سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو

ڪتاب جو نالو سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو
ليکڪ جنرل هيگ
سنڌيڪار / ترتيب عطا محمد ڀنڀرو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-16-1
قيمت 400    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (790) PDF  E-Pub
انگ اکر

12 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     254137   ڀيرا پڙهيو ويو

ضميمو ”ج“


قديم دور ۾ سنڌ مان سنڌوءَ جو وهڪرو

گذريل اڌ صديءَ جي سروي مطابق، سنڌو اڻٽيهه ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ ۾ ستر ڊگريون ۽ پنجٽيهه فوٽ ڊگھائي ڦاڪ وٽ پنج ند جي سنگم کان پوءِ ڏکڻ اولهه رخ ۾ ٽي سو ميل يڪو (درياهي ماپ) وهي اچي چوويهه ڊگريون ۽ ڇاونجاهه فوٽ ويڪرائي ۽ ستهٺ ڊگريون ۽ ٽيونجاهه فوٽ ڊگھائي ڦاڪ جي ماڳ وٽ رسي ٿو. هن وڏي سفر جا ٻه سو پندرهن ميل سنڌ جي حدن اندر ڪري ٿو. مٿي بيان ڪيل آخري ماڳ وٽان سنڌو وري سر ڏکڻ جو رخ ڪري، انهيءَ ساڳئي رخ ۾ سٺ ميل کن وهي چوويهه ڊگريون ۽ ويهه فوٽ ويڪرائي ۽ ستهٺ ڊگريون ۽ پنجونجاهه فوٽ ڊگھائي ڦاڪ واري ٿاڪ وٽ اچي پهچي ٿو، جيڪي لڪي جي ٽڪرين جو اوڀاريون پاسو ۽ ڀڳي ٺوڙهي جي چوٽيءَ جي سامهون آهي. هتي هڪ صدي کان وٺي الهندي ڏانهن سرڪڻ واري سفر سنڌوءَ کي آڻي جابلو علائقي ڪوهستان جي آخري حد تائين پهچايو آهي. ڏکڻ سنڌ ۾ هي جابلو علائقو ڪجهه اڳتي نڪري آيو آهي، تنهنڪري سنڌو هڪ سو اسي ميل جو وڏو وڪڙ ڪري ٺٽي پهچي ٿو. سنڌوءَ ۾ اهڙي قسم جو ساڳيو وڪڙ ڇوڙ واري علائقي ۾ به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ اهو ساڳيو وڪڙ منجھس سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ تائين رهندو اچي ٿو. اهڙيءَ ريت ڀڳي ٺوڙهي کان وٺي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ تائين سنڌوءَ جو هيءُ وڪڙ ٻه سو سٺ ميل ڊگھو آهي، جنهن جي شڪل ونگ يا ڪمان Arc جھڙي آهي. سامهون وارو پاسو هڪ سو سٺ ميل وچ واري گھرائي پنجاهه ميل کن ٿيندي. ويچارڻ سان سنڌ مان سنڌوءَ جو وهڪرو انگريزي اکر “S” جھڙو ڏسڻ ۾ ايندو. سنڌوءَ جا پراڻا پيٽ جيڪي سنڌوءَ جا سمنڊ تائين پراڻا وهڪرا آهن، سي به لڳ ڀڳ ائين نظر ايندا. سنڌوءَ جي وهڪري جي ناتي سان “S” اکر جو هيٺيون ڀاڱو وڌيڪ چٽو ڏسڻ ۾ ايندو، جيڪو اوڀر ڏس تي ڪجهه وڌيڪ نڪتل آهي. ان زماني ۾ سنڌو موجوده وهڪري کان وڌيڪ اوڀر ڏانهن لڙيل هو. ڇاڪاڻ ته کيس روڪڻ لاءِ ايڏانهن ڪا ٽڪري وغيره ڪانه هئي، ۽ نه وري ڪا ساڪري سان گڏيل پڪي ڌرتي هئي. ان جي ڀيٽ ۾ موجوده وهڪري جي اولهه ۾ جابلو علائقو آهي، جنهن کان اڳتي هو سرڪي ئي ڪونه ٿو سگھي. هاڪڙي درياهه جو وهڪرو به بلڪل ائين هو، ته سنڌوءَ جيان اولهه ڏکڻ وارو عام وهڪرو اختيار ڪندو هو. خيرپور وارين ٽڪرين تائين سندس رخ ساڳيو رهندو هو. ان کان پنجاهه ميل سر ڏکڻ وهڻ شروع ڪندو هو. سندس اهو وهڪرو سيوهڻ (3) جي ويڪرائي ڦاڪ جي سامهون واري ماڳ تائين رهندو هو. هتي پهچي سندس رخ هڪ سو ميل تائين ڏکڻ اوڀر ٿي ويندو هو. اتان کان پوءِ ڏکڻ اولهه وهڻ شروع ڪندو هو ۽ ڪوري کاريءَ سان هڪ سو ويهه ميل سفر ڪري، سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ڏسڻ ۾ اهو ايندو ته ته هاڪڙو درياهه به سنڌ ۾ پهچڻ کان پوءِ انگريزي اکر ايس “S” جھڙي شڪل اختيار ڪري ويندو هو. سندس وڪڙ وراڻا به بلڪل سنڌوءَ جي وڪڙن جھڙا ڏسڻ ۾ ايندا. هاڪڙي جي وهڪري جي خاصيت به ظاهر ظهور نظر اچي رهي هئي. سندس عام وهڪري ۾ جيڪي وڪڙ آهن، تن جو ڪارڻ واريءَ جون ڀٽون آهن، پر سنڌوءَ جي وهڪري ۾ وڪڙن جو ظاهري سبب ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. جيڪڏهن سنڌو، ڏکڻ اولهه وارو عام رخ اختيار ڪري ها، ته سندس منهن سڌو جوهيءَ ڏانهن هجي ها، جيڪو سيوهڻ کان چوويهه ميل اتر اولهه طرف واقع آهي. تنهن کانپوءِ ”ساڪري گڏيل پڪي مٽي“ ۽ ٽڪريون ڦيرو ڏياري ان کي اچي منڇر ڍنڍ ۾ ڇڏين ها، پوءِ اڙل وسيلي سيوهڻ جو اتر ڏئي دولت پور جو رخ ڪري ها ۽ اتان ڏکڻ طرف سمنڊ ڏانهن لم ڏيڻ بدران ڏکڻ اوڀر ڏانهن ڊوڙ ڪري ها. ويچارڻ گھرجي ته ستاويهه ڊگريون پوروڇوٽ گذرڻ کان هڪدم پوءِ درياهه هڪ عام فطري، ڏکڻ-اولهه وارو رخ ڇڏي سر ڏکڻ ڇو وهي پيو؟ ساڳي ويڪرائي ڦاڪ جي آمهون سامهون ائين هاڪڙي جي وهڪري جيان ٿيو. جڏهن ته هاڪڙي وارو وهڪرو هن کان گھڻو پري اوڀر طرف آهي. اها ڳالهه منهنجي سمجھه کان مٿڀري آهي. درياهه هميشه پيا پنهنجا پيٽ بدلائيندا آهن. ڪي درياهه هڪ سو ميل جي فاصلي تائين ڪڏهن هيڏي ته ڪڏهن هوڏي پيا ايندا ويندا آهن. انهن جون ڇاڙهون به ٻن ٽن ميلن کان ٻارهن ميلن تائين پيون ڦرنديون گھرنديون آهن. سندن وهڪري جي رخ کي گھڻو مٿان ڪپرن کائڻ ۽ پائڻ مان سمجھي وٺبو آهي، ته سندس آر ۽ جار ڪيڏانهن آهي. مٿي اسان اها ڳالهه سمجھائي آيا آهيون، ته هر دور ۾ درياهه جو وهڪرو انگريزي اکر ايس “S” جھڙو رهيو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته قديم زماني کان وٺي هتان جي مقامي جاگرافي ڪجهه اهڙي رهي آهي، جنهنجو مثال پٽالا وارو قديم ماڳ پڻ آهي. ان ڪري اهو امڪان ئي نظر ڪونه ٿو اچي جو قديم زماني ۾ به موجوده دور جيان سنڌو، حيدرآباد وٽان لنگھندو هجي ۽ هيٺ وڃي گھاري ۽ سنڌ ساگر جي پيٽن مان وهندو هجي. جيڪڏهن پٽيالا حيدرآباد هجي ها، ته سڪندراعظم جي زماني ۾ سندس صفا اولاهيون منهن، ڇوڙ واري علائقي جي انتهائي اولاهين دنگ سان نه هجي ها، پر ان کان گھڻو اوڀر طرف هجي ها جھڙيءَ ريت هاڻي آهي.

