سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو

ڪتاب جو نالو سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو
ليکڪ جنرل هيگ
سنڌيڪار / ترتيب عطا محمد ڀنڀرو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-16-1
قيمت 400    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (790) PDF  E-Pub
انگ اکر

12 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     254126   ڀيرا پڙهيو ويو

باب ٻيو _ سڪندر جي حملي وقت (325-326 ق. م.) سنڌوءَ جي ڇوڙ وارو علائقو


نيرڪوس جو ٻيڙين وسيلي سنڌوءَ مان هاڪارڻ جو پيرائتو احوال ائرين Arrian ڏنو آهي، جنهن ۾ هن سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جي ان دور جي جاگرافي وغيره بيان ڪئي آهي، پر بدقسمتيءَ سان ڪي ڳالهيون اڻپوريون رهجي ويون آهن. پهريائين مان پڙهندڙن کي نيرڪوس جي هاڪارڻ وارن شروعاتي ڏينهن بابت ڌيان ڇڪائيندس. مون سي مُلر C. Muller جي ”انڊيڪي“ Indike مان ترجمو ڪيو آهي. هو پنهنجي ڪتاب جاگرافي گرئسي مائنورس Geography Grici Minores جلد پهرئين ۾ هن ريت لکي ٿو: هنن پهرئين ڏينهن پنهنجي ڪئمپ پٽي پنهنجي درياهي لشڪر سان هاڪاري سنڌوءَ جي هڪ وڏيءَ ڇاڙهه ۾ (12) اچي لنگر هنيا، جتي هنن ٻه ڏينهن آرام ڪيو، هن ماڳ جو نالو اسٽائور Stoura هو، جيڪو درياهي فوج جي اڳينءَ ڪئمپ کان هڪ سو اسٽاڊيا پري هو (3) ٻئي ڏينهن هنن سنڌوءَ جي ٻئي ڦاٽ ۾ ٽيهه اسٽاڊيا سفر ڪيو. هن جو پاڻي کارو هو. ڇاڪاڻ ته سمنڊ جو پاڻي مٿي چڙهي ٿي آيو. خاص طور تي چاڙهه جي رُت ۾ ته سامونڊي پاڻي لهه چڙهه واري صورت حال ۾ وڌيڪ اثر ڏيکاري رهيو هو، جنهن جاءِ تي فوجي ٻيڙن لنگر هنيا هئا، تنهن کي ”ڪائو مانا“ Kaumana سڏيائون ٿي. هن ماڳ وٽان لهواري طرف ويهه اسٽاڊيا هاڪاريائون ته اچي ڪورياٽس Koreatis نالي هڪ ٿاڪ وٽ ٿانيڪا ٿيا. اهي اڃا به درياهه ۾ هاڪاري رهيا هئا. بعد ۾ هتان ٿورو سفر ڪيائون ته آڏو درياهه ۾ ٻيٽاري ڏسجي رهي هئي ۽ اتان ئي سِنڌو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري رهيو هو. سامونڊي ويرون ڪنارن سان ٽڪرائجي ڪولاهل مچائي رهيون هيون ۽ ڪنارو کاڌل نظر اچي رهيو هو. مذڪوره ٻيٽاريءَ جي واري ڏاڍي نرم هئي. ان منجھان پنج اسٽاڊيا کن جي فاصلي جيتري واهي کوٽيائون. جڏهن وير چڙهي ۽ موٽي ته اها واري پاڻ ويتر کاڄي ايتري موڪري ٿي وئي جو سندن جهاز منجھانئس اڪري هليا ويا. سامونڊي ڪناري سان هڪ سو پنجاهه اسٽاڊيا وڪڙ ڪري هڪ وارياسي ٻيٽ ڪروڪالا Krokala وٽ اچي پهتا، جتي هڪ ڏينهن ترسيا، هن ٻيٽ ڀرسان آرابي نالي سنڌين جو هڪ قبيلو رهندو هو. هن قبيلي جو ذڪر مون به پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو آهي. مذڪوره قبيلي تي اهو نالو سندن ملڪ جي درياهه آرابس Arabis (4) ڪارڻ پيو آهي، جيڪو ان ملڪ منجھان گذري وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. اهڙيءَ ريت اهو درياهه سندن ۽ اوريٽاءِ Oritae جي ملڪ جو دنگ پڻ ڏيکاريندو آهي. هنن ڪروڪالا کان پنهنجا ٻيڙا هاڪاريا، آئروس Eiros واريون ٽڪريون سندن ساڄي طرف ته سندن کاٻي پاسي وري تراکڙي مٿاڇري وارو ٻيٽ هو. مذڪوره ٻيٽ ڪناري کان وٺي اندر سمونڊ ۾ هليو آيو هو ۽ کاريءَ کي سوڙهو ڪري ڇڏيو هئائين. اتان ڏکيو سکيو پار ڪري اچي هڪ ٻيٽ تي لنگر هنيائون. هيءُ ٻيٽ ڏاڍو سهوليت وارو ويڪرو ۽ ڪشادو هو. سَهنجائي ۽ ڪشادگي ڪري نيرڪوس کي ڏاڍو وڻيو هو. ان ڪري سندس نالو ”اليگزينڊرس هيون“ رکيو هئائين. ان ترسڻ واري جاءِ جي منهن ڀرسان هڪ اسٽاڊيا جي پنڌ تي بباڪٽا Bibakta نالي هڪ ٻيو ٻيٽ هو. ان سڄي علائقي جو نالو سانگدا Sangda هو. هيءُ ٻيٽ سمنڊ جي آڏو ڄڻ هڪ جھَلَ بڻيل هو ۽ ٻيڙن جو ڏاڍو بچاءُ ڪيو بيٺو هو.“

