سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو

ڪتاب جو نالو سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو
ليکڪ جنرل هيگ
سنڌيڪار / ترتيب عطا محمد ڀنڀرو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-16-1
قيمت 400    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (790) PDF  E-Pub
انگ اکر

12 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     254138   ڀيرا پڙهيو ويو

باب نائون


موجوده دور ۾ سنڌ جو لاڙ وارو ڀاڱو

سنڌ جي آزاديءَ لاءِ هلندڙ ڪوششون 1591-92ع واري جنگي مهم تائين ختم ٿي ويون. سنڌ جي لاڙ وارو ڀاڱو به اتر سنڌ جيان ملتان صوبي جي سرڪار بڻجي ويو. مرزا غازي بيگ ولد مرزا جاني بيگ کي گورنر مقرر ڪيو ويو. هن شهنشاهه اڪبر جون قنڌار ۾ خاص خدمتون سرانجام ڏيندي، سنه 1627ع ۾ وفات ڪئي. چيو ويندو آهي ته خسرو خان چرڪس جي پٽ کيس ذاتي دشمنيءَ سبب زهر ڏئي ماريو هو. ان کان پوءِ هڪ سو ڏهن سالن تائين دهلي سرڪار طرفان ٺٽي تي گورنر مقرر ٿيندا آيا. ان کانپوءِ سنڌ جي قبيلي مان هڪ ماڻهوءَ کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو، جنهن پنهنجي ليکي هڪ ڏچو پيدا ڪري وڌو هو. اهو قبيلو سنڌ ۾ گھڻي وقت کان وٺي آباد هو.

ڪلهوڙن جو قبيلو پنهنجي نسل جو سلسلو وڃي ميان اوڍاڻيءَ سان ملائيندو آهي، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته هو حضرت محمد صلي الله عليه وآلھ وسلم جي چاچي حضرت عباس جي اولاد مان هو. ان ڪري هن قبيلي کي عباسي ڪري سڏيو ويندو آهي (136). ميان اوڍاڻي جي پنجين پيڙهيءَ مان پيدا ٿيل نسل مڪران کان سنڌ لڏي آيو. سندن سردار گورٿل Gorthal (شايد گنهوَر Ghawar هجي) هو. پهريائين هن قبيلي سيوهڻ واري علائقي مان گوجر قبيلي کي بي دخل ڪري، پاڻ اچي ان علائقي تي قبضو ڪيو. هتي ڪلهوڙن ڪاهرا ٻيلي Kahira Bela نالي پنهنجي هڪ راڄڌانيءَ جو پايو وڌو (137). گورٿل جي وفات کانپوءِ سندس پٽن ۾ اچي ڦيٽاڙو پيو. انهن مان سندس هڪ پٽ جنهن جو نالو جوڻو هو، سو ڪاوڙجي پنهنجي لهه لاڳاپي وارا ماڻهو ساڻ ڪري سنڌ جي اڀرندي حصي ڏانهن هليو ويو، جتي اوڍيجا قبيلي جي ماڻهن سندس آڌرڀاءُ ڪيو ۽ پوءِ (138) گمبٽ واري علائقي ۾ وڃي آباد ٿيو. بعد ۾ جوڻي، ڏيري پلهه Dhera Palla جي ڌيءُ سان شادي ڪئي (ڀ42) جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته هو ڏيپل گھانگھري Depal Ghanghro جي علائقي جو آزاد حڪمران هو. مذڪوره علائقو شهدادپور (139) پرڳڻي جي اوڀارئين ڀاڱي ۾ هو. هن شاديءَ مان کيس جيڪو اولاد ٿيو، تنهن کي ڪلهوڙا سڏيو ويندو آهي. هيءُ گھراڻو سنڌ جي تاريخ ۾ گھڻو مشهور آهي. جوڻي 200هه (1203-4ع) ۾ وفات ڪئي. هن تاريخ مان هڪ اندازو ڪري سگھجي ٿو ته ڪلهوڙن جا ابا ڏاڏا ٻارهين صديءَ عيسويءَ جي وچ ڌاران اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا هئا. محمد پٽ جوڻو اتر سنڌ هليو ويو، جتي هن خيرپور واري علائقي ۾ جوڻا ٻيلا نالي هڪ شهر اڏايو. وفات کانپوءِ کيس گمبٽ ۾ دفن ڪيو ويو. هن کانپوءِ ويندي سورهينءَ صديءَ تائين ڪلهوڙن جو ذڪر ٻڌڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. ان زماني ۾ ميان آدم شاهه ڪلهوڙي (31) وقت جي حڪومت خلاف بغاوتون ڪري، ڪجهه مشهور ٿيو. هن پنهنجي پوئلڳن ۽ ڪلهوڙن کي ساڻ ڪري چانڊڪا پرڳڻي مان چانڊين کي بي دخل ڪري، سندن زمينن تي دنگو ڪيو. اهڙين ڪاررواين ۾ ٻيا قبيلا به اچي ساڻس شريڪ ٿيا. ڪلهوڙن ڀرپاسي جي علائقي ۾ گھڻو ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ پکيڙيو هو. آدم شاهه ڪلهوڙي پنهنجن کي ورسائڻ واسطي ٻين ذاتين سان انياءِ ڪيا هئا، تنهنڪري ماڻهو وقت جي حڪومت وٽ دانهين ويا. حالتن تي ضابطي رکڻ لاءِ ملتان مان فوج موڪلي وئي، جنهن اچي ڪلهوڙن کي سزائون ڏنيون ۽ آدم شاه کي جنگي باندي بڻائي ملتان نيو ويو، جتي کيس قتل ڪيو ويو. هڪ مريد سندس لاش آڻي سکر ۾ هڪ ٽڪريءَ تي دفن ڪيو، (ڀ-43) جتي سندس قبو پري کان ئي پيو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، پر مغل حڪومت جيئن ئي ڪمزور ٿي، تيئن هنن وري پنهنجون ڪارروايون شروع ڪري ڏنيون. هنن ڏاڍ ۽ ڦر لٽ سان گڏ زراعت کي به همٿايو. اهي پهريان ماڻهو هئا، جن لاڙڪاڻي واري علائقي ۾ گھاڙ نالي هڪ واهه کوٽايو ۽ هو لاقانونيت ۽ آپيشاهي پکيڙيندا ويا، تن علائقن ۾ پاڻي جو ڏاڍو ڪارائتو استعمال ڪندا ويا. سندن اهڙن ڪارنامن مان ائين محسوس ٿي رهيو هو، ته کيٽ کيڙي ملڪ کي سائو ۽ شاداب بڻائي زوريءَ هٿ ڪيل زمينن جو ڄڻ هڪڙو جواز پيدا ڪري رهيا هئا. پر هو ائين ڪري به زمينن جي اصلي مالڪن کي راضي ڪري ڪونه سگھيا. رهندو منجھن ويڇا ۽ وٿيون پئجي ويون. هنن بکر ۽ ملتان وڃي ڪلهوڙن خلاف دانهيو. حڪومت ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي فوج موڪلي هنن خلاف سخت ڪارروائي به ڪندي هئي ۽ هڪ ڀيرو مقابلو ڪندي، سندن سپهه سالار شاهه علي به مارجي ويو، پر نتيجو اهو ساڳيو هوندو هو. جڏهن سرڪاري فوجون واپس ٿينديون هيون ته ڪلهوڙا به تلوارون کڻي ٻاهر نڪرندا هئا ۽ ٻئي پاسي کان پوکي راهيءَ جي ڌنڌي سان لڳي ويندا هئا. شاهه علي جو پٽ نصير محمد سنه 58-1657ع ۾ گاديءَ تي ويٺو. هن ۾ سندس پيءُ کان وڌيڪ خوبيون هيون. مغل فوج مٿس حملو ڪيو. کيس جنگي باندي بڻائي دهلي وٺي ويا. جتان هو ڀڄي نڪتو ۽ سنڌ پهچي، پنهنجي پراڻي ڌنڌي ۾ مشغول ٿي ويو ۽ پنهنجي طاقت کي هڪ جاءِ تي ڪَٺو ڪري، منظم نموني سان اڳتي وڌڻ لڳو. آدم شاهه جڏهن چانڊڪي تي قبضو ڪيو هو ته ڪاهراKahira جي ڪلهوڙن اچي هنن اترادي ڀائرن سان هٿ ونڊايو هو. ان زماني ۾ ناري جو الهندو پاسو گھڻو تڻو هن قبيلي جي قبضي هيٺ هو. ڪلهوڙن جي قهري ڪاررواين کان گھڻو متاثر پنهور قبيلو ٿيو هو، جيڪو اڃا به سندن ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جو شڪار هو. هيءَ ذات پرمار راجپوت جي ڦريءَ مان آهي. پر هو هن واقعي کان گھڻو اڳ مسلمان ٿي چڪا هئا. چانڊڪا ۽ سيوستان جي الهندي پاسي جي وچ واري علائقي تي هن قبيلي جو قبضو هو ۽ صفا الهندي ٽاڪرو علائقي سان دنگئي خطي تي به سندن هلندي پڄندي هئي. پنهورن جي مذڪوره علائقي جي صفا وچ تي ڪلهوڙن پنهنجي راڄڌانيءَ جو بنياد رکيو، جنهن جو نالو ڳڙهي Garhi هو، (140) جيڪو اڳ ۾ پنهورن جي راڄڌانيءَ جو ٿاڪ هو. هن پنهنجي آمدني وڌائڻ واسطي هن سيوستان جي گورنر کان (141) لاکاٽ جو پرڳڻو ٺيڪي تي وٺي، پاڻ ان تي آبادي ۽ ڍل بندي ڪئي. آدم شاهه کان وٺي هن وقت تائين هن گھراڻي فقط هيءُ هڪ قانوني ڪم ڪيو، نه ته هو هميشه جائز يا ناجائز ڪم، جيڪو چاهيندا هئا، پنهنجي مرضيءَ سان زوري ڪري ڇڏيندا هئا. اهڙي ريت ڪلهوڙن جو گھراڻو دولت ميڙيندو ۽ طاقت وڌائيندو رهيو ۽ آخر اهو وقت به آيو، جو هو سڄي سنڌ جا حڪمران بڻجي ويا.

