سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو

ڪتاب جو نالو سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو
ليکڪ جنرل هيگ
سنڌيڪار / ترتيب عطا محمد ڀنڀرو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-16-1
قيمت 400    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (790) PDF  E-Pub
انگ اکر

12 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     254139   ڀيرا پڙهيو ويو

باب پهريون _ سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو


ڇوڙ واري علائقي جي جاگرافي ۽ ان منجھان وهندڙ ڦاٽن جو مختصر احوال هن ريت آهي ته هتان جا ماڻهو پنهنجي جاگرافيائي نقطهء نظر کان سنڌو ماٿري جي هيٺئين حصي کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهائيندا آهن، جن مان هڪ سرو Upper Country، ٻيو وچولو Middle Country ۽ ٽيون لاڙ Sloping Descending Country آهي، جيڪو لهوارو ٿيندو، هيٺ سمنڊ ڏانهن هلندو وڃي ٿو. اهڙيءَ ريت سيوهڻ کان چاليهه ميل مٿي ستاويهه ڊگريون اُتر، ويڪرائي ڦاڪ تي، اتر سنڌ جو علائقو آهي. ان علائقي جي هيٺئين دنگ کان وٺي حيدرآباد تائين ’وچولو‘ سڏيو ويندو آهي ۽ حيدرآباد کان وٺي سمنڊ تائين ساري پرڳڻي کي لاڙ چوندا آهن، جنهن جوءِ جي اوڙڪ ۾ احوال اوريو ويو آهي، سو سنڌ جي ڇوڙ وارو اهو تاريخي علائقو آهي، جنهن تي سڪندر جي حملي دوران، ان جي مؤرخن جون پهريون نظرون پيون هيون، ان بابت سندن اتهاسن ۾ وِستار سان ڳالهيون به ڳائجڻ لڳيون هيون. تنهن سمي، هن ڇوڙ واري علائقي جي اوڙڪ مٿيون پاسو ’پٽالا‘ هو، جتان سنڌو، ٻه درياهيءَ ۾ ونڊجي ويندو هو. سندس هڪ ڇاڙهه ڏکڻ- اوڀر ڏس تي ۽ ٻي ڏکڻ- اولهه پاسي لڙي ويندي هئي. هر هڪ ڇاڙهه کي ”سِنڌو“ سڏيو ويندو هو. هاڻي مامرو اهڙو منجھي ويو آهي جو ”پٽالا“ جي سڃاڻڻ جا امڪان ئي موجود ڪونه رهيا آهن. مان انهن مؤرخن سان ڪڏهن به سهمت ڪونه آهيان، جيڪي هن ٿاڪ کي حيدرآباد يا ان جي ڀرپاسي ۾ سمجھن ٿا ۽ انهن سان به اختلاف راءِ رکان ٿو، جيڪي ”ٺٽي“ کي ”پٽالا“ سمجھندا آهن. منهنجو انومان آهي، جنهنجا ڪيترا ڪارڻ به آهن، ته اهو ٿاڪ، حيدرآباد جي ويڪرائي ڦاڪ کان تمام گھڻو هيٺ ڪونه هو، پر ان جي ڊگھائي ڦاڪ هن شهر کان گھڻو اوڀر طرف هئي. ان ڪري مون کي پڪ ٿئي ٿي ته سنڌي، جنهن جاگرافيائي خطي کي ”لاڙ“ سڏيندا آهن، سو گھڻي ڀاڱي ”پٽاليني“ Patalene واريءَ جوءِ سان ڀيتِ آهي ۽ اهو ئي سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو آهي، جيڪو يونانين جي وقت ۾ به موجود هو.

