڪجهه ٻئي طريقي سان انگريزن وري ايسٽ آفريڪا ۽ سائوٿ آفريڪا ۾ آزمائي ۽ اتان جي ديسي ماڻهن کي مٿي آڻڻ بدران، سڀ ماڻهو هندستان مان آڻي اتي آباد ڪيا.

(106) ٽلٽيءَ کان ڏکڻ طرف سنڌوءَ جو ويڪرو پراڻو پيٽ اڃا به موجود آهي، منجھس اڃا به جھجھو پاڻي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ماڻهو ان کي ٽلٽي ڍنڍ جي نالي سان سڏيندا آهن.

(107) اها جوءِ حيدرآباد کان ٽيهه ميل ڏکڻ اوڀر طرف آهي.

(108) تاريخن ۽ سنن جي معاملي ۾ مان مير معصوم تي وڌيڪ اعتماد رکان ٿو. مون کي پڪ آهي ته کيس وڌيڪ ڄاڻ هوندي. هن سندس پيءُ شاهه بيگ به ڏٺو هوندو ۽ سندس وفات جي تاريخ ۾ غلطي ڪرڻ جو گمان گھٽ نظر اچي ٿو. مير معصوم سندس وفات تي قطعه تاريخ ۾ شهر شعبان يعني شعبان جو مهينو چيو آهي، جنهن جا عدد 928 بيهن ٿا. اوڀر هندستان جا مؤرخ جيڪي سنڌ کان پري ۽ واقعن کان گھڻو بي خبر آهن. تن شاهه بيگ جي وفات جي تاريخ 930هه لکي آهي. ارسڪن پنهنجي تاريخ (جلد I ص 376) ۾ مذڪوره مؤرخن جي تقليد ڪئي آهي، پر عام طور تي ڏٺو ويو آهي، ته هنن هميشه مير معصوم کي ئي پنهنجو ماخذ بنايو آهي. حقيقت اها آهي ته ارغونن جي سنڌ تي حملي جي تاريخ ۽ بابر جو ارغونن سان لهه لاڳاپو، يا بابر جي هندستان تي حملي بابت ڪي تاريخي حقيقتون اڻ چٽيون ۽ منجھيل آهن. جيڪڏهن ڪنهن واقعي جي اعتماد جوڳي تاريخ ڏني وئي آهي ۽ قطعه تاريخ به ان واقعي جي تاريخ جي پٺڀرائي ڪري ٿي ته واقعي جي ڏنل تاريخ تي تيستائين اعتبار ڪرڻ لازمي ٿيندو، جيستائين ان تاريخ کي ٻئي اعتماد جوڳي وسيلي ذريعي ڪُوڙو ثابت ڪونه ٿو ڪيو وڃي.

(109) ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ڪهڙيءَ جوءِ ۾ جھيڙو ٿيو، سا ڄاڻ مير معصوم ڪونه ڏئي سگھيو آهي. پر جنگ جو اهو ميدان انهن درويشن فقيرن جي اڳ ڪٿين مان معلوم ڪري سگھجي ٿو، جنهن کي سنڌ وارا ماموئي فقير سڏيندا آهن. چيو ويندو آهي ته اهي درويش سمن جي دؤر جي اڳياڙيءَ ۾ زنده هئا. مسٽر برٽن (سنڌ-ص 89) اڳ ڪٿيءَ جو هڪ بيت هن ريت لکيو آهي:

ڪاري ڪاٻاري، جھيڙو لڳندو ڇهه پهر

مرمچي ماري، سک وسندي سنڌڙي.

مان سندس ڏنل معنيٰ ۽ مفهوم کي وڌيڪ سولي بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس بيان آهي، ته سنڌ وارا هن بيت کي ٽالپرن ۽ انگريزن جي وچ ۾ دٻي واري جنگ ڏانهن اشارو ڪن ٿا، جيڪا انگريزن طرفان سر نيپيئر جي اڳواڻيءَ ۾ وڙهي وئي هئي. جنهن کانپوءِ ٽالپرن جي حڪمراني ختم ٿي وئي هئي. ڪاري ڪاٻاري وارا لفظ انهن سان ميل ڪونه ٿا کائن ۽ نه وري اها جنگ ان جنگي ميدان تي وڙهي وئي هئي. هن صاحب عام ماڻهن جي عام روايت کي قبول ڪيو آهي ۽ ”مرمچي“ لفظ کي ٽالپر سردارن ڏانهن منسوب ڪري ٿو، جيڪو ٺهڪي ڪونه ٿو اچي. واقعي اها حقيقت آهي ته عام ماڻهوءَ جي راءِ ائين آهي، جيئن هن صاحب بيان ڪيو آهي، پر منهنجو ويچار آهي ته اهو غلط آهي. ڪارو ڪاٻارو ڪو خيالي نالو ڪونه آهي، جنهن ماڳ جو نالو کنيو ويو آهي، سو کاري کٻڙلوءِ آهي، جيڪو هاڻي ٽنڊي باگي پرڳڻي ۾ آهي، جيڪو چاچڪان جي قديم سردار جو حصو هو. منهنجو خيال آهي ته اها جنگ کاري کٻڙلوءِ وٽ لڳي هئي، جنهن ۾ سنڌ اندر سما گھراڻي جي حڪومت ختم ٿي ۽ ارغونن جي فتح ٿي هئي ۽ هن بيت جو مذڪوره فيصله ڪُن جھيڙي ڏانهن اشارو آهي. چيو ويندو آهي ته انهن ماموئي فقيرن کي ڄام تماچيءَ جي حڪم سان قتل ڪرايو ويو هو. حقيقت به اها آهي ته قتل ٿيڻ کانپوءِ هر هڪ درويش جي وڍيل سر واري سان بيت چيو هو. انهن فقيرن جا جيڪي معتقد هئا، تن سمجهيو پئي ته ان قهر جي نتيجي ۾ ڪو هاڃو ضرور ٿيندو ۽ اهو ڄام تماچيءَ جي ڪڌن ڪرتوتن ڪري ٿيندو. جيڪڏهن اسان تاريخي حقيقتن کي پرکي ڏسنداسون ته ماموئي فقير جي اڳ ڪٿيءَ وارو بيت منهنجي خيال سان سهمت نظر ايندو. مير معصوم چاچڪان واريءَ جنگ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ کيس ماموئي فقيرن جي اڳ ڪٿين جي خبر به ضرور هوندي، پر پوءِ به هن اهڙو اشارو ڪٿي به ڪونه ڏٺو آهي ۽ کيس ان مشهور جنگ جي ميدان جي به خبر ڪانه آهي، جتي اهو جھيڙو صبح سويل کان وٺي لڙيءَ رات تائين پورا ڇهه پهر سانده لڳو هو. هو ٻڌائي ٿو ته سنڌين جو دستور آهي، ته جڏهن سندن جھونجار جنگ ۾ سرترين تي رکي وڙهڻ چاهيندا آهن، ته پنهنجا پٽڪا يا پنهنجا ڪپڙا هڪ ٻئي سان ٻڌندا آهن ۽ پوءِ صفون ڪري جنگ ۾ ڪڏي پوندا آهن. سمن به ائين ڪيو هو. ٿي سگھي ٿو ته اهو سندس وڌاءُ هجي. پر انهن حقيقتن مان اهو پتو پوي ٿو ته سنڌين مٿو مٿي تي رکي جھونجھارن جيان جنگ جوٽي هئي. جيڪڏهن اهڙا ڪوپا ۽ ڪنڌار جوان ئي اچي پڙ ۾ پرزا ٿيندا، ته اتي جنگ به سانده ڇهه پهر لڳي سگھي ٿي ۽ هن ۾ ڪا شاعراڻي مبالغي آرائي به ڪانه آهي، پر هن جي جاءِ تي دٻي واري جنگ هڪ پهر به ڪانه وڙهي وئي هئي ۽ ان سان گڏ هيءُ جنگي ميدان کاري کٻڙلوءِ کان پورا سٺ ميل پري آهي. تنهنڪري اسان سمجهي ڪونه ٿا سگھون ته اها اڳڪٿي ٽالپرن لاءِ ڪيل آهي. ان کانسواءِ ”مرمچي“ لفظ جي معنيٰ اسان کي ڪير به سنڌ ۾ سمجھائي ڪونه سگھيو آهي. مان سمجھان ٿو ته ان لفظ کي چئي ساڍيون ٽي صديون ٿي چڪيون آهن، ان ڪري عام ماڻهوءَ کان ان لفظ جي معنيٰ به وسري وئي هوندي. امڪان آهي ته اهو لفظ ڪنهن ذات يا نالي کي گھٽ سمجھڻ ۾ چٿر طور ڪتب آنديو ويندو هوندو ۽ ٻين لاءِ سمجھه کان ٻاهر هوندو. ڪوبه ماڻهو اهو ثابت ڪري ڪونه سگھندو، ته ماموئي فقيرن اڳڪٿيءَ وارو اهو بيت ٽالپرن يا انهن جي شڪست ڏانهن منسوب ڪيو آهي. اها به پڪ آهي ته ٽالپر سردار کاري کٻڙ لوءِ وٽ يا اوسي پاسي جنگ ڪونه وڙهيا هئا. ڄام فيروز جيڪا ارغونن سان چوٽ ڏني، سا سولائيءَ سان سمجھائي سگھجي ٿي. ڪڇ کان ايندڙ فوج به اهو ساڳيو طرف وٺي سگھي ٿي. اهو فوجي مهندار، جيڪو ضرورت وقت گجرات ڏانهن نڪري وڃڻ چاهيندو ته چاچڪان سرڪار جو کاري کٻڙ لوءِ وارو جنگي ميدان چاهيندو، ڇو ته اتان مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ پارڪر وسيلي سولائيءَ سان گجرات پهچي سگھندو. اسان کي اهو به ٻڌايو وڃي ٿو ته ڄام فيروز جنگ ۾ هارائڻ کانپوءِ گجرات ڏانهن هليو ويو هو. کاري کٻڙ لوءِ جي معنيٰ آهي کٻڙن جي ويڙهين وارو ڪلراٺو علائقو. هن ذڪر سان گڏ مان هيءُ به واڌارو ڪندس ته ڄام فيروز گجرات ۾ 1535ع ۾ ئي وفات ڪئي هئي. هو ان وقت کنڀات ۾ همايون جي فوجي ڪئمپ ۾ قيد هو، جو اتان جي ڀيلن ۽ ڳنوارن اچي همايون مٿان راتاهو هنيو. همايون جي پهريدارن ان ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، ته متان اهي کيس آزاد ڪرائي وڃن. (ارسڪن II ص 62- حاشيو).