نصير محمد وڏي عمر ۾ وفات ڪئي. هن کان پوءِ سندس پٽ دين محمد گاديءَ تي ويٺو. هن جي ڏينهن ۾ ڏاڍ ڏهڪاءُ ۽ ڦرلٽ پنهنجي چوٽيءَ تي پهتي هئي. پنهور پنهنجي وڃايل زمين واپس وٺڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳا. پر هنن کين شڪستون ڏنيون، جنهن ڪري رهندو به وڏي ڏچي ۾ پئجي ويا، جنهن منظم نموني سان ڪلهوڙا اڳتي وڌي رهيا هئا، تنهن دهلي درٻار کي به ڪاوڙائي وڌو هو. ڪلهوڙن کي ختم ڪرڻ جا واضح احڪام ڏئي شيخ جهان کي دهليءَ طرفان روانو ڪيو ويو. شاهي احڪام پورا ڪرڻ لاءِ هي اعليٰ عملدار، بکر جي گورنر کي ساڻ ڪري اڳتي وڌيو. دين محمد لب درياهه پرڳڻي جي (142) ڳيريلي ٿاڪ وٽ اچي سندن مقابلو ڪيو، جنهن ۾ شيخ جهان خان مارجي ويو. شاهي درٻار جي اهڙي توهين، سهڻ کان ٻاهر هئي. ان زماني ۾ شهنشاهه بهادر شاهه جو وڏو پٽ معزالدين ملتان جو گورنر هو، سو پنهنجي سر ڪلهوڙن تي ڪاهي آيو. دين محمد عقلمندي جو مظاهرو ڪندي آڻ مڃڻ جو سوچي، پنهنجي ڀاءُ کي شهزادي ڏانهن روانو ڪيو، جنهن بيوقوفي ڪري سندس ڳالهه قبول ڪئي ۽ پوئتي ورڻ لڳو. ڪلهوڙن جي هڪڙي ٻئي ننڍڙي سپهه سالار سمجھيو ته شهزادو معزالدين ڪلهوڙن جي سگهه ڏسي ڊڄي ويو آهي، تنهنڪري هن پنهنجو لشڪر وٺي وڃي ماٿيلي ۽ اُچ تي حملو ڪيو. ڪلهوڙن جون اهي ڳالهيون ڏسي شهزادي جون اکيون کلي ويون ۽ کيس باغين سان رعايت ڪرڻ جي غلطيءَ جو احساس ٿيو. هن پٺتي موٽي اچي ڪلهوڙن جي علائقن تي حملو ڪيو. ڪلهوڙن جي راڄڌاني ڳڙهي ۽ ٻين مکيه شهرن کي ڦري لٽي ناس ڪري ڇڏيائون. دين محمد ڀڄي ويو، پر پوءِ معافيءَ ڏيڻ جي شرط تي اچي پيش پيو. سندس ڀاءُ يار محمد شاهي فوج جي هڪ جٿي تي وڃي حملو ڪيو ۽ کين سخت شڪست ڏنائين ۽ قتل عام ڪيائين. شهزادي، دين محمد کي جنگي باندي بڻايو ۽ آخر ۾ کيس قتل ڪيو ويو.