هن حقيقت تي ويساهه ڪري سگھجي ٿو ته سنڌوءَ جي هيءَ صفا الهندي ڇاڙهه هئي، جيڪا سڪندر پاڻ جاکوڙي لڌي هئي ۽ نير ڪوس ٻيڙا به ان منجھان هاڪاريا هئا. (5) هن ڇاڙهه جي پُڇڙي گھاري واري کاري هئي. اچرج جھڙي ڳالهه اها آهي ته سڪندر جهاز رانيءَ لائق سنڌوءَ جي ٻن وڏن ڦاٽن لاءِ گھڻو جاکوڙيو هو، پر هنن ان جي ننڍين ڇاڙهن جو ڪو به ذڪر ڪونه ڪيو آهي. اهو ماڻهو جيڪو هن ڇوڙ واري علائقي جي درياهي ڇاڙهن جي ڄاڻ رکندو هو، تنهن کي خبر هوندي ته هنن ٻن وڏن ڦاٽن کانسواءِ سنڌوءَ جون ٻيون به الائي ڪيتريون ڇاڙهون هونديون، جيڪي سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪنديون هونديون. انهن مان ڪي جهاز رانيءَ لائق به هونديون ۽ سڪندر جنهن وقت ڇوڙ واري علائقي ۾ پهتو هو، تنهن وقت چاڙهه ۾ رُت هئي. ڪيترين ڇاڙهن ته سندس ڌيان به ڇڪايو هوندو. سڪندر جي هن جنگي مهم ۾ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا، تن جو چوڻ آهي ته درياهه جي ڇوڙ واري علائقي جي صفا اوڀر ۽ صفا اولهه وارين سنڌوءَ جي ٻن وڏين ڇاڙهن جي وچ ۾ تمام گھڻو فاصلو هو. اهو وچ وارو فاصلو ڪنهن هڪ سو پندرهن، ڪنهن ٻه سو ڇهه، ته ڪنهن وري ٻه سو ٽيهه ميل (13) ٻڌايو آهي. گھٽ ۾ گھٽ ٻڌايل فاصلو ڪوري ۽ گھاري واري کاريءَ جي وچ وارو نڪ سامهون سڌو پنڌ آهي، جنهن جي پٺڀرائي تازي سروي پڻ ڪري ٿي. مٿي بيان ڪيل ترجمي جو ٽڪرو ڏنو ويو آهي. صورت حال مان پتو پوي ٿو ته نيرڪوس جنهن ڦاٽ مان ٻيڙا هاڪاريا هئا، سو پڪ سان ”گھارو“ هو. شاهديون به اهڙيون آهن، جن کان ڪير به انڪار ڪري ڪونه سگھندو. ان ٽُڪري ۾ هيءَ حقيقت به موجود آهي، ته درياهه جي ڇوڙ آڏو جھَل far هئي، جنهن جو مطلب اهو ٿيندو ته اها جھل، واري ۽ لٽ جي ٻيٽاري هئي. درياهه جڏهن سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندا آهن، ته ڇوڙن جي مُنهنِ ۾ عام طور تي اهڙيون ٻيٽاريون ٺهي پوندِيون آهن. مان وسهان ٿو ته مذڪوره جھَل به اهڙي قسم جي واريءَ جي هڪ ٻيٽاري هئي. جيڪڏهن اسان هن جھَل مان اهو مفهوم وٺون ته اتي ڇوڙ جي آڏو سمنڊ ۾ هڪ ٽڪري موجود هئي ته پوءِ اسان کي اهو سمجھڻو پوندو، ته اهو ڇوڙ گھاري کي اوڀر طرف ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته ڇوڙ واري انهيءَ علائقي ۾ سمنڊ اندر  ميلن تائين هيٺ گھرائيءَ ۾ يا مٿڀرو، ڪا ٽڪري ته ڇا، پر هڪ پاهڻ به موجود ڪونه آهي. سر اليگزينڊر برنس 1831ع ۾ هن ڇوڙ واري علائقي ۾ آيو هو، هن گھاري کان اوڀر طرف پٽيءَ واري ڇاڙهه ۾ ڪنهن ٽڪريءَ جي مٿاڇري کي محسوس ڪيو هو. هن حقيقت کيس ڇرڪائي وڌو هو ۽ بنا سوچڻ جي اهو سمجھي ورتائين ته جنهن رنڊڪ ياجھل جو نيرڪوس ذڪر ڪيو آهي، سا اها ئي ٽڪري آهي. هيءُ چوي ٿو: ڇوڙ جي ٿاڪ ڀرسان لنگھياسون ته محسوس ٿيو ته هيٺان ڪا ٽڪري آهي، جنهن درياهه جي ساري پيٽ کي والاري ڇڏيو هو. نيرڪوس ته خاص طور ان جو ذڪر ڪيو آهي ۽ کيس خطرناڪ ٽڪري سڏيو آهي. هيءَ ان ڪري سڃاپري آهي، جو ٺٽي کان وٺي هيٺ سمنڊ تائين، سنڌوءَ جي وهڪري ۾ ڪنهن پٿر جو پرزو به ڳوليو ڪونه لڀندو (14) جيڪڏهن هن سچ پچ سِنڌوءَ جي وهڪري ۾ ڪا ٽڪري ڏٺي آهي ۽ سڃاتي آهي، ۽ اها نيرڪوس واري جھل آهي ته پوءِ سندس پٺڀرائي ڪرڻ لاءِ گھڻو ڪجهه ڳالهائي سگھجي ٿو، پر حقيقت اها آهي ته سنڌ جي فتح کان پوءِ برطانيه سرڪار سنڌوءَ جي ڇوڙن جي سروي ڪرائي هئي، جنهن ٽڪريءَ جي موجودگيءَ جو سر اليگزينڊر برنس ذڪر ڪيو هو، تنهن تي ته خاص ڌيان ڏيئي، چڪاس ۽ جاچ پڙتال ڪئي وئي هئي، ۽ ڏٺو ويو ته اتي ڪا به ٽڪري وغيره ڪانه هئي. شايد هو کاريءَ جي ان علائقي ۾ پهتو هو، جتي ڪالو مڇي Oyster-bank تمام گھڻي ٿيندي آهي. ان مڇيءَ جي گھڻائي ڪنهن ٽڪريءَ سان مشابهت رکندي آهي (15). ان ڪري سر اليگزينڊر برنس کي ٽڪريءَ جي موجودگيءَ جو گمان ٿيو هو. قصو اڳتي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي ته جڏهن ڇوڙ کان ٿورو مٿي سامونڊي ڪنارو کاڌل ۽ ٽڪرائتو آهي. لَٽَ ۽ واريءَ جي ڊهڻ سان اُڀاڻل ڇوڙ کي جابلو علائقو سڏي ڪونه ٿو سگھجي، پر ڪوهستان واري ڏاکڻي ميداني علائقي سان هيءُ بيان ٺهڪي اچي ٿو، جيڪو ساڪري ۽ ڇڊين پاڊين ٽڪرين ۽ برساتي گھارن ڪري ائين ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اهو علائقو سامونڊي ڪناري کان گھڻو مٿانهون ۽ ڪراچيءَ ۽ ٺٽي جي وچ تي ڇوڙ واري علائقي کي چوڏس ڦري اچي ٿو، جيڪو گھاري ڦاٽ جو ڪنارو پيو محسوس ٿيندوآهي. موجوده دور ۾ اولهه پاسي کان ڇوڙ وارو علائقو، ڪراچيءَ ڀرسان ”گِزريءَ“ تائين انهيءَ اتاهين ڪناري تي مشتمل آهي. امڪان اهو آهي ۽ معلوم به ائين ٿئي ٿو ته نيرڪوس جي زماني ۾ گزري واري کاريءَ کان اوڀر طرف ڪجهه ميلن تائين، سمنڊُ، ڪناري کي کائي ويو هو. ان کانسواءِ اسان کي اهو به ٻڌايو وڃي ٿو ته درياهه ڇڏڻ کانپوءِ جھڙيءَ ريت مئڪرنڊل Mr. Mcrindle پيرائتو احوال ڪري سمجھايو آهي ته: ”هن ورن وڪڙن واري سامونڊي ڪناري سان سفر ڪرڻ شروع ڪيو هو. (16) جيڪڏهن اهو جنگي آرماڙ گھاري کان اڀرندي ڪنهن به ڦاٽ کان هلي ها، ته ورن وڪڙن واري سامونڊي ڪناري سان سفر ڪونه ڪري ها. ان حالت ۾ ڇوڙ وارو سامونڊي ڪنارو هجي ها، جيڪو بلڪل سنئون سڌو لاڳيتو هڪجھڙو آهي. اهو سڀ ڪجهه سمنڊ جي ويرن ۽ ڪناري جي نرم واري ڪري ٿيو آهي ۽ ڪنارو بلڪل سڌو آهي. معلوم ٿئي ٿو ته سنڌو ڇڏي، گھَاري ڦاٽ وسيلي سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ ۽ ڪناري سان سفر ڪرڻ ڪري سامونڊي ڪناري جي صورتحال مطابق انهن جي آرماڙ کي ور وڪڙ ڪرڻا پيا هوندا. اسان جيڪڏهن هنن بيانن جي ٿورو تفصيل ۾ وينداسون ته اسان کي اهو سمجهه ۾ ايندو ته اهي اکين ڏٺن شاهدن جي بيانن تان ورتل آهن. اهڙيءَ ريت ڪتاب ۾ ڪتب آندل ٽڪرا به ائرين Arrian، نيرڪوس جي احوال تان کنيا آهن، منهنجي خيال ۾ اهي اهڙي قسم جا حادثا هوندا، جن ”نيرڪوس“ جي يادگيرين کي متاثر ڪيو هوندو. اهو ورن وڪڙن وارو ڪنارو جيڪو نيرڪوس وارو آرماڙ ڏئي هليو هو، جنهن کي هندي سمنڊ جي لهرن کائي ڇڏيو هو، سو سنڌ جي انهيءَ سامونڊي ڪناري کانسواءِ ٻيو ڪونه آهي، جنهن جو مون مٿي بيان ڪيو آهي.