(110) اڄ اهو پاٽ جو شهر ڄڻ کنڊر لڳو پيو آهي. 1541ع واري زماني ۾ همايون مغل هتي حميده بيگم سان شادي ڪئي هئي. اهو پراڻو پاٽ موجوده پاٽ ڳوٺ کان اوڀر طرف، ڪَڪَڙ Kakar پرڳڻي ۾ موجود هو ۽ ان کي پاٽ پراڻي جي نالي سڏيو ويندو هو. پراڻي پاٽ جي الهندي پاسي درياهه جو پراڻو پيٽ آهي، جيڪو هن کي نئين پاٽ کان الڳ ڪري ٿو. مذڪوره پراڻي پيٽ ۾ پاڻي ڍنڍ بڻائي بيٺو آهي. هن علائقي بابت هڪ ڏيهي تاريخ جو بيان آهي ته همايون جڏهن پاٽ ۾ لٿو هو ته هي پراڻو وهڪرو وهندو هو. هو ٻٻر لوءِ (روهڙيءَ کان ٿورو ڏکڻ) کان هلي پاٽ پهتو ته وچ تي بهلاڻي تعلقي ڪنڊياري وٽان ڪنهن به درياهي وهڪري کي پار ڪونه ڪيو هئائين. درياهه هاڻي يا ٿوري عرصي کان پاٽ کان پنج ڇهه ميل اوڀر ۽ ٽي ميل ڏکڻ کان وهندو آهي. هيءَ جوءِ ڪنهن دؤر ۾ ڏاڍي سکي ستابي ۽ ريان کيان هوندي هئي. آئين اڪبريءَ جو بيان آهي ته سوستان سرڪار جو سڀني کان وڌيڪ خوشحال محال هو. پراڻي پاٽ جو شهر مدد خان پٺاڻ جي ڪاهه (1798ع) واري رستي تي هو. هن جيئن سنڌ جا ٻيا سدا ساوا ڍاوا ڳوٺ وسنديون واهڻ ۽ شهر ڦري لٽي ساڙي ٻاري ويران ڪري ڇڏيا، تيئن پاٽ جھڙو سهڻو شهر به هن اهڙو ويران ڪري ڇڏيو، جو وري ساڳي اوج تي ڪونه رسيو. قدرت ڄڻ هن مدد خان پٺاڻ کي پيدائي ساون کي ساڙڻ ڪاڻ ڪيو هو.

(111) سنڌ گزيٽيئر جو بيان آهي ته اڪبر بادشاهه 1591ع ۾ عمرڪوٽ وارو رستو ڏئي، سنڌ تي حملو ڪيو هو. مان سمجھان ٿو ته اهو هڪ خيالي تاريخي بيان آهي. اڪبر سنڌ ۾ ان وقت موجود هو جڏهن هو ماءُ جي هنجن تي هو. ان کانپوءِ هو وري ڪڏهن به سنڌ ڪونه آيو.

(112) شهزادي دارا شڪوه به ڪجهه وقت جوڻ ۾ گذاريو هو. ان زماني (1658ع) ۾ ڀاءُ اورنگزيب جون فوجون کيس مارڻ واسطي سندس ڪڍ هيون، جوڻ جي هڪ سردار سندس ڏاڍي ٽهل ٽڪور ڪئي. پر دل ۾ دغا رکي کيس پڪڙي اورنگزيب جي حوالي ڪري ڇڏيو. هن وقت پراڻي جوڻ شهر جا ماڳ ٽنڊي غلام حيدر کان ٻه ميل ڏکڻ اوڀر ڏسي سگھجن ٿا.

(113) ارسڪن (II ص 260) چوي ٿو ته انهن گاهين جي ٽولي ”ريڻ“ جي وهڪري کان گھڻو اوڀر ٿر جي علائقي ۾ موجود ٿري Thari موڪليو ويو هو. پر مير معصوم هن معاملي ۾ بلڪل صحيح آهي. هو ٻڌائي ٿو ته اها جاءِ بٺوري جي پرڳڻي ۾ هئي.

(114) ريڻ واري وهڪري مٿان پل ٺاهڻ جو امڪان تڏهن هوندو. جڏهن پاڻيءَ جو چاڙهه انتها تي پهچي چڪو هوندو. هن حقيقت مان اها به ثابتي ملي ٿي ته ريڻ وارو وهڪرو گھڻو ويڪرو ڪونه هو ۽ نه وري ان جي وهڪري ۾ ڪن  ۽ ڪارونڀار هئا. اهو نهايت سانت سان وهندو هوندو.

