سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو

ڪتاب جو نالو سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو
ليکڪ جنرل هيگ
سنڌيڪار / ترتيب عطا محمد ڀنڀرو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-16-1
قيمت 400    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (790) PDF  E-Pub
انگ اکر

12 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     254140   ڀيرا پڙهيو ويو

باب پنجون


مشرقي جاگرافيدانن جا سنڌ جي وچولي ۽ لاڙ بابت رايا

سنڌ جي ڇوڙ بابت ڏنل مشرقي جاگرافيدانن جا دلچسپ احوال ديبل ۽ نيرون ڪوٽ جي سڃاڻ جي باري ۾ اڳ ۾ ئي پيش ڪري چڪا آهيون، پر انهن ڪتابن ۾ بيان ٿيل ڪي غير اهم ماڳ ذڪر ڪرڻ کان رهجي ويا آهن. بهتر آهي ته انهن جون به ڳالهيون ٿي وڃن. حقيقتن مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته اصطخري، ابن حوقل ۽ المسعودي ڏهين صديءَ ۾ ڪهي اچي سنڌ پهتا هئا، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هنن سنڌوءَ جي وهڪري يا ڦاٽن جو ٿورو ذڪر به ڪونه ڪيو آهي. سندن نظر ۾ جاگرافيءَ جي معنيٰ ڪن خاص علائقن ۽ شهرن جي طبعي صورتحال ڏيڻ کان وڌيڪ ڪجهه به ڪانه هئي. وڌ ۾ وڌ تڪيلف ڪيائون ته سفر سان لاڳاپيل راهون ۽ رَند، گس ۽ پيچرا ٻڌايائون ته ڇيهه ڪيائون. سندن لکتون نجيون آجيون ڏسڻ ۾ ڪونه ٿيون نظراچن. ائين اچي ٿو ته هڪڙن ڄڻ ٻين جو نقل ڪيو آهي ۽ پنهنجا مشاهدا ۽ رايا لکي ڪجهه فرق ڏيکارڻ جا جتن ڪيا آهن. سندن پورهئي ۽ جاکوڙ کي ڪجهه گھٽ اهميت ان ڪري به ڏني وئي آهي، جو انهن پنهنجن ڪتابن ۾ شهرن ۽ علائقن جا نالا غلط لکيا آهن، جن جي سڃاڻ ئي مشڪل آهي. اهو مونجھارو ان ڪري پيدا ٿي پيو جو ليکڪن انهن شهرن ۽ علائقن کي عربي صورتخطي ۾ ته لکيو، پر انهن پنهنجي لکڻ جي صحيح انداز ڏانهن ڌيان گھٽ ڏنو. اتاري ڪرڻ وارن ته رهندو ڪِيس ڪري ڇڏيا ۽ اٽي مان گھوٻاٽو اتاري ڇڏيائون. انهن ڳالهين ڪري نسخا اهڙا عجيب ٿي پيا آهن، جو نه شهرن جا نالا سمجهه ۾ اچن ٿا ۽ نه وري علائقن جو ڪو پتو پوي ٿو. بس انڌي گھوڙي ڪَلُ ۾، لفظن جا اکر اڻ چٽا ۽ اڻ پورا آهن، تنهنڪري ڪوبه لفظ پوريءَ ريت پڙهي ڪونه ٿو سگھجي.

