سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو

ڪتاب جو نالو سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو
ليکڪ جنرل هيگ
سنڌيڪار / ترتيب عطا محمد ڀنڀرو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-16-1
قيمت 400    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (790) PDF  E-Pub
انگ اکر

12 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     254129   ڀيرا پڙهيو ويو

باب ڇهون


سنڌ تي مسلمانن جي ٻئي حملي کانپوءِ ڇوڙ وارو علائقو

عباسي خليفن جو اقتدار زوال پذير ٿيندو ويو ته سندن ڌيان رڳو بغداد تائين محدود رهجي ويو. ۽ پئسو پنجڙ درٻار جي ظاهري شان و شوڪت تي خرچ ڪندا هئا. ان جو لازمي نتيجو اهو ته سندن خلافت ۾ شامل ڏوراهان علائقا بغاوت ڪندا، آزاد ٿيندا ويا. اڳين پراڻي سنڌ عربن جي فتح کانپوءِ ٻن ڀاڱن، ملتان ۽ منصوره ۾ ورهائجي وئي. منصوره وارو علائقو گھڻو ڪري سنڌ جي موجوده حدن تي مشتمل هو. اهڙيءَ ريت عباسي خلافت طرفان منصوره جي مقرر ڪيل گورنر به آزاديءَ جو اعلان ڪيو. سنڌ جون اهڙيون حالتون يارهين صديءَ جي شروعاتي ڏهاڪن ۽ محمود غزنوي جي دور تائين هيون. غزنيءَ جي هن حڪمران ۽ سندس پونيئرن هتي جي ڪمزور عرب حڪومتن جو هميشه لاءِ انت آڻي ڇڏيو. ان کانپوءِ سنڌ جي وچولي واري عرب راڄڌاني منصوره، جيڪا سنڌوءَ جي هيٺئين ڀاڱي جي ڪناري سان واقع هئي، سا پنهنجي اهميت وڃائي چڪي هئي ۽ سندس جاءِ بکر اچي والاري هئي. (ڀ-14) سنڌوءَ جي وهڪري مٽائڻ سان اروڙ ڦٽي ويو، ڇاڪاڻ ته پاڻي نه ملڻ ڪارڻ ماڻهو سنڌ جي هن پراڻي راڄڌاني مان لڏي هليا ويا هئا. ٿي سگھي ٿو ته منصوره به ساڳئي سبب ڦٽي ناس ٿي ويو هجي. سنڌ ۾ دلوراءِ سان لاڳاپيل هڪ ڏند ڪٿا به مشهور آهي. سنڌ جي هن بادشاهه جي تاريخي ۽ ڏند ڪٿائي حيثيت حاصل آهي، تنهن ڪري اهڙيءَ روايت تي يقين ڪرڻ ڏکيو لڳي ٿو. ڏهين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاران الور جو نالو ڪونه ٿو ٻڌجي. ان زماني ۾ ئي عرب جاگرافيدان سنڌ آيا هئا. شروعاتي عرب گورنرن جي ڏينهن ۾ پراڻي برهمڻ آباد جو به ذڪر ڪونه ٿو ملي. معلوم ٿئي ٿو ته منصوره جو بنياد اٺين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاران رکيو ويو هو ۽ مذڪوره شهر گھڻووقت قائم رهي ڪونه سگھيو، ياقوت پنهنجي جاگرافي تيرهين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ لکي پوري ڪئي هئي. سندس لکڻ مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته منصوره ڄڻ ته ان زماني ۾ به موجود هئي. ابوالفدا Ebu-L-Fida پنهنجي تصنيف چوڏهين صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ لکي پوري ڪئي. سندس بيان آهي ته مشرق جا، هن نالي وارا ٻيا ٽي شهر به ڦٽي ناس ٿي ويا هئا. جيڪڏهن ٻئي مصنف سچا آهن ته اهو انومان ڪري سگھجي ٿو ته تيرهين صدي جي وچ کان وٺي چوڏهين صديءَ جي شروعات ۾، سنڌوءَ جي وهڪري ۾ هڪ وڏي تبديلي آئي، جنهنڪري منصوره ڦٽي اجاڙ ٿي وئي.