يار محمد قلات ۾ وڃي سياسي پناهه ورتي هئي. بعد ۾ شاهي درٻار آڏو پيش پيو. ان زماني ۾ مغل اوج جو سج لڙي چڪو هو. ان ڪري باغين سان صلح ڪري وقت ٽپائي رهيا هئا. يار محمد کي معاف ڪري ديره جات جو گورنر مقرر ڪيو ويو ۽ کيس خدايار خان جو لقب ڏنو ويو هو (143). هن قانوني ۽ سياسي اختيار حاصل ڪرڻ کانپوءِ پهريون ڪم اهو ڪيو جو، خداآباد نالي ڪلهوڙن جي ٽين راڄڌانيءَ جو بنياد رکيو، جيڪا سيوهڻ کان سترهن ميل اتر اولهه طرف هئي. ان کان سواءِ کيس سِويءَ جي گورنري ۽ اتر سنڌ ۾ روپاهه جو پرڳڻو به مليو. ڪلهوڙا گھراڻي مان ان وقت بغاوت وارو جنون ختم ٿي چڪو هو. هيءُ پنهنجي قوم جو ارڙهن سالن تائين لٺ سردار رهيو ۽ 1719ع ۾ وفات ڪيائين. ان وقت دهلي جو اعليٰ عملدار ۽ معزز انسان هو. هن کانپوءِ نور محمد سندس گاديءَ تي ويٺو. ان زماني دهليءَ جو مغل فرمانروا محمد شاهه هو، جنهن کيس سندس پيءُ يار محمد وارا ساڳيا خطاب ۽ القاب ڏنا. هن دائود پوٽن سان جنگيون ڪيون ۽ سنڌ ۽ ملتان جي وچ تي موجود علائقا فتح ڪيا ۽ قلات جي بروهين کي ٻه ڀيرا شڪست ڏني. سنه 1736ع ۾ بکر جو قلعو سندس حوالي ڪيو ويو. ٻئي سال کيس ٺٽي جو گورنر مقرر ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت سڄي سنڌ سندس حڪمرانيءَ هيٺ اچي وئي. هيءُ شاهه حسين جي موت کان (1555ع) پوءِ پهريون ماڻهو هو، جنهن ساري سنڌ تي پنهنجو راڄ قائم ڪيو، سنه 1737ع ۾ هن جي وجود سان سنڌ ۾ ڪلهوڙا دور شروع ٿيو.

نور محمد کي حڪومت ڪئي اڃا سال مس گذريو هوندو جونادر شاهه هندستان تي حملو ڪيو ۽ تکو تکو ڌوڪيندو سنه 1739ع جي شروع ۾ ئي وڃي دهليءَ نڪتو هو. ان کانپوءِ هن ۽ محمد شاهه جي وچ ۾ ان ئي سال اندر هڪ صلح نامون ٿيو هو، جنهن ۾ شهنشاهه محمد شاهه سنڌ جو وڏو حصو نادر شاهه جي حوالي ڪيو هو. هيٺ ڏنل ٽڪرو فريزر (Frazer) جي لکيل ڪتاب، ”لائيف آف نادر شاهه“ مان کنيو ويو آهي.

”مان نادر شاهه کي، اٽڪ درياهه، سنڌو درياهه ۽ سنڪرا (ساڱرا) درياهه جي اولهه پاسي وارا علائقا، جهڙوڪ پشاور ۽ ان جي ڀرپاسي وارو علائقو ڪابل، غزني ۽ پٺاڻن جي رهڻ وارا جابلو علائقا، هزاره جات وارا لڪ، بکر جو قلعو سکر، خداآباد ۽ ٻيا علائقا لڪ، بلوچن ۽ جوکين جي رهڻ واريون ايراضيون ٺٽي جو صوبو، رام قلعو، تربين Terbin جو ڳوٺ، چوڻ (جوڻ)، سما والي (سماوتي) ۽ ڪيترا Ketra وارا شهر ٺٽي جا ماتحت علائقا شهر، ڳوٺ، واهڻ، زمينون، قلعا، بندر ۽ اهي شهر ڏنا، جتي سنڌو درياهه جو پاڻي پهچي ٿو. ۽ اهي لڪ ۽ ايراضيون به جتي مذڪوره درياهه جو پاڻي رسي ٿو. سانڪره وهڪري جو اوسو پاسو ويندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ تائين، مطلب ته اٽڪ درياهه، سنڌو درياهه ۽ سانڪره جي وهڪري جو اولهه پاسي وارو سارو علائقو هن بادشاهه جي ملڪيت سمجھيا ويندا. لاهري بندر جو قلعو ۽ شهر ۽ اهي علائقا جيڪي اٽڪ درياهه، سنڌو درياهه ۽ سانڪره وهڪري جي اوڀر پاسي آهن، سي اڳئين جيان هندستان جي شهنشاهه جي ملڪيت رهندا.

شاهه جهان آباد ۾ لکيو ويو. تاريخ 4 محرم 1152هه/2 اپريل 1739ع.