سفر دوران جدا رستن جو بيان ڪيو ويو آهي، تن کي ڏينهن جي سفر جي ماپي جي حساب سان بيان ڪيو ويو آهي، ڪڏهن ڪڏهن فرسنگن (فارسيءَ ۾ فرسخ) جو ماپو به ڪتب آندو ويو آهي. هاڻي، تڏوهڪي منجھيل فاصلي کي ڪو متعين فاصلو مقرر ڪرڻ هڪ اجائي ڳالهه ٿيندي ۽ اڳوهڪن منجھيل فاصلن کي اڄ ڪلهه جي مقرر ۽ معين فاصلن سان ڀيٽ ڏيڻ به مناسب ڪونه ٿيندو، ته اڳوڻن جاگرافي دانن هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين ڪيترو فاصلو ڪيو، تنهن ڪري اهو پتو پئجي ڪونه ٿو سگھي، ته ٻن شهرن جي وچ تي حقيقي يا حقيقت جي ويجھو مناسب فاصلو ڪيترو هو. اصطخريءَ جي هيٺ ڏنل سفر واري رستي جي صورتحال پيش ڪجي ٿي، جنهن ۾ ڪجهه مڪران ۽ لس ٻيلي ۽ ڪجهه موجوده دور واريءَ سنڌ جي شهرن جا نالا ڏنا ويا آهن. ان ۾ ڪز Kiz جو اشارو ڪيچ ڏانهن آهي. ارمابيل Armabil جو شهر لس ٻيلي جي ڀرسان (شايد ان کان ٻه ٽي ميل اولهه هوندو هو. ڪنبلي Kanbali جو ماڳ سون مياڻي وارن پڊن تي يا ويجھو ۽ منحاتار Manhatar شهر ڪراچيءَ جي ڀرسان ڪٿي موجود هو.

شهرن جا نالا

اصطخري مطابق ڏينهن

موجوده رستن ۽ نقشن مطابق مقرر ميلن ۾ مفاصلو

هر هڪ ڏينهن جو سراسري طور ميلن ۾ سفر

(1)

ڪز کان ارمابيل

6 ڏينهن

230

38

(2)

ارمابيل کان ڪنبلي

2 ڏينهن

70

35

(3)

ڪنبلي کان منحاتار

2 ڏينهن

52

36

(4)

(90)

2 ڏينهن

46

23

(5)

منحاتار کان ديول

4 ڏينهن

87

22

(6)

ديول کان نيرون

2 ڏينهن

46

23

(7)

ديول کان منصوره

3 ڏينهن

66

22

(8)

سندو ساڻ کان منجباري

7 ڏينهن

160

23

هتي ڏٺو ويندو ته پهريون منزلون تمام ڊگھيون آهن، تنهنڪري شڪ پوي ٿو ته ڪٿي غلطي ٿي وئي آهي. منهنجو ويچار آهي ته اصطخري طرفان ڪيچ کان لس ٻيلي تائين ٻڌايل ٻيڻو سفر اڄ واري دور ۾ به تمام تيز ۽ تڪڙو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. طئي ڪيل سفر واسطي ملڪ جو مٿاڇرو ضرور ذهن ۾ رکبو آهي ۽ ان حساب سان منزل جي ڊيگهه کي ڏٺو ويندو آهي. سفرڪرڻ وارو علائقو ويران يا سکيو ستابو هوندو آهي، ته سفر ڪرڻ جي رفتار ۾ به ان حساب سان فرق اچي ويندو آهي. اهڙيءَ ريت مختلف علائقن ۾ طئي ڪيل فاصلي جون منزلون به ڪڏهن ڊگھيون ته ڪڏهن ننڍيون رهيون آهن. جيتريقدر سنڌ مان سفر ڪرڻ جو تعلق آهي، ته مٿي ڏنل خاڪي مان اسان سولائيءَ سان سمجھي سگھنداسون، ته منزلن جي ڊيگهه ۾ هڪ جهڙائي موجود آهي. ان جو ظاهر سبب ته اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سنڌوءَ جي ڪٺار سان شهرن، واهڻن ۽ وستين جي گھڻائي هئي. ملڪ ۾ سڪر ۽ سڻائي هئي ۽ سيلاني کي پنهنجي مرضيءَ مطابق منزل ڪرڻ جي سهوليت حاصل هئي. ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگھجي ٿو ته حالتون اهڙيون هيون جو سولائيءَ سان سفر ڪري وچٿري منزل ڪئي پئي وئي ۽ ڏهاڙي هڪ جيترا ڪلاڪ سفر ڪيو ٿي ويو.

