سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو

ڪتاب جو نالو سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو
ليکڪ جنرل هيگ
سنڌيڪار / ترتيب عطا محمد ڀنڀرو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-16-1
قيمت 400    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (790) PDF  E-Pub
انگ اکر

12 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     254124   ڀيرا پڙهيو ويو

باب اٺون


سنه 92-1591ع ۾ شاهي لشڪر جو ڇوڙ واري هيٺئين علائقي ۾ اچڻ

سنڌ جا حڪمران ڪڏهن هيڻا ته ڪڏهن سگھارا رهيا آهن. جڏهن سگھارا هوندا هئا، ته سنڌ آجپو حاصل ڪري وٺندي هئي ۽ جڏهن هيڻا هوندا هئا، ته دهليءَ جي ڏن ڀرو ٿي ويندي هئي ۽ امن امان بحال ٿي ويندو هو. جڏهن وري منجھن گھرو ڏچو گھر ڪري ويندو هو ۽ هٻڇ ۽ لالچ ڪاهي پوندي هئي، ته سنڌ جو وچولو سورن ۾ اچي ويندو هو. ترخان گھراڻي مان مرزا جاني بيگ پهريون ماڻهو هو، جنهن دهلي شهنشاهت کان منهن موڙي، سنڌ جي آزاد حيثيت برقرار رکڻ لاءِ هٿ پير هنيا هئا ۽ تخت تي ويهڻ کان سترهن سال پوءِ هن بکر جي گورنر سان مهاڏو اٽڪايو هو. پر هن عقل کان ڪم وٺي اڪبر بادشاهه جي آڻ مڃي هئي. شهنشاهه اڪبر جي اها روايت هوندي هئي ته جڏهن ڪوبه سندس اطاعت قبول ڪندو هو، ته هو ساڻس ڏاڍا وڙ ڪندو هو. مرزا جاني بيگ مهل تي سندس آڻ مڃي، راڄ ڊوهيءَ واري تُهمت کان بچي ويو هو. حالتن کان مجبور ٿي هن دهليءَ جي اطاعت ۽ فرمانبرداري قبول ڪئي هئي. پر آزاديءَ جي اتساهه به سندس ڌيان تان لاهي ڇڏي هئائين يا سندس ٻاهريون ڏيک ويک اهڙي قسم جو هو. چيو ويندو آهي ته جڏهن اڪبر بادشاهه ٿوري وقت لاءِ صدر مقام لاهور کي بنايو هو ته سندس ٻين ماتحت حڪمرانن اچي هن جو سلام ڀريو هو. پر مرزا جاني بيگ سندس سلام ڀرڻ لاءِ وٽس هلي ڪونه ويو. هن ائين ڪري ڄڻ اڪبر بادشاهه جي توهين ۽ سندس خلاف بغاوت ڪئي هئي. شهنشاهه هن وقت تائين ٺٽي جي حڪمرانن جون مڪاريون ۽ ڍونگ ڏسي چڪو هو. هن مرزا جاني بيگ جي گستاخانه رويي کي هميشه واسطي ختم ڪرڻ لاءِ سوچيو. انهيءَ مقصد سان مرزا عبدالرحيم خان خانان کي 1591ع ۾ فوج ڏئي بکر روانو ڪيو ويو. ايندڙ گرم موسم هن اتي گذاري. سيپٽمبر مهيني ۾ پيش قدمي ڪري، ترخان حڪومت جي اترين سرحد واري مشهور قلعي سيوهڻ تي گھيرو ڪيو. ان وقت مرزا جاني بيگ پنهنجي فوج وٺي سيوهڻ کان اٽڪل پنجهتر ميل هيٺ نصرپور ۾ اچي منزل ڪئي.