صلح جي عهدنامي مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته ساڱرا وارو وهڪرو سنڌو درياهه جي هڪ ڇاڙهه هو. هن مان هيءَ حقيقت واضح ٿئي ٿي ته ڇوڙ واري علائقي جي وچئين ڀاڱي ۾ 1591-92ع کان وٺي 1739ع تائين، يعني ڏيڍ صديءَ جي عرصي دوران وڏيون تبديليون اچي چڪيون هيون. ان زماني ۾ سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو سانگرا جي پيٽ مان وهندو هو. درياهه ڪجهه الهندي ڏانهن کسڪي، وڃي هالا جي اولهه ۾ وهڻ شروع ڪيو هو. ان کان مذڪوره شهر جو ڏکڻ ڏئي اڀرندو رخ ڪري گھلو Ghalu جي پيٽ مان وهي، نصرپور وٽان گذرندو هو. گھوٽاڻي ڳوٺ ۽ نصرپور جي وچ تي سنڌو ائين وهندو رهندو هو. ان کان اڻويهه سال پوءِ درياهه اوچتو الهندي رخ اختيار ڪيو ۽ نصرپور کان پنهنجو صدين وارو وهڪرو ڇڏي، گھڻو اولهه ڏانهن هليو ويو. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ان دور ۾ سانڱري وارو وهڪرو اڃا به وهي رهيو هو. ان جي ذڪر جو ڪارڻ هتي اهو آهي ته مغل شهنشاهه طرفان ايران جي بادشاهه کي ڏنل علائقن مان ڪجهه حصو سانڱري وهڪري ۽ سنڌوءَ درياهه جي وچ تي پڻ موجود هو. ڪنهن به ڏيهي مؤرخ ائين ڪڏهن ڪونه لکيو آهي، ته هن وهڪري کي نصرپور کان هيٺ به ساڱرا جي نالي سان سڏيو ويندو هو. صلح جي عهد نامي ۾ هن وهڪري کي ويندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ تائين، ساڱرا جو نالو ڏنو ويو آهي. ان جو سبب مان اوهان کي سمجھايان ٿو. صلح جي عهدنامي مطابق علائقن جي جھڙي نموني سان حد بندي ڪئي وئي آهي، ته جيئن ان نقطهء نظر سان لاڙ ۾ ريڻ وارو وهڪرو ٻنهي ملڪن جو دنگ مقرر ڪرڻ لاءِ مناسب هو. پر صلح نامي ۾ جوڻ ۽ ان جي ماتحت علائقي جو به ذڪر موجود آهي، جيڪو عهدنامي مطابق ايران جي بادشاهه کي مليو هو، جيڪو ريڻ جي اوڀر پاسي هو. جيڪڏهن انهن جو ذڪر واضح طريقي سان نه ڪيو وڃي ها، ته سمجھيو وڃي ها ته اهي مغل سلطنت سان شامل آهن. اهڙو مثال اسان کي سماوتي جي ذڪر مان به ملي ٿو. مذڪوره علائقو نصرپور جو محال هو ۽ هاڻي محبت ديري وارو پرڳڻو به ان ۾ شامل آهي. اهو علائقو به ريڻ جي اڀرندي طرف آهي. ڪيٽڙا Ketra جو ماڳ آءٌ سڃاڻي ڪونه سگھيو آهيان، ۽ هيءُ ۽ تربين Terbin ڳوٺ جو نالو، ٻئي، اچار ۾ بگڙيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪي سڃاڻپ کان پري آهن. رام قلعو شايد ڪراچيءَ وارو رام باغ آهي، جنهن جو بنياد صلح نامي کان چوڏهن سال اڳ ۾ رکيو ويو هو. سنڌ جو اهڙو سياسي ورهاڱو  نور محمد ڪلهوڙي کي ڏاڍو ڏکيو لڳو. سندس سياسي شعور کيس ڄڻ سئين چوٽيءَ ڪيرائي وڌو هو. هن نادر شاهه جي ارادن جي مخالفت ڪري ۽ کيس شهنشاهه نه مڃي، غلطي ڪئي هئي. پر هن، اهڙيءَ غلطي کي محسوس ڪرڻ ۾ دير ڪانه ڪئي هئي. نادر شاهه اڃا ڪابل ۾ هو جو کيس نور محمد جي بغاوت ڪرڻ جو پتو پيو. ڪابل کان نومبر جي پڇاڙيءَ ڌاران، سنه 1739ع ۾ نڪتو ۽ پهرين فيبروريءَ تي اچي لاڙڪاڻي پهتو. اتي کيس معلوم ٿيو ته ميان نور محمد پنهنجو خزانو کڻي عمر ڪوٽ ڏانهن هليو ويو آهي. نادر شاهه شهدادپور واري رستي سان هراول دستي ميان نور محمد کي شڪست ڏئي، گرفتار ڪري ورتو، جيڪو ان وقت پنهنجو خزانو ڪاٿي پوري لشڪر وٺي ڪيڏانهن وڃي رهيو هو. چيو وڃي ٿو ته اهو ڪروڙ روپين جي لڳ ڀڳ هو (ڀ-44). نادر شاهه اهو خزانو کوٽائي ٻاهر ڪڍايو. ميان نور محمد کي معاف ڪيائين، پر سنڌ جو اهو علائقو جيڪو مغل شهنشاهه طرفان عهدنامي مطابق کيس مليو هو ۽ جيڪو ڪنهن زماني ۾ ميان نور محمد جي حڪمراني هيٺ هو، سو سندس گھر جي باوجود ميان کي ڏيڻ کان انڪار ڪيائين. ان زماني ۾ ڪلهوڙن کي سنڌ جو فقط وچولو ۽ لاڙ وارو حصو ڏنو ويو. سنڌ جو اتر اولهه وارو ڀاڱو قلات جي خان جي حوالي ڪيو ويو هو ۽ اتريون پاسو داؤد پوٽن کي ڏنو ويو هو. ڪلهوڙن جي حڪمرانيءَ مان سنڌ جو وڏو حصو نڪري ويو هو. ان کان سواءِ کانئن جھجھو خزانو به کسيو ويو ۽ ساليانو ويهه لک روپيا ڏن ڀرڻو پيو هون.

اهڙيءَ ريت سنڌ جي اپت وارو حصو ايران جي هٿ اچي ويو. مٿان سالياني ڏن جو ڳاٽي ڀڳو بار، تنهن هن بدنصيب ملڪ جي هڻي چيلهه چٻي ڪري وڌي. (32) سنڌ، جيئن ته گھڻو عرصو دهليءَ جي غلام رهي، تنهنڪري مٿانس گھڻو ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ رهيو. وڏا محصول مڙهي زوري وصول ڪيا ويندا هئا. سنڌ جو سياسي ڪعبو هاڻي ايران بڻيو هو. قنڌار ۽ بولان جو لڪ اتان جي حڪمران جي هٿ هيٺ هئا، جن جا محصولن جي گھر ۽ اوڳڙ وارا طريقا دهلي وارن کان ڪجهه نرم هئا. ڪلهوڙا هنن کي خراج تيستائين ادا ڪونه ڪندا هئا، جيستائين اوڳڙ لاءِ فوجي دستا ڪونه ايندا هئا. محصول جي اوڳڙ جا فوجي طريقا ڦرلٽ، مار ڌاڙ ۽ شهر ساڙي رک ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه ڪونه هوندا هئا. خراج نه ڏيڻ جي غلطي حڪمران ڪندا هئا ۽ ڏاڍ جي چڪيءَ ۾ پيسندا هاري ناري ۽ پورهيت هئا. پوري صديءَ تائين سنڌ سان اهڙي جُٺ ٿيندي رهي. ڪڏهن سنڌ کي خراج ڏيڻ کان ڍر ڏني ويندي هئي. ڪڏهن وري ان کي ڏيڻ تي سخت مجبور ڪيو ويندو هو. ڪڏهن سنڌي مزاحمت به ڪندا هئا. ڪڏهن مٿن حملا به ٿيندا هئا. آخرڪار سندن پونئير شاهه شجاع جڏهن ڪمزور ٿيو ۽ ڪلهوڙن جي گادي نشينن ٽالپرن کان ڏن وٺي ڪونه پئي سگھيو، ته انگريز سرڪار ان ڳالهه کي نئون ڪيو. سنه 1839ع ۾ انگريز سرڪار، نادر شاهه جي گادي نشينن جي پونير کي خراج ڏيڻ واسطي ٽالپرن کي مجبور ڪيو ۽ چيو ته کيس باقي رهتِ اٺاويهه لک روپيا ڏئي، ليکو سئون ڪن. اهڙيءَ ريت خراج جي رقم جي ادائگي پوري ٿي.