(115) جيتريقدر مونکي ياد پوي ٿو (ڇاڪاڻ ته مون کي گھربل ڪتابن جي مطالعن جو موقعو ڪونه مليو) ته گلبدن بيگم وهڪري جو نالو روناءِ Ronai لکيو آهي. جوهر Jauhar به لڳ ڀڳ روناءِ Ronai ئي لکيو آهي.

(116) هن علائقي جي جاگرافي سان لاڳاپيل جيڪي نقشا مليا آهن، تن ۾ ”روشنائي“ Roshanai نالي جو ڪوئي نشان ڪونه ٿو ملي. حقيقت اها آهي ته ان جوءِ جي هڪ ننڍي ڀاڱي جو نالو مڪان Makan هو. ٿورو وقت اڳي جڏهن گونيءَ جي سيٽلمينٽ سروي ڪئي وئي هئي ته ان ماڳ جو هڪ ديهه جي صورت ۾ اڃا به هيءُ نالو موجود هئو. جڏهن ڪوبه شهر يا ڳوٺ ڊهي، ڌرتيءَ جي مٿاڇري تان ناس ٿي ويندو آهي، ته ان جي موجودگيءَ جي ثابتي ڪنهن ديهه يا تپي جي نالي مان به ملي ويندي آهي ۽ هيءُ به ان جو هڪ مثال آهي. هيءُ شهر به جڏهن ناس ٿي ويو، ته سندس نالو به ماڻهن کان وسري ويو. روشنائي Roshanai ٽنڊي محمد خان کان ڇهه ميل سر ڏکڻ آهي، ان جي اوڀر پاسي کان لڳو لڳ هڪ رستو ڏاکڻين علائقي ڏانهن ويندي ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

(117) هيءُ مرزا عيسيٰ جو ننڍو پٽ مرزا جان بابا هو، جيڪو ان وقت ٺٽي جو نگران حاڪم مقرر ڪيو ويو هو. ان وقت مرزا عيسيٰ جنگي مهم تي اتر سنڌ ويل هو. هن واقعي کان ڪيترا سال پوءِ کيس دغا سان پڪڙي قتل ڪيو ويو هو. ان جو قاتل سندس وڏو ڀاءُ مرزا محمد باقي هو، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته ڪجهه موڳو به هو.

(118) هن مان لاهري بندر سمجھڻ گھرجي. بنديل جو لفظ بندر بدران غلطيءَ وچان ائين لکجي ويو آهي. ٻئي نالا باري ديول Bari Diwal (يعني Diwal Estuary) جي هجي ۾ لکيل آهن، پر مان اهي نالا سنڌ جي ڏيهي ادب ۾ ڪونه پڙهيا آهن.

(119) اهو ڪو جابلو نانگ جو قسم هوندو. منهنجو خيال آهي ته اها ڪوراڙ Python جي ڪڙم جي ڪا بلا هوندي، جنهن کي سنڌ جي جابلو علائقي ۾ رهڻ گھرجي نه ڪه سامونڊي علائقي جي ڀرپاسي ۾. ڪٿي به هجي، پر اها بلا وهڙو ته ڳهي ڪانه سگھندي آهي. جنهن بلا جو ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي، سا ڪوراڙ ئي ٿي سگھي ٿي ۽ اها تمام وڏي هوندي آهي.

(120) شايد پادري صاحب Good father ڊيو Diu ۽ ديول Diual کي سمجھڻ ۾ منجھي پيو آهي.

(121) هن محاذ تي پورچوگيزن وڏا ٻيڙا استعمال ڪيا هئا، جن کي اهي فسٽا Fusta سڏيندا هئا. فاريا واءِ سوزا هن جنگي مهم ۾ ڪتب ايندڙ جهازن جي ڪمانڊرن جا نالا به ڏنا آهن.

  1. حالتن مان نظر ائين اچي ٿو ته پورچوگيزن اچڻ ۾ پاڻ دير ڪئي هوندي. سندن ارادو اهو هوندو ته مرزا عيسيٰ ڀلي پنهنجو لشڪر وٺي وڃي بکر تي حملو ڪري ۽ ٺٽي جھڙو سکيو ستابو شهر بنا بچاءَ جي هجي ته جيئن کين هن عظيم شهر کي ڦرڻ لٽڻ ۾ آساني ٿئي. پهريون هنن ڏهڪاءَ وهارڻ ڪارڻ شهر کي باهيون ڏنيون ۽ اٺ هزار اهڙا ماڻهو ماريا، جيڪي نهايت معصوم ۽ بي هٿيار هئا. ٺٽو پنهنجي دؤر جو بخارا ۽ اصفهان هو. تاريخون ٻڌائن ٿيون ته ٺٽي ۾ ان زماني ۾ چار سو ڪاليج هئا. جيڪي ڪنهن به دؤر ۾ نه بخارا ۾ هئا ۽ نه وري اصفهان ۾ هئا. جڏهن ان علم ۽ عرفان جي ڌرتيءَ تي پورچوگيز جھڙن پاپي ماڻهن پير پاتو، ته انهن مان رت جي درياهه وهائڻ کان سواءِ ٻي ڪهڙي توقع ڪري سگھجي ٿي ۽ جن ماڻهن جي ڪوٺ تي اهڙا ماڻهو آيا، سي به ڪهڙا هوندا، تنهن جو اندازو ته هر ڪو ماڻهو ڪري سگھي ٿو (مترجم).

(122) انهن حقيقتن جي نه رڳو ڏيهي تاريخن پٺڀرائي ڪئي آهي، پر پورچوگيز پاڻ به بيان ڪن ٿا، ته ٺٽي جي علائقي ۾ سندن هڪ ماڻهو به قتل ڪونه ٿيو هو.

(123) مرزا صالح محمد مرزا عيسيٰ جو ٻيو نمبر ۽ عقلمند پٽ هو. کيس 1562ع ۾ هڪ بلوچ پلاند وٺڻ جي نيت سان قتل ڪري ڇڏيو هو. مرزا صالح هن جي سڄي گھراڻي کي وڳوڙ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو هو.

28-A. ڏسڻ ۾ اهو اچي ٿو جڏهن به ڌاريا ڪنهن ڌرتيءَ تي پير ڌريندا آهن ته اڳ ۾ انهن کي اکين ۾ رکندا آهن، جيڪي اوچا ڳاٽ ڪري، سندن اکين سان اکيون ملائي اٽڪڻ جا جتن ڪندا آهن. شهيد صديق شوري، اسماعيل شوري ۽ جھونجھار جا ته نالا تاريخن ۾ زنده رهجي ويا، پر سنڌ جا ٻيا به ڪيترائي ارڏا ۽ اڙٻنگ پٽ هوندا، جن پنهنجي ريٽي رت سان ڌرتي جي صفحي تي سنڌ جي تاريخ تحرير ڪئي. پر اها هٿن کان اپاهج تاريخ پنهنجي پني تي ڪاريءَ مس سان سندن نالن نه لکڻ ڪري رهجي وئي. انگريزن جي دؤر ۾ ننگر پارڪر جو روپلو به هو، جيڪو سنڌ جي آجپي ڪارڻ پنهنجي آڱرين جون ڏياٽيون ٻاري هر اونداهي چوواٽي تي ڏيئا ٻاري ويو. ڌارئي کي ڌرتي اوس به ڇڏڻي هوندي آهي، پر ويندي ويندي ڌرتيءَ جا ڌڱ ۽ ڪوپا ڪنڌر مڙس ڪهي ويندو آهي. انهن ڪونڌرن مان مذڪوره بلوچ جو خاندان به هو (مترجم).