سنڌ جي لاڙ وارو ڀاڱو، عربن جي مرڪز کان گھڻو پري هو، ان جي ڪا خاص اهميت به ڪانه هئي، ان ڪري هن علائقي کي هڪ قسم جي آزادي به حاصل هوندي هئي. هن علائقي ۾ سومرن جو هڪ ڏيهي قبيلو آباد هوندو هو، جنهن يارهين صديءَ ڌاران سنڌ جي لاڙ واري حصي ۾ پنهنجي هڪ آزاد رياست قائم ڪري ورتي هئي (15) ۽ پنهنجي سگھه سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جي اوڀر طرف قائم ڪري ورتي هئي. گھٽ وڌ ٽن صدين تائين سندن حڪومت مذڪوره علائقن جي حدن تائين قائم رهي. سومرا راجپوت ڦري سان لاڳاپو رکن ٿا. سنڌ ۾ رهندڙ سومرن جي وڏي انگ اسلام قبول ڪيو ۽ اسلامي جذبي کان متاثر ٿي، پاڻ کي عربن جي ڪُرَ مان سمجھندا آهن. هن قبيلي ڪهڙي دور ۾ اقتدار حاصل ڪيو، ڪيترو وقت اقتدار ۾ رهيا ۽ ڪڏهن سندن زوال آيو، تنهنجو پتو ڪونه ٿو پوي. سندن معاملي ۾ سنڌ جي تاريخ منجھيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي. سر ايڇ. اليٽ جو هنن بابت بيان آهي ته: ”هندستان جي مسلمانن جي تاريخ ۾ سڀني کان منجھيل سومرن جو دور آهي“. (هسٽورين- جلد- I- ضميمو - ص 483) ان ڪري اسان کي هن منجھيل مسئلي جو ڪٿان به اطمينان جوڳو حل ڪونه مليو آهي، مير معصوم بکري پنهنجي لکيل سنڌ جي تاريخ (هن تاريخ- سنڌ سنه 1600ع ۾ لکي پوري ڪئي هئي) ۾ ٻڌائي ٿو ته: ”سومرن سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي تي سلطان عبدالرشيد ولد محمود غزنوي جي دور ۾ اقتدار حاصل ڪري ورتو هو. هيءُ سلطان سنه 441هه يا 50-1049ع ۾ تخت تي ويٺو ۽ اڍائي سال کن حڪومت ڪئي. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي، ته هو هڪ ڪمزور ۽ آرام پسند حڪمران هو. سندس ڪمزوريءَ سبب وڳوڙي حالتون وڪوڙي ويون هيون ۽ سندس حڪومت جي ڏورانهن علائقن ۾ بغاوتون ٿيون. عام حالتن مان اهو امڪان ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته مير معصوم جو بيان صحيح آهي. هن حقيقت جي پٺڀرائي ڪڇ جي ڏيهي تاريخ مان به ملي ٿي، جنهن کي مان سمجھان ٿو ته هن وقت تائين ڪنهن به اهميت ڪانه ڏني آهي. ڪرنل ٽاڊ، پنهنجي ڪتاب ”ٽريولس ان ويسٽرن انڊيا“ (ص 480) ۾ ڪڇ جي هڪ تاريخ ”غملي“ Ghumli جو ذڪر ڪيو آهي. مذڪوره تاريخ ۾ هي بيان آهي، ته ڄام انڙ سنه 1053ع ۾ تخت تي ويٺو. وڌيڪ اهو به ٻڌائي ٿو ته سمان ان دور ۾ مسلمان ٿيا هئا. هن تاريخ ۾ اسان کي پڻ هڪڙي ڳالهه هيءَ ڏسڻ ۾ ايندي ته هو سمن ۽ سومرن کي، منجھائي ۽ عمر کي انڙ ڪري مامري کي گڏائي وچڙائي ٿو ڇڏي. اسان کي پوري ڄاڻ آهي، ته سما قبيلي جو پهريون حڪمران ڄام انڙ آهي ۽ سمن اقتدار تي قبضو ٻارهين صدي عيسويءَ کان اڳي ڪونه ڪيو هو. تنهن ڪري انومان اهو آهي ته سمن جي قبيلي اسلام ان دور کان اڳ ۾ ڪونه قبوليو هوندو. مونکي هن ڳالهه جي پڪ آهي ته مؤرخ ان حقيقت کي قلمبند ڪيو آهي، جيڪا سنڌ ۽ ڀرپاسي واري ملڪ ۾ مشهور هوندي ۽ اهو سنه سال جنهن ۾ قبيلي جي سردار اوچتو حملو ڪري سنڌ جي اقتدار تي قبضو ڪيو هو. سو به اندازو ڪري لکيو هوندائين. ان مؤرخ جي تصنيف ۾ ڪيترن ٻين جاين تي به غلطيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هي مصنف سنڌ جي هنن ٻنهي مکيه قبيلن جي تاريخ کان پوريءَ ريت باخبر ڪونه هو. محمد يوسف نالي ٻئي مصنف هن سال کي وري ڪنهن ٻئي تاريخي واقعي ڏانهن منسوب ڪيو آهي، جنهن کي اليٽ (جلد- I- ضميمو- ص 485) سومرن جي اقتدار جي شروعات وارو سال ٿو سمجھي. اسان جي هيءَ ئي ثابتي ڪافي آهي ته ان دور ۾ غزنوي سلطنت جي ڪمزوريءَ جو فائدو وٺي، سنڌ جي هن لاڙ واري علائقي ضرور آزاديءَ جو اعلان ڪيو هوندو. سلطان عبدالرشيد جي تخت تي ويهڻ شرط ائين ڪونه ٿيو هوندو، پر هوريان هوريان حالتن جو جائزو ورتو ويو هوندو. ته آزاديءَ جي اعلان ڪرڻ مان ڪو وڏو ڇيهو ته ڪونه رسندو، ان کانپوءِ ائين ڪيو ويو هوندو. سلطان عبدالرشيد 1050ع ڌاري تخت سنڀاليو ۽ سومرن جي بغاوت ان جي تخت تي ويهڻ کان ٻه ٽي سال پوءِ ٿي سگھي ٿي. منهنجو انومان آهي ته سومرن 1053ع ۾ آزاديءَ جو اعلان ڪيو هوندو (ڀ-19). هڪ اندازي مطابق سومرن جي اقتدار ۾ اچڻ جو دور معلوم ٿي ويو. جيڪي تاريخون منهنجي نظر مان گذريون، تن مان سڀني کان وڌيڪ معصوم بکريءَ سومرن ۽ سمن جو ذڪر تفصيل سان ڪيو آهي. جڏهن اسان دهلي سلطنت ۽ سنڌ جي ڏيهي تاريخ جو مطالعو ڪريون ٿا ته سومرن جي شجري ۾ سالن جو وڏو فرق نظر اچي ٿو ۽ ڏسڻ ۾ اهو اچي ٿو ته مير معصوم جي تاريخ به اهڙين غلطين کان وانجھيل ڪونه آهي. مير معصوم سمن جي پهرئين حڪمران جي تخت نشينيءَ بابت مختلف واقعن جو ذڪر ضرور ڪيو آهي. پر ڪابه تاريخ ڪانه ڏني اٿائين. مگر خوش قسمتيءَ جي ڳالهه آهي جو هڪ ڌاريو ماڻهو هرڪيولس جي ٿنڀن واري ملڪ (مراقش) مان هلي ان دور ۾ سنڌ پهتو، (ڀ- 20) جڏهن انهن واقعن جو سلسلو اڃا جاري هيو ۽ انهن واقعن جو ان مؤرخ به ذڪر ڪيو آهي. هن جي تاريخي بيانن مان اسان کي معلوم ٿيندو ته هن مصنف مير معصوم کان وڌيڪ تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي ۽ اسان سندس ئي ڏنل سال مان سومرن جي اقتدار جي خاتمي جي دور بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگھون ٿا. سما خاندان جي سياسي سگهه حاصل ڪرڻ جو دور به اهو ساڳيو سمجھڻ گھرجي. مذڪوره مصنف سمن جي اقتدار جو سال 1333ع (94) ڏنو آهي. اهڙيءَ ريت سومرا خاندان جي سنڌ تي حڪومت ٻه سو اسي سال کن رهي. هن گھراڻي جي حڪمرانن جي نالي جي باري ۾ مؤرخن ۾ اختلاف راءِ موجود آهي، پر هيءَ ڪا اهم ڳالهه ڪانه آهي. حقيقت ۾ اصل مسئلو اهو آهي، ته هن گھراڻي جي حڪومت هلي ڪيترو وقت اهي؟ مرهيات مسٽر اي. ٿامس Mr. E. Thomas پنهنجي راءِ جو اظهار هن ريت ڪيو آهي، ته هندستان جي هر حڪمران جي بادشاهيءَ کي سراسري طور سترهن سال (95) سمجھڻ گھرجي. جيڪڏهن اسان سومرن جي دور کي هن اصول جي ڪسوٽيءَ سان پرکي ڏسنداسون ته سندن سورنهن يا سترهن بادشاهه وڃي بيهندا. مير معصوم سومرن بادشاهن جو انگ ٻارهن ٻڌائي ٿو. سندس ڏنل انگ موجب هر بادشاهه جي حڪمرانيءَ جو سراسري دور وڃي ٽيويهه سال بيهندو. هتي اسان کي مير معصوم غلط ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ٻئي پاسي تحفة الڪرام هتان جي ڏيهي ماڻهوءَ جي لکيل تاريخ آهي، جيڪا هن ارڙهين صديءَ ۾ لکي پوري ڪئي هئي. هيءَ مؤرخ به سومرن بادشاهن جو تعداد ٻڌائيندي غلطي ڪري ٿو ۽ انگ سترهن ٻڌائي ٿو. ان سان گڏ هر هڪ بادشاهه جي حڪمرانيءَ جي دور جو وچور ڏيندي، سومرن جي بادشاهيءَ جو ڪل دور ٽي سو ستر سال لکي ٿو. اهڙيءَ ريت هر بادشاهه جي حڪمرانيءَ جو سراسري دور وڃي ٻاويهه سال ٿئي ٿو.