جيتريقدر سنڌوءَ جو صدين کان الهندي پاسي سرڪڻ جو سوال آهي ته اهو به هروڀرو لڳاتار ڪونه رهيو آهي. جيڪڏهن اسان کي سندس موجوده وهڪري کان اوڀر طرف ڪيئي پراڻا پيٽ نظر اچن ٿا ته اهڙيءَ ريت ڪيترائي ڇڏيل پيٽ هن جي الهندي طرف به آهن (4) ان جو وڏو مثال ”سنڌ- ڍورو“ آهي، جيڪو سرحد ڀرسان ڪشمور ۾ ان سان گڏوگڏ هلندو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهڙيءَ ريت ائين وسهڻ ته سڪندر اعظم جنهن سنڌوءَ کي پنهنجي اکين سان ڏٺو هو، تنهن جو سڄو سارو وهڪرو موجوده وهڪري جي فقط اوڀر طرف کان وهندو هوندو، سو ممڪن ڪونه آهي. جيڪڏهن ڪير کڻي ائين سمجھندو به ته ان جا مناسب ۽ معقول سبب آهن. اسان سندس جنگي مهم جا احوال پڙهيا آهن. ڪتابن ۾ ڏنل حوالا گھڻا ملن ٿا، پر اهي منجھيل آهن. جاگرافيائي صورتحال به تفصيل سان ڪونه ڏني وئي آهي. انهن سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکي، جيڪڏهن سنڌو ماٿريءَ جو نقشو تيار ڪبو، ته ممڪن ئي ڪونه ٿيندو. هڪ اهم حقيقت ٻي به آهي ته هنن سنڌو ماٿريءَ جي ٻئي گم ٿي ويل درياهه جو ڪو حوالو ئي ڪونه ڏنو آهي، جيڪا ڳالهه سمجھه ۾ نه ٿي اچي. توڙي جو سندن جنگي ڪارروايون هن درياهه جي ڪنڌين ڪنارن سان به جاري هيون ۽ تنهن زماني ۾ مذڪوره درياهه پنهنجي اوج تي هو. جيڪڏهن هن وهڪري جي ثابتي ڳولڻ جا جتن ڪبا، ته مائو سيڪئنس جي احوالن ۾ هن جا ڪجهه اهڃاڻ ملي ويندا. سڪندر اعظم کي ٻڌايو ويو هو ته هن بادشاهه جو ملڪ سڄي هندستان (37) ۾ وڌيڪ سکيو ستابو ۽ شاهوڪار آهي“ (5) ۽ يونانين اهو ملڪ اکين سان وڃي ڏٺو هو. اهو علائقو اسان جي سڃاڻ موجب اروڙ جي اوسي پاسي ڪاٿي هو. مان هن خيال جو آهيان ته اهو علائقو اڃا به ڪجهه اتر طرف هو. موجوده بهاولپور علائقي جو ڏکڻ اولهه وارو سارو حصو ۽ سنڌوءَ جي اوڀر طرف وارو موجوده سنڌ جو گھڻو ڀاڱو ان علائقي ۾ شامل هو. هن علائقي جي اترئين ڀاڱي ۽ سرحد کان پنجٽيهه ميل اتر ”مائو“ نالي هڪ قديم ماڳ آهي.