(124) سيوهڻ بابت اهي حقيقتون اڻ سڌي طور اسان کي ڏيهي تاريخن جي حوالن مان ملن ٿيون. پر سڌيءَ طور اسان کي فقط مير معصوم جي ذاتي راءِ مان معلوم ٿيون آهن. هن پنهنجي عملدارن جي صلاح مشوري کانپوءِ مرزا عبدالرحيم خان خانان کي ٻڌايو هو ته سيوهڻ، اتر کان ڏکڻ ويندڙ رستي تي، هڪ اهڙيءَ اهم جاءِ تي واقع آهي، جتان درياهه پار ڪرڻو پوندو آهي. شاهي لشڪر ۽ ٻيڙيون به اتان لنگھنديون آهن، تنهنڪري سيوهڻ کي پهريائين فتح ڪرڻ ضروري آهي، وغيره.

(125) اهو نالو موجوده دؤر ۾ به قائم آهي ۽ چاڙهه واريءَ رت ۾ هن علائقي مان ساڱري جي پراڻي پيٽ مان وهندو آهي. مذڪوره ساڱري وهڪري جو ذڪر، 1739ع ۾ نادر شاهه ۽ شهنشاهه محمد شاهه مغل جي وچ ۾ ٿيل صلح جي عهد نامي ۾ موجود آهي. صلح جي ان دستاويز ۾ هن وهڪري جي سنڌين جي بيان ڪيل ڊيگهه کان وڌيڪ ڊگھائي ڏيکاري وئي آهي.

  1. درياهه جي ڀرسان ڪن علائقن ۾ چورگپ هوندي آهي، جيڪا مٿان سڪل ڏسبي آهي، پر ماڻهو اتي پير رکڻ سان هوريان هوريان هيٺ لهندو ويندو آهي. جيڪڏهن مدد نه پهچندي اٿس ته هيٺ هليو ويندو آهي. (مترجم).

(126) مير معصوم بکريءَ کي هن جنگي مهم ۾ فوج جي ڪنهن حصي جي مهنداري سپرد ڪيل هئي، تنهن جو بيان آهي، ته هنن درياهه ٻيهر پار ڪونه ڪيو هو. سندس بيان ڪيل حقيقت مان اهو به واضح ٿئي ٿو ته شاهي لشڪر سنڌوءَ جو ساڄو پاسو ڏئي، پيشقدمي ڪري رهيو هو. پر پوءِ جي واقعن جي سلسلي ۾ سمجھجي ٿو ته هو جاني ٿي جُلهه واسطي سنڌوءَ جي ڏائي ڪٺار ڏئي اڳتي وڌي رهيا هئا.

(127) نظام الدين طبقات اڪبري ۾ اهو انگ ٻڌايو آهي، پر معلوم ائين ٿئي ٿو ته فاتحن جي اهليت ۽ لياقت کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ واسطي هن سچي پچي انگ کي گھٽائي پيش ڪيو آهي. حقيقت اها آهي ته هن واقعي ۾ حصي وٺندڙ آرماڙ ۾ جهازن جو انگ ٻڌايل تعداد کان وڌيڪ هو.

(128) تاريخ طاهري جو بيان آهي ته خسرو خان چرڪس کي گرفتار ڪيو ويو. سندس ڪيتريون ئي ٻيڙيون قبضي ۾ ڪيون ويون. پر هرمز جي هڪ فرنگي واپاري جنهنجو نالو ڊافٽر Daftir هو، جيڪو هر سال ٺٽي ايندو ويندو هو. ان جا خسرو خان چرڪس سان دوستاڻا ناتا هئا، جيڪو هن جنگ ۾ به موجود هو. هن ڇا ڪيو جو پنهنجي ٻيڙي وڃي جھيڙي ۾ هنيائين ۽ خسرو خان کي حمله آورن کان بچائي ورتائين. انهيءَ ڪوشش ۾ ٻنهي جون حياتيون ضايع ٿي ويون (اليٽ – 1-288) هن مؤرخ جي اها ڳالهه ٻڌي اچرج ٿيندو، ته خسرو خان چرڪس هن موقعي تي مارجي ويو هو. هي مشهور معروف ماڻهو سنڌوءَ جي هن پاڻيءَ واري جنگ کان پوءِ به ڪيترا سال زنده رهيو. بلاچ مين Bloch man مآثر الامرا جي حوالن جي آڌار تي سمجھي ٿو ته خسرو خان هن جنگ کانپوءِ سنڌ جي معاملن ۾ گھڻي دلچسپي ورتي هئي. (آئين اڪبري جي ترجمي جو ص 363) خسرو خان چرڪس مسجد دابگران جو بنياد رکيو هو.

  1. مير علي شير قانع جو بيان آهي ته خسرو خان چرڪس چنگيز خان جي اولاد مان هو ۽ شروعاتي دؤر ۾ ملان بندري وٽ رهندو هو. مرزا عيسيٰ ان کي پنهنجو آفتابچي يعني پاڻيارو بڻايو (تحفة الڪرام ص 228-سنڌي ايڊيشن). سندس اوج مرزا جانيءَ جي دؤر ۾ به ڏٺو وڃي ٿو. جڏهن مرزا عبدالرحيم خان خانان سنڌ تي حملو ڪيو هو ته خسرو خان سنڌ کي مغلن جي چنبي کان بچائڻ واسطي، ننهن چوٽيءَ جو زور لاتو هو. سنڌ جي فتح کانپوءِ خان خانان جڏهن جاني بيگ کي اڪبر جي درٻار ڏانهن وٺي ويو ته خسرو خان کي به ساڻ وٺي وڃڻ ڪونه وساريو هئائين. مرزا جاني بيگ جي وفات (27 رجب 909هه) کانپوءِ مرزا غازي بيگ کي بحال ڪيو ويو. تن ڏينهن مرزا غازي بيگ ٻار هو، ان ڪري ملڪ جي اڇي ڪاري جو مالڪ مرزا خسرو چرڪس کي بڻايو ويو. ان کانپوءِ مرزا خسرو ايترو ته اثر حاصل ڪري ورتو، جو جڏهن مرزا غازي بيگ هن کان جان ڇڏائڻ جا حيلا هلايا ته کيس ڄاڱري ڍينگريءَ جيان وچڙي ويو ۽ منجھانئس جان آجي ڪري ڪونه سگھيو. سنه 1001هه کان 1017هه تائين خسرو خان سنڌ جي ترخان واري حصي تي مرزا غازي بيگ جو قائم مقام رهيو ۽ ٺٽي جي سرڪار پنهنجي پوٽن ۽ ڏوهٽن کي ورهائي ڏني هئائين. سرڪار چاچڪان سندس پوٽي فتح الله جي حوالي هئي. نيرون ڪوٽ محمد بيگ جي نگرانيءَ ۾ ڏنو ويو هو ۽ ٺٽي جي شهر جي سار سنڀال شيخ عبدالباقي لهندو هو. حڪومت جو ڏنڊو هٿ اچڻ کانپوءِ خسرو خان ظلم ڪرڻ ۾ ڪين گھٽايو. جڏهن اهي خبرون مرزا غازيءَ کي پهتيون، ته هن هندو خان ۽ ماڻڪ چند کي سنڌ روانو ڪيو. پر نتيجو ڪجهه به ڪونه نڪتو. آخر راءِ سنگهه پٽ ماڻڪ چند اچي خسرو خان کي بي دخل ڪيو. غازي بيگ جي وفات کانپوءِ سندس بخت ڀيڙو ڏنو. ان کانپوءِ جھانگير دؤر ۾ عبدالرزاق معموري اچي کيس بي دخل ڪري، دهليءَ وٺي ويو ۽ اتي قيد خاني ۾ وفات ڪيائين. هن ڪيترا مسافر خانا، پليون، مسجديون ۽ رانڪون ٺهرايون، تلاءَ ۽ کوهه کوٽايا هئا. وڌيڪ لاءِ ڏسندا مڪلي نامه ص 195 کان 232 (مترجم).