سنه 1747ع ۾ نادر شاهه کي قتل ڪيو ويو. احمد شاهه ابدالي جيڪو سندس سپهه سالار هو، تنهن افغانستان تي پنهنجو راڄ قائم ڪيو. اهڙيءَ ريت سنڌ، ايران جي ماتحتيءَ مان نڪري، افغانستان جي ڏن ڀرو ٿي. ٿورو وقت ته احمد شاهه ابدالي پنهنجي مامرن کي نبيرڻ ۾ مشغول رهيو ۽ سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي ڏانهن ڌيان ڏئي ڪونه سگھيو. ميان نور محمد کي وجهه ملي ويو، جنهن کيس ڏن ڏيڻ ۾ دير ڪئي. جڏهن احمد شاهه ابدالي ڏن وٺڻ لاءِ سنڌ تي ڪاهي آيو، (33) ته ميان نور محمد جيسلمير ڏانهن نڪري ويو ۽ اتي وفات ڪيائين. ميان نور محمد جي وفات کانپوءِ سندس وڏي پٽ ميان مرادياب سندس گادي سنڀالي. پر ٽن سالن جي حڪمرانيءَ کانپوءِ کيس تخت تان لاهي غلام شاهه راڄ سنڀاليو. پوءِ سندس ڀاءُ عطر خان، احمد يار خان ۽ هن جي وچ ۾ تخت جي سوال تان اچي مامرو متو، جيڪو سالن تائين هلندو رهيو. اهو ڦيٽاڙو هلندو رهيو، نيٺ احمد شاهه ابداليءَ 1761ع ۾ غلام شاهه کي سنڌ جي حڪمران طور قبولي هن منجھيل مامري کي نبيري ڇڏيو. (ڀ-45)

ميان غلام شاهه، ڪلهوڙا گھراڻي ۾ سڀني کان وڌيڪ سگھارو حڪمران هو. هي پنهنجي خاندان ۽ قبيلي مان هوشيار ۽ داناءُ ماڻهو هو. هن اڳرائي ڪري ٻين ملڪن تي به حملا ڪيا. سنڌ ۾ هن لاءِ ڪو مامرو منجھيل ڪونه هو ۽ نه ئي وري کيس ڪنهن کي نيچو نوائڻو هو. سندس ارادو هو ته هو بغاوت جو ڦريرو ڦڙڪائي، سنڌ جي آزادي جو اعلان ڪري، هن پنهنجي طاقت کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪڇ تي ٻه ڀيرا ڪاهيو. هن پهريون حملو 1763ع ۾ جھارا تي ڪيو، جنهن ۾ هن جي سرسي ٿي. ٻئي حملي دوران، هو اڳتي وڌندو وڃي ڪڇ جي راڄڌاني ڀرسان پهتو ۽ راءِ کي مجبور ڪيائين ته لکپت ۽ بستا جا بندر سندس حوالي ڪري. غلام شاهه جي اصلي نيت اها هئي ته هيءُ ملڪ فتح ڪري سنڌ سان ملائي ڇڏي. ڪڇ جا رهواسي راجپوت هئا. (ڀ-46) هنن پنهنجي ڌرتيءَ جو بچاءُ سرترين تي رکي ڪيو هو. جڏهن حالتون نازڪ موڙ تي پهچنديون آهن، ته راجپوتي رت تي هڪ وحشت طاري ٿي ويندي آهي. غلام شاهه ان فتح تي به ڏاڍو مگن هو. هيءَ سوڀ کيس ڏاڍي مهانگي پئي هئي، جنهن لاءِ هن پنهنجا اڪيچار ڪونڌر ڪهايا هئا. مذڪوره جنگ ۾ سنڌ جو هيءُ  حڪمران ڪڇ جي ڪنهن ٿوري ڀاڱي تي سوڀ حاصل ڪري سگھيو هو. هن جي دور سان واڳيل جيڪي دلچسپ واقعا آهن، تن ۾ سنڌو درياهه جي وهڪري جي تبديلي نمايان آهي، جيڪا 1758-59ع ۾ آئي ۽ ٻيو واقعو حيدرآباد قلعي جي اڏاوت آهي. مذڪوره قلعي جو بنياد 1768ع ۾ رکيو ويو.

اڳين صديءَ دوران درياهي وهڪرن ۾ جيڪي تبديليون آيون، انهن سڀني مان وڌيڪ سنڌ اندر ۽ سنڌو درياهه جي وهڪري ۾ آيون آهن. درياهه جو مکيه وهڪرو ته پنهنجو اصلي پيٽ ڇڏي، پورو هڪ سو ميل پنهنجو رخ مٽائي ويو. ۽ ٿي سگھي ٿو ته ان کان به گھڻو هجي. ساڳي وقت ريڻ وارو وهڪرو به سڪي ويو، جيڪو سنڌوءَ جي هاڻوڪي وهڪري کان پورا ستر ميل پري هو. اهو چئي ڪونه ٿو سگھجي ته ريڻ واري وهڪري کان مٿان ۽ اوڀر طرف ڪو ٻيو وهڪرو به موجود هو يا نه، جيڪڏهن اهو هوندو به ته، اهو به ريڻ جيان سڪي ويو هوندو، جنهن جو ڇوڙ جي اوڀر واري علائقي جي کيتيءَ تي ناڪاري اثر پيو هوندو. ان جو سبب اهو هو ته سنڌو درياهه پنجويهه ڊگريون ۽ چاليهه فوٽ ڊگھائي ۽ اٺهٺ ڊگريون ۽ ايڪٽيهه فوٽ ويڪرائي ڦاڪ وٽان هڪدم وڪڙ ڪري، اولهه ڏانهن وهڻ لڳو ۽ ڏکڻ اوڀر ڏانهن وهندڙ اڳيون وهڪرو بند ٿي ويو. مونکي پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته رخ بدلائڻ کان اڳ ۾ نصرپور واري وهڪري ۾ ٿورن سالن تائين پاڻي هوريان هوريان گھٽبو ويو ۽ نيٺ بند ٿي ويو. هن حقيقت مان معلوم ٿيندو، ته سنڌو جو اولهه وارو وهڪرو آهستي آهستي پنهنجو رخ تبديل ڪري رهيو هو. هن وهڪري بابت ڪئپٽن ايف برٽن F. Burton کي جيڪي حقيقتون مليون، سي مٿين حقيقت سان هڪجھڙائي رکن ٿيون، جن کي هو پاڻ، ڪا ڪهاڻي تصور ڪري ٿو. هو صاحب پنهنجي ڪتاب، ”هسٽري آف سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته: ”سنڌي ماڻهو درياهن جي وهڪرن مٽائڻ جي مامري ۾ ڪي هٿ جون هڻي، پنهنجين ڳالهين کي وڃي اوجھڙ ۾ هڻندا آهن ۽ ٻين مشرقي ماڻهن جيان ڪا ڏند ڪٿائي ڳالهه ملائي، تيليءَ مان ٿنڀ بڻائي ڇڏيندا آهن. درياهي وهڪري جي تبديليءَ جي موضوع تي جڏهن حيدرآباد جي هڪ جھونڙي کان پڇيم، تڏهن وراڻيائين ته سندس پيءُ جي ڏينهن ۾ فوجي ڪئمپ ڪوٽڙيءَ جي سامهون درياهه لانگها ٿي ويندو هو.“ ڪئپٽن برٽن کي هيءَ ڄاڻ سنه 1884ع ۾ ملي. ان ليکي سان ان جھونڙي جو پيءُ ارڙهين صديءَ جي پوئين اڌ جي حقيقتن کان ضرور واقف هوندو. معلوم ائين ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ نصرپور وارو وهڪرو هوريان هوريان سڪي رهيو هو ۽ اولهه واري نئين وهڪري ۾ هوريان هوريان پاڻي وڌي رهيو هو. ان ڪري امڪان آهي، ته ڪنهن موسم ۾ درياهه لانگھا ٿي ويندو هوندو ۽ پوڙهي جي بيان ڪيل حقيقت بلڪل صحيح آهي. ڪئپٽن برٽن جو هيءُ لکڻ ته ”هتان جا ڏيهي ماڻهو ڪجهه هٿ جون به هڻي وٺندا آهن“ صحيح ڪونه ٿو لڳي.