ٿوري گھڙيءَ لاءِ ڇوڙ واري علائقن جي موضوع کي ڇڏي هڪ اهڙي نڪتي ڏانهن اچون ٿا، جيڪو وڌيڪ ڌيان لهڻي ٿو. هيءَ هڪ غير ضروري ڳالهه آهي ته سنڌوءَ جي هڪ مکيه ڦاٽ ۾ خاص طور تي سيپٽمبر مهيني ۾ جڏهن چاڙهه جو پاڻي پوري ريت لهي ته ڪونه ويندو آهي، پر گھڻو نه هوندو آهي ۽ مذڪوره ٻيٽاري Bar وٽ وير چڙهڻ وقت به پاڻي جي جاجهه ڪانه هوندي آهي، ۽ مهيني جي پهرئين ۽ پوئين هفتي ۾ ست فوٽ ۽ چيٽ جي رُت ۾ نَوَ فوٽ هوندي آهي. اهو ڪيئن ٿي سگھيو هوندو، جو هٿرادو کوٽيل هڪ ننڍيءَ واهيءَ مان ايڏا وڏا ٻيڙا اُڪري سگھيا هوندا، جيستائين ان واهيءَ کي وڌيڪ کوٽي هيٺ اونهون نه ڪيو ويو هوندو. هن معاملي ۾ منهنجو ويچار هيءُ آهي ته نيرڪوس پنهنجا ٻيڙا سنڌوءَ جي مکيه وهڪري وسيلي هاڪاري سمنڊ ۾ داخل ٿيو هوندو، جتي سمنڊ جي وِير ۽ درياهه جي پاڻيءَ جو ٽڪراءُ تمام خطرناڪ هوندو آهي. وڏيءَ وِير جي اهڙي ٽڪراءَ ۽ خطري کان لنوائڻ واسطي، وير چڙهڻ وقت هن پنهنجا ٻيڙا پاسي واري کاريءَ ۾ هنيا هوندا. درياهن جا مکيه وهڪرا پنهنجو واڌو پاڻي ڪڍڻ لاءِ، سمنڊ جي پاسن ۾ اهڙيون کاريون بڻائي ڇڏيندا آهن. گھاري ڦاٽ جي به هڪ کاري آهي، جيڪا اڃا به موجود آهي ۽ ڪُڏارو “Kudaro” جي نالي سان سڏي ويندي آهي. ان کان علاوه ان وهڪري سان جابلو ڪنارو به موجود آهي، جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. اسان کي اهو به ٻڌايو وڃي ٿو ته ڇوڙ جي ويجھو موجوده دور ۾ به هڪ ننڍڙو بندر آهي، جنهن کي واگھو ڏر Crocodile hole جي نالي سان سڏيو ويندو آهي ۽ اتي درياهي ٻيڙيون اچي بيهنديون آهن. اسان کي هاڻي معلوم ٿي ويو ته نيرڪوس گھاري ڦاٽ وسيلي سمنڊ ۾ داخل ٿيو هو.

هڪ سوال ته ڪهڙي ڦاٽ ۽ ڇوڙ وسيلي نيرڪوس وارو آرماڙ سمنڊ ۾ داخل ٿيو هو، سو ته نبري ويو. هاڻي باقي ڪروڪالا ٻيٽ وارو مامرو نبيرڻو آهي. جيئن ته اسان وٽ، ڇوڙ واري ٿاڪ کان وٺي ان مذڪوره ٻيٽ تائين سڄي ماپ موجود آهي. ان ڪري تنهن دور جي ڇوڙ واري علائقي جي سامونڊي ڪناري جو سولائيءَ سان پتو پئجي سگھندو. جيڪڏهن اسان سندس بيان ڪيل حصي مان اليگزينڊر هيون جي ماڳ کي سڃاڻڻ ۾ سوڀارا ٿياسون، ته ڪروڪالا وارا ٿاڪ ۽ ٿاڻا سڃاڻڻ ۾ سوڀ ماڻينداسون. ڪراچيءَ وارو بندر ۽ ڪراچي واري اپسمنڊ وارو علائقو، جنهن ۾ اهو بندر آهي، تنهن کي عام طور ”اليگزينڊر هيون“ سمجھيو ويندو آهي، جنهن تي سڀني جو اتفاق آهي. حقيقت اها به آهي ته سمنڊ ۾ هاڪاريندڙ جهازن واسطي محفوظ بندر ”ڪالوس“ Kalos، ”يورو ماس“ Euromos کانسواءِ ٻيو ڪونه آهي. بهرحال، اها ڳالهه واضح آهي ته ڪروڪالا الگزينڊر هيون جي منهن ڀرسان هو. مورخ پنهنجي عادت جي ابتڙ اها ڳالهه ڪري وڌي آهي، پر هن هتي ڪروڪالا جو فاصلو ڪونه ٻڌايو آهي، جنهن مان اسان اهو انومان ڪري سگھون ٿا، ته اهو ننڍڙو ۽ تڇ سمان سمجھيو ويو هو، ان ڪري سندس تفصيلي ذڪر ڪرڻ ضروري ڪونه سمجھيو ويو. ٻي ڳالهه اسان کي هيءَ ڏسجي ٿي ته آرماڙ ”ڪرو ڪالا“ وٽان لنگھي، هڪدم کاريءَ ۾ پهچي وڃي ٿو ۽ اتان نڪري ”اليگزينڊر هيون“ اچي پهچي ٿو، جنهن مان اسان ڄاڻي وٺون ٿا ته ٻئي ماڳ هڪ ٻئي کان گھڻو وٿيرڪا ڪونه هئا. جڏهن آرماڙ سفر لاءِ اڳتي اسهيو ته آئروس Eiros جون ٽڪريون سندن ساڄي پاسي هيون. ائرين، اوروس Oros جو لفظ ٽڪرين واسطي ڪتب آندو آهي. پوٺي وارن هن لفظ کي هميشه جبل جي مفهوم ۾ سمجھيو ۽ ترجمو ڪيو آهي. تنهنڪري اسان لاءِ به ضروري آهي ته هن لفظ کي ٽڪري، جبل يا پوٺي جي معنيٰ ۾ سمجھون ۽ اهو ئي ترجمون ڪريون. منهوڙي لاءِ به ساڳيو لفظ استعمال ڪري سگھجي ٿو، جنهن جي هن سامونڊي ڪناري سان چڱي خاصي اهميت آهي. هن ٻيٽ جو مٿئين ۾ مٿيون ڀاڱو سمنڊ جي مٿاڇري کان هڪ سو فوٽ مٿي آهي. جنرل ڪننگهام، منهوڙي کي آئروس سمجھي ٿو ۽ چوي ٿو ته اهو سفر ڪرڻ وقت ساڄي هٿ تي بيهي ٿو ۽ سندس کاٻي طرف هڪ تراکڙي مٿاڇري وارو ٻيٽ به آهي، پر اها ڳالهه تڏهن صحيح ثابت ٿيندي، جڏهن ڪو ڪراچي جي بندرگاهه ۾ اندر داخل ٿيندو. مگر ان حقيقت ڏانهن سندس ڌيان ڪونه ٿو وڃي ته جيڪڏهن جهاز ڪراچي بندر کي ڇڏيندو، ته اهي ساڳيا ماڳ سندس ڪهڙي هٿ تي وڃي بيهندا ۽ منهوڙو ته ماڳهين ابتي پاسي وڃي بيهندو. تنهن ڪري اهو ماڳ منهوڙو ٿي ڪونه ٿو سگھي. هن ساري سامونڊي ڪناري واري علائقي ۾ فقط ٻه ٽڪريون يا پوٺا اهڙا آهن، جن لاءِ مذڪوره تاريخي ماڳ جو انومان ڪري سگھجي ٿو. انهن مان هڪ ماڳ انگريزن جو ڪلفٽن آهي، جنهن کي سنڌي ”هوابندر“ سڏيندا آهن، جيڪا ڪراچيءَ جي اپسمنڊ جي اوڀر واري زمين جي ٺونٺ آهي. ٻيو ٿاڪ گذري آهي، جيڪو ڪلفٽن کان ميل کن اوڀر ڏس تي آهي. مان ڪلفٽن کي ائروس سمجھان ٿو، جنهن کي تاريخ ۾ سوڙهي کاري Narrow Creek سڏيو ويو آهي، سا منهنجي ويچار مطابق چيني کاري Chini Creek آهي، جيڪا ڪلفٽن مان لنگھي وڃي ڪراچيءَ جي بندر ۽ اپسمنڊ Bay ۾ دنگ ڪري ٿي. ڪياماڙي واري ٻيٽ جو مٿاڇرو به تراکڙو آهي، جيڪو ڪلفٽن جي سامهون ڌرتيءَ ڏانهن وڌندو ٿو وڃي، جنهن ڪري وچ واري کاري سوڙهي ٿي پئي آهي. منهوڙو هن مامري ۾ ”بباڪٽا“ Bibakta جي ماڳ سان گھڻي هڪجھڙائي رکي ٿو. اهو ڄڻ ته سمنڊ جي پاڻيءَ کان بچاءُ ڪري ٿو ۽ ڪراچي بندر واري پاسي کان اوچائيءَ ۾ ڪجهه مٿڀرو آهي. پر منهنجو هيءُ خيال آهي ته تاريخي بيان ”اهو ماڳ جتي جهاز لنگر هڻي بيٺا هئا، اتان کان ٻن اسٽاڊيا جي فاصلي تي هو“. ڇاڪاڻ ته منهوڙو ڪياماڙيءَ جي ويجھي ۾ ويجھي نُڪتي کان به منو ميل يا ڇهه اسٽاڊيا پري آهي. ٻي ڳالهه اها به آهي، ته اهو هاڻي ٻيٽ به ڪونه رهيو آهي ۽ اولهه پاسي کان ڏهه ميل ڊگھيءَ ڊٻ وسيلي ڌرتيءَ سان ڳنڍيل آهي. هتي هن ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ به ضروري ٿو سمجھان ته سامونڊي ڪناري واري هن علائقي ۾ هڪ پوٺو به پيدا ٿي پيو هو. مسٽر بلان فورڊ Mr. Blan Ford جڏهن هن جوءِ جي آس پاس ارضيات جي نقطهء نظر سان جاچ پڙتال ڪري رهيو هو، جيڪو ڪنهن تازي (18) دور ۾ پيدا ٿيو هو“ ڪيپ مونزري (19) کان اولهه پاسي ۽ سامونڊي ڪناري جي ويجھو به لٽ جو ٻيو پوٺو کيس ڏسڻ ۾ آيو هو. ائرين جنهن ماڳ کي مورنٽو باريو Moronto bareo سڏيو آهي، جتي جهازن لنگر هنيا هئا، سو هاڻي گم ٿي ويو آهي. ڪتابن جي حوالن مان ائين لکي سگھجي ٿو ته، اهو موجوده سون مياڻي جي اوڀر پاسي توڙي پنڌ تي واقع هو. ان بابت هن ريت چيو ويو آهي ته، ”اهو پکيڙ ۾ ويڪرو، محفوظ ۽ اونهي پاڻيءَ ۾ موجود هو“ اهي شاهديون ڪراچيءَ جي ڀر پاسي واري جوءِ سان پوريون ٺهڪي اچن ٿيون، جتي هاڻي سمنڊ جي اتاهين وِيرين جو پاڻي به پهچي ڪونه سگھندو آهي. ان جي شڪل صورت هڪ ٻيٽ جھڙي آهي. ڪنهن زماني ۾ اتي بندر هو، هاڻي انهن ٿاڪن تي ”ڪراچي آبزرويٽري“ قائم آهي. ڏيهي روايتن مطابق، هتي ڪنهن زماني ۾ شهر ۽ بندر هوندو هو ۽ چيني کاريءَ Chini Creek وسيلي هن بندر تي پهچي سگھبو هو. ڀرپاسي جي ملڪن جا جهاز هتي بيٺل ڏسبا هئا. اهو به چيو ويندو آهي ته چار سو سال اڳ تائين مذڪوره بندر ۽ شهر آباد رهندا آيا (20) هاڻي هنن ماڳن وٽان سمنڊ گھڻو پوئتي هٽي ويو آهي.