سومرن سلطانن جي راڄڌانيءَ جو پهريون شهر ”ٺري“ Thari هو. لاڙ ۾ هن کانسواءِ ٻيو ماڳ به آهي، جنهن جو نالو ٺري آهي. پر جنهن ٺريءَ ۾ سومرن جي راڄڌاني هئي، سا اُلهندي پراڻ جي ساڄي ڪناري آباد هئي. هن تاريخي شهر جا ٿرڙ، محبت ديري کان ساڍا ڇهه ميل اوڀر- ڏکڻ اڄ به ڏسي سگھجن ٿا. انڊيا آفيس ۾ موجود تاريخ معصوميءَ جي نسخي ۽ سنڌي روايتن موجب ”ٺري شهر درياهه جي ڪناري سان واقع هو“ ۽ اسان کي اهو پراڻ درياهه سمجھڻ گھرجي. هن حقيقت مان هڪ ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي، ته سومرن جي شروعاتي دور ۾ سنڌوءَ جي هيءَ ڇاڙهه اڃا وهي رهي هئي. ان کانپوءِ سومرن ٺريءَ کي ڇڏي اچي طور Tur وسايو ۽ ان شهر کي پنهنجي راڄڌاني بڻايو. سومرن جي هيءَ راڄڌاني مٽائڻ جا سبب معلوم ٿي ڪونه سگھيا آهن، پر امڪان آهي ته ان زماني ۾ پراڻ سڪي ويو هجي، جنهن جي نتيجي ۾ سومرن کي پنهنجا پراڻا ڪک ڇڏڻا پيا هجن. طُور شهر جا ٿرڙ ٺٽي کان اٺاويهه ميل اوڀر ۽ شاهه ڪپور (96) ڳوٺ جي ڀرسان موجود آهن. تاريخ طاهري جو مصنف ڏيهي ماڻهو آهي، سو تعجب کائيندي چوي ٿو ته: ”مان اڪيلي نه پر ٻين به الائي ڪيترن ماڻهن هي ٿرڙ ڏٺا آهن. سچي ڳالهه به اها آهي، ته ساري سنڌ ۾ سومرن جي هن ٻيءَ راڄڌانيءَ جھڙو ٻيو سهڻو ۽ شاندار شهر ڪونه هو، جيڪو گنگري جي ڏاکڻي ڪنڌيءَ سان آباد هو. هن وهڪري جي مٿئين پاسي جا نشان معلوم ڪري ڪونه ٿا سگھجن، پر سندس وهڪري جي رخ مان سهي ڪري سگھجي ٿو ته اهو ”ريڻ“ ڦاٽ مان ڇڄي ڌار ٿيندو هو. تحفة الڪرام جو بيان آهي، ته طور جو شهر علاؤالدين خلجي حملو ڪري تباهه ڪري ڇڏيو هو. اها وسهڻ جوڳي حقيقت آهي. مذڪوره واقعو تيرهينءَ صديءَ جي پڇاڙي يا چوڏهين صديءَ جي اڳياڙيءَ سان واسطو رکي ٿو. سنڌ جي آزادي دهليءَ واسطي ڪُک جو ڪانُ معلوم ٿي رهي هئي. علاؤالدين سرڪش سومرن کي سيکت ڏيڻ واسطي مٿن حملو ضرور ڪيو هوندو. ٿورو وقت پوءِ ڪڇ ۽ لاڙ جي سَمن گڏجي سومرن کان ائين اقتدار کسي ورتو، جينءَ هنن ڪجهه صديون اڳ پنهنجي پيش روئن کان ڦري ورتو هو. تاريخي واقعن مطابق سمن کي سنڌ جو راڄ سنه 1333ع ۾ مليو.

معلوم ٿئي ٿو ته سومرن جي حڪومت، سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي ۽ ان جي اوڀر پاسي تائين محدود هئي. (16) ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگھجي ٿو ته سندن حڪومت جي اولاهين سرحد، سنڌوءَ جي موجوده وهڪري ۽ ڇوڙ واري علائقي تي مشتمل هئي.

سمن بادشاهن پنهنجي حڪومت کي سومرن وارين سرحدن کان گھڻو اڳتي وڌايو. هنن پهريون ڪم اهو ڪيو، جو پنهنجيءَ راڄڌاني کي تبديل ڪيائون. سمن جو نئون گادي وارو هنڌ سومرن جي راڄڌانيءَ کان پندرهن ميل پري ان ماڳ کي بنايو ويو، جتان هڪ جابلو سلسلو ڏکڻ طرف ڪلري ۽ بگھياڙ ڦاٽ ڏانهن هلندو ٿو وڃي. سمن جي نئين راڄڌاني جو نالو ساموئي هو. ان وقت يا ان کان ٿورو پوءِ تغلق آباد نالي هڪ قلعو، جنهن کي هاڻي ڪلاڪوٽ Kala Kot سڏيندا آهن، تعمير ڪيو ويو. مذڪوره قلعو ساموئيءَ کان ڇهه ميل ڏکڻ طرف ساڳئي جابلو سلسلي تي اڏيو ويو، جنهن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي. پتو نه آهي ته اهو قلعو نئون اڏيو ويو هو يا سومرن کان فتح ڪيو ويو هو. تحفة الڪرام جو مصنف اسان کي ٻڌائي ٿو ته: ”علاؤالدين خلجيءَ طور تي حملو ڪري ان کي ناس ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ جڏهن سمن سومرن (17) کان سنڌ جي حڪومت جي واڳ ورتي، ته هنن راجا ڪالا جي نالي پٺيان ٻڌايل قلعي ڪالاڪوٽ (18) کي سمن جي بادشاهه تغلق جي نالي پٺيان تغلق آباد نالو ڏئي، اتي پنهنجي راڄڌاني قائم ڪئي. هي اسان کي وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته: ”ساموئي ۽ تغلق آباد جي اڏجڻ کانپوءِ وڌيڪ جڳهه ڪانه رهي، تنهنڪري (19) ٺٽي شهر جو بنياد رکيو ويو ۽ ان کي ئي سنڌ جي راڄڌاني بڻايو ويو. (97) هتان جا ڏيهي مؤرخ ٺٽي جو ذڪر ائين ڪندا آهن، ڄڻ ته اهو شهر، بنياد رکجڻ کان اڳئي موجود هو ۽ هن کي ان نالي پٺيان سڏيندا آهن، جنهن نالي سان ڪنهن زماني ۾ ساري لاڙ واري علائقي کي سڏيو ويندو هو.