هن وڏي تبديليءَ، سنڌو درياهه کي، اولاهين ٽڪرائتي علائقي جي دنگ سان موجود لٽاسي خطي ۾ آڻي بيهاريو آهي. سندس ڇڏيل ۽ موجوده وهڪري جي وچ ۾ ستر ميلن جي وٿي آهي. ان وقت کان وٺي موجوده دور تائين درياهه ڪنارو کائيندو پائيندو وڃي ٽڪرين جي بلڪل ڪڇ ۾ پيو آهي. اهڙيءَ ريت سيوهڻ کان ٺٽي تائين درياهه کي اولهه ڏانهن سرڪڻ لاءِ ڪا جاءِ ئي ڪانه آهي.

ريڻ وهڪري جي سڪي وڃڻ ڪري، سندس پاڻيءَ تي آباد ٿيندڙ علائقي کي ڏاڍو هاڃو رسيو، پر ڦليلي ڦاٽ جي پاڻي ان برپٽ واري جُوءِ کي سائو ستابو ڪري ڪجهه پورائو ڪيو. هيءَ ڇاڙهه حيدرآباد کان ڏهه ميل اتر سنڌوءَ مان ڇڄندي هئي ۽ گنجي ٽڪر جي اوڀارين ڪڇ ڏئي، سنڌوءَ جو پراڻو پيٽ اڪري، وڃي ريڻ واري ڇڏيل وهڪري ۾ پوندي هئي ۽ ڪيترن ميلن جي پنڌ تائين ان جي پراڻي پيٽ مان به وهندي هئي، جنهن ماڳ وٽان ڦليلي ڦاٽ درياهه جي مکيه وهڪري کان ڇڄي ڌار ٿئي ٿو، اتان ئي سنڌوءَ جي ڇوڙ واري ٽڪنڊي جي شروعات سمجھڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته هي وهڪرو درياهه کان ڇڄڻ کانپوءِ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ تائين وري ڪٿي به سنڌوءَ سان ڪونه ملندو آهي. وچ تي ڪٿي کيس گونيءَ جي نالي به سڏيو ويندو آهي. سندس صورت آبپاشيءَ جي هڪ وڏي واه جھڙي هوندي آهي. سڪندر اعظم جي جنگي مهم سان لاڳاپيل تاريخ جي شارحن ۽ محققن جي خيال مطابق، ان دور جو پٽالا شهر انهن ماڳن تي هو، جتي هاڻي حيدرآباد آهي، ڇاڪاڻ ته اها ڇوڙ واري ٽڪنڊي جي شروعاتي نڪتي وٽ موجود آهي. کين اهو وهم ۽ گمان به ڪونه آهي، ته ڇوڙ جي ٽڪنڊي جو هي سِرو فقط اڳئين صديءَ جي ڳالهه آهي. هن حقيقت کي به وساري ڇڏين ٿا ته سڪندر جنهن اوڀارئين وهڪري سان هاڪاري ويو هو، سو به درياهه جيڏو وڏو وهڪرو هو. پر ان جي جاءِ تي ڦليلي، درياهه جي هڪ ننڍڙي ڇاڙهه آهي (144).

