سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو

ڪتاب جو نالو سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو
ليکڪ جنرل هيگ
سنڌيڪار / ترتيب عطا محمد ڀنڀرو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-16-1
قيمت 400    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (790) PDF  E-Pub
انگ اکر

12 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     254130   ڀيرا پڙهيو ويو

سيوستان تي حملو


حقيقت اها آهي ته عربن جو سيوستان تي حملو هن ڪتاب جي موضوع کان بلڪل ٻاهر آهي. پر هن ماڳ سان لاڳاپيل ڪي ڳالهيون اهڙيون به آهن، جيڪي سنڌو جي هيٺئين وهڪري جي معلومات جي تقاضا ڪن ٿيون. انهيءَ مقصد لاءِ ته جيئن سنڌوءَ جي الهندي طرف عرب فوج جي جنگي ڪاررواين جو پوريءَ ريت پتو پئجي سگھي، جن بابت چچ نامي ۾ وستار سان بيان ڪيو ويو آهي.

نيرون تي فوجي سرسي کانپوءِ عرب لشڪر سيوستان (سيوهڻ) ڏانهن وڌڻ لڳو. ڊاٻن پٺيان ڊاٻا ڪندا، نيٺ اچي ان ٿاڪ تي پهتا، جنهن کي ”موج“ سڏيندا هئا. نيرون کان هن ماڳ جو پنڌ ٽيهه فرسخ هو، اهو به ٻڌايو وڃي ٿو ته مذڪوره ٿاڪ سيوستان کان گھڻو پري ڪونه هو. پر نيرون کان هڪ سو ويهه ميل پري هو. پر ٻئي طرف اسان پوريءَ پڪ سان چئي سگھون ٿا ته حيدرآباد کان سيوهڻ اسي ميل يا ٿورو پنڌ وڌيڪ آهي. هتي اسان هڪ بنيادي حقيقت ۽ چچنامي جي بيان ۾ گھڻو ويڇو ڏسون ٿا، جنهن ڪتاب اسان جي اعتبار کي لوڏي رکيو آهي ۽ هن ڪتاب تي اسان اکيون ٻوٽي اعتبار ڪندا هئاسون، سا ان جي پنهنجي سچائي ساک هوندي هئي. پر مان هن حقيقت کي پنهنجي نقطهء نگاهه سان هن ريت سمجھيو آهي، ته عرب فوج جبلن وچان ويندڙ سڌو رستو اختيار ڪيو هو. هن قسم جو ذڪر اسان کي ڪاٿي به بيان ٿيل ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو، پر هن ڳالهه مان اهڙي حقيقت ظاهر ٿي پوي ٿي ته عرب سپهه سالار، نيرون جي گورنر کي بَرَ جي بورائي طور پاڻ سان گڏ کنيو هو. هڪ عام ۽ سادي پيشقدميءَ جي نقطهء نگاهه کان هن کي پاڻ سان کڻڻ ايڏو ضروري ڪونه هو، پر جيئن ته عرب سپهه سالار کي نيرون کان سيوهڻ سڌو رستو اختيار ڪرڻو هو، تنهن ڪري نيرون جي گورنر کي پاڻ سان کڻڻ ضروري سمجھيو ويو هو. نيرون کان سيوِستان تائين اهو سڌو رستو هڪ سو ڏهه ميل هو ۽ موج وارو ماڳ سيوستان کان ڪجهه ويجھو هو. ٽيهن فرسخن مان اسان ائين سمجھي رهيا آهيون ته عرب لشڪر وچ تي ست يا اٺ منزلون ڪيون هونديون. هيءَ ڊگھو پنڌ ڪنهن خاص حڪمت عملي سبب اختيار ڪيو ويو هو. سنڌ جي وڌيڪ ويڙهاڪ فوج ان وقت برهمڻ آباد ۾ گڏ هئي. يعني ان ٽڪنڊي جي چوٽيءَ ۾ جنهن جو هيٺيون پاسون نيرون کان سيوستان تائين هو، جيڪڏهن عرب سپهه سالار درياهه وارو رستو اختيار ڪري ها، ته سندس پيشقدمي ڪندڙ فوج جو ساڄو طرف ۽ پٺيون پاسو سنڌين جي حملن کان آجا ڪونه رهن ها. ڇاڪاڻ ته ان وقت تائين راءِ ڏاهر جو ساري سنڌ تي پورو ضابطو هو ۽ جتان به چاهن ها ته درياهه پار ڪري عرب فوج مٿان جھلون ڪن ها. هوڏانهن عرب فوج لاءِ سندن عرب حڪومت هيٺ رهندڙ علائقا هن علائقي کان گھڻو پري ڪونه هئا ۽ منجھن رابطو ڳنڍيل هو. حقيقت اها آهي ته پوئين صورتحال سنڌ لاءِ ڏاڍي خطرناڪ ثابت ٿئي ها، پر چچ نامي وسيلي اسان کي معلوم ٿيو آهي ته جڏهن عرب فوج اتر اولهه وارن لڪن معرفت سنڌ ۾ داخل ٿيندي رهي هئي، ته سنڌ وارن کيس عبرت ناڪ شڪست ٿي ڏني. جيڪڏهن سنڌي راجا ساڳي حڪمت عملي اختيار ڪري انهيءَ جاءِ کان ڦِري عربن مٿان حملو ڪري ها، ته سنڌ سان ايڏو هاڃو ڪونه ٿئي ها. ٻئي طرف کان عرب فوج جبل وارو گس اختيار ڪري اوڀر طرف رهايل سنڌي فوج کان ٻيڻو پنڌ پري هلي وئي. ٽڪرين جي قطارن ڪري سندن ساڄي يا اوڀر واري فوجي ٻانهين سنڌين جي حملي کان محفوظ ٿي وئي. نيرون کي فتح ڪري، پنهنجي فوج جي پٺئين پاسي کي دشمنن جي حملي کان بچائي ورتو هئائون. عرب فوج نيم مسلح هئي. ان ڪري جبلن مان سفر کين ڏکيو معلوم ڪونه پئي ٿيو. انهن علائقن ۾ ماڻهو به ڇڊا پاڊا رهندا هئا، تنهن ڪري انهن جابلو ماڻهن مان ڪنهن مزاحمت جو امڪان به گھٽ هو (75).