ڪئت ناهي ته ان قديم شهر جو مائوسيڪئنس سان ڪو لاڳاپو هجي. هن (مائوسيڪئنس) لفظ جي پڇاڙي يوناني طرز جي آهي، جنهنجي اسان کي پوري پڪ آهي. اهڙي پڇاڙي اسان آسيڪئنس ۽ پورٽيڪئنس جي پڇاڙين ۾ به ڏسون ٿا، اهي سڀئي نالا هڪ ئي ماڻهوءَ جا آهن، پتو نه آهي ته غلطي الائي ائرين Ariuan ڪئي آهي يا ڊايوڊورس Diodorus ڪئي آهي. انهن ٽنهي لفظن جي معنيٰ آهي قبيلي جو سردار يا مائوسيڪا، آسيڪا يا پروٽڪا جو ملڪ (6) لئسن وشنو پراڻ Vishnu Puran ۾ به ذڪر ملندو. ڪئت ناهي ته اهو قبيلو اچي سنڌوءَ جي ڪنڌين سان آباد ٿيو هجي. مائو ۽ مائوسيڪئنس جو پاڻ ۾ ناتو آهي يا نه، پر جيڪڏهن آهي ته ڪيترو آهي، تنهنجي اسانکي ڄاڻ ڪانه آهي. مگر ان کان وڌيڪ امڪان جوڳي حقيقت اها آهي ته بهاولپور وارو علائقو اروڙ جي جابلو خطي کان وڌيڪ زرخيز ۽ آباد آهي ۽ اروڙ واري ايراضي ته جبلن ۽ ڀٽن سان ڀري پئي آهي. اسان سمجھون ٿا ته سڪندراعظم جي دور وارو سر سبز ۽ شاهوڪار علائقو بهاولپور وارو هو. ڇاڪاڻ ته ان دور جي تاريخن ۾ هيءَ حقيقت موجود آهي، ته اهو سائو ڍائو علائقو ٻن وڏن درياهن جي وچ تي موجود هو. هن علائقي جي زمين اڄ به ڀلي آهي. پاڻي گھٽ هجڻ ڪري ماڻهو ايڪڙ ٻيڪڙ رهن ٿا. پوکي راهه به ڇڊي پاڊي ٿئي ٿي. سنڌوءَ جي چاڙهه جو پاڻي هاڻي هن علائقي جا پاسا پٽ اچي پسائيندو آهي، جنهن سان پنج ند جو پاڻي پڻ اچي ملندو آهي. پر قديم زماني ۾ ائين ڪونه هو. پنجاب جي درياهن جو گھڻو پاڻي هن گم ٿي ويل درياهه “Lost River” کي ڀرتي ڪندو هو. پوريءَ پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته مائو جو قديم شهر سنڌوءَ جي ڪٺار سان وسندڙ هو. ان کان ڏکڻ اولهه طرف ٽيهه ميل سِوِراءِ Seorae ۽ ان کان اٺٽيهه ميل هيٺ، سنڌ ۾ ماٿيلي جو شهر هوندو هو (7) اهي ٽئي شهر هڪ سِڌَ ۾ آهن ۽ انهن کان سنڌوءَ جو موجوده وهڪرو ٻارهن کان پندرهن ميل پوروڇوٽ تي هلندو ڏسڻ ۾ ايندو.