فقط ڦليليءَ جي هتان وهڻ ڪري غلام شاهه ڪلهوڙي کي حيدرآباد جي قلعي اڏڻ جو خيال آيو هو. هن کان اڳ ۾ سن 1759ع-60  ۾ کاڻوٺ جو شهر اڏيو هو، پر درياهه جي ٻوڏ جي خطري سبب ان شهر کي به ڇڏيو ويو. هن 1762-63ع ۾ (145) شاهه پور جو بنياد رکيو هو. کيس اهو خيال هوندو هو ته راڄڌاني اهڙي جاءِ تي قائم ڪئي وڃي، جتي درياهه جي ٻوڏ کان بچاءُ هجي. سندس ڀاءُ مراد ياب خان، مرادآباد نالي هڪ راڄڌانيءَ جو بنياد رکيو هو، پر درياهه ان کي ٻوڙي پائي کڻي ويو هو. ان ڪري کيس ڊپ ٿي بيٺو. هن سوچيو ته راڄڌاني ڪنهن محفوط ماڳ تي هجڻ گهرجي. مذڪوره مرادآباد جو شهر نصرپور ڀرسان هو، جيڪو 1652-57ع واري ٻوڏ ۾ لڙهي ويو. مرادياب خان ۽ سندس ٻن پٽن ٻيڙيءَ ۾ چڙهي نڪري جان بچائي هئي. بعد ۾ اتر، سڪرنڊ جي پرڳڻي ۾ وڃي نئين راڄڌانيءَ جو بنياد رکيو هئائين، جنهن جو نالو هن احمد آباد رکيو هو. امڪان اهو آهي ته هيءَ ٻوڏ هن علائقي ۾ وڏين درياهي تبديلن ڪري آئي، يا ٿي سگھي ٿو ته هن وڏيءَ ٻوڏ ڪري مذڪوره درياهي تبديليون اچي ويون هيون. خير حقيقت ڇا به هجي، پر اهڙو علائقو موجود ئي ڪونه هو، جيڪو راڄڌانيءَ لاءِ موزون هجي ۽ راڄڌاني ٻوڏ جي تباهه ڪارين کان به محفوظ هجي ۽ سندس ڪڇ مان ڦليليءَ به تازو وهڻ شروع ڪيو هو، تنهنڪري جيڪڏهن هتي راڄڌاني تعمير ڪئي پئي وئي، ته سڀئي گھربل شرط ۽ سهوليتون پوريون ٿي رهيون هيون. انهيءَ ڪري هن ڪلهوڙي حڪمران نيرون جي ٿرڙ تي سنڌ جي راڄڌانيءَ اڏڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن کي نيرون ڪافري به سڏيو ويندو هو. نيرون وارو پراڻو قلعو ناس ٿي چڪو هو، ڀتيون ڊهي پٿرن جا ڍير بڻجي ويون هيون، ڀر وارو پوٺو به پيرن جو قبرستان ٿي ويو هو. مسلمانن جي عقيدي مطابق اهو ڇوٽڪاري ۽ خدا جي رحمتن نازل ٿيڻ وارو ماڳ بڻجي ويو هو. غلام شاهه هر شيءِ کي ٻهارائي صاف ڪرايو. نيرون جي ياد سان واڳيل نه ڪو پٿر ڇڏيائين ۽ نه وري ڪنهن پير بزرگ جي قبر جي ڪا نشاني ڇڏيائين. سڀ ميڙائي پڌر پالها ڪري، ان وسيع ۽ ويڪريءَ ايراضيءَ تي حيدرآبا جو قلعو جوڙايائين. هي ڪلهوڙا خاندان جي وڏين اڏاوتن مان هڪ هئي، جنهن جو سنه 1768ع ۾ بنياد رکيو ويو هو. هن قلعي ۾ غلام شاهه 1770ع کان رهڻ شروع ڪيو. قلعي جي تعميرکانپوءِ هيءُ حڪمران ٿورو وقت زنده رهيو. سنه 1772ع واري سال ۾ هڪ ڏينهن هن تي اڌ رنگ حملو ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن هن، هيءُ فاني جهان ڇڏيو. سندس وفات بابت عام خيال اهو هو ته هن پيرن فقيرن جون قبرون ڊاهي قلعو جوڙايو هو، تن جي پٽن پاراتن ڪري مري ويو.