ڪتاب جو بيان آهي ته : ”عرب سپهه سالار سيوستان پهچي، قلعي ريگستان واري ڦاٽڪ جي سامهون پنهنجي فوجي وانڍ هئين. ڇاڪاڻ ته جنگ شروع ڪرڻ واسطي هن کان وڌيڪ بهتر جڳهه ٻي ڪانه هئي. چوماسو چوٽ تي هو، ان زماني ۾ سنڌو جو اڙل نالي هڪ وهڪرو قلعي جي اتر طرفان وهي رهيو هو (76) چچ نامي جو بيان آهي ته: ”سيوِستان ان دور ۾ مهراڻ جي اولهه پاسي هو.“  پر اهو ڪونه ٿو چوي ته مذڪوره شهر مهراڻ جي ڪٺار سان پري يا ويجھو اوڏو آباد هو. سيوستان تي حملي دوران هڪ ڀيرو به سنڌوءَ جو ذڪر ڪونه آيو آهي. امڪان اهو آهي ته ان زماني ۾ مذڪوره درياهه سندس موجوده دور واري وهڪري کان ڏهه يا ويهه ميل اوڀر کان وهي رهيو هو. ڇاڪاڻ ته انهن ٻنهي فاصلن تي درياهه جا نهايت پراڻا پيٽ اڄ به ڏسڻ ۾ ايندا آهن. هن معاملي ۾ اڙل جو وهڪرو سيوهڻ کان ڏکڻ اوڀر طرف ته گھڻن ميلن تائين هليو ويو هوندو، ان ڪري سڀ وهڪرا سنڌوءَ جي الهندي ڏس ڏانهن لڙڻ ڪري ميسارجي ويا آهن. هن حقيقت مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته اڙل جو وهڪرو ڪيڏو نه پراڻو آهي. هن الهندي ناري جي نالي مان قديم سمجهي سگهجي ٿو، جنهن کي منڇر ڍنڍ مان نڪرڻ کان اڙل جي نالي پٺيان سڏيو ويندو آهي. الهندو نارو به سنڌوءَ جي هڪ قديم ڇاڙهه جو نالو آهي. قديم زماني کان وٺي سيوهڻ هن وهڪري جي پاڻيءَ تي دارو مدار رکندو هو. سيوهڻ سنڌ جو ڪو اڪيلو پراڻو آباد شهر ڪونه آهي. پر اهڙا ٻيا الائي ڪيترائي شهر آباد هوندا، جيڪي اڄ مٽيءَ جي ڍيرن، ٺڪراٺي ۽ سروٽن جي ڍڳن سان سٿيا پيا آهن، جن جي نالن کان ڪير به واقف ڪونه آهي. سڪندر جي مؤرخن سنڌ جي جن پراڻن ۽ قديم شهرن جو پنهنجي لکتن ۾ ذڪر ڪيو آهي، تن مان فقط هڪ شهر کي پڪ سان سڃاڻي سگھجي ٿو، سو گھڻو ڪري سيوهڻ آهي، جنهن کي هنن سنڊومان Sendomana ڪري لکيو آهي. امڪان آهي ته يونان وارن هن شهر کي ”سئنڌا وان“ Saindhavan سمجھيو ۽ لکيو هجي. شايد هو ان ڪري بچندو رهيو آهي، جو قديم دور کان وٺي سنڌوءَ جي اولهه ڪناري سان آباد هو ۽ سندس اٿل واري پاڻيءَ جي پهچ ۽ تباهي کان پري هو. پوئين دور ۾ جڏهن سنڌوءَ جو وهڪرو شهر جي ايترو ويجھو آيو، جو سندس ڀتين سان ڀر ڏئي ۽ اڙل ۽ لڪيءَ جي وارياسي پٽ ۽ ننڍين ٽڪرين جي ڪَڇَ ڏئي وهڻ لڳو، تڏهن به مذڪوره الهندي ناري وارو وهڪرو جاري هو. (77)