هيءَ جنگي مهم ان ڪري دلچسپ آهي، ڇاڪاڻ ته سندس تعلق ان وهڪري سان آهي، جيڪو صدين کان سڪي چڪو آهي، جنهن جو هاڻي پڪيءَ ريت پتو به لڳائي ڪونه ٿو سگھجي. سنه 1591ع واري دور ۾ درياهه سيوهڻ ڀرسان وهندو هو (124). درياهه هن شهر کان اٺ ڏهه ميل اڳتي هلي موجوده دور واري وهڪري کان وڌيڪ اڀرندو رخ اختيار ڪندو هو. مذڪوره وهڪرو سڪرنڊ جي ڀرسان (پر پڪ نه آهي ته اولهه يا اوڀر کان) وهندو هو. ان کان ساڳيءَ ريت ڏکڻ اوڀر ڏانهن رخ ڪري نصرپور ڏانهن منهن ڪندو هو، جيڪو سنڌوءَ جي هاڻوڪي وهڪري کان چوڏهن ميل اوڀر طرف هو. سڪرنڊ ۽ نصرپور جي وچ تي سنڌوءَ جي هن وهڪري کي سانڱرا يا سنڪرا به لکي ڇڏيندا آهن، جنهنڪري هي نالو ڇوڙ واري ڏاکڻين (125) پرڳڻي جي نالي ”ساڪري“ سان گڏائي منجھائي ڇڏيو اٿن. مرزا جاني بيگ پهريائين نصرپور ۾ ويهي سندس مقابلو ڪرڻ پئي گھريو. پر پوءِ ڄاتائين ته اهو ماڳ بچاءَ لاءِ مناسب ڪونه هو. ان کانپوءِ هو ڏهه ميل مٿي وڃي درياهه جي کاٻي ڪنڌيءَ سان وسندڙ هڪ ڳوٺ ٻُهيڙي Buhiri يا ٻوهيڙي Bohiri ڀرسان منزل ۽ مورچه بندي ڪئي. ڪن نسخن ۾ اتاري ڪرڻ وارن جي غلطيءَ سبب هي لفظ روهڙي Rohiri ۽ لوهري Lohiri به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هتي کيس بچاءُ لاءِ مناسب ماڳ ڏسڻ ۾ آيو، جتي درياهه کي تمام گھڻا وڪڙ هئا ۽ زمين جو اپٻيٽ جھڙو هڪ ٽڪرو بڻجي پيو هو. هن، اپٻيٽ جي ڳچيءَ وٽ سگھاري ۽ هٿياربند فوج وهاري ڇڏي. ٻين طرفن کان چوڌاري يا ته درياهه هو يا وري واريءَ جا ڊَها هئا. ترخان نامه جي لکڻ موجب ته جنهن ماڻهوءَ واريءَ جي ڊَهن تي لت ٿي رکي ته هو اندر ڳچيءَ تائين هليو ٿي ويو. (29) هيءُ ماڳ جاني بيگ واسطي نه فقط سٺو بچاءُ هو، پر اهڙو هنڌ به هو، جتي سولائيءَ سان بي شمار ٻيڙيون لنگر هڻي ٿي سگھيون. کلئي ميدان تي هو شاهي فوجن سان وڙهي نه سگھي ها. درياهه تي سندس ضابطو هو. کاڌي خوراڪ جي هر شيءِ کيس سولائي سان ملي ٿي سگھي ۽ سنڌ جي هيٺئين علائقي سان سندس رابطو قائم هو. شاهي لشڪر جو معاملو ڪجهه مختلف هو. حالتون سندن خلاف هيون، پر اهي هنن پاڻ ڪونه بڻايون هيون.