حقيقتن کان اڻ ڄاڻائي سبب اسان کي پتو ڪونه ٿو پوي ته سمن واري راڄڌاني جو بنياد ڪهڙي دور ۾ پيو هو.  ان لاءِ اهو بهتر ٿيندو ته اسان هن بابت ٻين تاريخن مان به ميڙا چُونڊي ڪري ڪي شاهديون ۽ ثابتيون هٿ ڪريون. سنه 1334ع ۾ ابن بطوطه لاهري بندر ڏانهن ويندي ضرور ساموئي ۽ ٺٽي وٽان مَٽيو هوندو، پر هو ٻنهي ماڳن جو ذڪر ڪونه ٿو ڪري. اهي ٻئي شهر ان وقت ضرور موجود هوندا، پر ايڏا مشهور ڪونه هئا، جو ڪنهن سيلانيءَ جو ڌيان ڇڪائي سگھن. پر هڪڙي ٻي ڳالهه به آهي، جنهن لاءِ اسان کي ضرور سوچڻ گھرجي ته ابن بطوطه سنڌ ۾ فقط انهن شهرن جو ذڪر ڪيو آهي، جن ۾ ٿورو يا گھڻو وقت ترسيو آهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي، جو سندس ڪتاب ۾ سنڌ جي فقط چئن شهرن جو ذڪر ملي ٿو. جيتريقدر مون کي ڄاڻ آهي ته هندستان جي تاريخ ۾ 1347ع کان اڳ اسان کي ٺٽي جو ذڪر ڪونه ٿو ملي. (ڀ 22) برنيءَ جي تاريخ فيروز شاهيءَ ۾ پهريون ڀيرو ٺٽي جو ذڪر، گجرات ۾ طغي موچيءَ جي بغاوت دوران ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گھرجي ته تاريخ جو مصنف ان ئي دور سان واسطو رکي ٿو ۽ پاڻ محمد شاهه تغلق سان گڏجي سنڌ آيو هو ۽ ان جنگي مهم دوران اچي ٺٽي ڀرسان پهتو هو. سلطان محمد تغلق هليو ته طغي موچيءَ کي مارڻ لاءِ هو، پر قدرت جا عجيب رنگ ڏسو، جو طغي بدران مري پاڻ ويو. ڏيهي مؤرخ محمد تغلق جي حملي، ٺٽي جي بنياد پوڻ ۽ سمن جو اقتدار، هڪ ئي دور ۾ سمجھن ٿا. جيڪڏهن ساموئي شهر جي مرمت لاءِ ٿورو عرصو ڪٽيو وڃي، ته سمن جي راڄڌاني جي اڏجڻ جو سال 1340ع ۽ 42-741هه وڃي بيهندو. اهو خيال ته ٺٽو ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي دور ۾ اڏيو ويو هو، سو تاريخي طور تي غلط آهي. هي سلطان 866هه يا 62-1461ع ۾ گاديءَ تي ويٺو، تنهنڪري اهو تاريخي حقيقتن جي خلاف آهي.