قلعي اندر ماڻهن ۾ ايڪو ۽ ٻڌي ڪانه رهي، ان ڪري سيوستان، هڪ هفتي تائين مس مقابلي جي سگھه ساري سگھيو. اتان جو گورنر قلعي جي اتر پار واري ڦاٽڪ مان لنگهي واهڙ (اڙل) اُڪري راتو واهه نڪري ٻڌيه ڏانهن هليو ويو. هن علائقي جو چچ نامي ۽ عرب جاگرافيدان جي ڪتاب ۾ گھڻو ذڪر آيو آهي. اهو پرڳڻو سنڌوءَ جي اولهه پاسي هو. سندس ڏاکڻو دنگ سيوهڻ کان چاليهه ميل اتر طرف هو. چيو وڃي ٿو ته اهو علائقو منصوره کان پنجن ڏينهن جي پنڌ تي هوندو هو (78). چچ نامي راءِ سهاسي جي زماني واريون سنڌ جون حدون ٻڌايون آهن، جيڪو ڇهينءَ صديءَ جي وچ ڌاران سنڌ جو حڪمران هو. ان ڪتاب جو بيان آهي، ته هڪ صوبي ۾ سيوهڻ جو شهر ۽ ڀرپاسي واري جوءِ هئي. منجھس ٻڌيه جھنگل (79) ۽ مڪران جي دنگ تائين ”دنجھان“ Dunjhan جو جابلو علائقو به شامل هو. ستين صديءَ ۾ جڏهن چچ برهمڻ، راجا جي صورت ۾ سنڌ جي تخت ۽ بخت جو مالڪ بڻيو، ته هو سنڌو کي پارڪري اولهه طرف ويو ۽ اتر سنڌ جي صوبي ٻڌيه ڏانهن روانو ٿيو ۽ ”ڪاڪراچ“ (10) نالي تخت گاهه کي وڃڻ فتح ڪيائين. ان کانپوءِ هو سيوستان وڌيو، اتي ڪاڪراج نالي هڪ گورنر رهندو هو، جنهن آزادي جو اعلان ڪيو هو. مٿس حملو ڪري کيس ڏن ڀرو بڻايو ويو. هن بيان مان بلڪل صاف آهي ته ”ٻڌيه“ جو صوبو سيوهڻ واري علائقي سان دنگئي ۽ اتر پاسي هو. جيڪڏهن چچ نامي جو وڌيڪ مطالعو ڪبو ۽ سيوستان جي جنگي مهم تي ويچار ڪبو، ته ڄاڻ پوندي ته ٻڌيه جي مذڪوره صوبي ۾ الهندي ناري ۽ سيوهڻ کان اولهه جابلو علائقي جي وچ واري جوءِ به شامل هوندي هئي. اهو به چيو ويندو آهي ته جڏهن سيوهڻ جو گورنر بجهراءِ قلعي مان ڀڳو هو ته ٻڌيه جي گورنر ڏانهن هليو ويو هو، جنهن جي صوبي ۾ ڪنب جي ڪناري سان آباد سيسم Sisam نالي هڪ قلعو هو. ڪنب جي لفظ جي معنيٰ شايد ڍنڍ آهي. جھڙيءَ ريت منڇر ڍنڍ آهي. ٿي سگھي ٿو ته پاڻيءَ جي ڪا وڏي ڇر هجي ان جو ٻئي ماڳ جي ناتي سان به ذڪر ڪيو ويو آهي. ممڪن آهي ته ان ماڳ کي سڃاڻي سگھجي. سيوهڻ جي فتح کان پوءِ عرب سپهه سالار سيوهڻ جي ڀڄي ويل گورنر بجهراءِ جو پيڇو ڪيو ۽ اڳتي وڌندو وڃي ڪنب جي ڪناري سان آباد نڌاڻ Nidhan جي ٿاڪ وٽ فوجي وانڍ هئين. (11) سر هينري اليٽ وٽ جيڪو چچ نامي جو نسخو آهي، تنهن ۾ نلهان Nilhan جو لفظ لکيل آهي. عربي صورتخطيءَ ۾ ٻنهي لفظن ۾ ٿورو فرق آهي. جيڪڏهن هڪ نُڪتي کي ڦيري لکبو ته ”نون“ اکر مان ”ب“ ٿي ويندي ۽ منجھيل مسئلو نبرجي ويندو ۽ انهن لفظن مان ٻڌڻ يا ٻلهڻ بڻجي ويندو. ڏسو ته ”ٻلهڻ“ لفظ مان اُتاري ڪرڻ وارن ڪهڙا ٻه جدا لفظ بنائي ورتا، جن جو هن جوءِ سان ڪو واسطو ئي ڪونه آهي. هيءُ نالو هن جوءِ جي هڪ ڳوٺ جو آهي، جيڪو منڇر ڍنڍ تي ۽ سيوهڻ کان ست ميل اولهه طرف آهي. منڇر ڍنڍ جي چوڌاري جيڪي به ڳوٺ موجود آهن، سي نهايت قديم آهن. انهن مان مسلمانن جو هڪ ڳوٺ به ان دور ۾ موجود ڪونه هوندو. الهندي ناري کان پار منڇر ڍنڍ جي الهندي پاسي، شاهه حسن نالي هڪ ڳوٺ آهي، جيڪو پهريائين ڪنهن سنڌي نالي سان هوندو، پر پوءِ ان کي بدلائي شاهه حسن جي نالي پٺيان سڏيو ويو. مونکي پڪ آهي ته اهوئي سيسم Sisam جو ماڳ آهي. ڪيترين صدين گذري وڃڻ ۽ مسلمانن جي اثر پوڻ ڪري، سڀئي پراڻا نالا ڌيان جي پٽيءَ تان ميسارجي ويا ۽ مٿن نوان مسلمانڪا نالا پئجي ويا. اهي ماڳ جيڪي نلهان يا نڌاڻ جي ناتي سان سيسم طور سڃاتا ويا آهن، سي سيوستان جي فوجي مهم سان واسطو رکن ٿا ۽ چچ نامي جي ڏنل حوالن مطابق سڃاتا ويا آهن ۽ مان انهن لاءِ هن کان وڌيڪ ڪجهه به چئي ڪونه ٿو سگھان. ٻڌيه  جي صوبي وارو قلعو به سِوستان جي ويجهو هو. سِوستان جو ان وقت جو گورنر (80) ۽ ٻڌيه جو گورنر ٻئي اتي موجود هئا. سِوستان جي سوڀ کي وڌيڪ سگھاري ڪرڻ لاءِ عرب سپهه سالار هن قلعي کي کٽڻ ضروري ڀانيو. سيسم ڏانهن پيشقدمي ڪرڻ واسطي سيوِستان کان اڌ واٽ تي ٻُلهڻ وٽ پهرين منزل لاءِ کيس ترسڻو پيو ۽ ان کان پوءِ منڇر ڍنڍ جي اولهه پاسي موجود قلعي ڏانهن وڌڻو پيو هو. ٻي منزل اولهه ناري کي پار ڪرڻ وقت اتي ڪئي هئي ۽ بعد ۾ وڃي هن ماڳ تي رسيو هو. (81) نڌاڻ Nidhan ۽ سيسم جي ماڳن جي صحيح سڃاڻجي وڃڻ کان پوءِ هيءَ ڳالهه نبيرڻ لاءِ رهجي وڃي ٿي ته الهندي ناري وارو وهڪرو، ”ٻڌيه“ جي صوبي ۽ سيوِستان جي ايراضيءَ جي اولاهين دنگ تي وهندو هو.