جيڪڏهن سنڌو ٻاويهه صديون اڳي مائو ۽ ماٿيلي جي ماڳن ڀرسان وهندو هوندو، ته اها ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه به ڪانه آهي، پر اهڙين ڳالهين کي ثابت ڪري ڪونه ٿو سگھجي. قوي امڪان اهو آهي ته اهو وهڪرو اروڙ وٽان گذرندو هوندو. نقشن جي مطالعي مان به اسان کي ائين معلوم ٿئي ٿو. ڪن نقشن مان اسان کي ائين معلوم ٿئي ٿو ته ٽڪرين ۾ موجود وِٿيون ايتريون ڪشاديون ڪونه آهن، جو سنڌوءَ جي سڄي وهڪري جو پاڻي اتان گذري سگھي. سمجھه ۾ ائين اچي ٿو ته درياهه اروڙ جي ويڪرائي ڦاڪ وٽ پهچي، هڪ کان وڌيڪ ڇاڙهن ۾ ورهائجي ڪيترين ئي ٽڪرين جي وٿين مان گذرندو هوندو. اروڙ واري وٿي، سنڌوءَ جي وڏي وهڪري جي ڀيٽ ۾ تمام سوڙهي ڏسجي ٿي. سنڌ جي پراڻي راڄڌاني ڀرسان ته پاڻيءَ جو اهو لنگهه اڻويهه سو فوٽ مس ٿيندو، پر وهڪري جو گهڻو دارومدار اونهائي تي به هوندو آهي. پيل لٽ مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته اهو لنگهه تانگھو آهي، ته پوءِ اعتراض لاءِ مناسب جواب ٺهي ڪونه ٿو سگھي، پر جيڪڏهن ٽڪرين جو ترو لٽ واري مٿاڇري کان گھڻو هيٺ آهي، ته پوءِ سنڌوءَ جو موجوده پاڻي کان گھٽ وهڪرو هتان گذري سگھي ٿو. سڪندر جي دور جا مؤرخ اهو ڪونه ٿا ٻڌائن ته پٽالا کان مٿان سنڌو ڇاڙهن ۾ ورهائجي ويندو هو ۽ اهو موضوع زيربحث به ڪونه آهي. اهڙي ساڳي ماٺ اسان جاگرافي سان لاڳاپيل اهم نڪتن لاءِ پڻ ڏسون ٿا. ۽ نه وري پوئين دور مان لاڳاپيل اهڙا واقعا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جنهن مان هيءَ حقيقت ثابت ڪري سگھجي ته سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو اروڙ واري وٿيءَ مان گذرندو هو. چيو وڃي ٿو ۽ امڪان به اهو آهي ته سنڌو مان هڪ ڇاڙهه الهندي طرف ڦٽندي هئي. ان جو نه رڳو امڪان آهي، پر حقيقت به آهي ته سنڌوءَ جي اها اولاهين ڇاڙهه برابر وهندي هئي، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سندس ذڪر نه قديم تاريخن ۾ ملي ٿو ۽ نه پوئين دور جي ڪنهن ڪتاب ۾ اهڙو ڪو احوال ڏنل آهي. اها ناممڪن ڳالهه ته ڪانه آهي. اڄ انهيءَ اولاهين ڇاڙهه کي ڏسي سگھجي ٿو، جيڪا ”الهندي ناري“ جي نالي سان ڄاتي سڃاتي وڃي ٿي. هيءَ تمام قديم ڇاڙهه آهي. اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته مذڪوره ننڍو وهڪرو اٺين صدي عيسوي جي شروعات ۾ به موجود هو. اها ننڍي ڇاڙهه روهڙيءَ کان پنجيتاليهه ميل ڏکڻ اولهه کان درياهه مان ڇڄندي هئي. اتر سنڌ جي هن علائقي ۾ سنڌو اولهه ڪناري سان گذريل ٽيهن سالن کان گھڻي کاڌ ڪندو رهيو آهي. پنجٽيهه سال اڳ جڏهن لاڙڪاڻي واري علائقي جي سروي ڪئي وئي هئي، ته الهندي ناري جو منهن روهڙي کان اٺاويهه ميل پري اولهه ڏکڻ طرف هو. قديم دور ۾ سندس منهن اڃا به وڌيڪ اتر طرف هوندو. ٿي سگھي ٿو ته اهو ڪنهن زماني ۾ اروڙ کان ٿورو هيٺ يا ٿورو مٿان هجي. جيڪڏهن ان جو منهن اروڙ کان مٿان هو، ته پوءِ اهو ڪنهن زماني ۾ اتان وهندو هوندو، جتان هاڻي روهڙيءَ ڀرسان سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو مٽي رهيو آهي. ان کانپوءِ ٿورا ميل ڏکڻ، پوءِ اوڀر ۽ بعد ۾ لاڙڪاڻي علائقي جو رخ ڪندو هو. امڪان اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سڪندر جي زماني ۾ سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو اروڙ وٽان مٽيندو هو ۽ اروڙ کان مٿان منجھائنس هڪ ڇاڙهه ڇڄندي هئي، جيڪا روهڙي ۽ بکر جو وچ ڏئي، اولهه ڏس تي وهندي هئي. ان ڇاڙهه جي پيٽ مان هاڻي سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو وهندو آهي. هن ڇاڙهه جي قدامت جو وڏو ثبوت سيوهڻ جو پراڻو شهر آهي، جيڪو سندس ڪنڌيءَ سان آباد هو. سڀئي تبصري نگار هن ڳالهه تي متفق آهن، ته سنڊيمان Sindeioman جو شهر سيوهڻ آهي. جڏهن هن شهر کي سڪندر فتح ڪيو هو ته ان وقت به تمام پراڻو هو. هاڻي اسان کي پڪ ٿي وئي ته سنڌو قديم زماني کان وٺي سيوهڻ جو اوڀاريون پاسو ڏئي پئي وڙهو آهي. ڇاڪاڻ ته ان جا مختلف پراڻا پيٽ هن شهر کان ڏهه ميل، ويهه ميل ۽ ٽيهه ميل پري ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ان زماني ۾ جڏهن درياهه هن شهر کان ايترو پري هو ۽ هيءُ شهر هڪ سکئي ستابي علائقي جو صدر مقام به هو، ته ان حالت ۾ شهر جا ماڻهو پنهنجي استعمال واسطي پاڻي ڪٿان آڻيندا هوندا؟ سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ان علائقي جي آبادي ۽ خوشحالي ڪيئن ٿي هئي، جنهن جي ”ڪيترن شهرن سڪندر جي آڏو آڻ مڃي هئي“ (8) جڏهن ته ان دور ۾ سنڌوءَ جو امڪاني وهڪرو هن علائقي کان گھڻو پري اوڀر کان وهندو هو. هنن سڀني سوالن جو صحيح جواب اهو آهي، ته ان زماني ۾ الهندو نارو وهندو هو. هن وهڪري بابت سڪندر جي مؤرخن ته هڪ حرف به ڪونه لکيو آهي، تنهنڪري اسان اهو سوچڻ تي مجبور آهيون ته ان دور ۾ سنڌو سنڊيمان جي ڀرسان وهندو هوندو. هنن حقيقتن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته سڪندر، راجا سانبس جي ملڪ ۾ خشڪيءَ رستي ڏکڻ ڏانهن پيشقدمي ڪري، اچي داخل ٿيو ۽ سندس راڄڌانيءَ جو نالو سنڊيمان هو. قلعي جا دروازا کولي سڪندر جي آڻ مڃي وئي هئي. هتي پهچندي کيس مائو سيڪئنس جي بغاوت جي ڄاڻ پئي. تنهنڪري موٽي کيس وري اتر طرف وڃڻو پيو. هو بغاوت کي چڱيءَ پر منهن ڏئي، وري ڏکڻ هڪ شهر ڏانهن روانو ٿيو، جيڪو درياهه جي ڪناري سان واقع هو ۽ راجا سامبس جي حڪمرانيءَ جي حدن اندر هو، پر سنڊيمان نه هو. هن شهر وارن پهريائين، سڪندر جي آڻ مڃي هئي، پر پوءِ بغاوت ڪئي هئائون، امڪان آهي ته اهو شهر سنڊيمان کان اوڀر يا ڏکڻ اوڀر طرف ۽ هن علائقي کان سواءِ ڪنهن ٻئي علائقي ۾ هو، پر سامبس جي ملڪ جي حدن اندر هوندو. سڪندر اتان کان گذري هڪ نهايت مضبوط قلعو فتح ڪري، پوءِ سنڊيمان پهتو هو. مذڪوره قلعو يونانين سرنگھون هڻي کٽيو هو ۽ اهو ثابت ڪيو هئائون ته کين ڪابه طاقت روڪي ڪانه ٿي سگھي. قوي امڪان اهو آهي ۽ ائرين جو بيان به ڪجهه ائين آهي، ته سڪندر اهو مضبوط قلعو سنڊيمان جي آڻ مڃڻ کان پوءِ سرنگھون هڻي فتح ڪيو. قلعي اندر رهندڙ فوج تمام ڪمزور هئي. سڪندر سان پنهنجو ٿورو لشڪر گڏ هو. هن قتل عام جي ڪري ايترو ڊڄي ويا هئا، جو سندس لشڪر جي اچڻ جو ٻڌي نڪري هليا ويا. هنن حقيقتن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو شهر سنڊيمان کان پري هو، ٻيو ته ان جي اتر ڏس ۾ ڪونه هو.