غلام شاهه ڪلهوڙا گھراڻي جو سڀ کان آخري سگھارو حڪمران هو. منجھس پنهنجي ڪلهوڙا گھراڻي واريون ڏاڍيون اڙ ٻنگايون هيون. ڪيس ڪلور ڪرڻ کان ڪونه ڪيٻائيندو هو. پر سگھارو حڪمران هو. ملڪ ۾ چوڏس امن امان هو. اهو ڄڻ ماڻهن کي هن ڳالهه ڏانهن ويچار ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري رهيو هو، ته ڏاڍ ۽ ظلم ڪرڻ فقط هن جو حق آهي. سندس وفات ڪرڻ سان ئي سنڌ ڏولاون ۽ ڏوجھرن ۾ اچي وئي. هن کانپوءِ سندس پٽ سرفراز گاديءَ تي ويٺو هن پنهنجي پيءُ جي گس سان هلي ڪڇ تي حملو ڪيو. هن حملي مان سندس مقصد ڦرلٽ ڪرڻ هو. سندس ڀلا ڀاڳ هئا، جو ڪڇ ۾ سندس سرسي ٿي. هن اتان واپس ورنديئي، انهن ماڻهن کي مارائڻ شروع ڪيو، جن مان کيس تخت جي دعويداريءَ جو خدشو هو. سندس پيءُ به ائين ئي ڪيو هو. ان ڪري ڪلهوڙا گھراڻي جي حڪمرانيءَ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي پئي. ڪلهوڙن جيان بلوچ قبيلا اولاهين سرحد کان لڏپلاڻ ڪري اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا هئا، پر اهي ڪلهوڙن کان تمام گھڻو پوءِ آيا هئا. هي به ڪلهوڙن جيان پهريائين اچي وچوليءَ سنڌ جي ڏاکڻين ڀاڱي ۾ ويٺا هئا ۽ گمبٽ جي اوسي پاسي به وڃي لڏا لاٿائون، جتي جوڻو ڪلهوڙو پنهنجا اجھا اڏي، سنڌين سان رشتا ناتا جوڙي وڃي ويٺو هو. چيو ويندو آهي ته ٽالپر شروعاتي زماني ۾ ڏاڍا غريب مالوند ۽ ايل پنهوار هئا. هو، هوريان هوريان مٿي اڀري سنڌ جا حڪمران بڻيا. سنڌ ۾ سندن پهريون برک ۽ نامور سردار مير شهداد خان هو، جنهن شهدادپور جو شهر اڏايو. سندس پٽ مير بهرام خان ميان نور محمد ڪلهوڙي جو وزيراعظم هو. غلام شاهه جي ڏينهن ۾ ساڳئي عهدي تي بحال رهيو. ٿوري وقت لاءِ هن کيس ان عهدي تان لاهي ڇڏيو، جنهن جو سبب معلوم ڪونه آهي. ٿي سگھي ٿو ته کيس منجھس بيوفائي جو شڪ هجي. ميان سرفراز ته پنهنجي پيءُ کان به ٻه وکون اڳتي نڪري ويو. هن مير بهرام ۽ سندس پٽ مير صوبدار کي قتل ڪرائي ڇڏيو. ٿوري وقت کانپوءِ سنڌ جا راڄوڙا ۽ لٺ سردار ميان سرفراز کان ناراض ٿي ويا ۽ تخت تان لاهي ڇڏيائونس. بعد ۾ سندس جانشين سان به ساڳي ويڌن ٿي. ميان غلام شاهه جي ڀاءُ ميان غلام نبيءَ کي پڳ ٻڌرايائون. ان زماني ۾ مير بهرام خان جو ٻيو پٽ مير بجار حج ڪري سنڌ موٽي آيو هو، هن پنهنجي ڀاءُ جي قتل جي پلاند وٺڻ لاءِ پنهنجي بلوچ برادري کي ڪٺو ڪيو. زمينون گھمندي غلام نبي سندس منهن پئجي ويو ۽ ان کي اتي ئي قتل ڪري وڌائين. (ڀ-47) ميان عبدالنبي ڀڄي وڃي حيدرآباد جي قلعي ۾ پناهه ورتي، جتي هن تخت جي ٽن دعويدارن کي قتل ڪري ڇڏيو (ڀ-48). مير بجار اڳتي وڌي وڃي حيدرآباد جو گھيرو ڪيو، پر سمجھايائين ته هيءُ قلعو فتح ڪرڻ جھڙو نه آهي، تنهن ڪري ساڻس ڳالهيون ڪيائين ۽ چيائينس ته هو تيستائين کيس سنڌ جو حاڪم تسليم نه ڪندو، جيستائين هو کيس سنڌ جو وزيراعظم مقرر نه ڪندو. مير بجار هن خون پياڪ ظالم سان ڳالهيون ڪري صلح ته ڪيو، پر پنهنجي حياتي داؤ تي لڳائي ڇڏيائين. (34) عبدالنبي پنهنجو ڪينو لڪائيندو رهيو. ان کانپوءِ هن جوڌپور جي راجا کان ٻه شخص آڻايا. اهي ماڻهو درخواست ڏيڻ جي بهاني مير بجار جي ويجھو آيا ۽ اوچتو خنجر ڏڙڪائي ڏنائونس ڀ-49). ميان عبدالنبي بلوچن جي پلاند کان ڊڄي قلات هليو ويو. قلات جي حڪمران ساڻس هڪ لشڪر موڪلي ڏنو، جنهن کي ٽالپرن شڪست ڏئي، پوئتي ڀڄائي ڇڏيو. تنهن کانپوءِ هو ڀڄي جوڌپور جي راجا ڏانهن هليو ويو. راجا به کيس لشڪر جي امداد ڏئي، سنڌ روانو ڪيو. هن وري به شڪست کاڌي. آخر ۾ هو قنڌار هليو ويو. ان زماني ۾ مير بجار خان قتل ٿي ويو هو، سندس جاءِ تي سندس پٽ عبدالله ۽ ڀائٽيو فتح علي سنڌ جو راڄ سنڀالي رهيا هئا. هاڻي هنن سردارن جي ڀڄڻ جو وارو هو. تيمور شاهه افغان ميان عبدالنبي کي تخت وٺي ڏيڻ لاءِ سنه 1781-82ع) ۾ پنهنجي هڪ مکيه فوجي سالار مدد خان کي سنڌ روانو ڪيو. (35) ٽالپر سردار ان وقت تائين سنڌ ۾ پنهنجي سياسي سگهه ڄمائي ڪونه سگھيا هئا. جڏهن افغانن جي لشڪر جو ايندو ٻڌائون، ته ٿر ڏانهن نڪري هليا ويا. (ڀ-51) مدد خان هڪ ظالم ماڻهو هو، سنڌ جا ماڻهو سندس ظلمن کي اڃا تائين ياد ڪندا آهن. اتر کان وٺي ڏکڻ تائين جنهن علائقي مان گذريو، شهر، ڳوٺ، وسنديون، واهڻ، وانڍيون، ڦريندو لٽيندو، باهيون ڏيندو ساڙيندو رک ڪندو ماڻهو ماريندو، سڄو ملڪ ڀيليندو، ڀڙ ڀانگ ڪندو ويو. پٺيان رک جي ڍيرن ۽ ماڻهن جي لاشن کان سواءِ ڪجهه به نه رهيو. وحشي پٺاڻن تيستائين، ماٺ نه ڪئي، جيستائين رت ۽ تباهيءَ مان کين ڍءُ نه ٿيو. ميان عبدالنبيءَ کي گاديءَ تي وهاري تيمور شاهه جو لشڪر واپس موٽيو ته پٺيان ڏڪار ۽ وبائي مريءَ منهن ڪڍيو. مدد خان پٺاڻ سنڌ جي هنن بدنصيب ماڻهن مٿان الاهي اَپدا بڻجي اچي لٿو، تنهنجو لازمي نتيجو هو. تخت جي دعويدار ڌرين مان ڪنهن سان به سندن واسطو ڪونه هو. ايلفن اسٽون پنهنجي ڪتاب، ”اڪائونٽ آف ڪابل“ ۾ لکي ٿو ته: ”ان موقعي تي جيڪي تباهيون ٿيون، تن مان سنڌ اڃا تائين (1815ع) پاڻ ڀري ڪانه ٿي سگھي آهي.

مير عبدالله ٽالپر کي ڪو تجربو ڪونه هو. (36) ڌڪا ڌاٻا کائي نيٺ سنڌ موٽي آيو (ڀ- 52) ۽ اچي ميان عبدالنبيءَ جي پيش پيو، جنهن ٿوري وقت کانپوءِ کيس مارائي ڇڏيو. ٽالپر وري سياسي سگهه حاصل ڪري ويا. هنن مير فتح عليءَ خان جي اڳواڻيءَ ۾ ميان عبدالنبيءَ تي حملو ڪري، کيس ڊوڙائي ڪڍي ڇڏيو. هن وري وڃي قنڌار مان مدد حاصل ڪئي. سنڌين سان ظلم ته پٺاڻن جي هن فوج به ڪيو ۽ ڏاڍ ڪيو. اصلي وڻ وڄائي ڇڏيا. پر مدد خان واري لشڪر کان ڪجهه گھٽ، عبدالنبيءَ کي سخت شڪست ملي. ان کانپوءِ هيءُ سنڌ ائين ڇڏي ويو، جو وري موٽي ڪونه آيو. اهڙي ريت سنڌ ۾ ڪلهوڙا گھراڻي جي حڪمراني پوري ٿي. ڪابل جي حڪمران زمان شاهه ميرن جي حڪومت کي سنه 1793ع ۾ تسليم ڪيو. حقيقت ۾ ميرن جي راڄ جي شروعات سنه 1783ع ۾ ٿي هئي، پر ڪلهوڙا پنهنجي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل رهيا. نيٺ هلي هلي مايوس ٿي بيهي ويا. اهڙين وڳوڙي حالتن ڪري، سنڌ جون اقتصادي حالتون ڊانوان ڊول ٿي ويون ۽ ٽالپر سردارن جي دور ۾ سنڌ جون حالتون وري سڌرڻ لڳيون. ڪلهوڙا سنه 1737ع کان 1783ع تائين ڇائيتاليهه سال سنڌ جا حاڪم رهيا. ان جي جانشين گھراڻي سنڌ کي سري، وچولي ۽ لاڙ جي ٽن سرڪارين ۾ ورهايو ۽ سٺ سالن تائين حڪومت ڪئي. سندن تعلق هتان جي ڏيهي گھراڻي سان هو. سندن سنڌ تي راڄ 1843ع ۾، انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ سان ختم ٿيو.