(129) ان زماني ۾ سنڌو هن علائقي مان ساڱري Sangara واري پيٽ مان وهي رهيو هو ته ان جنگ جي ميدان کي اسان واقع طور ڀٽ شاهه کان ٽي ميل اتر اوڀر ڏس تي موجود سمجھون ٿا. اتي هن وهڪري جو پيٽ گھڻو چٽو آهي. مير معصوم جو به بيان آهي ته جھيڙي جو پڙُ ٻوهيڙي Buhiri کان ڇهه ڪوهه يا ٻارهن ميل پري هو. اهو پتو ڪونه ٿو پوي ته مرزا عبدالرحيم خان خانان ان ڏينهن پهرئين جلهه کانپوءِ ٻيو ڀيرو حملو ڪيو هو يا نه؟ هن وقت ٻوهيڙي ديهه نصرپور کان ڏهه ميل کن اتر ۾ آهي. ان شهر جا ٿرڙ هن وهڪري جي پراڻي پيٽ جي اوڀارينءَ ڪٺار سان اڄ به ڏسي سگھجن ٿا ۽ ساڳئي نالي سان نئون ڳوٺ انهن پراڻن پڊن کان منو ميل کن اتر طرف آهي.

(130) ڏسندا اليٽ V ص 462- ان وقت سنڌين گوريلا جنگ شروع ڪري ڏني هئي. انهن جُلهون ڪندي ڪندي فوجي ٻيڙين جي هڪ مُچي تي وڃي حملو ڪيو، (ٿي سگھي ٿو ته انهن ۾ فوجي اميرن جون عورتون ويٺل هجن) ۽ گھيرو ڪيو. هن محاذ تي شاهي فوج جي مهندارن جو عمل ڪو ساراهه جوڳو ڪونه رهيو. مير معصوم پاڻ ٻوهيڙيءَ جي محاذ تي موجود هو، پر گھيري ۾ آيل انهن ٻيڙين بابت خاموش آهي ۽ اهو به ڪونه ٿو ٻڌائي ته ڪمڪ ۽ رسد پهتي هئي الائي نه.

(131) مرزا جاني بيگ جنهن رستي سان پيشقدمي ڪري رهيو هو سو هالا کان گذري رهيو هو، جيڪو سڪرنڊ وٽان موجوده رستي کان کاٻو طرف ڏئي وڃي رهيو هو.

(132) هن انگ جي ڄاڻ اسان کي طبقات اڪبريءَ وسيلي ملي آهي. مير معصوم اسان کي ان شاهي لشڪر جي دستي جو انگ فقط ٻارهن سو ٻڌائي ٿو ۽ سنڌين لاءِ چوي ٿو ته اهي ڏهه هزار هئا. انهن ۾ جيڪي غير فوجي تير انداز ۽ ٻيا ماڻهو هئا، سي تنهن کانسواءِ هئا، ۽ انهن جو ڏهن هزارن ۾ شمار ڪونه ٿو ڪري. هن جنگي مهم ۾ سنڌين جو انگ تمام گھڻو وڌائي پيش ڪيو ويو آهي، انهيءَ مقصد سان ته جيئن هو شاهي درٻار کي خوش ڪري سگھي. تنهنڪري ويساهه جوڳو ڪونه رهيو آهي.

(133) هن جنگ ۾ شهنشاهه اڪبر جي مشهور وزير راجا توڏر جو پٽ، ڍارو Dhara به سنڌين سان وڙهندي مارجي ويو.

(134) انڙپور جو تاريخي ماڳ ڪوٽڙيءَ کان ٻاويهه ميل اتر طرف آهي. روايتن موجب اهو ٽيون ڀيرو وسايل ڳوٺ آهي ۽ تاريخ ۾ بيان ڪيل انڙپور کان ڇهه ميل اولهه طرف آهي. منهنجو ويچار آهي ته 1592ع ۾ اڃا به ڪجهه اوڀر طرف هو ۽ درياهه جو مکيه وهڪرو ٻوهڙي کان ٿوري پنڌ تي اولهه تي وهندو هو ۽ ٻوهڙي اڄ جيان اڳي به درياهه جي ساڄي پاسي وسندڙ هئي. تحفة الڪرام جو بيان آهي ته هن ڳوٺ جو بنياد ڄام انڙ رکيو هو، جيڪو سمي گھراڻي جو پهريون بادشاهه هو. هن مؤرخ جي دؤر ۾ يعني ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ هن ڳوٺ جو وڏو حصو درياهه پائي کڻي ويو هو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اهو ڳوٺ ڪافي وڏو هوندو، ڇاڪاڻ ته درياهه جي پائي وڃڻ کانپوءِ ڪجهه حصو اڃا به موجود آهي.

(135) 1591-1592ع واري هن جنگ جا وڌيڪ ويساهه جوڳا احوال اسان کي تاريخ طاهري مان ملي سگھن ٿا، جيڪا 1621ع ۾ ڏيهي ماڻهوءَ جي لکيل آهي. ترخان نامه (1654-1655) به ان جنگ کان پوءِ ستت ئي لکي وئي، تنهن تي به اعتماد ڪري سگھجي ٿو. هنن تاريخن کانسواءِ بيگلار نامه به آهي، جيڪو ڪجهه پوئين دؤر جو لکيل آهي. مذڪوره تاريخون هن موضوع تي وڌيڪ ڪارائتو مواد ڏين ٿيون. هنن جي ڀيٽ ۾ مير معصوم جا حوالا ڪا خاص وقعت ڪونه ٿا رکن. هن جنگي مهم ۾ هو پنهنجي سر پاڻ موجود هو. کيس جنگي واقعن جا سچا، کرا تفصيلي بيان ڏيڻ کپن ها، پر هن ائين ڪونه ڪيو آهي. اهڙن احوالن جي نه هجڻ ڪري اسان کي هاڻي پتو ڪونه ٿو پوي ته سيوهڻ نصرپور جي وچ تي درياهه جو تن ڏينهن ڪهڙن ماڳن تان وهڪرو هوندو هو.

(136) ڪلهوڙن بابت هن حاشئي ۾، ڪئپٽن جيمس مئڪمروڊ جي مقالي جي پٺڀرائي ڪري ٿو، جيڪو هن جي وفات کان گھڻو پوءِ رايل ايشياٽڪ سوسائٽي جي جرنل ۾ 1844ع ۾ ڇپيو هو. هن مصنف ڪلهوڙن تي لکيل پنهنجي مقالي جو مواد گھڻو ڪري هڪ ڪتاب واقعات سنڌ تان کنيو آهي، جنهن جو مصنف ”فقير“ نالي هڪ ماڻهو هو.

(137) ڪاهرا ٻيلي جا ٿرڙ ڀان شهر کان ساڍا ٽي ميل ڏکڻ- اولهه طرف ٿيندا. ڪهيري ڳوٺ جو نالو به ان راڄڌانيءَ پٺيان پيل ٿو ڀانئجي.

(138) گمبٽ Gambat هاڻي هڪ تپي جي صورت ۾ موجود ۽ شهداد پور واري علائقي جي اولهه پاسي ۾ واقع آهي. شهدادپور واري ايراضي ۾ ”اڍيجاڻي“ شهر جو بنياد اڍيجا قبيلي وڌو هو.