جڏهن مرزا عبدالرحيم کي سڻس پئي ته جاني بيگ اڳتي وڌي اچي نصرپور پهتو آهي ته، هو سيوهڻ جو گھيرو ڦٽو ڪري درياهه اڪري لاڙ جي فوجن سان مقابلي لاءِ اڳتي روانو ٿيو (126). هن سان گڏ پنجويهن ٻيڙين تي مشتمل جنگي آرماڙ هو (127). جڏهن هو مشهور ڳوٺ ڀٽ شاهه کان ٽي ميل اوڀر يا اتر اوڀر طرف پهتو، ته کيس پتو پيو ته جاني بيگ مٿس حملي ڪرڻ لاءِ دريا سان اڳتي وڌي رهيو آهي. ان ڪري هو ٿورو اڳتي سرڪي ان ماڳ وٽ پهتو، جتي هڪ وڏي ڀٽ سبب درياهه ڪجهه سوڙهو ٿي ويو هو ۽ خان خانان مذڪوره ڀٽ تي وڃي لڏو لاٿو. هو درياهه جي ڪنڌيءَ سان ٿورو بند ڏئي حملي ڪرڻ لاءِ پنهنجي توبن کي مناسب هنڌ تي بيهاري، جاني بيگ جو گٽ جھلي بيهي رهيو. ان وقت سندس جنگي آرماڙ ڪجهه مٿي درياهه ۾ پڻ بيٺو هو.

جاني بيگ جي جنگي ٻيڙي جي ڪمان نهايت سڄاڻ عملدار ڪري رهيا هئا. جن مان مکيه خسرو خان چرڪس هو. هن اهڙو بندوبست اڳئي ڪري ڇڏيو هو، ته شاهي فوج تي پرڀات مهل خشڪي ۽ پاڻي ٻنهي پاسن کان هڪ ئي وقت ٻپاري جُلهه ڪئي وڃي. طبقات اڪبري جي بيان موجب، هن مقصد خاطر خسرو خان چرڪس (30) سج لهڻ سان جنگي آرماڙ ساڻ ڪري روانو ٿيو. سندس جنگي ٻيڙو هڪ هزار غورابن تي مشتمل هو. (هتي واڌاءَ کان ڪم ورتو ويو آهي). ان سان گڏ ٻين سون ٻيڙين ۾ تيرانداز، توبون ۽ توبچي وهاريل هئا. جيڪڏهن هن جنگي منصوبي تي چڱيءَ ريت ۽ نمڪ حلاليءَ سان عمل ڪيو وڃي ها، ته شاهي فوج واسطي ڏچو پيدا ڪري وجھي ها. اتفاق سان جاني بيگ جي مکيه عملدارن ۾ هڪ ٻئي خلاف ڪينو ۽ ساڙ ڪاهي پيو، جنهن خسرو خان چرڪس جي حڪمت عمليءَ جي ڌائي مُڃ ڌار ڪري ڇڏي. ڪن سببن ڪري جاني بيگ جي مکيه عملدارن جي خسرو خان سان ڪانه پوندي هئي. هن وقت کين اهڙو سونهري وجهه مليو هو، جو کيس پنهنجي منصوبي ۾ ناڪام ڪري شڪست ڏياري بدنام ڪن. جڏهن ڏينهن ٿيو ۽ ڏٺائين ته شاهي فوج جي وانڍ ڀرسان پهچي چڪو آهي ته هن پنهنجي ٻيڙن تي سڙهه چاڙهڻ جو حڪم ڪيو، انهيءَ مقصد سان ته جيئن خشڪيءَ سان ايندڙ فوج کي پنهنجي جاءِ وقوع جو پتو ڏئي سگھي. پر افسوس جو سٽاءُ مطابق ايندڙ خشڪي فوج اڃا مقرر جاءِ تي ڪانه پهتي هئي. خشڪيءَ رستي ايندڙ فوج جو هو گھڻو وقت انتظار ڪندو رهيو. پهريون هن اها هڪ اتفاقي ڳالهه سمجھي، پر پوءِ حقيقت کي پروڙي ورتائين. ان هوندي به هو حالتن مان مايوس ڪونه ٿيو هو، حالتون ظاهر ظهور سندس خلاف ڏسڻ ۾ اچي