ان زماني ۾ ڇوڙ جي الهندي ڀاڱي جي صورتحال هن ريت هوندي ته ڪلري ڦاٽ وارو وهڪرو دائمي هوندو، نه ته ان جي ڪناري تي آباد شهر کي ڪڏهن به راڄڌاني ڪونه بڻائن ها. اڳتي اسان ڏسنداسون ته ٻه صديون اڳ درياهه جي پاڻيءَ جو وڏو حصو هن وهڪري مان گذرندو هو. ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته جڏهن ٺٽي جو بنياد رکيو پئي ويو، ته ان زماني ۾ هيءُ سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو هو. هن وهڪري جي پراڻي پيٽ مان (جيڪو اڃا به ڀر پاسي ڏسي سگھجي ٿو) معلوم ائين ٿئي ٿو ته مذڪوره وهڪرو ٺٽي کان اٺن کان ٻارنهن ميل اتر اوڀر طرف سنڌوءَ کان ڇڄي ڌار ٿيندو هو، جتان بگھياڙ يا ديول وارو ڦاٽ ڏکڻ- اولهه طرف ويندو هو. ان جي ساڄي ڪناري سان سنڌ جي نئين راڄڌاني هئي ۽ موجوده دور وارو پيٽ ئي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، جنهن ٿرڙ ۽ ٿاڪ کي مان ديبل سمجھي رهيو آهيان، ان کان ٿورو اوڀر طرف، هن وهڪري سان ڪلرِيءَ جو پاڻي اچي ملندو هو. اهڙيءَ ريت ٺٽي جو بيضوي شڪل وارو علائقو ملڪ جي ٻيءَ ايراضيءَ کان ڇڄي ڌار ٿي ويندو. هن دور ۾ ديول ختم ٿي چڪو هو. ابن بطوطه جي احوالن مان اسان کي پتو پوي ٿو ته ان زماني ۾ ڇوڙ جي علائقي جو بندر لاهري هو، جيڪو بگھياڙ جي پڇڙي راهو Raho ڦاٽ جي ڪنڌيءَ سان آباد هو. البيروني اسان کي ٻڌائي ٿو ته يارهين صديءَ جي شروعات ۾ هيءُ بندر موجود هو، پر ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ڌاران راهو Raho ڦاٽ ۾ لٽ ويهي ويو، ان ڪري سمنڊ جا جهاز اوڏانهن وڃي ڪونه سگھندا هئا. اهو ئي سندس ڦٽڻ جو سبب هو. هن بندر کي لاهري Lahari ۽ لاهوري Lahori به سڏيو ويندو هو. ٻئي نالا ذري گھٽ هڪ جھڙا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. سمجھڻ ۾ ائين اچي ٿو ته ڄڻ هڪ لفظ ٻئي جو بگاڙ آهي. پر حقيقت ائين ڪانه آهي. البيروني هن کي لوهاراڻي سڏي ٿو، جنهن جو اچار ذري گھٽ ”لاهريءَ“ (20) جھڙو آهي. پنجاب جي پراڻي راڄڌاني جو نالو لوهاوار (Lohawar) هو، جنهن جي فقط البيروني کي خبر هئي. لوهاوارني يا لوهاراني جو هڪ عام ۽ مشهور نالو هو، سو هن معاملي ڏانهن به اشارو آهي، ته هن بندر جو پنجاب جي راڄڌانيءَ سان لاڳاپو هو. وقت گذرڻ کانپوءِ جيئن لوها وار لاهور ٿي ويو، تيئن بندر جو نالو به لوهاراني مان لاهوري ٿي ويو، يا ائين کڻي سمجھجي ته لاهري سنڌ ۽ پنجاب جو گڏيل بندر هو (ڀ-22) اها به هڪ حقيقت آهي ته سنڌو ۽ ان جون ڀرتي ڪندڙ شاخون، قدرت طرفان انسان ذات کي عطا ٿيل، تجارتي رستن جي شڪل ۾ نعمتون هيون ۽ هنن وسيلي ڄڻ ڏيساوري واپار هلندو رهندو هو. هن رستي کي تجارتي نقطهء نگاهه کان اهميت فقط ٽي صديون اڳ ملي. اها حقيقت اسان کي ٻن انگريزن رچرڊ اسٽيل Richard Steele ۽ جان ڪروٿر John Crowther جي سفرنامي مان ملي آهي، جيڪي سنه 1614ع ۾، اجمير کان اصفهان ويندي هتان گذريا هئا. انهن لکيو آهي ته: ”لاهور، هندستان جي قديم واپاري ۽ سٺن شهرن مان هڪ آهي. هن شهر جو پورچوگال سان سٺو واپار هلي ٿو. جڏهن امن امان هوندو آهي ته سڄي هندستان جو واپار هن شهر سان ٿئي ٿو. پورچوگيز هتان مال جو واپار ڪري درياهه رستي ٺٽي نِيندا آهن، ۽ اتان پوءِ هرمز ۽ ايران ڏانهن موڪليندا آهن، جيڪي واپاري ايران ۽ هندستان جي وچ ۾ پاڻ واپار ڪندا آهن، سي هنن کي مال جو ڀاڙو ڏيندا آهن. اهي واپاري ڪارن مرچن ۽ ٻين گرم مصالحن جو واپار هن درياهه رستي ڪن ٿا. مذڪوره مصالحه هندستان جي ڪن علائقن ۾ تمام گھڻا ٿيندا آهن. (98) اهڙيءَ ريت اسان کي هڪ جديد ذريعي معرفت، ڪنهن شڪ شبهي کان پاڪ لاهوري يا لوهاراني ماڳ جو صحيح ۽ اصل نالو مليو آهي. سنڌ کان ٻاهر اتر هندستان ۾ به اهو نالو مشهور هوندو هو. هن ماڳ جو اصلي نالو لاهري Lahari هو. ان بندر ۽ ڇوڙ واري علائقي ۾ لاهر Lahar نالي هڪ قبيلو هو. ڌنڌي جي نقطهء نگاهه کان ٻيڙائت هئا ۽ سمونڊ ۾ ٻيڙا هاڪاريندا هئا. جڏهن حڪومت ڪمزور هوندي هئي ته سامونڊي ڪناري سان ڌاڙا به هڻندا هئا. جڏهن ڪا سگھاري حڪومت ايندي هئي ته ماٺ ٿي ويندا هئا. جن انگريزن پهريائين سنڌ ڏٺي هئي، تن هن شهر ۽ بندر کي ديول جو شهر “The City of Diul” سڏيو آهي. هنن پورچوگيزن کان ديول Dewal ۽ لاڙي بندر Larry bundar جا نالا ٻُڌا هئا، سندن دماغ تي اهو اثر ويٺل هو. هتي به اسان کي بندر جي اصلي نالي جي جھلڪ ملي ٿي، جيڪا اسان Larry bundar جي نالي ۾ محسوس ڪريون ٿا.

سومرن جيان سما به سنڌ ۾ جام آهن ۽ گھڻو ڪري مسلمان آهن. اهي اصل ۾ هندو راجپوت هئا. اقتدار جي ايوانن تائين پهچڻ کان اڳ سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ ڪن صدين کان آباد هئا. اتر ۾ رهندڙ سمن جو ذڪر اسان کي چچ نامي ۾ به ملي ٿو، جيڪي راءِ چچ جي زماني ۾ ستينءَ صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ ڪنڊياري پرڳڻي ۾ رهندا هئا ۽ اڃا تائين اُتي رهندا اچن. جن سمن جو اسان ذڪر ڪري رهيا آهيون، تن جو واسطو ڪڇ سان هو. بعد ۾ هو ڇوڙ واري علائقي کي والاري ويٺا. اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ، سندن تاريخ سومرن جي تاريخ کان دلچسپ آهي. شروعاتي دور ۾ هو سنڌ ۾ سومرا شاهيءَ جا دوست ۽ ساٿي هئا. اقتدار ۾ اچڻ کان ٿورو اڳ، ساڻن مهاڏو اٽڪايائون ۽ ويڙهاند ۾ وڏي بهادري ڏيکاريائون. آخر ۾ سندن سوڀ ٿي. ٻي دلچسپ ڳالهه اها آهي، ته هن قبيلي جي بي شمار ماڻهن هڪ ئي وقت اسلام قبول ڪيو، تنهن حقيقت جو پتو ڪنهن کي به ڪونه آهي، پر سمجھه ۾ اچي ٿو ته کين اثر اوچتو ٿيو ۽ بنا ڪنهن دير جي مسلمان ٿي ويا. تاريخن ۾ سومرن سردارن جا نالا هندن جھڙا آهن. سمن جي پهرئين بادشاهه يا ڄام جو نالو انڙ هو ۽ سندس پيءُ جو نالو بابوني Babuni هو، (ڀ-23) جيڪي ظاهر ۾ هندو لڳن ٿا، پر ابن بطوطه اسان کي ٻڌائي ٿو ته اهي مسلمان هئا. معلوم ائين ٿئي ٿو ته ڄڻ اهي تازو مسلمان ٿيا هئا. هن گھراڻي جي ٽئين سلطان تماچيءَ جي پٽ کي، جڏهن هو اڃا ٻار هو، يرغمال ڪري دهلي وٺي ويا هئا. وڏي عرصي کانپوءِ جڏهن کيس آجو ڪيو ويو ته خيرالدين جي مسلمانڪي نالي سان سنڌ پهتو. دهليءَ وارن کي اهو محسوس ٿيو ته سنڌ ۾ هندو مسلمان ٿيڻ شروع ٿيا آهن، (21) پر پوءِ به اصلوڪا هندو نالا رکندا اچن ٿا. هندستان جي راڄڌانيءَ ۾ هن ڳالهه کي برداشت نه ڪيو ويو هو ۽ سمجھيائون پئي ته اهو ڪم صحيح نه آهي. ڄام خيرالدين جا ٻه پٽ، (ڀ-24) جيڪي کانئس پوءِ هڪ ٻئي پٺيان تخت تي ويٺا، تن تي به هندو نالا، بابوني Babuni ۽ تماچي رکيل هئا. (ڀ-25) ان کان پوءِ هي گھراڻو ڪٽر مسلمان ٿي ويو.