مشرقي جاگرافيدانن سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جي نيرون ڪوٽ ۽ ديول کان سواءِ فقط هڪ منحاتار شهر جو ذڪر ڪيو آهي. ادريسيءَ هن شهر کي منحابري Manhabari لکيو آهي. هن مامري ۾ هو پاڻ به منجھيل ٿو ڏسڻ ۾ اچي ۽ ان سان گڏ ٻين کي به منجھائي ڇڏيو اٿائين. جنرل ڪننگھام هن ماڳ کي ٺٽو ۽ انڊوسٿين جي راڄڌاني مين نگر Minnagar سمجھي ٿو (اينشنٽ جاگرافي آف انڊيا- ص 288). هو لکي ٿو ته: ”سڀني جاگرافيدانن هن شهر لاءِ لکيو آهي ته اهو سنڌوءَ جي اولاهين ڪٺار سان ۽ ديبل کان ٻن ڏينهن جي پنڌ تي هو. ويچار ڪري ڏسجي ته ٺٽي جا ماڳ وڃي انهيءَ جاءِ تي بيهن ٿا. هي شهر سنڌو جي اولهه پاسي ۽ لاهري بندر کان چاليهه ميل پري يا ٻن ڏينهن جي پنڌ تي آهي. جنهن لاءِ پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته ديبل کان بلڪل ٿوري پنڌ تي آهي.“ هو صاحب ٿورو اڳتي اسان کي ٻڌائي ٿو ته: ”منحاباري، اسان مندابري Mandabari ڇو نه پڙهون، جيڪو مند Mand قبيلي جو شهر هو. هن قبيلي جي نالي کي گھڻن ئي صورت خطين ۾ لکيو ويو آهي جھڙوڪ: مير Mer، ميد Med، مند Mand ۽ مند Mind منداباري Mandabari مين Min قبيلي جو شهر ٿي سگھي ٿو، جنهن کي Minnagra مين نگر سڏيو ويندو آهي. جنرل ڪننگھام ڪن جاگرافيدانن جا حوالا به پيش ڪيا آهن، ته هيءُ ماڳ مهراڻ جي اولاهينءَ ڪنڌي سان ۽ ديبل کان ٻن ڏينهن جي پنڌ تي هو. اهو ساڳيو جاگرافي دان منحاباري کي ديبل کان ٻن ڏينهن جي پنڌ تي اولهه طرف ٻڌائي ٿو. جنرل ڪننگھام ديبل جي جيڪا جاءِ ٻڌائي ٿو، ان حساب سان جيڪڏهن ويچار ڪجي ٿو ته: ”منحابري Manhabari جو ٿاڪ ٺٽي کان پورا اسي ميل پري اولهه وڃي بيهندو. منحابريءَ جو نالو ڪتاب ۾ گھڻو آيو آهي، تنهنڪري ادريسيءَ کي منحاتار ۽ منجباري بابت ڪجهه غلط فهمي ٿي وئي آهي، جن جي پڙهڻي ڪجهه هڪ جھڙي به آهي. ٻي ڳالهه اها به آهي ته جنرل ڪننگھام فقط ادريسيءَ جو حوالو ڪتب آندو آهي، جيڪو ”منحابري“ کي ”مين گر“ سمجھڻ واري سندس اصول کي ڪي قدر هٿي به ڏئي ٿو، جيڪي حقيقتون سندس قائم ڪيل اصول جي خلاف وڃن ٿيون، تن کي هو (سيوهڻ کان منحابري (هتي اسان کي منجباري پڙهڻ گھرجي) ٽن ڏينهن جي پنڌ تي آهي. هيءُ شهر هڪ ترائي ۾ آهي. چوڌاري باغ باغيچا اٿس. ڏاڍو سهڻو ۽ سکيو ستابو شهر آهي. چوڏس پاڻيءَ جا تلاءَ پيا ڏسبا. هن جاءِ کان فيرابوز Fira buz (مڪران) ڇهن ڏينهن جي پنڌ تي آهي (هتي هن جاگرافيدان منجباري کان منحاتار سان منجھائي ڇڏيو آهي) منحاباري (هتي منحاتاڙ پڙهڻ کپي) کان ديبل ٻن ڏينهن جي فاصلي تي آهي. ديبل کان فيرابوز ويندڙ رستو منحاباري (منحاتاڙ) وٽان لنگھندو آهي“. هن ڳالهه مان حقيقت صاف ظاهر آهي ته منحابري جو ماڳ جيڪو سيوهڻ کان فقط ٽن ڏينهن يا ڇاهٺ ميلن جي پنڌ تي هو، سو ٺٽو ٿي نه ٿو سگھهي، ڇو ته اهو سيوهڻ کان هڪ سو چاليهن ميلن جي پنڌ تي واقع آهي. ساڳئي وقت اها منحابري جيڪا مهراڻ جي ڪٺار سان واقع هئي، سا اها منحاباري ڪڏهن ڪانه آهي، جيڪا ديبل کان چاليهه ميل اولهه طرف موجود هئي، پوءِ ديبل جو بندر ڀلي ڪهڙي به ٿاڪ ۽ ٿان تي هجي. اهڙيءَ ريت مين نگر جي ٿاڪ وارو قائم ڪيل ويچار به لڏي وڃي ٿو.