اسان پنهنجي مقصد وارين ڳالهين کان گھڻو پري هليا ويا آهيون، تنهن ڪري موٽي ”ڪروڪالا“ طرف اچون ٿا. منهنجو ويچار آهي ته اهو ماڳ هڪ ٻيٽ جي شڪل صورت ۾ هاڻي موجود ڪونه آهي. وچ واري کاري لٽجي وڃڻ ڪري ڪروڪالا وارو ٻيٽ ڌرتيءَ سان گڏجي ويو آهي ۽ اهو هاڻي واريءَ جي ڊهن ۽ ڀٽن جي شڪل ۾ موجود آهي، جيڪو ڇوڙ واري سامونڊي ڪناري سان گڏ ڏکڻ اوڀر طرف پکڙبو، اڳتي هلندو وڃي ٿو. ڪلفٽن ۽ گذري جي پوٺن کان اهو ماڳ ٽي ميل کن پري ٿيندو. تاريخي حوالن مطابق ڪروڪالاجي ٿاڪ لاءِ هن کان وڌيڪ مناسب ماڳ منهنجي نظر ۾ ٻيا ڪونه آهن. تاريخي حوالو اسان کي چٽيءَ ريت ٻڌائي ٿو ته: ”جڏهن ٻيٽ تان جهازن کي هاڪارِيو ويو ته ”آئروس“ سندن ساڄي پاسي هو (21) هن حقيقت مان اهو معلم ٿئي ٿو ته ڪروڪالا ۽ آئروس پاڻ ۾ ويجھي پنڌ تي هئا. پر منهنجو پنهنجو خيال آهي ته مذڪوره ٻيٽ جي اتر پاسي سامونڊي کاري هئي. ان کاري کي اڪرڻ کان پهريائين چيني کارِي ۾ موجوده ڪلفٽن واري ڪُنڊ وٽان به آرماڙ کي لنگھڻو پيو ٿي. ڊاڪٽر ونسينٽ Dr. Vincent ۽ جنرل ڪننگھام ڪياماڙيءَ (22) کي ”ڪروڪالا“ سمجھن ٿا. اهو وارِياسو ٻيٽ به آهي. تاريخي حوالن ۽ سامونڊي ڪناري وارن نقشن جي روشنيءَ ۾ هرڪو نيرڪوس وانگر ڪروڪالا کي ئي ڪياماڙي سمجھندو. ٻئي پاسي وري اهو ماڳ هڪ ٻيٽ سان به هڪ جھڙائي رکي ٿو. اليگزينڊر هيون ڏانهن ويندي سوڙهي کاري پار ڪرڻ وقت ”آرماڙ“ ان ٻيٽ جي کاٻي طرف کان گذريو هو. منهنجو اهو انومان آهي ته ڪيترين صدين گذرڻ کانپوءِ مذڪوره ڪروڪالا ٻيٽ، ڌرتيءَ سان ملي ڌرتي بڻجي ويو آهي. هيءَ ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه به ڪانه آهي. اهڙيون سوڙهيون کاريون لٽ سان ڀرجي پورجي به وينديون آهن. ڪلفٽن جي جوءِ جي واريءَ وارا دڙا ملير نئن ۾ وهي ايندڙ لٽ سبب ٺهيا آهن، جيڪا برسات جي رُت ۾ جبل مان واري کڻي اچي گذري وٽان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي آهي. مون کي پڪو ويساهه آهي ته ڪروڪالا ٻيٽ ملير نديءَ جي واريءَ جي پيداوار آهي ۽ ان جي جاگرافيائي صورت حال به اها آهي، جيڪا مان ٻڌايان ٿو. ڇاڪاڻ ته سنڌوءَ جي ڇوڙ واري ماڳ کان مذڪوره ٿاڪ هڪ سو پنجاهه اسٽاڊيا پري آهي. تنهنڪري ڪروڪالا جي لَٽَ ۽ واريءَ کي سنڌوءَ ڏانهن منسوب نه ٿو ڪري سگھجي. ان ٻيٽ ۽ ڌرتيءَ جي وچ تي جيڪو ٿورو سامونڊي پاڻي بيٺل هو، تنهن کي به ملير ندي ۾ ايندڙ لَٽَ ۽ سامونڊي واري لٽي پُوري ڇڏيو. سامونڊي ڪنارن سان موجود واريءَ جا ڊها به هن ڏس ۾ ڪجهه مددگار ثابت ٿيندا آهن (23).