سامبس جي ملڪ ۽ پٽالا جي وچ تي موجوده سنڌوءَ جي وهڪري جو احوال سڪندر جي مؤرخن ڪونه ڏنو آهي، تنهنڪري مان تکو تکو اڳتي نڪري ٿو وڃان ته جيئن ڏسون ته پوئين دور جي مصنفن هن موضوع تي ڇا لکيو آهي. اسان کي سنڌوءَ بابت تاريخي حوالا هڪ هزار جي وڏي وٿيءَ کان پوءِ ملن ٿا. سڪندر جي زماني ۾ سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ قبائلي راڄ جو طريقو موجود هو، جيڪو هاڻي ختم ٿي ويو هو ۽ ان جي جاءِ تي هڪ حڪمران جي بادشاهي هئي. ان دور ۾ سنڌ جون حدون موجوده سنڌ جي حدن جيتريون هيون. ڪن اڻ چٽين تاريخي حقيقتن تي جيڪڏهن ويساهه ڪبو ته معلوم ٿيندو ته ڪنهن زماني ۾ سنڌ جون اتريون سرحدون ڪشمير سان ملنديون هيون. ”تاريخ هندوسند“، جنهن جا گھڻا حوالا هن ڪتاب ۾ ڏنا ويا آهن، ان جو ليکڪ، هن ملڪ کي هندو سنڌ سڏي ٿو. چيو ويندو آهي ته هن ملڪ جي راڄڌاني النور هڪ وڏو شهر هو ۽ درياهه جي ڪناري تي آباد هو، جنهن کي سيحون مهراڻ سڏيو ويندو هو. هيءَ تاريخ، سنڌ جو ذڪر ستين صدي عيسويءَ جي اڳياڙيءَ کان وٺي شروع ڪري ٿي، جنهن زماني ۾ راءِ سهرس پٽ راءِ سهراسي سنڌ جو حڪمران هو. هن معرفت اسان کي اٽڪل 632ع جي ٿوري گھڻي معلومات به ملي ٿي، جنهن مان اسان کي راڄڌانيءَ جي هيٺئين پاسي درياهه جي وهڪري جو اڻ سڌو اشارو ملي ٿو. ان زماني چچ نالي هڪ برهمڻ سنڌ جو حڪمران هو. هو پنهنجي راڄڌاني مان نڪري درياهه جي ساڄي طرف موجود ٻڌيه علائقي ڏانهن لشڪر سميت پيش قدمي ڪري رهيو هو، ڇاڪاڻ ته اتان جي حڪمران هن خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو هو. هن سمن ۽ الور جي دنگ تي هڪ ماڳ داهيات Dahiayat وٽان درياهه اڪريو هو. هن قسم جي نالي مان ”دهات“ نالي هڪ ماڳ جي سڃاڻپ ٿئي ٿي، جيڪو ڪنڊياري پرڳڻي جي اتر ۾ ۽ سمن جي علائقي ۾ موجود آهي. هن ماڳ کان هيٺ ۽ مٿي درياهه جو پراڻو پيٽ چٽو بيٺو آهي، جيڪو اتر کان ڏکڻ ويندو ڏسجي ٿو ۽ اسان کي هتي 632ع واري درياهه جا واضح نشان ملي وڃن ٿا. مذڪوره ماڳ اروڙ کان سٺ ميل کن هيٺ ٿيندو. چوٽيهه سال کن اڳ اسان هن علائقي جي سروي ڪئي هئي ۽ پتو پيو ته موجوده وهڪرو ان پراڻي پيٽ کان سترهن ميل پري آهي. يعني ٻارهن سو اٺاويهن سالن ۾ مذڪوره فاصلو طئي ڪري سگھيو آهي، ته ان ليکي سان سندس اولهه ڏانهن سرڪڻ جي رفتار ٽيويهه گز في سال آهي، جيڪا پنجهتر سال في ميل بيهي ٿي. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته انهن ٻارهن صدين ۾ درياهه ۾ اولهه ڏانهن ڪا تڪڙي تبديلي ڪانه آئي آهي ۽ سرڪڻ جي سندس رفتار ڏاڍي سست رهي آهي ۽ اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ان عرصي دوران اهڙي ڪا وڏي اٿل به ڪانه آئي ٿي ڀانئجي ۽ نه وري اهڙو ڪو ڏاڍو ڌرتيءَ جو ڌوڏو ئي آيو آهي، جنهن کان متاثر ٿي درياهه تڪڙو اولهه ڏانهن هليو ويو هجي ۽ نه وري درياهه اوڀر پاسي ئي وهڪرو مٽايو آهي، پر زير بحث دور ۾ درياهه جي صفا اترئين ڀاڱي ۾ وڏيون تبديليون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. سنڌجي قديم راڄڌاني اروڙ به ان ڪري تباهه ٿي وئي، جو درياهه ان کي ڇڏي ساڍا چار ميل اولهه هليو ويو. اهڙن اهم واقعن ڪري ڪي قضا ۽ ڪهاڻيون بڻجي وينديون آهن. اهڙيءَ ريت هن ڏکوئيندڙ وارتا تي به دلوراءِ ۽ سيف الملوڪ جو قصو ٺاهيو ۽ اها به ڪرامت گھڙي ڏيکاري وئي ته درياهه روهڙيءَ ڀرسان ٽڪريون چيري وهي نڪتو هو. ساڳئي واقعي تي ليفٽيننٽ ايسٽ وڪ East Wick اهڙو قصو، رايل ايشياٽڪ سوسائٽي بمبئي شاخ جي جرنل ۾ ڇپرايو هو، جيڪو جلد –I- ص 203 تي ڏسي سگھجي ٿو. سندس مقالي جو عنوان ”ڊراءِ ليوز“ آهي. هن صاحب اهو سمجهيو هو ته هن خواجه خضر واري آستان تي ٺهيل مسجد ۾ لڳل ڪتبي مان، درياهه جي رخ ڦيرائڻ جي تاريخ معلوم ڪري ورتي آهي. ڪتبي تي لکيل تاريخ قبول ڪجي ته واقعي قديم دور سان واسطو رکي ٿي. مسلمان فن سان لاڳاپيل هيءَ لکت هندستان ۾ تمام قديم آهي، جيڪا 341هه يا 952ع جو سنه ڏيکاري ٿي، پر ڳالهه اها آهي ته جيڪا هن لکت جي معنيٰ ليفٽيننٽ ايسٽ وڪ ڪڍي آهي، سا برابر ڪانه آهي. هن صاحب بيت جي مٿئين اڌ جو ترجمو هن ريت ڪيو آهي:

جڏهن هيءَ درگاهه تعمير ڪئي وئي، معلوم هجڻ گھرجي ته خواجه خضر جي پاڻي اچي ان جي چوڌاري گھيرو ڪيو.

هن لکت مان ملندڙ تاريخ کي ايسٽ وڪ صاحب، درياهه جي تبديلي جي تاريخ سمجھي ورتي. فارسيءَ جي منهنجي هڪ عالم دوست مذڪوره بيت جي معنيٰ هن ريت ڪئي آهي:

”جڏهن هيءَ درگاهه عالي تيار ڪئي وئي، جنهن کي خضر جو پاڻي هميشه گھيرو ڪيو بيٺو هوندو آهي.“

اهڙيءَ ريت اسان کي هن لکت مان هيءَ ثابتي ملي ٿي ته سنڌوءَ يا ان جي ڇاڙهه جو پاڻي 341هه يا 952ع ڌاران بکر وٽان گذرندو هو. اهو وهڪرو ان وقت کان ڪيترو اڳي ان جاءِ تان مٽيندو هو، تنهن حقيقت حال جو پتو پئجي ڪونه سگھيو آهي. جيڪڏهن مذڪوره ڪتبي جي لکت ”خضر جي پاڻي“ جو اشارو سنڌوءَ جي مکيه وهڪري ڏانهن آهي ته اهو 341هه يا 952ع کان ڏهاڪو سال کن اڳ هن ماڳ وٽان وهڻ شروع ٿيو هوندو. ڇاڪاڻ ته عرب جاگرافيدان اصطخري ۽ ابن حوقل ان ڏهاڪي دوران سنڌ ۾ موجود هئا ۽ ٻنهي جا پنهنجن ڪتابن ۾ بيان آهن. هو نقشن ۾ به ڏيکارين ٿا ته سنڌو تنهن زماني ۾ اروڙ ڀرسان لنگھندو هو. بکر جو ٻنهي ذڪر ڪونه ڪيو آهي. سر ايڇ اليٽ پنهنجي پهرئين جلد ۾ انهن تاريخن جا ٽڪرا ترجمو ڪري اقتباس طور ڏنا آهن، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ”اروڙ ڀرسان مهراڻ وهندو هو“ جيڪڏهن درياهه هن شهر کان چار ميل به پري وهندو هوندو، ته به سندس بيان سچو آهي. ڇاڪاڻ ته درياهه جو چار ميل شهر کان پري وهڻ به ويجھو سمجھيو ويندو آهي. پر هتي ”ويجھو“ جو لفظ ڪتب آندو ويو آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته اروڙ مهراڻ جي ڪناري تي آباد هو. ادريسيءَ به انهن ئي مصنفن وٽان معلومات حاصل ڪئي هوندي، تنهن جو بيان آهي ته ”اروڙ مهراڻ جي ڪناري تي وسندڙ هو، جيڪو سندس اولهه پاسي کان وهندو هو“.