عرب فوج جنهن وقت نڌاڻ ۾ وانڍ هنيو ويٺي هئي، ته سيسم جي جتن مٿن راتاهي هڻڻ جو ٺام ٺاهيو هو، پر اهو جتن جي ڇڙوڇڙ ٿي وڃڻ ڪري سوڀارو ڪونه ويو ۽ رات جي اونداهيءَ ۾ ڪاڏهون جو ڪاڏي وڃي نڪتا. اها عربن جي ڪرامت سمجھي وئي، تنهن ڪري ٻڌيه جي سردارن آڻ مڃي. پر عام ماڻهو مقابلي ڪرڻ لاءِ هو. سانده ٻه ڏينهن مقابلو هلندو رهيو ۽ ان کانپوءِ قلعو فتح ٿيو. هن جنگ ۾ بجھراءِ ۽ ٻيا ڪيترا راءَ ۽ راڄوڙا قتل ٿي ويا. ٻيا جيڪي، سي سر بچاءَ ڪرڻ لاءِ ٻڌيه جي اترئين پاسي ڏانهن هليا ويا. ڪن سالوج Salog ۽ قندابيل (82) جي وچ تي هڪ قلعي ڀتلور يا بهطلور Bhatlor ۾ وڃي پناهه ورتي ۽ اتان محمد بن قاسم ڏانهن خط لکي جئدان وٺڻ جي ڪوشش ڪيائون ۽ ڏانهس اهو به لکيو هئائون ته راجا ڏاهر جو ساڻن وير آهي. ان ڪري هنن سندن ڪيترا مائٽ ڪُهرائي ڇڏيا آهن. اهو ئي سبب هو جو هنن سندس اطاعت ڪرڻ کان انڪار ڪيو. هنن محمد بن قاسم ڏانهن غور ۽ رحم ڪرڻ لاءِ پيغام روانا ڪيا هئا ۽ هڪ هزار چاندي جا درهم ڏن ادا ڪرڻ جو به واعدو ڪيو هئائون ۽ ضمانت طور پنهنجا ماڻهو به سيوهڻ موڪليائون. سيسم جي فتح کانپوءِ سيوستان واري هلڪي ۽ ٿوري وقت لاءِ شروع ڪيل جنگي مهم کي ختم ڪيو ويو. عرب سپهه سالار اڃا اتيئي هو، جو وٽس عراق جي گورنر حجاج بن يوسف جو خط اچي پهتو ته هو موٽي نيرون وڃي ۽ اتان مهراڻ درياهه اڪرڻ جون تياريون ڪري. هن هڪدم سندس اهو حڪم مڃيو، پر اهو واضح ڪونه آهي ته هو ڪٿان درياهه پار اڪريو هوندو.