ابن حوقل وارو منهاتاڙ ڪراچيءَ جي اوسي پاسي ۽ مڪران ڏانهن ويندڙ رستي تي ٻن ڏينهن جي پنڌ تي واقع هو. جيڪڏهن هن لفظ جو اچار صحيح ۽ اصلي آهي ۽ ڪنهن ٻئي لفظ جي بگڙيل صورت نه آهي، ته پو منهاتاڙ سمنڊ جو ڪو ننڍو بندر هوندو. ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ ۾ تڙ لفظ جي معنيٰ اها جاءِ آهي، جنهن تي ٻيڙا اچي بيهندا هجن ۽ جنهن جاءِ تي اهو بندر ٺاهيو ويو هوندو، اهو اندر ڌرتيءَ تي هوندو. ڪنهن مناري جو ڪم ڏيندو هوندو، جنهن جو ذڪر هن ڪتاب جي منڍ ۾ ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن ائين آهي ته اهو سنڌ ۽ مڪران واري رستي کان گھڻو پري آهي. منهنجي خيال ۾ اها امڪاني جڳهه وڃي لياريءَ وٽ بيهندي، جتي هاڻي سرڪاري باغ Government Garden آهن، جتان ڪراچيءَ کان حب نديءَ ويندڙ رستو لنگھندو آهي. ڪنهن زماني ۾ اهو رستو موڙو کائي، سون مياڻي لس ٻيلي کان ٿيندو مڪران ويندو هو، جيڪو هاڻي قديم زماني کان ڪجهه مختلف ٿي ويو آهي.