اهڙيءَ ريت سڀني شاهدين ۽ ثابتين تي غور ڪري هن نتيجي تي پهچجي ٿو ته درياهه اروڙ ڇڏي بکر وارو پاسو 950ع ڌاران ورتو هوندو، يا ان کان هڪ يا ٻه سال اڳ. ان تبديليءَ جو سبب ڇا هيو؟ تنهن لاءِ ڪجهه به چئي ڪونه ٿو سگھجي. منهنجو انومان آهي ته درياهه جي ڪا ڇاڙهه بکر ۽ روهڙيءَ وارين ٽڪرين وچان اڳ ۾ ئي وهندي هئي پر ڪنهن وڏيءَ اٿل جي موقعي تي مکيه وهڪري به اروڙ کي ڇڏي، ايڏانهن جو رخ ڪيو هجي.

جيتريقدر اتر سنڌ جي هيٺئين ڀاڱي ۾ درياهه جي وهڪري جو تعلق آهي، ته ڪنڊياري ۽ نوشهري جي اوڀر طرف هن درياهه جا ڪيترائي قديم وهڪرا نظر اچن ٿا، جيڪي خيرپور جي وارياسي علائقي مان ايندا ڏسبا آهن. انهن سڀني پراڻن پيٽن جو رخ سر ڏکڻ آهي. معلوم ائين ٿئي ٿو ته اهي وهڪرا جڏهن ستاويهن ڊگرين جي برابر اچن ٿا، ته ڏکڻ اوڀر ڏانهن رخ ڪن ٿا. يعني جڏهن سيوهڻ جي ويڪرائي ڦاڪ جي سامهون اچن ٿا، ته انهن وهڪرن جو ڏکڻ اوڀر ڏانهن لاڙو وڌيڪ چٽو ٿي وڃي ٿو. سڪرنڊ جي اوسي پاسي وارو سارو علائقو اهڙو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جتي درياهه جا پراڻا پيٽ جاڏي ڪاڏي ويندا پيا ڏسڻ ۾ ايندا ۽ ڌرتيءَ جو مٿاڇرو درياهه جي پراڻن پيٽن سان چچريل پيو ڏسبو. اتي ماڻهو پهچي وائڙو ٿيو وڃي ۽ سمجھي ڪونه ٿو سگھجي ته ڪهڙو وهڪرو ڪهڙي دور ۾ وهندو هوندو!. ان ماڳ کان ڏکڻ اوڀر طرف لوهاڻو وهڪرو ڪيترن ميلن تائين وڌيڪ چٽو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. عرب جاگرافيدانن جي ڪتابن مان اسان کي پتو پوي ٿو ته اٺين صدي عيسويءَ ۾ سنڌوءَ جو پاڻي ان پيٽ مان وهندو هو. ان کانپوءِ ڏهين صديءَ جي جاگرافيدانن جي تصنيفن مان پتو پوي ٿو ته ان صديءَ جي وچ ڌاران به سنڌوءَ جو پاڻي ان پيٽ مان وهي رهيو هو. قوي امڪان اهو آهي، ته ان وهڪري جي سڪي وڃڻ ڪري منصوره تباهه ٿي ويو هوندو. مذڪوره وهڪرو توڙي جو ڇهه يا ست ميل هن شهر کان پري وهندو هو، پر سندس دارو مدار هن وهڪري جي پاڻيءَ تي هو. معلوم ائين ٿئي ٿو ته ان وهڪري جي سُڪي وڃڻ جو واقعو تيرهين صدي عيسوي جي پڇاڙي يا چوڏهين صدي جي اڳياڙي ۾ ٿيو. امڪان اهو آهي ته: ”منصوره تباه رڳو درياهي ڇاڙهه جي سڪي وڃڻ ڪري ٿي هئي ۽ مزڪوره ڇاڙهه به ان ڪري سڪي وئي هئي جو مکيه وهڪرو پنهنجو ماڳ مٽائي اولهه پاسي هليو ويو هو.