سِوستان واري جنگي مهم چڱي خاصي دلچسپ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جيڪڏهن ان مان ٻيو ڪجهه واضح ڪونه ٿو ٿئي، پر ايترو ضرور ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هن کانپوءِ ڇا ٿيڻ وارو آهي. هن ماڳ وٽان ئي حملي جي اهم شروعات ٿئي ٿي. ٻيو ته عرب فوج رڳو هن جوان سال اڳواڻ (83) (12) جي فوجي لياقتن ۽ پنهنجي جوانمرديءَ جي آسري ڪونه هئا، پر اهو سندن ڀاڳ هو جو هنن سنڌ تي حملو ان وقت ڪيو. جڏهن ٻڌن ۽ برهمڻن وچ ۾ سنڌ ۾ ويڙهاند هلندڙ هئي. هڪ ڪمزور راجا سنڌ جي گاديءَ تي ويٺل هو. ڪروڌ ۽ هڪ ٻئي کان بڇان وارو وايو منڊل، ڪارن ڪڪرن جيان سنڌ مٿان ڇانيو بيٺو هو. اسان چچ نامي ۾ شمنين جو ذڪر هنڌين ماڳين پڙهون ٿا. عربن انهن کي، شرمان Shramana جو لقب ڏنو. هن ڪري اڳي جيڪو ٻڌن جو سنياسي فرقو هوندو هو، سو هاڻي راڄوڙو ۽ راءِ سڏجڻ لڳو. نه ته اڳي دنيا سان سندن لهه لاڳاپو ڪونه هوندو هو، وتندا هئا آڌوي ٿي تپسيائون ڪندا ۽ جوڳ پچائيندا. نيرون جو گورنر به هڪ شمني هو. عربن جڏهن، هن جوءِ ۾ پير پاتو ته هن سندن آڻ مڃڻ ۾ دير ڪانه ڪئي. سيوستان تي هلان ڪرڻ کان اڳ ۾ محمد بن قاسم موج (84) واري جوءِ ۾ ٿورو ترسيو هو. اسان کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اتان جو راڄوڙو به هڪ شمني، هو. هن شمني عربن جي دل جي گھراين سان آجيان ڪئي هئي. ۽ پنهنجي ٻُڌ برادريءَ سان گڏجي سيوستان جي گورنر وٽ لنگھي ويو. ۽ کين عربن آڏو آڻ مڃڻ جي صلاح ڏني هئائين. ڏانهنس خط ۾ اهيو به لکيو هئائين ته: ”اسان ٻڌ، ناسِڪ آهيون اسان جو ڪم پوڄا پاٺ آهي. اسان جو ڌرم امن ۽ آشتي آهي. ان ڪري اهو اسان کي هتيا جي آگيا ڪونه ٿو ڏئي. تون هڪ اتاهين ڪوٽ اندر ٿو رهين. اسان کي پنهنجي جيوتيءَ ۽ مال مڏيءَ جو اونو آهي ته متان عرب اسان کان ڦري لٽي وڃن. جڏهن اتان جي گورنر، عرب سان مهاڏي اٽڪائڻ جو اعلان ڪيو، ته ٻڌ شمنين سندس ان ڪم کي نديندي کيس چيو هو: ”تون عربن سان جھيڙي، پورو پئجي ڪونه سگھندين. تنهن جي هَٺُ وِڻين اسان پنهنجي جيوت ۽ مال مڏي ناس ڪانه ڪنداسين“. جڏهن سيوستان جي گورنر سندن اها ڳالهه قبول ڪانه ڪئي، ته هنن ڏٺي وائٺي سنڌ سان غداري ڪئي ۽ محمد بن قاسم ڏانهن خط لکيائون ته: ”ماڻهن جو وڏو انگ جيڪو هارين نارين ڪڙمين ڪاسبين، واپارين وڙن ۽ هيٺينءَ جاتيءَ ٻڌل آهي، سو سيوستان جي گورنر سان سهمت ڪونهي. کيس تنهنجي سامهون ٿيڻ لاءِ ڪا سگهه ۽ توسان مهاڏي اٽڪائڻ لاءِ ايڏي وڏي سينا (فوج) به هٿ ۾ ڪانه آهي“ اهڙيءَ ريت هنن ٻڌن سيوهڻ جي قلعي تي گھيري کي وڌيڪ سخت ڪرڻ لاءِ عرب سپهه سالار جي دل ٻڌرائي. ٻڌن جي اهڙيءَ غداريءَ سبب سيوهڻ جو قلعو فتح ٿي ويو. ٻڌيه صوبي جو گورنر به ٻڌ شمني هو. هن پنهنجي علائقي جي ماڻهن کي، عربن خلاف مقابلي ڪرڻ کان روڪڻ واسطي نهن چوٽيءَ جو زور لاتو. پر جڏهن ڏٺائين ته ماڻهو اڙجي بيهي رهيا آهن ۽ پنهنجي ڳالهه تان هيٺ نه ٿا لهن، ته هو پاڻ ڌرتيءَ سان غداري ڪري محمد بن قاسم وٽ لنگھي ويو. جڏهن محمد بن قاسم سيسم جو قلعو فتح ڪيو، وري ڦُر لُٽ ڪئي ۽ وطن دوست ڌرين جو قتل عام ڪيو، باقي بچيل ماڻهن کي ان ڏوهه ۾ اتان تڙي ڪڍيو ويو ته اهي وطن دوست ڌُرين سان ٻِٽُ ۽ جھُٽ هئا. انهن راڄوڙن مان هڪ ٽولو اهڙو به هو، جيڪو ڌرتيءَ ڪارڻ عربن سان ته جنگ ڪري رهيو هو، پر راجا ڏاهر به کين تنگ ڪيو هو. نيٺ هنن به ويڙهاند کان تنگ ٿي حملي آور عربن جي اطاعت قبول ڪئي هئي.

اهڙين حقيقتن لکڻ وقت هيءَ تاريخ ڪي اهڙيون ڳالهيون لکڻ ڪانه ٿي وساري، جن ۾ اسلامي جذبي جو رنگ هجي. سنڌ ۾ اسلام پکڙجڻ جي اڳڪٿي جو اظهار هن ڪتاب ۾ ورجائي پئي ڪيو آهي. ديول جي ماڳن وٽ محمد بن قاسم کي ٻن ڌرين اهڙي اڳڪٿي ٻڌائي همت افزائي ڪئي هئي. ٻڌيه صوبي جي ماڻهن جڏهن عربن سان مقابلي ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو، ته ٻڌيه جي سردار کين ٻڌايو ته ٻڌ جي ڀڪشن تارن جي علم مان معلوم ڪيو آهي، ته: ”هيءُ علائقو اسلامي، فوج هٿان ڪيئن به ڪري فتح ٿيندو.“ جڏهن هو غداري ڪري محمد بن قاسم وٽ پهتو ته کيس به ساڳي ڳالهه ٻڌايائين ته: ”هتان جي ماڻهن توهان مٿان راتاهي هڻڻ جا ڏاڍا جتن ڪيا هئا، پر سوڀارا ڪونه ٿيا، جنهن مان هڪ ڪرامت اها ثابت ٿي آهي ته اوهان سنڌ ضرور فتح ڪندا ۽ اهائي خدائي منشا آهي.“ وڌيڪ کيس هيءَ ڳالهه به چوي ٿو: ”جيستائين منهنجو سوال آهي ته مان ته اوهان آڏو اچي پيش پيو آهيان. منهنجي خواهش آهي ته مان اوهان جو صلاحڪار بڻجان ۽ توهان جي دشمنن جي پاڙ پٽڻ ۾ اوهان جو رهبر ۽ ٻانهن ٻيلي ٿي بيهان. مسلمانن جي خيالن ۾ اهڙي قسم جون ڳالهيون گھر ڪري ويهي رهيون هيون. معمولي فهم ۽ فراست وارو ماڻهو جيڪڏهن ٿورو به ويچار ڪندو ته سگھاريون حڪمرانيون، مذهبي ڌڙا بندين ۽ گروهي دشمني ۽ تخت تاد جهيڙن ڪري تباهه ٿي ويون ۽ اڳڪٿي ڪرڻ وارن ۽ نجوم جي علم جي ماهرن وٽان پڪ حاصل ڪرڻ ته قدرت جي مرضي ڇا آهي؟ سا هڪ اجائي ڳالهه آهي. ان سان گڏ اها به حقيقت آهي ته بادشاهه پنهنجي ملڪ جي حڪومت هلائڻ لائق ڪونه هوندو آهي، سندس سوچ سطحي هوندي آهي ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان وفادار نه رهندو آهي. اهي ئي بنيادي ڳالهيون آهن، جنهن ڪري ديس ڌارين جي حوالي ٿي ويندو آهي.