منجباري اهڙي جڳهه آهي، جنهن جي ٿاڪ جو تعين ڪري سگھجي ٿو. ٿي سگھي ٿو ته ميل اڌ جو فرق ٿي وڃي. چيو ويندو آهي ته اهو ماڳ مهراڻ (لوهاڻي وارو وهڪرو) جي الهندي پاسي، سيوهڻ کان ٽي ڏينهن ۽ نيرون کان ٻن ڏينهن جي پنڌ تي هو. ابن حوقل چوي ٿو ته منجابري مهراڻ جي الهندي ڪناري سان هئي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ديبل کان منصوره ويندو ته کيس درياهه اڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته منصوره، منجابري جي سامهون آهي. ان ڪري انومان اهو آهي ته منجاباري جو ماڳ، شهداد پور کان اٺ ميل ڏکڻ-اوڀر ڏس تي ۽ لوهاڻي درياهه جي الهندي ڪناري سان هو، جنهن وهڪري جو پراڻو پيٽ اڃا به چٽيءَ ريت ڏسي سگھجي ٿو. پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته ڏهين صدي عيسويءَ ۾ هي وهڪرو وهي رهيو هو. ان دور جا جاگرافيدان منصوره ۽ منجابريءَ جو ذڪر ڪندي، جھڙي نموني سان بيان ڪري رهيا آهن، تنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته مذڪوره وهڪرو تنهن دور ۾ وهي رهيو هو. هن کان اتر طرف مٿئين وهڪري لاءِ فقط اندازا لڳائي سگھجن ٿا ۽ سڪرنڊ جي اوسي پاسي جيڪي پراڻا پيٽ آهن، تن مان هن وهڪري جي پيٽ جي چونڊ ڪرڻي پوندي. اهي پراڻا پيٽ سڪرنڊ کان وٺي ويندي الور تائين اتر چڱيءَ ريت ڏسي سگھجن ٿا. جاگرافيدانن، مذڪوره هنڌ کان اتر پاسي هڪ شهر جي نالي جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪڏهن اسان ان شهر جي ٿاڪ جو صحيح اندازو لڳائڻ ۾ سوڀارا ٿينداسين، ته اسان کي پوري ريت پتو پئجي ويندو ته ان زماني ۾ سنڌو درياهه سنڌ جي هن ڀاڱي مان ڪٿان وهندو هو. اهو ماڳ ڪلري آهي. هن شهر کي انگريزي ۾ ڪڏهن ڪالري Kalari ۽ ڪڏهن ڪَلَرِي Kalari ڪري به لکيو ويو آهي. ڪن قديم جاگرافيدانن هن نالي جي هِجي بگاڙي غلط لکي آهي. سنڌ ۾ ڪَلَري ۽ ڪلري جا نالا تمام گھڻا آهن، پر هن مامري ۾ ڪلري Kalri نالو وڌيڪ مناسب آهي. هن ڳالهه لاءِ ادريسيءَ جو بيان آهي ته: ”ڪالري Kalari جو شهر مهراڻ جي اولاهين ڪٺار سان، وڏي واپاري ڏيتي ليتيءَ وارو نهايت سهڻو ۽ قلعبند شهر آهي. هن ماڳ وٽان مهراڻ ٻه درياهي جي صورت ۾ وهندو آهي. وڏو وهڪرو منصوره جي اوڀر طرف کان ۽ ننڍو وهڪرو اتر الهندو رخ اختيار ڪري ٿو، ان کان اتر موڙو کائي اولهه ڏانهن لڙي ٿو ۽ آخر ٻئي منصوره کان ٻارنهن ميل هيٺ وڃي پاڻ ۾ سنگم ڪن ٿا. مذڪوره شهر عام رستي کان ڪجهه وٿيرڪو هوندو هو، پر ڀرپاسي جي آبادي ڪري منجھس گھڻو واپار هلندو هو ۽ اتي سدائين ماڻهن جا ميڙاڪا پيا ڏسبا هئا. منصوره کان هن ماڳ تائين ماڻهو ڀڄي ڊوڙي هڪ ڏينهن ۾ چاليهه ميل منزل