درياهه جي هن ڇاڙهه جو عرب جاگرافيدانن به ذڪر ڪيو آهي، جيڪا سڪرنڊ کان ڏهه ميل اوڀر ڪلري جي ماڳ وٽان مکيه وهڪري مان ڇڄندي هئي ۽ منصوره جو اوڀر پاسو ڏئي، ڏهه ميل ڏکڻ اولهه وهي، لوهاڻي سان وڃي ملندي هئي. ان ڇاڙهه جي ڪل ڊيگهه پنجاهه ميل کن هئي. هيءَ اڪيلي درياهي ڇاڙهه آهي، جنهن جو عرب جاگرافيدانن ذڪر ڪيو آهي. هنن پنهنجن نقشن ۾ سنڌو درياهه کي سِڌو ليڪو ڏئي ڏيکاريو آهي. جڏهن ته هڪ ننڍيءَ ليڪ جو اڌ گول جھڙو دائرو ڪڍي ٻنهي پاسن کان وڏيءَ ليڪ سان ملائي، ان ڇاڙهه جي نشان ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڀرسان هڪڙي ٻي به ڇاڙهه هوندي هئي. چچ نامي ۾ سندس نالو ”جلوالي“ ڄاڻايل آهي ۽ ان ۾ لکيل آهي ته اها ڇاڙهه برهمڻ آباد شهر جي ڀرسان اوڀر کان وهندي هئي. مذڪوره ننڍڙو وهڪرو سنڌوءَ مان وهندو هو يا هاڪڙي مان، تنهن لاءِ ڪجهه به چئي ڪونه ٿو سگھجي (44 )منصوره ڀرسان وهندڙ ڇاڙهه کي عرب جاگرافيدانن ڪوبه نالو ڪونه ڏنو آهي. امڪان آهي ته انجو نالو جلوالي هجي. جلوالي، جرواريءَ جي پراڻي شڪل صورت آهي. خدا نه ڀلائي ته مان هڪ ڏيهي تاريخ ۾ ”جرواريءَ واه“ جو نالو پڙهيو آهي، جيڪو هن جُوءِ ۾ هوندو هو. موجوده دور ۾ به جڏهن پاڻيءَ ۾ چاڙهه ايندو آهي، ته اهو واهه وهڻ لڳندو آهي. ٻيو منصوره جي ٿرڙ ڀرسان ڄراڙيءَ نالي هڪ ڳوٺ به آباد آهي. منصوره جي ماڳن کان ٽي يا چار ميل ڏکڻ طرف، اسان ان وهڪري جي اترئين ڀاڱي تي اچي بيهنداسين، جيڪو اتان ڏکڻ-اوڀر طرف رخ ڪري ٿو. هن صورتحال مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ ماڳ ڪڏهن قديم ڇوڙ واري ٽڪنڊي جو سرو هو. مذڪوره ٿاڪ سمنڊ واري پاسي کان هڪ سو پنجاهه ميل پري ۽ سمنڊ جي سطح کان ٻياسي فوٽ مٿي آهي. (9) مذڪوره ماڳ ان هنڌ کان پنجاهه ميل کن اتر آهي، جنهن کي آءٌ ”پٽالا“ ڏانهن منسوب ڪريان ٿو، جيڪو سڪندر جي دور ۾ ڇوڙ واري ٽڪنڊي جو سرو هو. منصوره ۽ ٺٽي جي ويڪرائي ڦاڪ جي وچ تي اسي يا نوي ميلن جي اندر. ان دور جي ڇوڙ واري ٽڪنڊي جي سري کي جاچڻ جي جاکوڙ ڪئي وڃي. نقشن ۾ يا ڌرتيءَ تي ان سري کي ڳولڻ جا جتن ڪيا ويندا، ته اميد آهي ته اهو ماڳ ملي پوندو. نيل درياهه جي ڇوڙ واري ٽڪنڊي جو سرو ٻه هزار سال اڳ (10) ميمفس Memphis وٽ هو، جيڪو هاڻي قاهره کان هيٺ بطن البقره Batun-Al-Baqara وٽ موجود آهي. معلوم ٿئي ٿو ته ڌرتي ايتري عرصي دوران فقط ساڍا سترهن ميل سمنڊ ڏي سرڪي آهي. سنڌوءَ جي ڇوڙ واري ٽڪنڊي جو سرو سمنڊ ڏانهن تمام تيزيءَ سان وڌيو آهي ۽ اها هڪ خاص ڳالهه محسوس ٿئي ٿي. نه ته عام طور تي سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جي  سمنڊ ڏانهن وڌڻ جي رفتار نيل جي مقابلي ۾ تمام گھٽ آهي. اها به هڪ حقيقت آهي ۽ لاڙ واري علائقي جي پاڻي جي مطالعي مان به پتو پوي ٿو ته ڇوڙ واري ٽڪنڊي کي جوڙيندڙ وهڪرا سڪي ويا آهن. اڳينءَ صديءَ جي وچ ڌاران لاڙ جي علائقي اندر سنڌوءَ جي وهڪري ۾ تمام وڏي تبديلي آئي. ان کانسواءِ درياهه اولهه پاسي ڏانهن سرڪڻ ۽ کاڌ ڪري درياهه جو وهڪرو وڌيڪ سڌو ٿي ويو. اها هڪ فطري ڳالهه آهي، ته درياهه هڪ خاص ماڳ ۽ وڪڙ وٽان ڇاڙهه ڇڏيندو آهي ۽ انهن ڇاڙهن يا ڦاٽن کي نظر ۾ رکي، ڇوڙ جي ٽڪنڊي جي سري جو تعين ڪيو ويندو آهي. جيتريقدر سنڌوءَ جو تعلق آهي ته ان جي هيٺئين ڀاڱي جي وهڪري ۾ ڪو خاص وڪڙ ڪونه آهي. تنهنڪري ڇوڙ واري وڏي ڇاڙهه اسان کي ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي. تنهنڪري هاڻي اهو چئي ڪونه ٿو سگھجي ته سنڌوءَ ۾ هڪ کان وڌيڪ به ڪي ڇوڙ آهن. هن درياهه جا هاڻي فقط ٻه ڦاٽ ساتا Sata ۽ اوچتو Ochto آهن، جيڪي سمنڊ ۽ ٺٽي جي وچ تي درياهه کان ڌار ٿيندا آهن. انهن مان ساتا، سترهن ارڙهن سال ٿيندا ته سڪي ويو. ان جو سبب اهو هو ته اوچتو جي منهن کي کاٽي ڪرائي موڪرو ڪرايو ويو هو ۽ نتيجي ۾ درياهه جو سارو پاڻي ان منجھان گذرڻ لڳو هو. ڇوڙ وارو هيءُ ٽڪنڊو تمام ننڍڙو هو، جنهن جو تري وارو پاسو پندرهن يا سورهن ميل ۽ ڊگھائي ٽيهه ميل کن هئي. هي حالتون تيستائين ڪونه بدلبيون، جيستائين سنڌو ڪنهن به فطري سبب کان لاڙ وارو پنهنجو موجوده وهڪرو بدلائي، اوڀر ڏانهن سرڪي وڃي ۽ هڪڙو ڦاٽ ڏکڻ-اولهه ڏانهن ڇڏي ۽ ٻيو ڪڇ جي رڻ ڏانهن موڪلي ته پوءِ سچو پچو سنڌوءَ جي ڇوڙ وارو ٽڪنڊو بڻجي پوندو. سنڌوءَ جي وهڪري جي ماضيءَ جي تاريخ مان پتو پوي ٿو ته اهڙيون فطري حالتون ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿينديون آهن، پر ٿينديون ضرور آهن.