ان دور جي ڇوڙ واري علائقي سان لاڳاپيل سامونڊي ڪناري ۽ ڪروڪالا جي وچ ۾ هڪ سو پنجاهه اسٽاڊيا فاصلو ٻڌايو وڃي ٿو، جيڪا ڪروڪالا جي ماڳ متعين ڪرڻ لاءِ هڪ پڪي ثابتي آهي، پر وري هتي اسان هڪ ٻئي ڏچي ۾ اڙجي ٿا وڃون. ڇاڪاڻ ته نيرڪوس پنهنجي سڄي سامونڊي سفر جا جيڪي تخمينا ٻڌايا آهن، سي نه فقط غلط آهن، پر انهن ۾ وڌاءُ به آهي. موجوده دور جي نقشن مطابق، اليگزينڊر هيون کان وٺي ڪرمانيه Carmania جي دنگ تائين فاصلو حد کان وڌائي ٻڌايو ويو آهي. تنهن ڪري ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته سفر جي شروعاتي ڏينهن ۾ پنڌ کي وڌائي پيش ڪيو ويو آهي. ڊي آن ول D.An Will ۽ ونسيٽ جھڙا مصنف به هن نتيجي تي پهتا اهن، ته هنن فاصلي جو مدار اولمپيا جي فاصلي جي معيار مطابق ڪٿيو آهي. هن ڳالهه مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته هنن جيڪو پنهنجي سفر جي پهرئين مرحلي جو تخمينو لڳايو آهي، سو ئي نبيري سگھجي ٿو. پنڌ جي ٻئي مرحلي ۾ هنن اسٽاڊيا جي ماپي کي وڌائي ڇڏيو آهي ۽ ان فاصلي ۾ موجود غلطي دور ڪري مسئلي کي سمجهائي نييري سگهبو. مسٽر بن بري Mr. Bun Bury پنهنجي ڪتاب ”هسٽري آف اينشينٽ جاگرافي“ ۾ هڪ نُڪتي ڏانهن اشارو ڪندي لکي ٿو ته: ” اهڙي ڪابه ثابتي ڪانه آهي ته يونان ۾ ”اسٽاڊيا“ کانسواءِ پنڌ جي ٻي ماپ ڪتب آندي ويندي هئي يا ان کانسواءِ اهي فاصلي جي ڪا ٻي ماپ به ڄاڻندا هئا. مختلف علائقن جي مختلف مصنفن فاصلي جي ماپ کي پنهنجي پنهنجي نقطهء نظر سان لکيو آهي. ان ڳالهه جو امڪان آهي (24) ته ساڳيو ئي بلند پايي جو مؤرخ نيرڪوس شڪ جو سبب ڏيکاري ٿو. هن ڏهاڙي پنج سو اسٽاڊيا يا پنجاهه ميل (25) پنڌ ڪرڻ جو اٽڪل سٽڪل وارو غلط اندازو قائم ڪيو آهي. حقيقت اها آهي ته قديم دور ۾ فاصلي ماپڻ جو اهو ئي طريقو رائج هو. توڙي جو سامونڊي سفر ڏهاڙي هڪ جيترو به ڪونه ڪيو ويندوهو. اهو به انومان ڪري سگھجي ٿو ته نيرڪوس پنهنجي سفر جي ماپ جي حساب ڪتاب جو هن کانسواءِ ٻيو طريقو ڄاڻندو ئي ڪونه هو. اسان اها ڳالهه هيئن سمجھون ٿا ته اهي هڪ سؤ پنجاهه اسٽاڊيا ساڍن ٽن ڪلاڪن ۾ هاڪاري پئي سگھيا. ان سان گڏ هيءَ حقيقت به ياد رکڻ گھرجي ته سمنڊ ۾ ماٺار ڪانه هئي. لس لهرون هيون ۽ ويرون وڙهي رهيون هيون. هوا به اڻائي (26) هئي. هاڪارڻ جي شروعاتي ڏهاڙن جو اهو حال هو، جنهن مان اسان کي محسوس ٿي رهيو آهي ته ٻيڙي کي ونجهه سان اڳتي ڌڪي هلائڻ جي وڌ ۾ وڌ ۾ رفتار اڍائي ميل في ڪلاڪ ٿي سگهي ٿي. اهو سامونڊي سفر فقط نَوَ ميل هو. جيڪڏهن اهو فاصلو ڪلفٽن جي پوٺي کان اوڀر طرف ڏانهن ماپڻ شروع ڪبو ته ”واگھو ڏر“ ڳوٺ تائين اَٺَ ميل فاصلو ٿيندو. اهو 1869ع ۾ ڇوڙ واري سامونڊي ڪناري کان نڪ سامهون سڌو پنڌ هو. سنه 326 ق. م. کان وٺي 1869ع تائين يعني ايڪيهه سو پنجانوي سالن ۾ ڇوڙ وارو علائقو سمنڊ ڏانهن فقط اَٺَ ميل وڌيو آهي. جيڪڏهن ليکو ڪبو ته سمنڊ ڏانهن وڌڻ جي رفتار في سال ڇهن گزن کان ٿورو وڌيڪ وڃي بيهندي. هيءَ رفتار، نيل جي ڇوڙ واري علائقي کان چوٿون حصو گھٽ آهي.

ان دور جي ڇوڙ واري علائقي جو پورو ۽ پڪو اندازو ڪري اسان کي ان ”نيول اسٽيشن“ جو صحيح انومان ڪرڻ گھرجي. جتان موٽ جي سفر وقت جهازن هاڪاريو هو. مذڪوره نيول اسٽيشن“ سنڌوءَ جي ڇوڙ کان هڪ سو پنجاهه اسٽاڊيا پري هئي. اهڙيءَ ريت ڪروڪالا جي ٻيٽ تائين به ساڳيو پنڌ هو. هتي اسان کي پاڻيءَ جي سفر جي سڀاءُ ۾ فرق ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن پاڻيءَ ۾ ماٺار آهي ته ناکئن جا ونجهه ڪٿيل اندازي ۾ ٿورو گھڻو فرق آڻي سگھن ٿا. جيڪڏهن هوا اڻائي ۽ سمنڊ ڇتو آهي ۽ ويرون وڙهن ٿيون ته فاصلو ٿورو ڪري سگھبو، پر هتي ڳالهه ابتي سمجھڻ ۾ اچي ٿي. ڇاڪاڻ ته درياهه ۾ هاڪارڻ جي فاصلي جو اندازو تمام گھٽ لڳايو ويو آهي. توڙي جو دريائي سفر سمنڊ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سهنجو ۽ سڻائو هوندو آهي، ان هوندي به سمنڊ جي ڪل سفر کي وڌائي ٻڌايو ويو آهي. هڪ سو پنجاهه اسٽاڊيا ساڍن سترهن ميلن جي فاصلي برابر ٿيندو، تنهن کي آءٌ گھٽائڻ گھران ٿو. ان ۾ اهو پنڌ جوڙ ڏيندس، جنهن جو بيان ڪيو ويو آهي، پر فاصلو مقرر ڪري ٻڌايو ڪونه ويو آهي. ان سڄي فاصلي کي پندرهن ميل سمجھان ٿو. اهڙيءَ ريت مان اهو ”نيول اسٽيشن“ وارو ماڳ، برساتي ندي ” گھاگھر“ جي ڇوڙ واري ٿاڪ کان هڪ ميل اولهه ۾ بيهاريان ٿو. ائرين صحيح حالتن کي لڪائيو آهي، پر اسٽرئبو Strabo اسان کي حقيقتن کان آگاهه ڪيو اهي، ته سنڌين جي سخت حملن کان تنگ ٿي، نيرڪوس جلديءَ ۾ هاڪاريو ۽ تڙ تڪڙ ۾ سنڌ ڇڏڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. امڪان اهو آهي ته پٽالا Patala ۾ جنگي صورت حال يونانين جي خلاف ٿي وئي هئي، جنهن جي سڌرڻ جي ڪا اميد ڪانه هئي. هنن حالتن ۾ انومان ڪري سگھجي ٿو ته يونان وارن جو فوجي پڙاءُ درياهه جي الهندي ڪٺار سان ڪونه هوندو. ڇاڪاڻ ته ان طرف کان حملن جو وڌيڪ خطرو هو. منهنجو خيال آهي ته مذڪوره نازڪ صورتحال ۾ پنهنجي ”نيول اسٽيشن“ سنڌوءَ جي ٻن ڦاٽن جي وچ ۾ ڪنهن ٻيٽ جي محفوظ ماڳ تي ائين هوندي. ٻين ٻيڙن ”واگھو ڏر“ کان ڪجهه پنڌ ڏور ڪنهن اجوکي پوٺي ويجھو وڃي لنگر هنيا هوندا. هاڻي اهو چوڻ اجايو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اسٽائورا Stoura، ڪائومانا Kaumana يا ڪورياٽس Koreatis جھڙا نالا ڪاٿي به ڪونه ٿا ڏسڻ ۾ اچن. ٿي سگھي ٿو ته انهيءَ جوءِ ۾ ڪنهن بگڙيل صورت ۾ موجود هجن.