هڻي پهچي ويندو هو. هتان شارو ساڻ (سيوهڻ) ٽن ڏينهن جو پنڌ هو (اليٽ- I- ص 79). هن بيان ۾ اسان کي ڪي غلط ڳالهيون به ڏسڻ ۾ اينديون ۽ معلوم اهو ٿيندو ته هتي سنڌو، ڌرتيءَ جي لاهه جي ابتڙ، ڏکڻ کان اتر ڏانهن وهندو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. (14) هر دور جي مصنفن کان ڪڏهن اهڙيون غلطيون ٿي وينديون آهن. ڌرتي تي ڪي اهڙا خاص ٿاڪ هوندا آهن، جتي ڌرتيءَ جو لاهه به ابتڙ هوندو آهي. ٿي سگھي ٿو ته اتي درياهه جي وهڪري کي آڏو ڪا روڪ رنڊڪ هجي. جيڪڏهن سچ پچ ۾ غلط ڳالهه لکجي وئي هجي، ته ان کي درست ڪجي، ته درياهه جو وهڪرو فطري ۽ سمجھڻ جوڳو ٿي پوندو، پر اڳتي هلي مصنف جو بيان سندس خيال جي ابتڙ وڃي ٿو (ڀ-15) ۽ چوي ٿو ته درياهه ڪلريءَ کان سيوهڻ جو رخ اختيار ڪري ٿو. اصطخري ۽ ابن حوقل جو بيان آهي، ته منصوره جي چوڌاري خليج جو پاڻي ڦري آيو هو. هن مان چڱيءَ ريت سمجھي سگھجي ٿو ته راڄڌانيءَ جو شهر درياهه جي مکيه وهڪري تي نه، پر ان جي هڪ ڇاڙهه تي وسندڙ هو. ٻنهي مصنفن جا ڏنل نقشا به اهڙي حقيقت جي پٺڀرائي ڪن ٿا. (91) منصوره ۽ ڪلري جي وچ تي چاليهن ميلن جي وڏيءَ منزل جيترو پنڌ آهي. ادريسيءَ انهيءَ فاصلي کي ميلن بدران فرسنگن ۾ پيش ڪيو آهي. ان جو ترجمو فرينچ ۾ ڪيو ويو آهي، جنهن مان ڪي ٽڪرا انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري اليٽ پنهنجي تاريخ ۾ حوالي طور ڏنا آهن. هن صاحب هڪ فرسنگ ۾ چار ميل سمجھيا آهن، پر حقيقت اها آهي، ته ان زماني ۾ ڏهاڙي واري منزل جي حساب سان فاصلو ڪٿيو ويندو هو ۽ ادريسيءَ جي فرسنگ جو ماپو ننڍو هو، ان ۾ ٽي ميل هئا ۽ ڏهه فرسنگ ڏهاڙيءَ جي وڏي منزل سمجھي ويندي هئي. منصوره جي ماڳن (جن کي برهمڻ آباد به چيو ويندو آهي) کان اتر-اولهه ٽيهن ميلن ۽ سڪرنڊ کان ڏهه ميل اتر اوڀر ڪلريءَ جو هڪ شهر آهي. ڀر پاسي ۾ ڪاٿي قديم جاگرافيدانن جي قديم واپاري شهر جا ٿرڙ موجود هوندا. هن علائقي ۾ درياهه جا ڪيترائي پراڻا پيٽ ڏسڻ ۾ ايندا. ڪن جو رخ اتر کان ڏکڻ ته ڪن جو اتر اولهه کان ڏکڻ- اوڀر پيو نظر ايندو. سمجهه ۾ ائين اچي ٿو سنڌوءَ جي موجوده وهڪري کان ويهارو ميل کن اوڀر ڏس تي ٿيندو. انهن پراڻن پيٽن جي ڪنارن سان سڄي زمين سروٽن ۽ ٺڪرين سان ڀري پئي آهي. سيلاني جن سنڌ گھمي ڏٺي هوندي، سي هيءُ ماڳ ڏسي ضرور سمجھندا ته اهي ٿاڪ ڪنهن قديم واپاري ۽ وڏي شهر جا آهن. تنهنڪري قوي امڪان ان ڳالهه جو آهي ته قديم جاگرافيدانن جنهن واپاري ۽ سهڻي شهر جو نالو کنيو آهي، سو ضرور هن علائقي ۾ آباد هوندو. ادريسي ڪلريءَ لاءِ چيو آهي ته سيوهڻ کان ٽن ڏينهن جي پنڌ تي هو، سو هن ماڳ لاءِ سندس بيان سهمت