رهيون هيون. هن سوچيو ته ڇا به ٿي پوي، پر اڪيلي سر ئي پاڻيءَ جي جنگ شروع ڪرڻي پوندي. جڏهن هو اتاهين ڀٽ تي پهتو، جنهن تي خان خانان جو لشڪر وانڍ هنيون ويٺو هو، ته هن شاهي فوج مٿان توبن جا منهن کولي ڇڏيا. سندس ارادو هو ته ڪيئن به ڪري اتان لنگھي، مٿي درياهه ۾ بيٺل شاهي جنگي آرماڙ تي وڃي حملو ڪري. هتي خان خانان جي توبخاني به جوابي ڪارروائي شروع ڪئي، جيڪا خسرو خان جي حملي کان وڌيڪ طاقتور هئي. شاهي فوج کي هڪ اهم سهوليت اها به ملي وئي هئي جو سندن توبخاني سان مٿانهين تي هو ۽ خسرو خان جو هيٺ درياهه جي پيٽ ۾ پاڻيءَ جي مٿاڇري تي هو، پر پوءِ سانجھيءَ تائين ٻنهي پاسن کان توبون باهه جا اُلا اوڳاڇينديون رهيون. کٽڻ هارائڻ جي نِڇوندي ڪانه ٿي سگھي. رات جي پيٽ ۾ خان خانان، پنهنجي فوج جي هڪڙي حصي کي پار ٽپي درياهه جي ڀَر تي موجود ڀٽ تي مورچه بند ٿيڻ جو حڪم ڏنو. انهيءَ مقصد سان ته جيئن خسرو خان تي ٻنهي پارن کان توبخانو ڪارروائي ڪري سگھجي. ان رات جاني بيگ جي فوج شاهي لشڪر مٿان راتاهي هڻڻ جي ڪوشش ڪئي. سندن خيال هو ته شاهي فوج بي پرواهه ٿي آرام سان سمهي پئي هوندي، پر اهي سندن خيال جي ابتڙ هوشيار ۽ خبردار ويٺا هئا. جوابي ڪارروائي ڪري سندن حملي کي ناڪام ڪيو ويو. ٻئي ڏينهن صبح جو خسرو خان حملو ڪيو. سندس توبن جا منهن اڳئين ڏينهن واري جاءِ ڏانهن کليل هئا. انهيءَ طرف سان گڏ، ٻئي پار کان به خسروءَ خان جي ٻيڙي تي گولاباري شروع ڪري ڏني، جنهن جو کيس وهم گمان ئي ڪونه هو. شاهي توبخاني ۾ ڪي اناڙي توبچي به هئا، جن گولاباري ڪري ٻئي پار بيٺل پنهنجي فوج کي مارڻ شروع ڪيو. جڏهن کين پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو، ته خسرو خان جي پاسي جو سخت نقصان ٿيڻ لڳو. ستن اٺن ڪلاڪن جي سخت مقابلي کانپوءِ خسرو خان کي پوئتي هٽڻو پيو. هن ڪارروائي ۾ خسرو خان جا ٻه سو ماڻهو مئا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. هن جا ست ٻيڙا شاهي فوج پڪڙي ورتا ۽ ڪيترائي ٻوڙي ناس ڪري ڇڏيا. هو ڏاڍو ڏاهپ سان واپس هٽيو. لشڪر جي پٺ وارو پاسو هن پاڻ سنڀاليو هو. پيڇو ڪندڙ شاهي فوج کيس پڪڙي به ورتو. پر خان خانان جي آرماڙ جي بارود ڦاٽڻ ڪري ماڻهو وائڙا ٿي ويا، جنهنڪري کيس ڀڄي نڪرڻ جو موقعو ملي ويو (128). طبقات اڪبري جي بيان مطابق ٻئي جنگ وارو ڏينهن تاريخ 3 نومبر 1591ع هو (129).