اسان وٽ فاصلي جو هڪ ماپو موجود آهي، جنهن جي مدد سان ڪروڪالا جي اوسي پاسي کان ماپ ڪري پٽالا جي ماڳن جو تعين ڪري سگھنداسين. ڇاڪاڻ ته ائرين جي حوالي سان پتو پوي ٿو ته ڪروڪالا جي ويجھڙائيءَ ۾ آرابيس علائقي جو اوڀاريون پاسو اچي ختم ٿيندو هو. ڪئنٽس ڪرٽس Quintus Curtius ٻڌائي ٿو ته سڪندر جي فوج پٽالا کان هن ماڳ تائين پهچڻ ۾ نَوَ ڏينهن ورتا هئا. جھڙيءَ ريت اولهه طرف پورالي Arabis آرابيس قوم جي حد بندي ڪري اوريٽاءِ Oritae جي ملڪ کي ڌار ڪري ڇڏيندي هئي. تهڙيءَ ريت (جنهن جو وڏو امڪان به آهي) ته ملير ندي، جيڪا هن جوءِ ۾ وڏي اهميت رکي ٿي، سا اڳئين دور ۾ مختلف قومن جي ملڪن جو دنگ به ڏيکاريندي هئي. ملير نئن گِزري وٽان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. تنهنڪري ان ٿاڪ جي ڀرسان آهي، جنهن کي اسان ڪروڪالا جي نالي سان سڏيون ٿا. اها حقيقت ائرين جي بيان مطابق به آهي ۽ سڄي صورتحال مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته مختلف قبيلن جي علائقن جي حد بندي به هيءَ نئن ڪندي هئي. سڪندر جي فوج جيڪا ”پٽالا“ کان هلي هئي، تنهن جي نائين منزل به هن نئن جي ڇوڙ واري علائقي جي ڀر پاسي ۾ ڪاٿي هئي. ڪئنٽس ڪرٽس جي بيان مطابق هن ماڳ کان وٺي پورالي ندي Arabis تائين فوج پنج منزلون (27) ڪيون هيون، جنهن جو ڪل فاصلو ستونجاهه ميل آهي. هتي هڪ ڏينهن جو سراسري پنڌ ساڍا يارنهن ميل بيهي ٿو، پر ڏٺو وڃي ته جنهن علائقي مان هتان سفر ڪيو ويو هو، سو سنڌ جي ميداني علائقي جيان سڌو ۽ سولو ڪونه آهي، جنهن مان فوج آسانيءَ سان سفر ڪري سگھي. تنهن ڪري مناسب ايئن لڳي ٿو ته هن سفر کان اڳ ۾ جيڪو پنڌ ڪيو ويو هوندو، سو ماپ جي لحاظ سان ڪجهه وڌيڪ هوندو. ٿي سگھي ٿو ته اهو سراسرِي تيرهن ميل ڏهاڙي هجي. هن حساب سان، ڪروڪالا کان ”پٽالا“ تائين هڪ سو سترهن ميل فاصلو بيهي ٿو. ويچارڻ لاءِ ٻيو نڪتو اهو به آهي ته ماپ ڪهڙي ماڳ کان شروع ڪرڻ گھرجي. عام فهم ڳالهه اها آهي ته سڪندر پنهنجي هيڏي وڏي لشڪر جي سفر واسطي اهڙي رستي جي چونڊ ڪئي هوندي، جنهن سان پاڻي جھجھو هجڻ کپي. تنهن ڪري يا ته سنڌوءَ جي مکيه وهڪري يا سندس ڪنهن ڇاڙهه سان پاسو ڏئي سفر ڪيو هوندائين. اهو به سمجھڻ گھرجي ته ڪنهن ڏچي کانسواءِ ڪوهستان جي علائقي مان سفر ڪونه ڪيو هوندائين، جتي پاڻيءَ جي سدائين اڻاٺ هوندي آهي. پٽالا جو شهر سنڌوءَ جي ڪٺار سان ان ٿاڪ تي اڏيل هو، جتان مکيه وهڪرو به درياهيءَ جي صورت ۾ وهي رهيو هو. انهن مان وڏي ڇاڙهه الهندي آهل وڃي رهي هئي. سڪندر جو لشڪر به ان ڇاڙهه سان اڳتي وڌڻ لڳو هو. هن مان ثابت ٿئي ٿو ته سڪندر جي فوج انهيءَ ڇاڙهه جي مٿئين حصي جي ڪنڌيءَ سان گذري هئي. وڏو امڪان اهو به آهي ۽ ائين سمجهڻ لاءِ ڪيترا مناسب سبب به آهن، ته انهيءَ مکيه ڇاڙهه جي پڇڙي گھاري ۽ ڪلري ڦاٽن تي مشتمل هئي. هن ڳالهه مان اها حقيقت به ثابت ٿئي ٿي ته ان وهڪري جو مٿيون پاسو، جيڪو ٺٽي کان اتر اوڀر طرف هو، اهو هاڻي پٽالا ۽ ڪلري ڦاٽ جي منهن تائين لٽجي ميسارجي ويو آهي. سمجهه ۾ ائين اچي ٿو ته اهو وهڪرو، ڇوڙ واري علائقي کان مٿان پر ڪٿان وچ تان ايندو هو. ٻين لفظن ۾ هيئن چئي سگھجي ٿو ته پٽالا جي ماڳ وٽان درياهه جيڪو اولهه پاسي جھوڪو ڏنو آهي، سو هڪدم نه، پر هوريان هوريان ڏنو هوندائين. جھڙيءَ ريت درياهن جي وهڪري بدلائڻ جو سڀاءُ هوندو آهي، تهڙيءَ ريت هن به ائين ئي ڪيو آهي ۽ چيڪو ۽ واريءَ جا ڊَها ٻئي طرف اڇلايا اٿس. جيڪڏهن اسان جنرل ڪننگھام (28) جي ان راءِ سان اتفاق ڪنداسون ته پٽالا حيدرآباد وٽ هو، ته پوءِ سنڌوءَ جي اولهندي شاخ گھارو ٿي نه ٿي سگھي. ان وهڪري جي صورتحال مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته گھاري جو پاڻي گونيءَ ڪُنڊَ تي ڪلري ڦاٽ ۾ پوندو هوندو. وهڪري ۾ موجود جنهن ٽڪريءَ جو ذڪر ڪيو ويو آهي، سا هتي ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي، جنهن کي درياهه جي فطري وهڪري جي رخ کي رنڊائڻ ۽ ٺونٺ وڪڙ ڪرائڻ جو سبب ڄاڻايو ويو آهي. سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي ۾ ان جي ڦاٽن جو جيڪڏهن مطالعو ڪبو، ته ڏسڻ ۾ ايندو، ته سنڌوءَ ٺٽي کان اتر ۾ ئي پنهنجي وهڪري جو رخ الهندي آهل ڪرڻ شروع ڪيو آهي. شهر کان هيٺ هلي سندس رخ وري ابتڙ يعني اڀرندي پاسي ٿئي ٿو. محسوس ائين ٿي رهيو آهي ته اتي وهڪرو ڄڻ سڌي ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. گھڻو اوڀر طرف هلي جڏهن ڇوڙ واري علائقي جي هيٺئين حصي ۾ پهچي ٿو ته ڪٿان گول ته ڪٿان ٺونٺ وڪڙ ڪري، الهندي طرف موڙو کائي وڃي ٿو. هيءَ حقيقت اسان کي معلوم ٿي وئي آهي، ته سڪندر جي حملي واري زماني ۾ سنڌوءَ جي الهندي وهڪري جا ڦاٽ گھارو ۽ ڪلري هئا. ان جو لازمي نتيجو اهو ٿيندو ته پٽالا جو ماڳ حيدرآباد جي ڊگھائي ڦاڪ کان گھڻو اوڀر بيهندو. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اسان ڪراچيءَ ڀرسان ملير نئن يا پورالي نديءَ جو اوڀارين حدن کان وٺي گھاري، ڪلري ۽ اولاهين وهڪري جي مٿئين حصي سان هڪ سو سترهن ميل ماپينداسين ته، سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جي راڄڌاني پٽالا، حيدرآباد کان پنجٽيهه ميل پري ڏکڻ اوڀر وڃي بيهندي، جيڪي ماڻهو حيدرآباد کي پٽالا سمجھن ٿا، سي شايد هن حقيقت کي وساري ويٺا آهن ته سِنڌو، حيدرآباد جي اوسي پاسي گذريل صديءَ جي پوئين اڌ ۾ رَسيو آهي. سڪندر جي حملي کان هزار سال پوءِ جڏهن عربن سنڌ کي فتح ڪيو ته سنڌو ان وقت به گھڻو اوڀر طرف ڇوڙ واري علائقي جي مذڪوره راڄڌاني ڀرسان وهي رهيو هو. سنڌوءَ جھڙي درياهه جي موجوده وهڪري کي نظر ۾ رکي، جيڪڏهن سندس ڪنڌي ڪٺار سان قديم شهرن جي ڳولا ڪبي، ته اها اجائي ڪوشش ٿيندي. اها اعتبار جوڳي ڳالهه آهي ته موجوده دور جا ڦاٽ جيڪي سنڌوءَ جو پاڻي کڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري رهيا آهن، سي ان زير بحث قديم دور ۾ هوندا ئي ڪونه هئا. انهن پراڻن پڊن کي نون وهڪرن جي ڪنڌين ۽ ڪٺارن سان ڳولڻ بدران اسان کي هن ريت سمجھڻ گھرجي ته اهي ڪٿي به هئا، پر انهن جو هاڻي لڀڻ ممڪن ئي ڪونه آهي. ٺٽي کي به کڻي پٽالا سمجھجي، پر جيڪي ڳالهيون پٽالا لاءِ بيان ڪيون ويون آهن، تن مان هڪ به ٺٽي ۾ ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي. ان لاءِ فقط هڪ ڳالهه ئي ڪافي آهي، ته پٽالا يا ان جي اوسي پاسي سامونڊي وِير جي چاڙهه جو پتوئي ڪونه پوندو هو. ڇاڪاڻ ته سڪندر ۽ ان سان گڏ ويندڙ جاچ پڙتال ڪرڻ وارن ماڻهن يا پوئتي رهيل فوج وارن کي پٽالا وٽ سامونڊي وير جو احساس ڪونه ٿيو هو، پر ٻاويهه صديون اڳ ڇوڙ واري علائقي کان وٺي ٺٽي تائين ۽ ان کان مٿي به وِير جي چاڙهه جو احساس ٿيندو هوندو. هاڻي جڏهن ڌرتي سمنڊ ڏانهن گھڻو اڳتي وڌي وئي آهي، ته سامونڊي وِير جو چاڙهه ٺٽي وٽان به معلوم ڪري سگھبو آهي. ٿورو وقت ٿيو آهي جو درياهه جي ڊيگهه اڃا به سمنڊ ڏانهن اڳتي وڌي وڃڻ ڪري، ٺٽي وٽ سامونڊي وِير جي چڙهڻ جو احساس اڻ لَکو ٿيندو آهي. هن اڪيلي سبب ڪري ئي پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته ٺٽو، پٽالا نه آهي ۽ نه ئي وري ٺٽي جي اوسي پاسي ڪاٿي اهو شهر موجود هو، جنهن ماڳ کي مان پٽالا جو امڪاني ٿاڪ مقرر ڪيو آهي، سو سڪندر جي دور واري ڇوڙ سان لاڳاپيل ڪناري جي ٻنهي طرفن کان هڪ جيتري پنڌ تي واقع آهي. ٻنهي پاسن کان هڪ منزل کان ٻيءَ منزل تائين فاصلو ماپيو ويو آهي، جنهن جو جوڙ هڪ سو ڇهه ميل ٿئي ٿو. اها ڊيگهه ڇوڙ واري سامونڊي ڪناري جيتري بيهي ٿي. اونسي ڪريٽس جو بيان آهي، ته ڇوڙ واري علائقي جي شڪل ان ٽڪنڊي جھڙي آهي، جنهن جا ٽئي پاسا هڪ جھڙا هوندا آهن. ارسٽو بيولس جو بيان آهي ته ڇوڙ واري علائقي جي ساموندي ڪناري جي ڊيگهه هڪ هزار اسٽاڊيا (هڪ سو پندرهن ميل) آهي. ان نقطهء نظر کان اسان کي پوري پڪ ٿئي ٿي ته ڇوڙ واري علائقي جي راڄڌانيءَ جو اندازو ذري گھٽ صحيح لڳايو ويو آهي. بدقسمتي اها آهي ته نه اوسني ڪريٽس ۽ نه وري ڪنهن ٻئي کي ان مهم جو جوڳو ذريعو سمجھي سگھجي ٿو. ڇاڪاڻ ته انهن ڇوڙ واري علائقي بابت پنهنجا امڪاني اندازا لڳايا آهن، تنهن ڪري اسان کي سندن بيانن مان اصولي طور اهو سمجھڻ گھرجي ته سنڌوءَ جي صفا ٻاهرين ڇوڙن جي وچ ۾ گھڻي وٿي هئي ۽ اها ئي وٿي ڇوڙ واري علائقي جو هيٺيون پاسو هئي.