(139) ڏيپل گھانگھرو هاڻي ڦِري ڏيپر گھانگھرو ٿي پيو آهي. اهو اصل هندو نالو ديپل آهي، جيڪو بنيادي طور ديوپال آهي. جڏهن ان ذات جا ماڻهو مسلمان ٿيا، ته کين اهو نالو ڪوٺائڻ ڏکيو لڳو، تنهنڪري ڏيپر سڏائڻ لڳا. امڪان اهو به آهي ته اوڀر سنڌ ۾ رهندڙ راڄپر ڪنهن زماني راجپال سڏائيندا هجن ۽ مسلمان ٿيڻ کانپوءِ ان ذات وارا پاڻ راڄپر سڏائيندا هجن. ڏيپل گھانگھرو، امڪان آهي ته ذات جو راجپوت هوندو. اهي سنڌي نالا لاپرواهيءَ ڪري جڏهن فارسيءَ ۾ لکندا هئا، ته انهن جي هجي هڪ جي ٻي ٿي ويندي هئي. انهيءَ ڪري مئڪمروڊ به ان کي ڊيبل ڪانگيرا Dibal Kangirah ڪري پڙهيو آهي.

  1. ميان آدم شاهه ڪلهوڙو ولد ميان کچن ولد صاحب ولد ميان خان ولد طاهر ولد ميان راڻو ولد شاهه محمد ولد ميان ابراهيم ولد ميان محمد، ولد ڄام چينه ولد شيخ الياس لنگراچ، ميان محمد جونپريءَ جو مريد هو. وقت جي حڪمران هٿان جيڪو ملتان ۾ رهندو هو، شهيد ٿيو. اتان سندس هڪ مريد شاهه محمد هن جو لاش آڻي سکر ۾ دفن ڪيو (تحفة الڪرام ص 256-257) (مترجم).

(140) هن شهر جا ٿرڙ ساڳئي نالي واري ڳوٺ ڀرسان ۽ ڪڪڙ کان اٺ نو ميل اتر- اولهه پاسي آهن. ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي فتح ڪرڻ کان اڳ ۾ هن شهر جو نالو فتح پور هو. فتح کانپوءِ مذڪوره شهر جو نالو مٽائي ”ڳڙهي“ رکيو ويو. سنڌيءَ ۾ هن لفظ جي معنيٰ ”ڳاڙهو“ آهي. هن شهر جو نالو ڳڙهي ان ڪري رکيو ويو هو، جو ان علائقي جي مٽيءَ جو رنگ ڳاڙهو هو. هتان جي هڪ ڏيهي تاريخ جيڪا فارسي ٻولي ۾ لکيل آهي، تنهن به هن علائقي کي ”ريگ سرخ“ يا ڳاڙهي واري ڪري لکيو آهي. مئسن Masson به 1839ع ۾ هن ٿرڙ وٽان مٽيو هو. کيس اتان جي ماڻهن ٻڌايو ته انهن ماڳن جو نالو وريج Vrig آهي. (ٽريولس- جلد ii ص 135) هنن ماڳن جي ڀر پاسي هن نالي جي ڪنهن کي به خبر ناهي. (ڀ) ڳڙهي معنيٰ ننڍو قلعو، ڪوٽڙي وڏي ڀٽ، عالم پناه. (ڏسندا سنڌي لغات ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ص 2397) (مترجم) ان علائقي جي مٽيءَ جو ورن کڻي ڳاڙهو هوندو، اها ٻي ڳالهه آهي، پر سنڌ ۾ ڪاٿي به ڳاڙهي لفظ کي ”ڳڙهي“ ڪونه چوندا آهن. ڳڙهيءَ جو پنهنجو مفهوم آهي.

(141) ڪنهن زماني ۾ هي وڏو علائقو هوندو هو. هاڻي فقط ديهه وڃي بچي آهي. ان نالي جو هڪ ڳوٺ سيوهڻ کان پندرهن ميل ڏکڻ اوڀر طرف ۽ سنڌوءَ جي اوڀارين ڪٺار سان واقع آهي. پتوڪونه ٿو پوي ته اهو سترهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ درياهه جي اولهه پاسي هو يا نه، پر ايترو سو پرو پوي ٿو ته اتنظامي نقطهء نگاهه کان سيوهڻ سان ڳنڍيل هو. وچان درياهه وهڻ جي باوجود به امڪان آهي ته انتظامي طور اڃا تائين به هن جو سيوهڻ سان واسطو هوندو. سندس حدون سڪرنڊ جي ڏکڻ اوڀر تائين هليون وڃن ٿيون.

(142) ڳيريلي جو شهر لاڙڪاڻي کان ٻارهن ميل ڏکڻ اولهه ۽ باقراڻي کان ست ميل اولهه طرف آهي.

(143) هن مان ديره جات جي هيٺئين ڀاڱي ڏانهن اشارو هوندو. چيو ويندو آهي ته مذڪوره علائقي جي راڄڌاني شڪارپور هوندي هئي.

  1. آنندرام مخلص جي بدايع وقايع موجب ٻاويهه لک روپيه ۽ هڪ هيرو هئا، جيڪي ضبط ڪيا ويا. (مرآت دولت عباسيه ص 137 ۽ جواهر عباسيه) لا لا دولت رام جو بيان آهي ته ميان محب سندس ڏاڏي مانجھي مل جي معرفت سون ۽ جواهرن مان جو ڪجهه به هو سو نادر شاهه جي خدمت ۾ پيش ڪيائين ۽ پنهنجو قصور به معاف ڪرايائين. تحفة الڪرام ۾ آهي ته هڪ ڪروڙ روپيا وٺي نادر شاهه ميان کي ملڪ موٽائي ڏنو. لب تاريخ سنڌ ۾ آهي ته ميان هڪ ڪروڙ روپيه جرمانو ادا ڪيو. هيوز چوي ٿو ته: ”ويهه لک روپيا سالياني رقم، خراج طور ميان صاحب تي عائد ڪئي وئي. گولڊ سمٿ لکيو آهي ته: ”هڪ لک ويهه هزار پائونڊ ساليانو خراج مقرر ٿيو ۽ هڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ڏن ورتو ويو. ايٽڪن موجب ميان صاحب هڪ ڪروڙ روپيا قرض ادا ڪيو ۽ خراج جو واعدو ڪيو. (تاريخ ڪلهوڙا دؤر، سنڌي ترجمو ص 389) (مترجم)
  2. پٺاڻن پئسي ڪارڻ سنڌ جي سياست ۽ امن امان کي تباهه ڪري ڇڏيو هو. پهريائين هنن ميان نور محمد جي وڏي پٽ مراد يار خان کي سنڌ جو حڪمران تسليم ڪيو هو، پر هن شرط سان ته هو روايتي ڏن کان وڌيڪ خراج ڏيندو رهندو. هو نصرپور ڀرسان مرادآباد نالي هڪ سهڻو شهر آباد ڪري اتي رهڻ لڳو. سرائي سردارن سان نه ٺهڻ جي ڏوهه ۾ کيس لاهي قيد ڪري ميان غلام شاهه کي تيرهين ذوالحج 1170هه/1756ع ۾ تخت تي ويهاريو ويو، جنهن پنهنجي حڪومت جي راڄڌاني پنهنجي پيءُ جي آباد ڪرايل شهر محمد آباد مراد آباد ڀرسان قائم ڪئي، جنهن جو نالو الله آباد رکيو ويو. ڇاڪاڻ ته هن کان ڪجهه وقت اڳ مراد آباد کي درياهه پائي کڻي ويو هو.