ٻئي ڏينهن تي خان خانان ڏکڻ طرف پيشقدمي شروع ڪئي ۽ ٻوهيڙي ڳوٺ وٽ منزل ڪري مورچه بندي ڪئي. هيءُ ٻن مهينن تائين هن ماڳ جو گھيرو ۽ مورچه بندي ڪندو رهيو. پر آنڌارِيءَ سندس ڪئي تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. هن ماڳ وٽ سنڌين گوريلا جنگ واري حڪمت عملي اختيار ڪري، شاهي لشڪر کي گھڻو پريشان ڪيو ۽ کاڌي خوراڪ واري ڪابه شيءِ وٽن پهچي ڪانه پئي سگھي. تنهنڪري توقع کان وڌيڪ حالتون خراب ٿي ويون هيون. دهليءَ وارن ڌارين خلاف لاڙ جا للهنگ مڙس جاني بيگ سان ٻٽ ٿي سرڌڙ جي بازي لڳائي رهيا هئا. مزاحمت ڏاڍي سخت ٿي وئي هئي. خود اڪبر بادشاهه مايوس ۽ پريشان هو. طبقات اڪبريءَ مطابق جڏهن شاهي لشڪر ٻوهيڙي ۾ مقيم هو، ته شهنشاهه پهريائين ڏيڍ لک رپيه پوءِ لک روپيا موڪليا. ان کانپوءِ هڪ لک مڻ اناج روانو ڪيو. ڪيتريون ئي وڏيون توبون (بدايوني انهن جو انگ هڪ سو ٻڌايو آهي) ۽ فوج موڪلي ڏني. راجا راءِ سنگهه جيڪو چار هزاري منصبدار هو، تنهن کي به وڌيڪ فوج ڏيئي جيسلمير رستي خان خانان جي امداد لاءِ روانو ڪيو ويو هو (130). خان خانان حالتن کان تنگ ٿي، ٻوهيڙي Buhiri تان گھيرو پٽيو ۽ ٻيون حڪمت عمليون اختيار ڪرڻ لڳو. هن پنهنجي فوج کي ٽن حصن ۾ ورهايو. هڪ حصي کي سيوهڻ جي قلعي تي گھيري ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو. لشڪر جي ٻئي حصي کي ساڻ ڪري خان خانان پاڻ فتح باغ يا جوڻ واري پرڳڻي ڏانهن هليو ويو.

خان خانان جي هن حڪمت عملي اختيار ڪرڻ مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته دهليءَ جو شاهي لشڪر تمام گھڻو هو. نه ته لشڪر کي ائين ڀاڱن ۾ ورهاست ڪري دشمن علائقن ڏانهن موڪلي ڏيڻ چريائيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه هو. سندن وڌ ۾ وڌ ڪوشش اها هئي، ته ڪيئن به ڪري مرزا جاني بيگ کي ان جڳهه کان ٻاهر ڪڍيو وڃي. جتي شاهي فوج جو پهچڻ ممڪن ئي ڪونه هو. لاڙ جي فوج اهڙي جڳهه هٿ ڪري ورتي هئي، جيڪا بچاءَ جي نقطهء نظر کان جيتڻ جوڳي ڪانه هئي. جيڪڏهن هڪ ڀيرو اهي کلئي ميدان تي نڪري اچن ها، ته شاهي فوج سولائيءَ سان کين جيتي سگھي ها. خان خانان جو نقطهء نظر بلڪل صحيح هو، پر کانئس هڪ غلطي ٿي وئي ته هن سيوهڻ ڏانهن تمام ٿوري فوج موڪلي. سيوهڻ ڏانهن موڪليل شاهي فوج