يونان وارن جنهن شهر کي پٽالا جي نالي سان سڏيو آهي، تنهن جي صحيح نالي ڏانهن به اشارا ڪيا ويا آهن، مون کي سمجهه ۾ ائين اچي ٿو ته ٿٻيٽ ۾ موجود هڪ روايت هن منجھيل مامري کي سموهي ۽ سهيڙي ڇڏيو آهي. ڪسومادي ڪوروس Csoma de Koros نالي هڪ ڏاهي ماڻهو پٽالا بابت هن ريت لکيو آهي:

پوٽالا Potala يا پوٽالاڪا (گرودسين يا ولگو ڪُرودسين ٻيڙين جو هنڌ بندر يا بهشت) سنڌو درياهه جي ڇوڙ وٽ هڪ قديم شهر آهي. اڪشا واڪو Ixawaku ۽ ”سوريا وِمِسا“ جي ڦَريءَ جا ماڻهو ان شهر ۾ رهندا آهن. چار راجڪمار، جن کي بعد ۾ شاڪيه سڏيو ويو، تن کي سندن پيءُ هن شهر مان لوڌي ڪڍي ڇڏيو. انهن ”ڀاڳارا ٿي“ درياهه جي ڪناري ”ڪوسالا“ ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي. (اهو علائقو موجوده روهيل کنڊ ۾ آهي) ۽ پوءِ ڪپلوستوءَ جي شهر جي اڏاوت ڪيائون. لاسا Lasa ۾ دالائي لاما (جيڪو ٻارهين صدي جي وچ ڌاران ٿيو) جي رهائش گاهه کي به پوٽالا Potala جي نالي سان سڏيو ويندو هو. ڇاڪاڻ ته ٿٻيٽ وارن جو وڏو مذهبي اڳواڻ ۽ اَميتاڀا Amitabha جو روحاني پٽ چينريزيڪ Chenrezik لاءِ چيو ويندو آهي ته هو ڪنهن زماني ۾ قديم سنڌ جي پٽالا شهر ۾ رهندو هو ۽ اتان (29) ٿٻيٽ Tibet پيو ايندو ويندو هو.“ هن روايت کي ڪير کڻي ڇا به سمجھي، پر مذڪوره روايت جي ناتي سان اسان کي هن قديم شهر جي صحيح نالي جي ڄاڻ پئي آهي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جي راڄڌاني هو. نالو تمام سولو آهي. يونان وارن هروڀرو ان کي بگاڙي کاري ڪونه ڇڏيو هوندو. هن کان علاوه اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته پٽالا شهر جو بنياد ڪنهن قديم زماني ۾ رکيو ويو هو ۽ حقيقت به اها آهي. شايد آرين جو اهو قديم شهر هو، جيڪو هنن سمونڊ جي ڪناري سان اچي وسايو هو. (30)

سڪندر، هندي سمنڊ ڏانهن هاڪاري وڃڻ کان پوءِ پٽالا موٽي آيو هو. اتان ورڻ کان جھٽ ئي پوءِ سنڌوءَ جي اوڀارين ڇاڙهه سان هاڪاري ويو. سنڌوءَ جي اها ڇاڙهه شايد ”پراڻ“ ۾ وهي رهي هئي ۽ ڪڇ ۾ داخل ٿيڻ کان ٿورو پنڌ مٿان ساڻس ملي رهي هئي، جھڙيءَ ريت نقشي ii ۾ ڏيکاريو ويو آهي. پراڻ جو اڳي به ذڪر ڪيو ويو آهي، ته اها سنڌوءَ جي صفا اوڀارين ڇاڙهه هئي. سندس نالي مان پتو پوي ٿو ته اهو تمام پراڻو وهڪرو هو. ڪڇ جو رڻ ڪنهن زماني ۾ وڏي ڍنڍ هوندو هو، جنهن ۾ سنڌوءَ جي هيءَ اوڀارين ڇاڙهه ڇوڙ ڪندي هئي ۽ هيءَ شڪ کان بالاتر حقيقت آهي. سوال هيءُ آهي ته ان وقت ڪڇ جي رڻ جي ٻيٽ وارو سمنڊ موجود هيو يا نه. جيڪي ماڻهو هن ڇاڙهه سان هاڪاري اتي پهتا هئا، تن جو خيال هو ته مذڪوره ڍنڍ کي سنڌوءَ جي اوڀارين ڇاڙهه پيچ ڪري رهي هئي. پر هن کانسواءِ پاڻيءَ جو ڪو ٻيو ذريعو به هيو، جيڪو هن ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري رهيو هو. سوچڻ جي ڳالهه اها به آهي ته سڪندر ان رُت ۾ اوڏانهن هاڪاري ويو هو، جڏهن اولهه – ڏکڻ جي چوماسي جي وچ هو. ان موسم ۾ هاڻي به وڏي چاڙهه کانسواءِ سنڌوءَ جي پاڻيءَ جو ڦڙو به ڪڇ ڏانهن ڪونه ويندو آهي. تڏهن به سڄو رڻ پاڻيءَ هيٺان هوندو آهي. حقيقت به اها آهي ته ڪڇ ۾ اولهه- ڏکڻ واري چوماسي جي رُت دوران پاڻيءَ جو چاڙهه هوندو آهي، نه ته ٻيءَ صورت ۾ ڪڇ يا ڪوري واري کاري وسيلي منجھس سمنڊ جو کارو پاڻي پهچي ويندو آهي، پر گھڻو ڪري ڪوري جي کاري رستي سمونڊ جو پاڻي مٿي چڙهي ايندو آهي، جنهن جو مٿيون پاسو هن ڍنڍ سان ڳنڍيل آهي. لئسن Lassen مطابق، ملڪ جي اندرئين حصي ۾ موجود سمنڊ جي سڪي وڃڻ جو قصو ”مهاڀارت“ ۾ بيان ڪيل آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ويرونا (31) ديوتا جي ڪڌن ڪرتوتن ڪري مذڪوره سمنڊ سڪي ويو. جيڪڏهن لئسن پنهنجي ويچار ۾ کرو ۽ سچو آهي ته مهاڀارت جي بيان جو اشارو پڪ سان ڪڇ ڏانهن آهي. جيڪڏهن اهو بيان واقعي مهاڀارت جو آهي ته پوءِ ان تي وسهي سگھجي ٿو. مان ذاتي طور هن خيال جو آهيان ته ڪڇ جي رڻ وارو پوٺو سڪندر (32) جي اچڻ کان گھڻو اڳي سمنڊ مان نڪري نروار ٿيو هو. ڏيهي روايتون اسان کي ٻڌائين ٿيون ته ٻيٽ وارو سمنڊ گھڻو وقت پوءِ به موجود هو.