هن ڪتاب ۾ به ڇوڙ وارو علائقو سمنڊ کان وٺي مٿي اتر ڏس تي حيدرآباد يا پنجويهه ڊگريون ۽ ٽيويهه فوٽ ويڪرائي ڦاڪ اتر طرف تائين آهي، جيڪو اوڀر طرف ٿر جي ڀٽن ڏانهن وڌي وڃي سنڌوءَ جي صفا اوڀارين ڇاڙهه ”پراڻ“ سان ملي ٿو، جيڪو هاڻي سڪل آهي. چاڙهه جي رُت ۾ سنڌوءَ جو پاڻي منجھس اچي ويندو آهي، پر ڪنهن سمي اها ڇاڙهه ڪوري ڦاٽ سان ڳنڍيل هئي ۽ سنڌ ۽ ڪڇ جو دنگ ڏيکاريندي هئي. هيءُ ڇوڙ وارو علائقو اولهه پاسي وڃي جابلو علائقي سان ملندو هو. اهي جبل سنڌ جي جابلو سلسلي ڪوهستان کان هلندا اوڀر ۽ اولهه پاسي ننڍا ٿيندا نيٺ ختم ٿي وڃن ٿا. سنڌوءَ جي ڇوڙ واري هن علائقي جي سرحدي ليڪ پنجاهه ميل اولهه- ڏکڻ هلي ٺٽي جي اوسي پاسي پهچي ٿي. اتان کان سٺ ميل سر اولهه هلي ڪراچيءَ ڀرسان سمنڊ تائين توڙ ڪري ٿي. اهڙيءَ ريت ڇوڙ واري علائقي جي ڪل ايراضي ڏهه هزار ميل همچورس بيهي ٿي. ڇوڙ واري هن علائقي جي پاسن جي ڌار ڌار ماپ هن ريت آهي. حيدرآباد کان هيٺان سنڌوءَ کان وٺي عمر ڪوٽ تائين نوي ميل ۽ عمرڪوٽ جي اوڀر کان وٺي ڦاٽ جي ڇوڙ تائين هڪ سو پنجاهه ميل. حيدرآباد کان ٺٽو ۽ ٺٽي کان وٺي ڪراچيءَ ويجھو ڪلفٽن جي وارياسي جوءِ جي ڏکڻ- اوڀر تائين اولهه وارو پاسو هڪ سو ڏهه ميل ۽ سامونڊي ڪنارو هڪ سو پنجويهه ميل آهي ۽ اها ڪل پکيڙ پنجويهه هزار چورس ميل بيهي ٿي.

هي ميداني علائقو درياهن جي پُراڻن پيٽن سان هنڌين ماڳين کاڌل ۽ هيٺ مٿي لڳو پيو آهي. ڪي قديم وهڪرا هن ڇوڙ واري علائقي منجھان آر پار ۽ لاڳيتا ڏسڻ ۾ ايندا. ڪن جا نشان پتا ڪٿي ڪٿي وڃي چٽا رهيا آهن. ڪن جا ته باقي وڃي ڪي اهڃاڻ رهيا آهن. ڪي ته صفا ميسارجي ويا آهن. پاڻيءَ جو هڪ تمام پراڻو وهڪرو ڪڏهن سنڌ جي صفا اوڀر طرف کان به وهندو هو. سندس تاريخ ڏاڍي دلچسپ آهي. ان جو نالو ”هاڪڙو“ هو. ٿر جي ڀٽن جي ڀر ڏئي ”ڪڇ“ کان ويهه ميل مٿان وڃي ”پراڻ“ ۾ پوندو هو. هاڻي هاڪڙي جو نالو هن درياهه جي ان ٽڪري تائين محدود آهي، جنهن ۾ سنڌوءَ جي چاڙهه جو پاڻي هليو ويندو آهي. موجوده دور ۾ هن کي ”نارو“ سڏيو ويندو آهي. سرڪاري ڪاغذن ۾ هن جو نالو اڀرندو نارو (Eastern Nara) آهي، پر ڪنهن زماني ۾ هي نجو ۽ آجو درياهه هو ۽ ناري وارو هاڻوڪو وهڪرو ان جو ننڍڙو حصو هو (1) هن قديم وهڪري جا نشان، سنڌ جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين اڄ به ڏسي سگھجن ٿا. هن وهڪري جو نالو ”وانڊڻ“ (Wandan) هوندو هو. (1) بهاولپور واري علائقي ۾ ان جو نالو ”هاڪڙو“ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، پر بيڪانير ۽ راجپوتانا کان وٺي ويندي هماليه تائين ان کي ”سڌارا“ (Sudhara) ۽ ٻين نالن سان سڏيو وڃي ٿو. ”ڪلڪته رويو“ (2) ۾ هڪ سڄاڻ لکڻهار ”گم ٿيل درياهه“ (Lost River) جي عنوان سان هڪ مضمون لکيو هو. سندس ويچارن مان ائين لڳو ٿي ته اهو ”گم ٿيل درياهه“ ستلج کانسواءِ ٻيو ڪونه آهي، جيڪو صديون اڳ هڪ جابلو علائقي مان نڪري ور وڪڙ ڪندو اتر- اولهه آهل ڪري، بياس جي ماٿري ڏانهن نڪري آيو هو. پوءِ اولهه ڀرو سِرڪندو اوڙڪ وڃي بياس سان سنگم ڪيو هئائين. اها ڳالهه ثابت ڪئي وئي آهي يا نه، تنهن جو پتو ڪونه آهي ته ان سڄي وهڪري کي هاڪڙي جي نالي سان سڏيو ويندو هو، پر ايترو سو يقين آهي ته سنڌ جي لاڙ جي ڀاڱي وارو ”هاڪڙو“ هڪ آجي ۽ نجي درياهه جو حصو هو، جنهن جي سڪي وڃڻ ڪري ڏاڍو هاڃو ٿيو. هزارين همچورس ميلن تي مشتمل سکيو ستابو ۽ سڪر سڻائي وارو وڏو علائقو، جنهن مان لکن ماڻهن کي پنهنجو چوڻو پاڻي ملندو هو، سو سڪي بُٺ ٿي ويو. ان پاڻيءَ ڌوڪي وڃي سنڌوءَ سان سنگم ڪيو، جنهن سان اڳيئي ٻين درياهن جو جام پاڻي ملي رهيو هو. هن واڌو پاڻي ملڻ ڪارڻ هيٺ وڃي، سنڌوءَ ٻوڙ ٻوڙان لائي ڏني ۽ ملڪ اجاڙي ناس ڪري ڇڏيائين.

هاڪڙي کان چئن يا پنجن ميلن جي وٿيءَ تي، ”ٻنڌڻي“ Bandahri نالي سان سنڌوءَ جو هڪ ڦاٽ هو، جيڪو هاڪڙي سان گڏوگڏ هلندو هو ۽ پراڻ ۾ پوڻ واري ماڳ کان ارڙهن ميل مٿي هاڪڙي سان ملي ويندو هو. سنڌوءَ جو هيءُ ڦاٽ رڳو چاڙهه جي رُت ۾ وهندو هو ۽ هاڪڙي سان وڃي ملندو هو. هينئر هن ڦاٽ جو منڍ لٽجي ويو آهي. ڪجهه ميلن تائين ايترو ته پورجي ۽ ميسارجي ويو آهي، جو سندس اهڃاڻ به ملي ڪونه سگھندا. لڳي ايئن ٿو ته ڄڻ اهو اتر- اولهه ڏس کان اچي، سنڌ جي وچ واري ڀاڱي مان پنهنجي مکيه وهڪري کان ڇڳو آهي. ٻيو ڦاٽ جيڪو ساڳي طرف کان اچي ٿو، سو گھڻو ڪري مٿي بيان ڪيل ”ٻنڌڻي“ ڦاٽ جو مٿيون حصو آهي ۽ اهو به ساڳئي طرف کان ايندو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هنن ٻنهي ڦاٽن جا نشان عرب راڄڌاني منصوره کان ڏکڻ- اوڀر ڏسڻ ۾ ڪونه ٿا اچن. امڪان اهو آهي ته هيءُ اهو وهڪرو آهي، جنهنجو ”البيرونيءَ“ ذڪر ڪيو آهي، جيڪو سنڌوءَ کي منصوره وٽان ڇڏي، اوڀر (ڏکڻ – اوڀر) هليو ويندو هو، جيڪو ڪڇ جي دنگ سان وهندو هو. هيءُ ان وهڪري جو نالو ”سنڌساگر“ Sind Sagar ٻڌائي ٿو. (3)

سنڌوءَ جي سڀني ڇڏيل وهڪرن مان اهم ”پراڻ“ وارو پراڻو وهڪرو آهي. هن وهڪري کي سنڌ جي ٻن ماڳن وٽان چٽيءَ ريت ڏسي سگھجي ٿو. هڪ حيدرآباد کان چوويهه ميل ۽ ٻيو ڇٽيهه ميل اتر- اوڀر ڏس تي آهي. ٻئي ڇاڙهون پهريائين پنجاهه ميل ڏکڻ-اوڀر طرف هلي، حيدرآباد کان پنجيتاليهه ميل اوڀر، پر ٿورو ڏکڻ پاڻ ۾ ملي وڃن ٿيون. ان کانپوءِ اهو گڏيل وهڪرو