مذڪوره قلعي جي فتح لاءِ گھڻي هئي، پر ڪن اوچتين ضرورتن کي منهن ڏيڻ واسطي سندن انگ ٿورو معلوم ٿي رهيو هو. شاهي فوج قلعي تي وڃي گھيرو ڪيو. ٿورن ڏينهن کانپوءِ سيوهڻ جي سردارن جاني بيگ ڏانهن لکي موڪليو ته جيڪڏهن هو سيوهڻ جلدي ۾ نه پهتو، ته قلعو اَوس فتح ٿي ويندو. هتي شاهي فوج جي بڻايل ٺڳي واري ترڪيب ڪامياب ٿيندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. کيس خبر هئي ته سيوهڻ ڏانهن موڪليل فوج انگ ۾ ٿوري هئي. ان ڪري هن سيوهڻ ڏانهن وڃڻ جو سوچيو. جنهن فوجي اهميت واري ماڳ تي مورچه بند ٿيو ويٺو هو، اتان نڪري، درياهه اڪري اتر طرف پيشقدمي شروع ڪئي. شاهه ڳڙهه ۾ رهندڙ شاهي فوج ته چاهيو ئي اهو پئي ته رڳو جاني بيگ ان اپٻيٽ مان نڪري. اها طوفاني رفتار سان اچي ٻوهيڙي Buhiri ۾ پهتي ۽ جاني بيگ جي بنايل انهن حفاظتي اپائن کي ڊاهي کناکيڙا ڪري ڇڏيائون، جنهن ڪري شاهي لشڪر سندن اوڏو اچڻ کان قاصر هو. اهو اپٻيٽ فوجي بچاءُ جي نقطهء نظر کان ايڏو اهم هو، جو فقط ٿورن ڪلاڪن جي ٿوريءَ محنت کانپوءِ وري به بچاءَ جي لائق بڻائي، جاني بيگ کي چڱي ريت منهن ڏئي سگھجي پيو. شاهي فوج سيوهڻ ڏانهن اسهڻ بدران مرزا جاني بيگ جي خالي ڪيل اهم اپٻيٽ تي کپ کوڙي ويهي رهي. سيوهڻ ۾ وڙهندڙ شاهي فوج جي حالت نازڪ بڻجي وئي هئي. خان خانان ان زماني ۾ فتح باغ يا جوڻ واري پرڳڻي ۾ هو. کيس اهي به خبرون پهتيون ته جاني بيگ اڳتي وڌي وڃي سيوهڻ تي حملو ڪيو آهي، تنهن ڪري هن شاهي فوج جي مدد واسطي پنهنجي فوج مان هڪ حصو سيوهڻ روانو ڪيو. طبقات اڪبري جو بيان آهي، ته اها فوج ٻن ڏينهن ۾ اسي ڪوهه پنڌ ڪري سيوهڻ پهتي. مير معصوم پاڻ سيوهڻ ۾ وڙهندڙ شاهي فوج سان گڏ هو، سو ٻڌائي ٿو ته خان خانان طرفان موڪليل فوج، سيوهڻ ۾ وڙهندڙ فوج سان لڪيءَ وٽ ملي هئي. ڇاڪاڻ ته اها سيوهڻ جو گھيرو ڇڏي، جاني بيگ سان منهن ڏيڻ لاءِ اچي رهي هئي. جيڪڏهن مذڪوره فوج فتح باغ کان هلي هوندي ته سيوهڻ تائين فاصلو وڃي هڪ سو ڪوه بيهندو. جيڪڏهن فوج نيم هٿياربند ۽ سواري سٺي آهي، ته ايتري پنڌ ڪرڻ جو امڪان آهي. منهنجو اندازو آهي ته ان فوج درياهه جو ساڄو پاسو وٺي ڪوٽڙيءَ وٽان سڌو اتر رخ ڪيو هوندو. اهڙيءَ ريت هو مرزا جاني بيگ کان ڪيترا ميل پور وڇوٽ تي کاٻي طرف گڏوگڏ سفر ڪري رهيا هئا (131). هن فوجي دستي پهچڻ کانپوءِ شاهي لشڪر جو انگ ٻه هزار ٿي ويو هو. هوڏانهن مرزا جاني بيگ سان پنج هزار (132) سورهيه ساڻ هئا. شاهي فوج اهو ضروري سمجھيو ته اها هڪدم ۽ تيز رفتاريءَ سان اڳتي وڌي، مرزا جاني بيگ سان وڃي مقابلو ڪري. ڇاڪاڻ ته کين ڊاءُ هو ته متان قلعي واري فوج ٻاهر نڪري سندن پٺيان اچي حملو ڪري. ٽڪرين ڀرسان لنگھندي لڪيءَ واري گھٽَ مان به حملي جو کين ڊپ هو. اهڙيءَ ريت شاهي لشڪر ٻارنهن چوڏهن ميل ڏکڻ اوڀر سفر ڪري، جاني بيگ جي وڃي سامهون ٿيو. جنگ جي شروعات منجھند جو ٿي. سنڌين اڳتي وڌي وڃي شاهي فوج تي حملو ڪيو. ان کانپوءِ عام ويڙهه شروع ٿي وئي. مقابلو تمام سخت هو. ٿورن ڪلاڪن جي سخت جنگ کانپوءِ سنڌ جي فوج پوئتي هٽڻ لڳي. سڀ تاريخون هن ڳالهه تي متفق آهن، ته مرزا جاني بيگ آخري وقت تائين مقابلو ڪندو رهيو ۽ پنهنجي بهادريءَ جو مظاهرو ڪندو رهيو. سندس ڪوشش اها پئي رهي ته جنگ وري گڏائي وجھي. اهو حال ڏسي سندس ماڻهو کيس جنگي ميدان مان زوريءَ ڪڍي ويا ۽ تکا تکا وڃي درياهه جي ڪناري پهتا، جتان ٻيڙيءَ ۾ چڙهي اُنڙپور هليا ويا، جيڪا جنگي ميدان کان چاليهه ميل پري هئي. (133).

ڪنهن به مؤرخ اهو ڪونه ٻڌايو آهي، ته جنهن جاءِ تي جنگ لڳي هئي، تنهن ماڳ جو نالو ڇا هيو. مير معصوم جي تاريخي حوالن مان صحيح اندازو لڳائي سگھنداسون، ته اها جنگ ڪهڙي ٿاڪ وٽ لڳي هئي. هو اسان کي ٻڌائي ٿو ته مرزا جاني بيگ ٻيڙين جي آرماڙ سان گڏ سيوهڻ طرف پيشقدمي ڪري رهيو هو. هن مان اسان اهو سولائيءَ سان سمجھي سگھون ٿا ته هو درياهه جي ڪناري سان ويجھو ئي سفر ڪري رهيو هو ۽ هن لاءِ اهو مناسب ۽ سولو رستو هو. ڏٺو وڃي ته هن علائقي مان ٽي صديون اڳ سنڌو درياهه، هاڻوڪي وهڪري کان ٽي يا چار ميل ڪن جاين تان اڃا به وڌيڪ اوڀر طرف وهندو هو. مير معصوم جي تاريخ مان هيءَ حقيقت به معلوم ٿيندي ته جنگ جو اهو ميدان سيوهڻ کان ڇويهه ميل پري هو ۽ سڪرنڊ کان ست يا اٺ ميل اتر يا اتر اولهه هوندو. وري اسان کي اهو به پتو پوي ٿو ته مذڪوره جنگي ميدان کان انڙپور جو ماڳ ويهه ڪوهه يا چاليهه ميل پري هو ۽ ان ڳوٺ جي ڀرسان هو، جيڪو مٽاري Matari شهر کان چار ميل اتر ۾ آهي. سيوهڻ ۾ انڙپور وارن ڏنل فاصلن مطابق اهو سڪرنڊ پرڳڻي جي فتح پور ڳوٺ کان ٿورو اتر هو (134).