ڄام خيرالدين (22) دهليءَ کان واپس ٿيو ته سندس دهليءَ بابت خيال نيڪ ۽ ٺيڪ هئا، ڇاڪاڻ ته اتان جي حڪمران کيس آجپو ۽ سنڌ جي حڪمراني واري ڏني هئي. ان زماني ۾ گجرات ۾ بغاوت ٿي هئي، (ڀ-26) جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. (ڀ-27) ڄام خيرالدين سلطان جي نافرماني ڪري موچي باغي طغيءَ کي پاڻ وٽ پناهه ڏني. سلطان ان باغيءَ جو پيڇو ڪندي اچي ٺٽي جي حدن ۾ پهتو، جتي هن وفات ڪئي. هن کانپوءِ سندس ڀائٽيو سلطان فيروز شاهه تخت تي ويٺو. دهليءَ جي فوج ڏاڍي مايوس هئي. سلطان جي چاچي سلطان محمد تغلق جي اتحادي نسلن سندس لشڪر ۾ ڦرلٽ جي ڌوم مچائي ڏني. هن سنڌ خلاف جنگي مهم تان هٿ کڻي، اتر طرف پوئتي هٽڻ شروع ڪيو. هي حال ڏسي ڄام خيرالدين دهلي لشڪر جي پٺيان حملو ڪيو ۽ سن ڳوٺ تائين کين ڪُٽيندو ويو، (ڀ-28) جيڪو ٺٽي کان هڪ سو ميل جي فاصلي تي آهي. جنگي مهم جي سخت ناڪاميءَ ۽ ڄام خيرالدين جي توهين آميز سلوڪ سلطان فيروز (23) جي دل کي گھڻو رنجائي وڌو هو. اٺن سالن کانپوءِ انتقام وٺڻ جي نيت سان هن سنڌ جي سمي سلطان مٿان حملو ڪيو. هن حملي ۾ به سلطان فيروز شڪست کاڌي. گجرات ڏانهن ويندي پاڻ ۽ سندس لشڪر ساڙيندڙ ڪڇ جي رڻ مان گذرندي ذري گھٽ تباهه ٿي ويو هو، ڇاڪاڻ ته اتي پاڻيءَ جو ڦڙو به ڪونه هو. پر سندس ڀاڳ ڀلا هئا، جو هو بچي ويا.