پهريائين ڏکڻ پوءِ ڏکڻ- اولهه هڪ سو چاليهن ميلن کان به وڌيڪ پنڌ هڻي، ڪوري کاري ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ وڌيڪ پنجاهه ميل ڪڇ مان ڪري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هن وهڪري جو سنڌ وارو هيٺيون ڀاڱو هر جاءِ تان اڄ به اڌ ميل ويڪرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پر عام طور سندس ويڪر ميل جو چوٿون حصو آهي. پراڻ جي الهندي پاسي اسان کي ڪيترائي پراڻا پيٽ ڏسڻ ۾ ايندا، جن مان ڪي ڊگھا ته ڪي وري ننڍا آهن. ڏسڻ ۾ ايئن اچي ٿو ته ڄڻ اهي ڪنهن درياهه جي پراڻي وهڪري جا ٽڪرا ٽوٽا آهن. مٿي بيان ڪيل وهڪرن مان ڪنهن جو به هڪ ۽ عام نالو ڪو نه آهي. هر هڪ جُوءِ ۾ سندس نالو ڌار ڌار آهي. نالن مان به ائين محسوس ٿئي ٿو ته اهي ڪنهن پوئين دور سان واسطو رکن ٿا، جيڪي ڪنهن خاص ايراضيءَ تائين محدود آهن. اهڃاڻن مان ايئن لَکي سگھجي ٿو ته ”پراڻ“ جھڙن وهڪرن جو مُنڍ ٻن ڦاٽن سان شروع ٿيو آهي. انهن مان اتريون ڦاٽ سنڌ جي وچولي جي ڏاکڻين ڀاڱي مان سنڌوءَ کان ڇڳو آهي. سنڌوءَ جي هيءَ ڇاڙهه ڪڇ جي رڻ کان ڏهه ميل مٿان اچي پراڻ ۾ پوي ٿي. سهوليت خاطر هن کانپوءِ هن ڪتاب ۾ مذڪوره وهڪري کي ”الهندو پُراڻ“ سڏيو ويندو. ٻارنهن ميلن جي پنڌ تي اڃا به ڪجهه اولهه، ”ريڻ“ نالي سنڌوءَ جي هڪ ڇاڙهه آهي، جيڪا حيدرآباد کان ڏکڻ- اوڀر ڏس تي مکيه وهڪري کان ڇڄي، ڏکڻ طرف اسي ميل هلي سنڌ جي دنگ سان هڪ ”رڻ“ ۾ داخل ٿئي ٿي. مون کي پتو ڪونه آهي ته هن جو پاڻي ان رڻ ۾ سڪي کپي وڃي ٿو، يا ڪنهن وهڪري جي صورت ۾ وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هن وهڪري جو سرويرن به سنڌ جي رڻ واريءَ ڇَرَ کان اڳتي پتو ڪونه لڳايو آهي. ”ريڻ“ وارو وهڪرو ڪنهن پوئين دور سان واسطو رکي ٿو. اڳينءَ صديءَ ۾ جڏهن سنڌو نصرپور وارو وهڪرو ڇڏي، حيدرآباد جي اولهه وارو موجوده رخ اختيار ڪيو هو، ته ريڻ وارو مٿي بيان ڪيل وهڪرو هميشه لاءِ سڪي ويو. هيءُ ننڍڙو ۽ غير اهم وهڪرو هو. هتان جا ڏيهي مورخ هن کي فارسيءَ ۾ ”جوءِ بار“ Jui bar يعني ننڍڙو وهڪرو سڏيندا هئا. هن پراڻي وهڪري جو ڪجهه ڀاڱو ”ڦليلي ڦاٽ“ جي هيٺئين حصي ”گونيءَ“ والاري ڇڏيو آهي، جيڪو حيدرآباد کان ڏهه ميل مٿان سنڌوءَ کان ڇڄي ٿو. هن جا ٻيا حصا کوٽي، سڌاري، واه بڻايا ويا آهن. جڏهن شهنشاهه همايون جي مٿان بدقسمتيءَ جا ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا ۽ سنڌ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪي سياسي سگهه ماڻڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو هو، تڏهن هن وهڪري يعني