هتي پهچي مرزا جاني بيگ جي فوج جي حالت ڏاڍي خراب ٿي وئي. شاهي فوج کيس چوڌاري وڪوڙي وئي هئي. هو به مڙسيءَ سان مقابلو ڪندو رهيو. گھيرو ايترو تنگ ڪيو ويو، جو کاڌي خوراڪ جي ڪا شئي وٽس پهچي ئي ڪانه ٿي سگھي. تنهنڪري سندس لشڪر ۾ کاڌي خوراڪ جي اڻاٺ ٿي وئي. کيس پيش پوڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو ڪونه هو، پر هن پيش پوڻ کان اڳ ٺٽي کي ساڙي رک ڪري ڇڏڻ جو حڪم جاري ڪيو. هن ائين ڇو ڪيو؟ تنهن جو سبب معلوم ٿي ڪونه سگھيو آهي. هو هاڻي خان خانان جي رحم ۽ ڪرم تي هو. هن گرمين ختم ٿيڻ تائين ٺٽي ڏانهن ورڻ جي موڪل ورتي، جيڪي هاڻي شروع ٿي چڪيون هيون. هي مئي 1592ع جو زمانو هو ۽ سڪرنڊ جي ڀر ۾ جنگ اپريل مهيني ۾ شروع ٿي هوندي.

خان خانان پنهنجو لشڪر اچي سن ڳوٺ جي ڀرسان رهايو. بعد ۾، ان ڳوٺ کان پنج ڇهه ميل اتر اولهه وڃي فوجي وانڍ هئين. ٽيون دفعو فوجي منزل ان ماڳ تي وڃي ڪيائين، جيڪو انڙپور کان ٽيهه ميل اتر اولهه طرف هو. سرءُ جي رُت ۾ خان خانان ڏکڻ، فتح باغ روانو ٿيو، جيڪو سنڌوءَ جي ريڻ واري ڦاٽ سان واقع هو. ان کانپوءِ مرزا جاني بيگ اتي شخصي طور اچي سندس آڏو آڻ مڃي هئي. خان خانان جو لشڪر اتي موجود هو، جو هن سمنڊ ڏسڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. بعد ۾ جاني بيگ کي ساڻ ڪري ڇوڙ وارو علائقو لنگھي، لاهري بندر پهتو. اتان ٻيڙيءَ ۾ چڙهي منهوڙي به ويا هئا. موٽ تي هاڪاريندي طوفان گھليو هو. ان وقت شاهي دربار مان حڪم پهتو ته مرزا جاني بيگ کي شهنشاهه اڪبر جي روبرو پيش ڪيو وڃي. ان زماني ۾ شاهي تخت لاهور ۾ هو. شهنشاهه هن سان ڏاڍو نرميءَ سان پيش آيو. اڪبر بادشاهه جي عادت هوندي هئي، ته جڏهن ڪو باغي حڪمران پيش پوندو هو ته ساڻس کُليءَ دل سان پيش ايندو هو. کيس ٺٽي جو حڪمران مقرر ڪيو ويو، پر هن کي اوڏانهين وڃڻ جي اجازت ڪانه هئي. اڪبر کيس سدائين دربار ۾ موجود رهڻ لاءِ چيو هو ۽ کيس ڏاڍو ڀائيندو هو. مرزاجاني بيگ جو علم ادب سان تمام گھڻو چاهه هو. مذهبي نقطهء نگاهه کان هو لچڪيدار طبيعت جو مالڪ هو ۽ شهنشاهه طرفان هلايل دين الاهي جي اصولن کي قبول ڪري اڪبر بادشاهه جي ويجھو اچي ويو هو، جنهن جي اصولن کي سندس دور جي مؤرخ بدايونيءَ ڪاوڙ ۾ اچي گھڻو گھٽ وڌ ڳالهايو آهي. هن نئين مذهب ۾ داخل ٿيڻ واسطي اعتدال پسند طبيعت جو هجڻ لازمي ڪونه هوندو هو. مرزا جاني بيگ گھڻو شراب پيئڻ شروع ڪيو هو. سنه 1599ع ۾ شهنشاهه جڏهن برهانپور ۾ هو، ته مرزا گھڻو چڪو چاڙهي، نشي جي حالت ۾ وفات ڪري ويو (135).