ميان احمد يار خان، ميان مراد ياب خان جي سڳي ڀاءُ شورش شروع ڪئي. ان وقت سندن ٻيو ڀاءُ محمد عطر خان احمد شاهه ابداليءَ وٽ يرغمال هو، تنهن به وڌيڪ رقم ڏيڻ جي بهاني تي سنڌ جي حڪومت جو پٺاڻن کان پروانو ورتو هو. هن کان اڳ ۾ احمد شاهه ابدالي محمد مراد ياب کي سنڌ جو پروانو ڏئي چڪو هو. غلام شاهه جڏهن ٻڌو ته پٺاڻن گھڻن پئسن بدلي محمد عطر خان کي سنڌ جي حڪومت ڏني آهي، ته هو پنهنجا خاص ماڻهو ۽ لشڪر وٺي ٿر ڏانهن نڪري ويو. محمد عطر خان جيڪو پٺاڻ لشڪر پاڻ سان وٺي آيو هو، تنهن اچڻ سان وٺي سنڌين سان ظلم ڪيا. ٻئي پاسي کان محمد مراد ياب، احمد يار خان ۽ انهن جي سردارن کي آس هئي ته محمد عطر خان محمد مراد خان جي حڪمرانيءَ واسطي احمد شاهه کان پروانو وٺي آيو آهي، ته اهو ڏسي کين مايوسي ٿي. هوڏانهن ميان غلام شاهه اڌيپور کان ڦيرو ڏئي اچي بهاولپور ۾ ترسيو ۽ حالتن جو اندازو لڳائي، سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ روهڙيءَ ڀرسان امرڪس واه ويجھو جھيڙو لڳو، جنهن ۾ عطر خان ۽ احمد يار خان کي شڪست آئي. پوءِ هو روهڙيءَ کان سوستان پهتو. ان زماني ۾ محمد مراد ياب خان گذاري ويو هو. سندس پونيرن سان وات پرچاڻي ڪري ڪجهه دير تڏي تي ويهي، اتان شوال سنه (1171هه/جولاءِ 1758ع)، الله آباد پهتو. محمد عطر خان ۽ احمد يار خان کي به وهڻ ڪونه آيو ۽ قلات جي حڪمران محمد نصير خان وٽ وڃي پهتا. قلات جي والي نصير خان جا ميان غلام شاهه سان دوستاڻا تعلقات هئا، سو هنن ٻنهي کي کڻي بنديخاني ۾ بند ڪيائين. اتفاق اهڙو ٿيو جو تن ڏينهن نصير خان مٿان پٺاڻ شاهي فوج ڪاهي آئي هئي. انهن وڳوڙي حالتن جو فائدو وٺي عطر خان ۽ احمد يار خان جان ڇڏائي وڃي احمد شاهه ابداليءَ وٽ پهتا.

اتان عطر خان عطائيءَ جي مهنداريءَ ۾ پٺاڻن جو لشڪر وٺي اچي سنڌ پهتا ۽ سنڌ جي تخت جي لالچ ۾ پٺاڻن هٿان سنڌ جا سهڻا شهر، وسندڙ وسنديون ۽ ڳڻن ڀريا ڳوٺ ڀيلائي ڀينگ ڪري ڇڏيا. اهو حال ڏسي غلام شاهه(1172هه/1758ع)۾ اورنگا بندر اڪري وڃي ڪجيءَ ۾ دم پٽيو. ان جو نالو شاهه ڳڙهه رکيائين. ان جي سامهون شاهه بندر نالي هڪ نئين بندر جي اڏاوت شروع ڪرايائين. اتي پنهنجي پٽ سرفراز کي ڇڏي، پنهنجي ڀائرن جي مقابلي لاءِ لشڪر وٺي اڳتي روانو ٿيو. ٻئي طرف کان عطر خان پٺاڻ فوج هٿان پنهنجي وسندڙ ملڪ کي ويران ۽ دڙيون دُڦ ڪرائيندو اڳتي وڌي رهيو هو. ٻئي ڌريون اچي چاچڪن ڀرسان هڪ ٻئي جي سامهون ٿيون. صلح لاءِ ڳالهه ٻولهه هلي، جنهن موجب سامونڊي ڪناري کان نصرپور تائين ملڪ ميان غلام شاهه کي مليو ۽ سنڌ جو باقي حصو عطر خان کنيو. ان وچ ۾ احمد يار خان جي پرواني جو ٻڌي ۽ هيڏانهن غلام شاهه جون جنگي تياريون ڏسي عطر خان وٺي ڀڳو. وري به بهاولپور مان دائود پوٽن جو لشڪر وٺي مقصودو فقير ۽ بهادر خان ساڻ ڪري سنڌ تي حملو ڪيائين، پر اٻاوڙي وٽ غلام شاهه جي فوج کيس سخت شڪست ڏني.

سنه 1176هه ۾ غلام شاهه ڪڇ تي ڪاهيو. رستي ۾ سندري جو قلعو فتح ڪيائين ۽ پوءِ اڳتي وڃي جاڙي جبل تي حملو ڪيائين. بستا ۽ لکپت بندر پڻ فتح ڪيائين. هن ٻيو ڀيرو سنه 1778ع ۾ ڪڇ تي حملو ڪيو هو ۽ ڪڇ جي راڄڌاني ڀڄ کان پنج ڪوه پري هڪ جاءِ تي وڃي منزل ڪئي هئائين. ڪڇ جي راءِ وچ تي وسيلا آندا. ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه ٿيو. ان زماني جي ٿورو اڳ پوءِ پٺاڻ درٻار غلام شاهه کي سنڌ جو حڪمران مڃي ”شاهه وردي“ خان جو لقب ڏيئي، هڪ هاٿي روانو ڪيو ۽ ان کانپوءِ کيس صمصام الدوله جو لقب ڏنو ويو هو. غلام شاهه پنهنجي قوت، پنهنجي همت ۽ تلوار سان مڃرائي هئي، پر ڪنهن پرواني تحت ڪانه مڃرائي هئي. (وڌيڪ لاءِ ڏسندا تحفة الڪرام سنڌي ص 274-283 تاريخ سنڌ اعجاز الحق ص 461-475 ۽ تاريخ ڪلهوڙا باب ٻيو) (مترجم).

(144) منهنجي هڪ دوست ڊبليو. جي. ولڪنس W. J. Wilkins، جيڪو ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي روينيو کاتي جي سروي واري شعبي ۾ ملازم هو، ڏاڍو سليم طبع ۽ شريف انسان آهي. هن صاحب سنڌ جي قديم درياهي وهڪرن ڏانهن خاص ڌيان ڏنو آهي ۽ مون کي ڄاڻ ڏني اٿس ته ڦليلي ڇاڙهه سنڌوءَ جي هڪ قديم شاخ آهي، سندس ويچار آهي ته هي وهڪرو، ڪنهن زماني ۾ سندس موجوده منهن کان نو ميل اتر اوڀر سيکاٽ وٽان سنڌوءَ مان ڇڄي ڌار ٿيندو هو. موجوده قديم وهڪري جي وچ تي موجود پراڻو پيٽ درياهه لٽي ڇڏيو آهي. منهنجو خيال آهي ته سندس ان ويچار کي هٿي ۽ پٺڀرائي ڏيڻ واسطي ڪا ثابتي موجود ڪانه آهي. جيڪڏهن سندس اهو خيال صحيح به آهي ته به هي صاحب اها ڳالهه ڪڏهن به ثابت ڪري ڪونه سگھندو ته ڦليلي سنڌوءَ جي هڪ نهايت، ڇاڙهه آهي. ڇاڪاڻ ته خود سنڌوءَ جو سيکاٽ وارو مکيه وهڪرو پاڻ ئي پوئين دؤر سان واسطو رکي ٿو. جڏهن سن 1758ع ۾ سنڌوءَ پنهنجو وهڪرو مٽايو ته اهو سندس آخري وهڪرو هو.