ڪيڪانان واري علائقي کانسواءِ، اولهه سنڌ وارو سڄو حصو راجا ڏاهر جو ڏن ڀرو رهڻ بدران خلافت جي ماتحت ٿي ويو هو. ٿوري وقت کانپوءِ سستان ۾ عربن خلاف ناڪام بغاوت به منهن ڪڍيو هو. چندرام هالي، نالي هڪ ماڻهو ان بغاوت جي اڳواڻي ڪئي هئي، پر ان بغاوت کي جھٽ ۾ چيڀاٽيو ويو. اولهه سنڌ واري حصي ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ هتان جي اڳئين حڪمران خلاف گھڻو تاءُ هو. محمد بن قاسم انهن حالتن مان فائدو ورتو. اتان سيوهڻ مان چار هزار جنگي جوڌا پنهنجيءَ فوج ۾ ڀرتي ڪيائين، جن سنڌو پار اُڪري راجا (85) ڏاهر سان جنگ ۾ عرب فوج سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي حصو ورتو هو، هتان جي ماڻهن جا راجا ڏاهر سان ناتا سٺا ڪونه هئا، تنهن جي ٻي ثابتي جنهن کي عربن ڏهڪاءَ پکيڙي هٿي ڏني، سا هيءَ آهي ته محمد بن قاسم پنهنجي فوج مان فقط ڇهه سو گھوڙي سوارن جو هڪ جٿو الڳ ڪري بکر (بغرور) موڪليو هو، (13) جيڪو سنڌ جي وچولي ڀاڱي جي هيٺئين حصي ۾ آباد هو. سندس مقصد هو ته جيئن الور مٿان نظر رکي سگھجي. ان زماني ۾ الور جي ماڳن ڀرسان درياهه وهي رهيو هو. کيس ڊپ هو ته متان راجا ڏاهر جو پٽ حملي آورن جي آمدرفت ۾ ڪا رنڊڪ وجھي.

عربن نيرون پهچي، هڪ قلعي بند شهر تي حملو ڪيو. چچ نامو هن کي اشبهار ۽ بلاذري هن کي ”سمار“ سڏي ٿو. بلاذري هن لفظ کي ٽٻڪا ڪونه ڏنا آهن. هن ماڳ کي سڃاڻڻ مشڪل آهي، پر ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته نيرون کان گھڻو وٿيرڪو ڪونه هو ۽ سنڌو جي به ويجھو هو. ڇاڪاڻ ته عرب فوج اڳتي درياهه ڏانهن وڌي رهي هئي ۽ هڪ منزل ڪري وڃي درياهه جي ڪٺار سان فوجي وانڍ هئين هئون. هڪ هفتي جي گھيري کانپوءِ اشبهار جي قلعي واسين آڻ مڃي. اهڙيءَ ريت سنڌوءَ جي اولاهين ڪناري سان ڪنهن به قلعي واسين عربن سان مهاڏو ڪونه اٽڪايو. هن مان معلوم ٿئي ٿو ته اولهه سنڌ وارو حصو هڪ سال (86) اندر فتح ڪيو ويو هو.