هتان جا ماڻهو ڳالهيون ڪندا آهن ته ڪناري سان اهڙا ڪيترائي ماڳ آهن، جتي ڪنهن زماني ۾ سامونڊي (33) بندر هوندا هئا ”پيري پلس“ جي مصنف جو بيان آهي ته: پهرين عيسوي صديءَ ۾ ڪڇ جي رڻ ۾ پاڻي تانگهو ٿي ويو هو. ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته کيس معلومات بلڪل صحيح ملي آهي. هن، رڻ بابت احوال ڏاڍو کرو ۽ سچو لکيو آهي. ٻڌائي ٿو ته: رڻ ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، جن مان هڪ وڏو ۽ ٻيو ننڍو آهي. (34) اوڀاريون يا ننڍو رڻ پاڻيءَ هيٺ ڏسڻ ۾ ايندو ۽ معلوم ايئن پيو ٿيندو ته ڄڻ سامونڊي وير مٿس چڙهي اچي ٿي. سن 1026ع ۾ محمود غزنوي سومناٿ جي فتح کانپوءِ هڪ هندو سردار جو پيڇو ڪندي هتي پهتو هو، جنهن ڪڇ جي اتر- اوڀر پاسي واري ٻيٽن ۾ اچي پناهه ورتي هئي. محمود کي چتاءُ ڏنو ويو هو ته جيڪڏهن هو مذڪوره ٻيٽ تائين پهچندو ته سامونڊي وير مٿانئس وري ويندي ۽ مري ويندو. هن چتاءُ ملڻ کانپوءِ هو تانگھي پاڻيءَ ۾ ڪاهي پيو. هن جي پٺيان سندس فوج به پاڻيءَ ۾ ڪاهي پئي ۽ اڪري وڃي (35) پار پيو. چوڏهين صدي عيسويءَ جي پوئين اڌ ۾ ڪڇ جي رڻ وارو پاڻي سڪي ويو هو. سلطان فيروز شاهه ۽ سندس فوج سنڌ کان گجرات ڏانهن واپس ورندي هتي ڍومايون پئي کاڌيون ۽ ذري گھٽ، ڪاڙهي ۽ اڃ کان مري تباهه ٿي ويو هو. ڪڇ جي هن پاڻي سڪي وڃڻ بابت هڪ ڏند ڪٿائي روايت مشهور آهي، جيڪا هڪ فقير جي پِٽَ ڏانهن منسوب ڪيل آهي. هن علائقي جي اوڀر پاسي ڪي طبعي تبديليون آيون. ان وار تا سان مهاڀارت جي پراڻي ڏند ڪٿا گڏجي پئي. (جنهن کي هتان جي ڏيهي ماڻهن وڌائي پيش ڪيو هوندو). جنهن مان معلوم ايئن ٿئي ٿو ته اهو واقعو اوچتو ۽ تمام جلديءَ ۾ ٿي ويو. بلڪل ائين، جيئن سر اليگزينڊر برنس بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ ڌرتيءَ ڌڏي گھڻي تباهي مچائي ڇڏي هئي. هيءُ علائقو اهڙي تباهيءَ ۽ 1819ع واري ڌرتيءَ جي ڌوڏي کان گھڻو متاثر ٿيو تنهنڪري سندس مٿاڇري تي وڏي تبديلي اچي وئي.

هيءُ ڀاڱو ختم ٿيڻ کان اڳ ۾ هڪ نڪتي ڏانهن ڌيان ڏيندا. ائرين (Anab-vi-20) جو بيان آهي، ته جڏهن سنڌوءَ جي ڇاڙهه رستي سمنڊ وٽ پهتا ته سڪندر هيٺ لٿو ۽ ڪجهه فوجي دستا ساڻ ڪري ٽن ڏينهن لاءِ سمنڊ جي ڪناري سان سفر ڪيائين ۽ کوهن کڻائڻ جو حڪم ڏنائين. انهيءَ مقصد سان ته جيئن سمنڊ رستي يونان ڏانهن واپس ويندڙ فوج کي پئڻ جي پاڻيءَ جي تڪليف نه ٿئي. کوهن کوٽڻ مان اهو به پتو پوي ٿو ته کيس پنهنجيءَ فوج کي سنڌوءَ جي اوڀارين ڇاڙهه رستي سمنڊ تائين پهچائڻ جو ارادو هو، جيڪا جهاز رانيءَ واسطي وڌيڪ سولي هئي. اهو ماڻهو جنهن کي سنڌوءَ جي ڇوڙ سان لاڳاپيل سامونڊي ڪناري جي خبر هوندي، سو بنا  ڪنهن هٻڪ جي سندس بيان کي رد ڪري ڇڏيندو ۽ سمجھندو ته اهو جڙتو آهي. فوج جي اهڙي پيش قدمي ممڪن ئي ڪانه آهي ۽ کوهن کوٽڻ وارو خيال به اجايو ۽ ڪوڙو آهي. ڇوڙ جي علائقي وارو سامونڊي ڪنارو بلڪل هيٺانهون آهي، جيڪو هلڪي سلڪي وير چڙهڻ تي ٻڏي ويندو آهي. ٻيو ته چوڏس علائقو ننڍين ۽ وڏين بي شمار کارين ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ سان ڀريو پيو آهي. تنهن ڪري نه پيادو ۽ نه ڪو گھوڙيسوار اڪري پار ٿي سگھندو آهي. سمنڊ جي ڪناري تائين پهچڻ ٻيڙيءَ کانسواءِ تصور به ڪري ڪونه ٿو سگھجي. خاص طور تي چوماسي جي رُت ۾ اهڙي قسم جي پيش قدمي ڪرڻ، جڏهن ته سڄو علائقو پاڻي هيٺ هوندو آهي خطري کان خالي نه هوندي آهي. انديشو اهو هوندو آهي ته ڪڏهن سمنڊ جي وير وري انساني زندگيءَ کي ختم ڪري سگھي ٿي. ڇوڙ جي ڏکڻ- اوڀر واري ڪُنڊ ته سڄي سامونڊي ڪناري کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. حقيقت اها آهي ته اهو لوڻياٺو علائقو آهي، جتي ڪو ماڻهو زنده رهي ڪونه ٿو سگھي. جتي کوهن ۾ به زهريلو ڪوڙو پاڻي موجود هوندو آهي، جتي درياهي اٿل (36) جو پاڻي پهچي سگھندو هو، اتي کوهه کوٽيا وڃن ها ته پوءِ ڳالهه ٻي هئي. پر قصو اهو آهي ته سڪندر سمنڊ جي ڪناري سان ٽي ڏينهن سفر ڪندو رهيو ۽ ان کانپوءِ آرماڙ سان گڏيل سامونڊي فوج واسطي کوهه کوٽي پاڻيءَ جو بندوبست ڪرڻ هڪ افسانوي ڳالهه آهي. اهڙو قصو يا ائرين پاڻ گھڙيو آهي، يا سندس ماخذن ۾ اهڙي هٿرادو ڳالهه لکيل آهي.