شمس سراج عفيف جي تاريخ فيروز شاهيءَ مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته سلطان فيروز شاهه واري ٻي جنگي مهم (62-1361ع) تائين سنڌ ۾ اسلام گھڻي ترقي ڪري چڪو هو. ان وقت تائين سما گھراڻي کي اقتدار ۾ آئي ٽيهه سال مس گذريا هئا. ان تاريخ مان اسان کي هيءَ حقيقت به معلوم ٿئي ٿي ته شاهي لشڪر ڇوڙ جي اوڀارئين علائقي مان چار هزار ڳوٺاڻا پڪڙي قيد ڪري ورتا هئا، جيڪي سڀئي مسلمان هئا. سلطان پنهنجي لشڪر کي حڪم ڪيو ته انهن سنڌين کي جنگي باندي نه سمجھيو وڃي ۽ ساڻن ٻاجھارو سلوڪ روا رکيو وڃي. (اليٽ جلد III- ص  230-231). هن حقيقت مان اهو پتو پوي ٿو ته سنڌوءَ جي ڇوڙ وارو علائقو گھڻو آباد هو ۽ سمن سلطانن وٽ پيداواري ذريعا تمام گھڻا هئا. ساڳي تاريخ مان اسان کي اها به معلومات ملي ٿي ته سنڌوءَ جي اڀرنديءَ ڪٺار سان اڪيچار ڳوٺ هئا. ان سان گڏ اهو به ٻڌايو وڃي ٿو ته شاهي لشڪر ڪيترن مهينن تائين اتي وانڍ هنيو ويٺو رهيو ۽ کين کاڌي خوراڪ جو ڪوبه مسئلو درپيش ڪونه هو. مذڪوره تاريخ اسان کي اهو به ٻڌائي ٿي ته سمن جو لشڪر ويهن هزارن گھوڙيسوارن ۽ چاليهه هزار (99) پيادن تي مشتمل هو. مؤرخ اهي حقيقتون ان ڪري وڌائي پيش ڪيون آهن، ته جيئن سلطان فيروز شاهه جي شڪست جو جواز نڪري ۽ شرم ۽ ڀرم کي لڪائي سگھي. ۽ ٻيو انهيءَ ڪري به، ته فتح جي حالت ۾ سندس عظمت جو احساس به ٿئي. هڪ اهم سوال اهو به آهي ته جنهن طريقي سان سمن جي فوج، دهليءَ جي حملي آور لشڪر جي مڙسيءَ سان مزاحمت ڪئي، تنهن مان سمجھه ۾ ائين اچي ٿو ته سنڌي لشڪر جھجھو هو. هو ايڏا بهادر ۽ حوصله مند هئا، جو کين شڪست ڏيڻ ڄڻ ممڪن ئي ڪونه هو. توڙي جو دهليءَ جي فوج بيشمار ۽ پوري ريت هٿيار بند هئي. پر انهن کي اها جرئت ۽ همت ئي ڪانه هئي، جو سنڌو پار ڪري ٺٽي تي حملو ڪري سگھن. شمس سراج عفيف شاهي دربار جو مؤرخ هو. هن جو ڪم فيروز شاهه جي ساراهه ڪرڻ هو، پر کانئس سچ به لکجي ويو آهي. سندس بيان آهي ته: ”گھڻي جاچ پرک ۽ جاکوڙ کان پوءِ پتو پيو ته شاهي فوججو درياهه پار ڪرڻ ممڪن ئي ڪونه هو.“ هو وڌيڪ بيان ڪري ٿو، جيڪو اعتبار جوڳو ڪونه آهي، ”سلطان فيروز پنهنجي لشڪر جو وڏو حصو مٿي موڪليو جنهن بکر کان سنڌو اڪري، ساڄو ڪنارو وٺي، هيٺ اچي ٺٽي تي حملو ڪيو. ٺٽي کان ٻاهران سنڌين سان سندن مقابلو ٿيو، جنهن ۾ دهليءَ جي لشڪر کي شڪست آئي. مؤرخ ان شڪست کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي، جنهنڪري کل به اچي ٿي. پر سندس قلم مان سچ به نڪري نروار ٿي بيهي ٿو. هو جنگ جي صورت حال لکندي بيان ڪري ٿو ته: ”سلطان فيروز نهايت خبردار ماڻهو هو. ٺٽي جو قلعو (درياهه جي کاٻي ڪناري هنيل فوجي ڪئمپ وٽان) اکين جي آڏو هو. اتان درياهه گھڻو ويڪرو هو. ٻئي ڪناري سان جنگي ميدان چٽيءَ ريت نظر ڪونه ٿي آيو، تنهنڪري اهو پتو پئجي ڪونه ٿي سگھيو ته جنگ ڪيئن هلي رهي هئي. سلطان فيروز جون اکيون غيبي امداد لاءِ مٿي خدا طرف کڄيو ٿي ويون. هو سنڌوءَ درياهه جي ڪناري تي بيهي واجھائي رهيو، ته جنگ جو نتيجو الائي ڇا ٿيندو. مٿان کيس الهام ٿيو ۽ هڪ اعتماد جوڳو ماڻهو ٻيڙيءَ تي چاڙهي روانو ڪيائين ۽ کيس هدايت ڪيائين ته لشڪر کي جنگ ڪرڻ کان روڪي ۽ وٽس وٺي اچي. ڇاڪاڻ ته ٻنهي طرفن کان مسلمان وڙهي رهيا هئا. جيڪڏهن جنگ گھڻو وقت جاري رهي، ته ٻنهي طرفن کان الائي ڪيترا بي گناهه مسلمان ڪسي ويندا. (ڀ-29) ان ماڻهوءَ هدايتن موجب عمل ڪيو ۽ عماد الملڪ ۽ ظفر خان کي وڃي شاهي پيغام ڏنو. دهليءَ جو لشڪر جھڙي نموني بکر کان ڦري ٺٽي پهتو هو، تهڙي ريت وري به هڪ سو ويهه ڪوهه مٿي وڃي بکر کان ڦري سلطان فيروز وٽ ٺٽي پهتو. ان کانپوءِ سلطان عماد الملڪ کي چيو ته: ”ٺٽي جا اهي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو بچي آخر ويندا ڪيڏانهن، ڀلي پوءِ نانگن جيان وڃي ڏرڙن ۾ لڪن. ٺٽي کي فتح ڪرڻ تائين منهنجو لشڪر هتي رهندو. اسان کي هتي وڏو شهر تعمير ڪرڻو پوندو“ (اليٽ III- 231-232). مون کي شڪ آهي ته سمن هٿان دهليءَ جي فوج جي شڪست کانپوءِ جيڪي لفظ سلطان فيروز جي واتان نڪتا آهن، سي سندس پنهنجا نه، پر جڙتو آهن ۽ مؤرخ پاڻ گھڙي ورتا آهن. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته دهليءَ جي شاهي فوج سمن جي سنڌي فوج هٿان لاڳيتا ٽي ڀيرا (24) شڪست کاڌي آهي. ان لاءِ ضروري ٿي پيو هو ته هُو، دهليءَ مان وري ڪا تازي فوج گھرائي وٺي. ان وقت تائين شڪست جي گلا جو گانگھو پائي وڌيڪ لشڪر پهچڻ جي اوسيڙيءَ ۾ لاڙ ۾ ماٺ ڪري ويهي رهيو. ان وقت سلطان فيروز جي ڀاڳن به ڀيڙو ڏنو، ٺٽي ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا. (ڀ-31) ڇوڙ جي اوڀارئين حصي ۾ کاڌي خوراڪ جي ڪمي ڪانه هئي، پر درياهه جي الهندي ڪناري وارو علائقو تباهه ٿي ويو هو. ڏڪر ۽ اختلافن سلطان فيروز جي سوڀ لاءِ ڄڻ گس کولي وڌو هو، توڙي جو اڳ سندس سڀ جاکوڙون سجايون ڪونه ٿيون هيون. جڏهن سنڌ جي سمي سلطان، دهلي جي سلطان فيروز آڏو آڻ مڃي (ڀ-32) ته هو خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ ڪونه ٿي ماپيو. ڄام خيرالدين کي پاڻ سان گڏ دهلي وٺي ويو. ان جاءِ تي سندس ڀاءُ دهليءَ جي سلطان جي ڏن ڀرو جي حيثيت سان حڪومت هلائڻ لڳو.

سلطان فيروز شاهه جي زماني ۾ دهليءَ ۾ ڪجهه وڳوڙي وايو منڊل پيدا ٿي پيو هو. ان کانپوءِ سندس جاءِ نشين جي حڪومت دوران به دهليءَ جون سياسي حالتون ٺيڪ نه رهيون. مٿان وري 1398ع ۾ تيمور لنگ دهلي تي حملو ڪيو. ان ڪري سمن کي دهليءَ کان آزاد رهڻ جو وجھه ملي ويو. هو سگھارا ۽ سياسي طور باشعور هئا. هنن سنڌ جي آزاديءَ جو ڀرپور فائدو ورتو. هن معاملي ۾ سما، سومرن کان وڌيڪ ڏاها هئا. تاريخ طاهريءَ جو مصنف لکي ٿو ته: ساموئي ۽ تغلق آباد سميت ٻيا ڪيترائي شهر جيڪي اڄ به آباد آهن ۽ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهيا آهن، سي به سمن تعمير ڪرايا. اڳي جيڪي زمينون غير آباد پيون هيون، هنن جتن ڪري انهن کي به آباد ڪرايو. هاڻي گرانٺ جيتري زمين به غير آباد ڪانه ٿي ڏسجي. هنن ٺٽي کي صوبن ۽ پرڳڻن ۾ ورهايو، انهيءَ مقصد سان ته جيئن ملڪ جو انتظام سهڻي نموني سان هلائي سگھجي. سندن ٺاهيل اها انتظامي جوڙجڪ اڃا تائين بحال آهي (اليٽ – I- ص 272).