هاڻي اهو انومان ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، ته عربن سنڌوءَ ڪهڙي ٿاڪ وٽان اڪريو هو. چچ نامو هن ٿاڪ کي جھم Jaham قلعي جي سامهون ٻڌائي ٿو، جنهن کي ٻيٽ واري پرڳڻي جو مکيه قلعو سمجھيو ويندو هو. مٿي بيان ڪيل جھم وارو قلعو درياهه جي اوڀارين ڪنڌيءَ سان وسندڙ هو، جنهن کي مان سڃاڻي ڪونه سگھيو آهيان. بلاذري جو بيان آهي ته عرب ان جاءِ وٽان درياهه اڪريا هئا، جتي هند جي قصه علائقي جي راڄوڙي راسل جو ملڪ درياهه سان اچي لڳو ٿي. قصه، ڪڇ جو عربي اُچار آهي. اهڙيءَ ريت جيئن عربن چچ جو اچار ”صص“ Sassa ڪندا آهن. چچ لفظ جو اکر ”چ“ عربن لاءِ اوپرو آهي ۽ اچاري ڪونه سگھندا آهن. اسان کي ائين سمجھڻ نه گھرجي ته اهو ماڳ جتان عرب درياهه اڪريا هئا، سو موجوده ڪڇ ملڪ جي حدن جي ويجھو هو. پراڻي دور ۾ ڪڇ جو ملڪ موجوده حدن کان گھڻو اتر ڏانهن وڌيل هو. ٿي سگھي ٿو ته اهو عمرڪوٽ تائين اڳتي پکڙيل هجي. اڳين صديءَ ڌاران ڪڇ جي راءِ جون فوجون بدين، ٻالهياري Balhiari ۽ رحمڪي (87) بازار ۾ به رهنديون هيون. چچ نامي ۾ راسل کي راجا ڏاهر جي هڪ راڄوڙي طور بيان ڪيو ويو آهي. هيءُ ۽ سندس ڀاءُ ”موڪو پٽ وسايو“ ٻئي ڌرتيءَ جا غدار هئا. هنن جيان ٻيا به راڄ ڊوها ۽ ڌرتيءَ جا ويري هئا. محمد بن قاسم هنن ٻنهي ڀائرن کي ڪڇ ۽ سورٺ (ڪاٺياڙ) ڏيڻ جو دلاسو ڏنو هو. هن مان معلوم ائين ٿئي ٿو ته درياهه نيرون کان ڏکڻ اوڀر ڏس تي پار ڪيو هئائون. عرب لشڪر جي گھوڙن ۾ جذام (ڪوڙهه) جي بيماري ڪاهي پئي هئي، جنهن ڪري سندن گھوڙن جو وڏو حصو مري چٽ ٿي ويو. عرب فوج ڪيترو وقت بيڪار ويٺي رهي ۽ ڪٿي به جنگي ڪارروائي ڪانه ڪيائون. ان کانسواءِ هيءَ ڳالهه به ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته عرب فوج ۾ ڏڪار ڪاهي پيو هو. اسان کي شڪ پوي ٿو ته راجا ڏاهر جي پنهنجي سستي، هيڻائي ۽ راڄوڙن جي ويساهه گھاتي ڪري عربن جو ڀاڳ ڏينهون ڏينهن وڌندو ڀلئون ڀَلِ ٿيندو پئي ويو. جڏهن عرب جنگ ڪرڻ جهڙا ٿيا ته هنن درياهه اڪرڻ لاءِ ٻيڙين جي پل ٺاهي ۽ پار ٽپي اوڀر سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿيا ۽ جھم سولائي سان کٽي ورتائون. ان کانپوءِ جِيوَر نالي هڪ ماڳ ڏانهن وڌڻ لڳا ۽ بعد ۾ پيشقدمي ڪري اچي راوڙ قلعي ڀرسان کيما کوڙيائون. حالتن مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته مذڪوره قلعو ته دڌاواهه Dadhawah يا وڌاواهه Wadhawah جي ڪناري سان آباد هو. ان قلعي ٻاهران جنگ هلي رهي هئي. چيو وڃي ٿو ته اها ڇهه ڏينهن هلندي رهي ۽ راجا ڏاهر ان ۾ پنهنجي سر شريڪ ٿيندو هو. نيٺ هڪ ڏينهن جھيڙيندي مارجي ويو ۽ سندس لشڪر ڀاڄ ڪئي. جنگ جي ميدان لاءِ چيو ويندو آهي، ته اهو ڌڌا واهه ۽ مهراڻ جي وچ تي هو ۽ تاريخ نائين رمضان سنه 93 هه ۽ جُون 712ع هو.

انهن مان ڪابه جڳهه هاڻي سڃاڻي ڪانه ٿي سگھجي. ٿي سگھي ٿو ته دڌاوا يا وڌاواه وانڊڻ واهه Wandan Wah يا اڀرندو نارو (قديم هاڪڙو) هجي. قديم دور ۾ هاڪڙي جي هڪ ننڍي حصي جو نالو وانڊڻ Wandan هوندو هو. راوڙ جو قلعو برهمڻ آباد کان گھڻو پري هوندو هو. وچ تي ٻه مشهور قلعا بهرور ۽ دهليلا هوندا هئا. عربن مٿن واري واري سان گھيرو ڪيو. هر قلعي ۾ عربن جو ٻه ٻه مهينا مقابلو ڪيو ويو. اهڙا سگھارا قلعا هڪ ٻئي کان گھڻو پري ۽ برهمڻ آباد کان به گھڻو ڏور هوندا. عربن جي مقابلي واسطي برهمڻ آباد ۾ گھڻو لشڪر موجود هو. اهو ئي سبب آهي جو عرب گھيري سان لاڳاپيل سامان اوڏانهين کڻائي ويا هئا ۽ گھيرو به ڪيترا هفتا لڳاتار هليو هو. راوڙ جو قلعو برهمڻ آباد کان اسي ميلن کان وڌيڪ پري ڪونه هوندو. ڪئت ناهي ته اڀرندي ناري جي ڪناري سان اڏيل ۽ نيرون کان ستر ميل ڏکڻ اوڀر طرف هجي. چچ نامي جو بيان آهي ته ان قلعي جي تعمير جي شروعات به چچ ڪئي ۽ ٺهرائي پورو ڏاهر ڪيو هو، (ڀ-14) جيڪو گرمين وارا چار مهينا هتي حڪومت هلائيندو هو. هن علائقي جي آبهوا ڏاڍي سٺي هوندي هئي. اهو به چيو ويندو آهي ته گرمين وارا چار مهينا هو برهمڻ آباد ۾ ۽ باقي چار مهينا اروڙ ۾ گذاريندو هو. هن بيان مان سولائي سان انومان ڪري سگھجي ٿو ته راوڙ، هيٺ سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ موجود هو، جتي سمونڊ کان ايندڙ ٿڌڙي هير گرميءَ جي اثر کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. ان جي ڀيٽ ۾ اتر سنڌ ۽ وچولي ۾ سخت گرمي هوندي آهي.