ڪونه آهي. ان کان علاوه هي ماڳ ان جاءِ تي ڪونه آهن، جن لاءِ چيو ويو آهي ته منصوره کان ڏهاڙي جي وڏي منزل ۽ سيوهڻ کان ٽن ڏينهن جي فاصلي تي آهي. امڪان هن ڳالهه جو آهي، ته هتي ادريسيءَ سيوهڻ ۽ منجاباري جي وچ تي موجود فاصلي کي سيوهڻ ۽ ڪلريءَ جي فاصلي سان گڏائي وچڙائي ڇڏيو آهي. ابن حوقل جو بيان آهي ته ڪلري مهراڻ جي الهندي ڪناري سان آباد هو. ادريسيءَ سندس نقل ڪيو آهي. پر حقيقت اها آهي ته اهو ماڳ درياهه جي اڀرندي پاسي هو. ابن حوقل ۽ اصطخري (92) جي ڏنل نقشن ۾ شهر کي درياهه جي اڀرندي ڪناري ڏيکاريو ويو آهي. هن ماڳ جي ڀرسان ڪٿان سنڌوءَ جي کاٻي طرف هڪ ڇاڙهه ڇڄندي هئي ۽ ڏکڻ اوڀر هلي، منصوره جو اوڀر ڏئي، ڏکڻ-اولهه ڏانهن موڙو کائي، ٽي فرسنگ يا نَو ميل راڄڌاني کان هيٺ وڃي مکيه وهڪري سان گڏبي هئي. راڄڌاني منصوره جا کنڊر ان ڇاڙهه جي ڪٺار سان ملن ٿا، باقي ڪلريءَ جا ٿرڙ منصوره جي ٿاڪ کان اتر- اولهه طرف ملڻ جا امڪان آهن. ٻيو به هڪ خاص نڪتو آهي، جيڪو سنڌ جي هن وچولي ڀاڱي مان ڏهين صدي عيسويءَ دوران وهندڙ سنڌوءَ جي وهڪري سان لاڳاپيل آهي. منهنجي خيال ۾ هن باب ختم ٿيڻ کان اڳ ان جو بيان ٿيڻ گھرجي. ابن حوقل اسان کي ٻڌائي ٿو ته: ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو منصوره کان ٻڌا ويندو ته کيس مهراڻ جو ڪپ ڏئي، سدوسان Sadusan (سيوهڻ) جي شهر تائين وڃڻو پوندو. سندس بيان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو، ته ابن حوقل جنهن زماني ۾ سنڌ ۾ موجود هو، تڏهن سنڌو سيوهڻ ڀرسان وهي رهيو هو. اسان کي سمجهه ۾ اچي ٿو ته سندس وهڪرو به ائين ئي هوندو. مونجھارو ان ڪري پيدا ٿئي ٿو ته قديم مصنفن جي ڪتابن ۾ ڪو واضح ۽ صاف بيان موجود ڪونه آهي، جنهن مان صحيح اندازو ڪري سگھجي ته درياهه ان دور ۾ ڪهڙن ماڳن وٽان وهي رهيو هو. هڪ اندازي موجب جڏهن هي جاگرافيدان سنڌ ۾ هو، ته سنڌو سيوهڻ کان ڏهه يا ٻارهن ميل اوڀر کان وهي رهيو هو. منصوره کان اولهه سنڌ جي مشهور شهر سيوهڻ ڏانهن ويندڙ رستو به ان ڪري سنڌوءَ جي ڪٺار سان هوندو هو ۽ وڃي اڙل جي منهن وٽ پهچندو هو، بعد ۾ اڙل جو وهڪرو وٺي سيوهڻ پهچبو هو. چچ نامي ۾ سنڌوءَ جي گھڻن ڇاڙهن جا نالا موجود آهن، جن مان ڪجهه هي آهن: اڙل، دڌا واهه، ڪوتڪهه (ڪوتل)، منهل، جلوالي ۽ ڀرتري (93). هنن سڀني مان رڳو اڙل موجود آهي باقي ٻيون ڇاڙهون سُڪي ويون آهن ۽ هاڻي کين سڃاڻي به ڪونه سگھبو. ڪنهن به جاگرافيدان، منصوره ڀرسان وهندڙ ڇاڙهه کانسواءِ ٻين کي ذڪر ڪرڻ لائق ڪونه سمجھيو آهي. ابن حوقل ان علائقي جي رستي جو ذڪر متان ان ڪري به نه ڪيو هجي، جو اهو اڙل جي ڪناري هوندو هو.