ريڻ کي تاريخ ۾ هڪ مکيه ماڳ ملي ويو. پندرهن کان پنجٽيهه ميل اڃا به اولهه ڏس تي گنگڙو gangro (گونگڙو) آهي. هن وهڪري جي مٿئين پاسي جا اهڃاڻ ايترا ته ڊهي ويا آهن، جو لَکي به ڪونه ٿا سگھجن. مان سمجھان ٿو ته گنگر وهڪري جي منڍ کي، آبپاشي جي خيال کان کوٽائي سڌاري واهه طور ڪتب آندو ويو آهي. هيءُ وهڪرو گھڻو ڪري ”ريڻ“ کان هيٺان ڪٿان سنڌوءَ کان ڇڄندو هو. عام طور سندس رخ ڏکڻ طرف آهي ۽ ”سير“ ڦاٽ وسيلي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. گنگڙي ۽ سِيرَ ڦاٽ جي ڪل ڊگھائي هڪ سو ويهه ميل هئي. گنگڙي کي ساڄي طرف کان پهريائين پنياري ڦاٽ اچي ملندو هو، جيڪو جھرڪ شهر کان ڪجهه ميل ڏکڻ، سنڌوءَ کان ڇڄندو هو. سنڌوءَ جي وهڪري جو هيءُ حصو ڪنهن پوئين دور سان واسطو رکي ٿو. اهڙي ريت پنياري ڦاٽ جو به ڪنهن پوئين زماني سان ڳانڍاپو آهي. ٺٽي جي ويڪرائي ڦاڪ جي سامهون گنگڙو، ڪنهن پراڻي پيٽ مان وهندو هو، سندس وهڪري جو رخ سر اوڀر ۽ سر اولهه ٿئي ٿو. ان جو وهڪرو اٺن ڏهن ميلن کانپوءِ صفا ميسارجي ويو آهي. هن جو پراڻو پيٽ باقي ٿورو وڃي بچيو آهي، پر اهو ڪنهن سمي سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو هوندو. هيءَ حقيقت دلچسپيءَ کان خالي نه آهي ته سومرن سردارن جي راڄڌاني ”محمد طور“، جيڪي ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي لاڙواري ڀاڱي جا حڪمران هئا، (2) هن وهڪري جي ڏاکڻين ڪٺار سان اڏيل هو. ائين سمجھڻ لاءِ ڪي سبب به آهن ۽ هن کانپوءِ به اها سچائي چٽي ٿي ويندي، ته سنڌوءَ جي هيءَ ڇاڙهه چوڏهين صدي عيسويءَ جي منڍ ۾ ئي سڪي وئي هئي.

گنگڙي کان اولهه ۽ سنڌوءَ جي موجوده وهڪري جي وچ تي، هڪ پراڻي وهڪري جو هيٺيون حصو اڃا به موجود آهي. چيو ويندو آهي ته اڳين صديءَ جي وچ ڌاري جڏهن سنڌوءَ پنهنجو وهڪرو اوچتو اولهه طرف مٽايو ته مذڪوره وهڪرو سڪي ويو. جيڪڏهن سنڌ جي نقشي کي چڱيءَ ريت جاچي ڏسبو ته اسان کي معلوم ٿيندو ته حيدرآباد کان اتر، پر ٿورو اوڀر اٽڪل پنجويهه ميل پري، جتان ان زماني ۾ سنڌو، ڏکڻ- اوڀر طرف وهندو هو، سو هڪدم گھنڊي هڻي، ٺونٺ وڪڙ ڪري، الهندي طرف انڙپور ڳوٺ ڏانهن مُنهن ڪري ٿو. ان کانپوءِ ڏکڻ ۽ ڏکڻ- اولهه ڏانهن وهڻ شروع ڪري ٿو. هيءُ اهو ماڳ آهي، جتان درياهه پنهنجو رخ بدلايو هو. هن کان اڳ ڪيترن سالن تائين درياهه جو رخ ڏکڻ- اوڀر رهيو ۽ نصرپور جو پاسو ڏئي وهندو رهيو هو. مذڪوره شهر هن جي ڏائي ڪناري سان اڏيل هوندو هو، جتان ”ريڻ“ هن کان ڇڄي ڌار ٿيندو هو، اتان سندس وهڪري جو مُنهن سر ڏکڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. بعد ۾ ڏکڻ- اولهه ڏانهن رخ رکي، ٺٽي ڏانهن منهن ڪري ٿو. هن حقيقت کان ماڻهو پوريءَ ريت باخبر آهن ته سنڌوءَ جو هيءُ وهڪرو نيٺ 1758ع ۾ سڪي ويو. هن سان گڏ اهو به چيو ويندو آهي ته سڪي وڃڻ کان ٻه ٽي سال اڳ، هن وهڪري ۾ اڳئين جي ڀيٽ ۾ ٿورو پاڻي اچڻ لڳو هو. درياهه پنهنجي نئين وهڪري اندر پنهنجي پاڻيءَ جو سڄو مقدار وهائڻ ۽ ان کي پوري درياهه ٺاهڻ ۾ ڪجهه وقت وٺندو آهي. هن درياهه جي ڇڏيل هن وهڪري جي پيٽ جي ساري ڊگھائي کي ”ڦٽو“ (4) سڏيو ويندو آهي، جيڪا اٽڪل هڪ سو ميل ٿيندي. هيءَ ڇڏيل پيٽ سنڌوءَ جي موجوده وهڪري کان ويهه ميل کن پري ٿيندو. هن پراڻي پيٽ جا پويان سٺ ميل لاڳيتا ڏسڻ ۾ ڪونه ايندا. ڇاڪاڻ ته ڪٿان ڪٿان اهو لٽجي ميسارجي ويو آهي، پر سندس اتريون پاسو چٽو پڌرو بيٺو آهي (5) ”ريڻ“ جي مُنڍ کان ٻارنهن ميل مٿي ماباڻ Maban نالي هڪ ڦاٽ، ڦٽي مان ڇڄندو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو ڏکڻ اوڀر ڏانهن رخ ڪري ٿو. سندس وهڪري کي سروير پنجويهن ميلن کان وڌيڪ جاچي ڏسي ڪونه سگھيا آهن، پر امڪان اهو آهي ته هيءُ وهڪرو الهندي پراڻ سان وڃي مليو هوندو، ”ماباڻ“ ڦاٽ جو منهن ان ماڳ وٽان آهي، جتي واريءَ جا ڊها آهن ۽ اهي عام طور انهن ٿاڪن وٽ ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جتان ڪو ڦاٽ درياهه کان ڇڄي ڌار ٿيندو آهي. واري جا ٻيا ڊها ”ريڻ“ جي مُنڍ يا منهن وٽان ڏسڻ ۾ ايندا، پر اهي ننڍا آهن.

اڃا به ڪجهه الهندي هلبو، ته سنڌوءَ جي موجوده وهڪري تي وڃي بيهبو. هتي سنڌوءَ جو وهڪرو، ڇوڙ واري هيٺئين جوءِ کي ٻن ڀاڱن ۾ ونڊي ٿو، (6) جن مان هڪ وڏو ۽ ٻيو ننڍو آهي. الهندو ڀاڱو ننڍو ٽڪنڊو آهي. سندس ٽئي پاسا هڪ جيترا ڏسڻ ۾ ايندا. ان جي هر پاسي جي ڊيگهه چوهٺ ميل آهي. اهو ٽڪنڊو هن ريت آهي. هڪ پاسي کان درياهه، ٻئي پاسي کان سامونڊي ڪنارو ۽ ٽئي طرف کان جابلو علائقي جي وَٽِ آهي. هن علائقي جي ڪل پکيڙ سترهن سو پنجاهه همچورس ميل بيهي ٿي. اسان هن کي پنهنجي سهوليت لاءِ ” الهندو ڇوڙ“ سڏينداسون. هن جوءِ کي اهو نالو سونهين به ٿو. ڇاڪاڻ ته سنڌوءَ جون الهندي طرف واريون ڇاڙهون، هن جُوءِ جي پکيڙ اندر موجود آهن، جيڪي ڪنهن زماني ۾ هن وهڪري کان ڇِڄي سمونڊ ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون ۽ ڪي هاڻي به ڪري رهيون آهن. انهن مان ٻه ڦاٽ اهڙا آهن، جن ڏانهن اسان جو ڌيان هڪ دم ڇڪجي وڃي ٿو، انهن مان هڪ بگھياڙ ۽ ٻيو گھارو آهي. پهريون ڦاٽ ٺٽي کان ڇهه ميل ڏکڻ، سنڌوءَ کان ڇڄي ڇوڙ واري علائقي جي وچ مان لنگھي ڪيترين کارين جھڙوڪ: ريشل Rishal، شيشه Shisha، پيٽاڻي Pitiani، کڏي Khudi ۽ پِٽي Piti (ڦٽي) وسيلي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. بگھياڙ هڪ درياهي وهڪري جو نالو آهي، سندس گھڻو پاڻي ”شيشا“ کاريءَ ۾ ايندو اهي. هن ٿاڪ کان اڳتي اولهه طرف هن وهڪري جو پاڻي کارا راهو Khara Raho ۽ ٻين کارين وسيلي سمنڊ ۾ ڇور ڪري ٿو. بگھياڙ جو پٽيءَ وارو صفا الهندو ڇوڙ آهي، جيڪو ڪراچيءَ کان ٻارنهن ميل ڏکڻ اوڀر ڏِس تي موجود آهي. هاڻي بگھياڙ، چاڙهه وارو وهڪرو نه آهي، پر گذريل ڪيترين صدين کان سنڌوءَ جي الهندي ڇاڙهه ۾ رهيو آهي. هلندڙ صديءَ جي منڍ ۾ به اهو هڪ دائمي وهڪرو هو. گھارو ڦاٽ، ڪوهستان علائقي جي وٽ سان اوڀر ۽ پوءِ ڏکڻ کان وهندو رهيو آهي، جيڪو ڇوڙ واري علائقي جي صفا ڪناري سان آهي. جنهن جي ڊيگهه اٽڪل چاليهه ميل ٿيندي. سنڌوءَ جي هيٺئين حصي سان لاڳاپيل هي وڏي ڊيگهه وارو ڦاٽ آهي. هن ڦاٽ جو ٻيو حصو اوڀر ڏس تي ڪلريءَ ۾ شامل آهي، جيڪو هاڻي سنڌوءَ جو چاڙهه جي موسم وارو ڦاٽ وڃي رهيو آهي. هيءُ ڦاٽ، ٺٽي کان ٿوري پنڌ تي اتر اوڀر، سنڌوءَ کان ڇڄي ٿو ۽ ڪجهه فاصلي تائين الهندي هلي ڏکڻ آهل ڪري، موڙو کائي، نيٺ وڃي بگھياڙ سان ملي ٿو. ”ڪلريءَ“ ۽ ”گھاري“ جي وچ ۾ ڏهن يا ٻارهن ميلن جي وِٿي ٿيندي. ٻنهي وهڪرن جي وچ تي ڪيترائي پراڻا پيٽ ڏسڻ ۾ ايندا. ڪلري ڦاٽ وارو موجوده ڏاکڻون وهڪرو، ٺٽي کان ست ميل اولهه طرف سنڌوءَ جي مکيه وهڪري مان کاٻي يا ڏاکڻي ڪٺار کان ڇڄي ڌار ٿيو آهي ۽ اڳتي ڌوڪيندو وڃي بگھياڙ ۾ پيو آهي. هن ٿاڪ کان اولهه پاسي ٿورن ميلن تائين وهڪري جو پراڻو پيٽ لٽجي ويو آهي. ان جو هيٺيون پاسو سامونڊي وير ڪارڻ کليل آهي، جيڪو کاري بڻجي ويو آهي.

پنهنجي موضوع جي هن حصي کي ختم ڪرڻ کان اڳ ۾، سمنڊ ڏانهن پکڙيل هڪ سو سالن جي پراڻي ڇوڙ واري علائقي جي دلچسپ سوال بابت ڪجهه ويچارڻو پوندو. گذريل صديءَ جي پوئين اڌ ۾ هن سامونڊي علائقي بابت گھڻي جاچ پڙتال ڪئي وئي آهي، سنه- 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي، ان کانپوءِ اهڙي جاچ پڙتال ڏانهن خاص ڌيان ڏنو ويو. سوچ ويچار ڪري اسان هن نتيجي تي پهتا آهيون ته سنڌوءَ جي مکيه ڇوڙن وارن ٿاڪن وٽان ڌرتي ڏاڍي تيز رفتاريءَ سان سمنڊ ڏانهن وڌي رهي آهي. هن کان اڳئين جاچ پڙتال 1877ع  ۾ ڪئي وئي هئي، جنهن مان اسان کي پتو پيو ته گذريل ڏهن سالن اندر سنڌوءَ جي مکيه ڇوڙن وٽان ساڍا ٽي ميل اڳتي وڌي آهي. ان ليکي سان هڪ سال ۾ هڪ ميل جو ٽيون حصو ڌرتي سمنڊ ڏانهن اڳتي وڌي رهي آهي، اڳئين جاچ پڙتال (سروي) دوران ڪن ٿاڪن تي ڌرتيءَ جي اڳتي وڌڻ واري رفتار ۾ گھڻي گھٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. آهي