ان کانپوءِ عربن جون فتحون سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي مان نڪري اڳتي اتر طرف هلنديون وڃن ٿيون ۽ ان جي نتيجي ۾ اسان کي به چچ نامي کان ڌار ٿيڻو پوي ٿو. هيءُ ڪتاب سنه 715ع ۾ سليمان جي خلافت جي مَسند تي ويهڻ ۽ محمد بن قاسم کي واپس گھرائڻ واري واقعي سان ختم ٿئي ٿو. ان وقت تائين هن نوجوان عرب سپهه سالار ملتان (88) تائين سنڌ جو سڄو ملڪ فتح ڪري ورتو هو. بلاذري جي فتوح السند جو بيان عربن هٿان سنڌ فتح ڪرڻ کان وٺي، نائين صدي عيسوي تائين لڳاتار ڳنڍيو ٿو اچي. اهو عربن واسطي ڏاڍو ڏکيو زمانو هو. راجا ڏاهر جا پونيئر پنهنجي وڃايل راڄ لاءِ ڏينهن رات هٿ پير هڻي رهيا هئا. سنڌين جون عام بغاوتون مسلمانن جي ڏاڍ ۽ انياءِ ڪري ٿي رهيون هيون. سنڌ وارا عربن جي رعيت هئا، پر پوءِ به سندن ڦر لٽ ڪري پريشان هئا. انهن جي ملڪيتن ۾ سندن حريص نگاهون کتل هيون. عربن جا پنهنجو پاڻ ۾ جنگيون جھيڙا شروع ٿي ويا هئا. ان عرصي دوران سنڌ جي وچولي ڀاڱي ۾ عرب راڄڌاني المنصوره جو بنياد پيو هو. ان کانپوءِ ان دور جون تاريخون برهمڻ آباد جو ذڪر ڪونه ٿيون ڪن، توڙي جو اهو شهر عربن جي (89) قلعي کان ست يا اٺ ميل مس پري هو. هڪ واقعي جو هتي بيان ڪرڻ لازمي ٿو سمجھان، جيڪو ان زماني ۾ ڇوڙ جي هيٺئين علائقي ۾ ٿيو هو. تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته ان زماني ۾ جنيد (724-726ع) سنڌ جو گورنر مقرر ٿي آيو هو ۽ اچڻ سان جيئسيه پُٽَ راجا ڏاهر سان اچي بطيحة الشرقي Batihata-al-Sharqiya ۾ پاڻيءَ واري جنگ شروع ڪئي هئائين. بطيح Batiha لفظ جي معنيٰ ”وسيع“ آهي. عربي ٻوليءَ جا لساني ماهر هن لفظ جي معنيٰ پاڻيءَ جو وڏو يا وسيع وهڪرو ٻڌائن ٿا. مون کي تازي دور جي نقشي ۾ اولهه عراق جي شط العرب ۾ اهڙي قسم جي نالي سان پاڻيءَ جي هڪ ڇَرَ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. موجوده مامري جي نسبت سان مان پڪ سان چئي سگھان ٿو ته بطيحة الشرقي اوڀر ڏس تي ڪا سامونڊي نار آهي. ڪنهن زماني ۾ ڪڇ جو رڻ سدائين سمنڊ جي پاڻيءَ هيٺان اچي ويندو هو. اسان کي اها ڄاڻ ڪانه آهي، ته سال جي ڪهڙي موسم ۾ هيءَ جنگ وڙهي وئي هئي. ڇاڪاڻ ته ڪڇ جي رڻ جو هي ڀاڱو  اٺين صدي عيسوي تائين مستقل نموني سان سمنڊ جي پاڻيءَ هيٺ هو. امڪان آهي ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ هيءَ پاڻيءَ واري ويڙهه جولاءِ يا آگسٽ ۾ ٿي هوندي . ٿي سگھي ٿو ته سال جي ٻين مهينن ۾ رڻ وارو مذڪوره علائقو ان دور ۾ سڪل رهندو هجي. اسان تاريخن وسيلي پوري ڄاڻ رکون ٿا ته اها جنگ ڪيئن ٿي هئي. جئسينه ان زماني ۾ پنهنجون فوجون ميڙي چونڊي ڪڇ ۾ ڪٺيون ڪري رهيو هو، جيڪو تنهن زماني ۾ سنڌ جو حصو هو. سندس واضح مقصد سنڌوءَ واري علائقي تي هلان ڪرڻ جو هو. امڪان اهو آهي ته جڏهن جئسينه پنهنجي سامونڊي فوج کي ڪڇ واري تڏهوڪي نار مان اڪاري سنڌوءَ جي علائقي ۾ عربن تي هلان لاءِ اچي رهيو هو، ته جنيد مٿس اوچتو حملو ڪيو هو. ان جنگ ۾ جئسينه کي پڪڙي جنگي باندي بڻايو ويو ۽ بعد ۾ کيس قتل ڪيو ويو. سندس ڀاءُ چچ (جنهن تي پنهنجي ڏاڏي چچ جونالو هو، جنهن برهمڻ خاندان جي بادشاهيءَ جو بڻياد رکيو هو) جنهن کي عرب صص Sassa جي نالي سان سڏيندا آهن، سو خليفي کي دانهن ڏيڻ واسطي عراق ڏانهن روانو ٿيو، پر جنيد کيس صلح جي ڳالهين ڪرڻ واسطي رستي تان واپس گھرائي ورتو ۽ ڌوڪي سان کيس قتل ڪري ڇڏيائين. اهڙيءَ ريت سنڌ ۾ برهمڻ گھراڻي جي حڪومت جو خاتمو ٿيو.