(145) شاهه پور اڃا به آباد ۽ اسرندڙ شهر آهي، جيڪو نصرپور کان چار ميل اولهه طرف آباد آهي.

  1. ميان سرفراز جي زماني ۾ راڄو ليکي اعتماد جوڳو ماڻهو سمجھيو ويندو هو، جنهن جي اشاري ۽ فريب سان مير بهرام کي قتل ڪرايو ويو. ان کانپوءِ فتح علي خان خداآباد تي حملو ڪيو. ميان سرفراز ڀڄي اچي حيدرآباد جي قلعي ۾ پناهه ورتي. سندس جاءِ تي هن جي ننڍي ڀاءُ ميان محمود کي تخت تي ويهاريو ويو. ان کانپوءِ حالتن جو اندازو ڪري ميان غلام نبي کي (1189هه/1775ع) آندو ويو. ان زماني ۾ مير بجار خان حج تي ويل هو. واپس اچڻ کانپوءِ الله بخش منجھڻ، محراب جتوئي ۽ پيروز پتافيءَ ميان غلام نبي کي اڳ ۾ ڪري جنگ جون تياريون ڪيون . اها جنگ تعلقي شهدادپور جي لانياري واري ماڳ تي لڳي. مير بجار وٽ ڇهه هزار ۽ ميان غلام نبي وٽ ٽيهه هزار لشڪر هو. جڏهن ميان غلام نبي ڏٺو ته سندس شڪست ٿي رهي آهي، ته هن لڪ چوريءَ ۾ مير بجار ڏانهن خط لکيو، جنهن ۾ واضح ڪيائين ته مذڪوره جنگ ۾ سندس هٿ ڪونه هو، ان ڪري هن جو ڪو به قصور ڪونه آهي ۽ صلح لاءِ قرآن شريف وچ ۾ آندو. ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه ٿي ويو، پتو نه آهي ته ڪهڙيءَ ريت اهڙي خط ۽ لڪ چوري ۾ پهتل پيغام کان تاجو ليکي واقف ٿي ويو ۽ پنهنجا ڪجهه ساٿي ساڻ ڪري ميان غلام نبيءَ وٽ پهتو، ڪجهه سوال جواب ڪرڻ کانپوءِ کيس تلوارن جا وار ڪري قتل ڪيو ويو. تاريخي حوالن مطابق کيس زمينون گھمندي قتل ڪونه ڪيو ويو هو ۽ نه وري کيس مير بجار ئي قتل ڪيو هو (تاريخ سنڌ اعجاز الحق ص 496-لب تاريخ سنڌ (سنڌي ص 159) تي آهي ته جڏهن مير بجار خان حج تان موٽي آيو ته ٽالپرن انتقام وٺڻ خاطر ميان غلام نبيءَ تي حملو ڪيو (اهو قتل سرفراز جي ڏينهن ۾ ٿيو هو ۽ انتقام ميان غلام نبيءَ کان ورتو ٿي ويو) ۽ هُو لانياري واريءَ جنگ ۾ مارجي ويو.

پنهنجي ڀاءُ غلام نبي جي جنازي دفن ڪرڻ کانپوءِ هن سمجھيو ته هو پنهنجي ڀاءُ سرفراز سندس پٽ محمد خان سندس ڀاءُ محمود خان ۽ چاچي عطر خان جي موجودگيءَ ۾ سنڌ جي تخت تي ويهي ڪونه سگھندو. ان ڪري هن جوڻيجه ذات جي پهريدارن سان هم صلاحو ٿي سڀني کي قتل ڪري ڇڏيو. (مترجم).

مير بجار جي قتل جي سازش ۾ قلات جو والي مير نصير خان، جوڌ پور جو راجا ۽ ميان عبدالنبي هڪ جيترو شريڪ هئا. (ڏسندا تاريخ سنڌ اعجاز الحق ص 511) لب تاريخ سنڌ (سنڌي ص 160) جو بيان آهي ته جوڌپور جي راجا وٽان ٻه جلاد گھرائي ميان عبدالنبي مير بجار کي اکين آڏو ڪهرايو. تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دؤر.

  1. ميان عبدالنبي، بي دخلي جي فرياد کڻي افغانستان پهتو هو، پر هن کان اڳ مدد خان محمد بهاول جي ملڪ ۾ پهچي چڪو هو. پنهنجي مدد لاءِ هن پنهنجو اثر رسوخ ڪتب آندو ۽ مدد خان کي راضي ڪرڻ لاءِ سوکڙيون پاکڙيون به ڏنيون هيون. مدد خان پٺاڻن جي صورت ۾ سنڌ تي ڪاري قيام ۽ نسورو ناحق ٿي نازل ٿيو، جتان به گذريو اتان شهر سڙي رک ٿي ويا ۽ وسندين بدران قبرستانن جون قطارون بڻجي ويون، جيڪي شهر دونهي دڦ کان بچي ويا، سي پٺاڻن جي ڦر لٽ کان بچي ڪونه سگھيا. اهو غلط آهي ته مدد خان جو ٻڌي مير ٿر ڏانهن ڀڄي ويا، پر مير عبدالله، مير فتح علي ۽ مير سهراب سنڌ جا ڪونڌر قطاري سامهون ٿيڻ لاءِ روانا ٿيا هئا. مير عبدالله ته قرآن هٿ ۾ کڻي مدد سان هڪ هڪاڻي ڪرڻ جو وعدو ڪيو هو. جڏهن مدد پٺاڻ کي سنڌي سورمن جي مڪمل تيارين جي خبر پئي، ته هيانءُ هاري ويهي رهيو ۽ صلح واسطي خط به پهريون هن ئي لکيو هو. (ڏسندا تاريخ سنڌ اعجاز الحق 521-523).

36. مير عبدالله مدد خان پٺاڻ کان ڊڄي عمرڪوٽ ڪونه ويو هو. پر فتح علي، ٽالپرن سان غداري ڪري وڃي مدد خان سان مليو هو. جڏهن کيس مدد خان جي فريب ۽ دغا ۽ ڌارين جي نيت جو پتو پيو، ڇاڪاڻ ته مدد خان دوستي جو دم هڻي کيس پاڻ وٽ گھرائي ٻه لک روپيه وٺي پوءِ آزاد ڪيو هو، ته پوءِ وڃي سندس دماغ جاءِ تي آيو. مدد خان سنڌين جي مقابلي کان ڊڄي روهڙي مان ڀاڄ ڪري وڃي اوٻاوڙي نڪتو. اتان مير عبدالله ڏانهن خط لکيائين ۽ مير فتح جيان کيس به ڦاسائڻ واسطي لفاظيءَ جي ڪوڙڪي اڏيائين. پر مير عبدالله خان سياڻو هو، هن مير فتح علي کي تياري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ کيس مدد خان جي قاصدن کي رخصت ڪرڻ لاءِ به چيو ۽ کيس اهو به چيائين ته مدد ڏانهن اهو چوائي موڪلي، ته جيڪڏهن کيس اسان سان ملاقات جو ايڏو شوق آهي، ته اسان جو انتظار ڪري. فريئر نامي ۾ آهي ته جڏهن سندس قاصدن وسيلي مدد خان کي اهو پيغام پهتو، ته هن ان ڏينهن ئي تنبو طولان پٽي سنڌو درياهه اڪري افغانستان جو رخ ڪيو. (ڏسندا تاريخ سنڌ اعجاز الحق ص 532 ۽ 533-بحواله فتح نامه-عظيم ص 93 ۽ 94)