اهي جايون دريائي ڇوڙن جي بلڪل ڀرسان هيون. انهن ڇوڙن مان هاڻي درياهي پاڻي ڪونه وهندو آهي ۽ حقيقي ڇوڙ وارا وهڪرا ٿورو اڳتي اولهه ڀرو سرڪي ويا آهن. درياهه جي مکيه وهڪري کان ٿورو وٿيرڪو پر آسپاس ئي سامونڊي لهرون به هلڪيون سلڪيون آهن. (7) ڪن ماڳن وٽ زمين سمنڊ ڏانهن ڏاڍي تيز رفتاريءَ سان وڌي رهي آهي. پر اهڙا ماڳ مٽبا سٽبا رهندا آهن. ڪٿي وري اهڙا ٿاڪ به آهن، جتي سمنڊ پنهنجو وڃايل ڀاڱو وري هٿ ڪري وٺندو آهي. درياهه ۽ سمنڊ جي انهيءَ ويڙهاند ۽ ڏي وٺ ۾ ڌرتي ڪيترو اڳتي وڌندي آهي؟ تنهنجو جواب پڪ سان ڏئي ڪونه ٿو سگھجي. نيل درياهه جي ڇوڙ واري علائقي جي سمنڊ ڏانهن وڌڻ جي رفتار جو انومان چار ميٽر في سال آهي، (8) هي درياهه هڪ سال ۾ ٻه سؤ چاليهه ميلن ڪيوبڪ گز لٽ سمنڊ ۾ ڇڏيندو آهي. (9) ان ليکي سان سنڌو ٻه سو سترهن ملين گز (10) لٽ في سال سمنڊ ۾ ڇڏيندو آهي. ان ليکي سان سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جي سمنڊ ڏانهن وڌڻ جي رفتار چار ميٽر في سال ٿي سگهي ٿي. اسان جيڪي انگ اکر ورتا آهن، سي ان ڪري ڪجهه ويچار لهڻن ٿا، ته ميڊيٽيرين سمنڊ ماٺيڻو ۽ هندي سمنڊ ڪولاهل وارو آهي ۽ منجھس لهرن جي لس ليٽ لڳي پئي هوندي آهي. تنهن ڪري، سنڌوءَ جي ڇوڙ وارو علائقو، نيل جي ڇوڙ واري علائقي جي ڀيٽ ۾ ڪجهه سُست رفتاريءَ سان سمنڊ ڏانهن اڳتي وڌندو آهي. هيءَ ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ ضروري هوندي آهي، ته سڀني ڇوڙ وارن علائقن جو سمنڊ ڏانهن وڌڻ هڪ جھڙو ڪونه هوندو آهي ۽ اهو هر دور ۾ ڌار ڌار رهيو آهي. جيڪڏهن موجوده دور ۾ نيل درياهه جي ڇوڙ واري علائقي جي سمنڊ ڏانهن وڌڻ جي رفتار چار ميٽر سالياني آهي، ته قديم زماني ۾ سندس وڌڻ جي رفتار انهيءَ کان گھڻو وڌيڪ هوندي ”انڊنبرا رويو“ جي لکڻهار، جنهن جو حوالو مٿي ڏنو ويو آهي، سو هڪ تاريخي باڪو (شاهد) بيهاري اسان کي ٻڌائي ٿو ته اهڙيون به ڪي جڳهيون آهن، جتان نيل درياهه جي ڇوڙ وارو علائقو اڻٽيهه ميٽر ساليانو سمنڊ ڏانهن وڌندو آهي. گذريل ٽيويهه سون سالن ۾ نيل درياهه جي ڇوڙ وارو علائقو ٽيٽيهه ميل سمنڊ ڏانهن وڌيو آهي، امڪان اهو آهي ته سنڌوءَ جي ڇوڙ وارو علائقو به ساڳين حالتن هيٺ ساڳي رفتار سان سمنڊ ڏانهن وڌي رهيو آهي، نه ته ٻيءَ حالت ۾ سندس وڌڻ جي رفتار گھڻي ڍلي رهي آهي. بدقسمتيءَ جي ڳالهه اها آهي، ته هن مامري ۾ تاريخي شاهديون نٻل آهن، جن جي آڌار تي انومان ۽ اندازا ئي ڪري سگھجن ٿا، جيڪي وسهڻ جوڳا ڪونه آهن. اهو کڻي ڪيئن به هجي، پر ان کي پرکي ڏسڻ چڱي ڳالهه آهي. هن موضوع سان لاڳاپيل احوال هيٺ ڏنل باب ۾ پڙهندا.