سمن سلطانن هوريان هوريان ڪري سڄيءَ سنڌ تي پنهنجي حڪومت قائم ڪري ورتي هئي. هيءُ گھراڻو ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي ڏينهن ۾ پوري اوج تي پهتو. هي بادشاهه سمي گھراڻي جي آخري حڪمران کان ٻئي نمبر تي هو. مير معصوم مطابق هي سمو سلطان 25 ربيع الاول 866هه/3 ڊسمبر 1461ع تي تخت تي ويٺو ۽ پورا 48 سال حڪومت ڪيائين. مير معصوم سندس پيءُ جو نالو ڄام بابوني ٻڌائي ٿو (ڀ- 33). اهو، هن گھراڻي جو ڏاڏاڻو نالو آهي. پهرئين بادشاهه جي پيءُ ۽ پنجين بادشاهه جو نالو به اهو ساڳيو هو. هتي اسان کي هڪ عجيب ڳالهه نظر اچي ٿي، ته توڙي جو سمن کي مسلمان ٿئي ڪو زمانو گذري ويو هو، پر پوءِ به هندڪا نالا رکندا ٿي آيا. هي اهو زمانو هو، جڏهن سندن نئين ٽهي وارا اهڙن نالن رکڻ کان لهرائيندا هئا (ڀ- 34). ڄام نظام الدين جي مقبري تي هڪ لکت موجود آهي، جنهن ۾ سندس پيءُ جو نالو صدرالدين ڏيکاريو ويو آهي. (25) گھڻو ڪري ته اهو اسلامي نالو سندس پيءُ جي اصلي نالي جو عرف آهي، جيڪو پٽ جي مقبري تي لکڻ لائق سمجھي تحرير ڪيو ويو آهي. مذڪوره لکت ۾ ڄام نندي جي وفات جي تاريخ ڏنل ڪانه آهي، پر مقبري جي بنياد رکڻ جي تاريخ ڏني وئي آهي، جيڪا 915هه/1509ع آهي.ا مڪان ان ڳالهه جو آهي ته سندس وفات 914هه ۾ ٿي هوندي. مير معصوم (26) جو بيان آهي ته ڄام نندو 866هه ۾ تخت تي ويٺو ۽ سندس حڪومت اٺيتاليهه سال هلي. منهنجي خيال ۾ سندس اهو بيان صحيح آهي (100).

هن سلطان جي حڪومت سنڌ جو هڪ سونهري دور هو. سمن ۽ سومرن بادشاهن مان فقط هن سمي سلطان جي نالي کي سنڌي اڃا تائين گھڻو ياد ڪندا آهن. اها ئي ثابتي آهي ته هو سڀني حڪمرانن مان هڪ بي مثال بادشاهه هو. هنن وصفن وارا حڪمران مشرق ۾ ورلي ٿيندا آهن، جيڪي ٻين ۾ سٺائيءَ جو احساس پيدا ڪندا آهن ۽ جتي ضرورت هوندي آهي ته پنهنجي نيڪ نامي سان ماڻهن جو اعتماد بحال ڪرائي وٺندا آهن. سندس وزير جو نالو دريا خان هو. هن شخص سندس خدمت ڏاڍي ڏاهپ ۽ نمڪ حلاليءَ سان ڪئي. دريا خان جي انتظامي صلاحيتن سبب ڄام نندي جي هنڌين ماڳين ڌاڪ ڄمي وئي هئي. بکر کان وٺي سمونڊ تائين سڀئي سنڌي سمي سلطان جا فرمانبردار هئا. دهليءَ جي حڪمرانن کي پنهنجا ڏچا هئا، تنهنڪري هن ڏوراهين ملڪ ڏانهن ڌيان ڏئي ڪونه سگھيا. ٿي سگھي ٿو ته سمن سان مقابلي ۾ تغلق گھراڻي جيڪي سور سَٺا هئا، سي کانئن اڃا ڪونه وسريا هجن. ڄام نندي جي دور ۾ سنڌ پوريءَ ريت آزاد هئي. ايندڙ مصيبتن جو پاڇولو شايد سمن ۽ سنڌ مٿان جھرڪي رهيو هو ۽ ارغونن ان زماني ۾ سنڌ تي حملا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا هئا.

ارغونن جي سردار ذوالنون بيگ کي، هرات جي سلطان حسين مرزا قنڌار جو گورنر مقرر ڪيو، اهو علائقو سڃو هو ۽ سندس ضرورتن جو پورائو ڪري ڪونه ٿي سگھيو.سندس حريص نظرن پنهنجي صوبي جي حدن کان اوڀر طرف وڌائڻ تي مجبور ڪيو ۽ عمران amran جابلو سلسلو اُڪري، پشنگ، شال (ڪوئٽھ) ۽ مستونگ کي فتح ڪري پنهنجي حڪومت ۾ ملائي ڇڏيو. سندس پٽن شاهه بيگ ۽ محمد بيگ بولان لڪ کان هيٺ لهي سوي Siwi کي فتح ڪري، پنهنجي حدن سان شامل ڪيو. سوي (سبي) تن ڏينهن ڄام نندي جي حڪومت ۾ شامل هئي، جنهن سپهه سالار دريا خان جي ڪمان هيٺ هڪ سگھارو لشڪر اوڏانهن ڏياري موڪليو. ان زماني ۾ سندس لقب مبارڪ خان هو. سنڌ جو سپهه سالار مبارڪ خان پيشقدمي ڪندو، بولان لڪ جي بي بي ناني جي ماڳن ڀرسان جلوگير Jalugir جي ٿاڪ وٽ اچي نڪتو. ٻنهي فوجن ۾ سخت مقابلو ٿيو، جنهن ۾ ذوالنون جو پٽ محمد بيگ مارجي ويو ۽ سندس لشڪر کي زبردست شڪست ملي. اهو سنڌ جي سگهه جو آخري سچو ڏيک هو. مبارڪ خان ارغونن کي اهڙي ته سيکت ڏني هئي، جو هنن کي ڄام نندي جي زندگيءَ (101) ۾ سنڌ ڏانهن ميريءَ نگاه سان اک کڻي ڏسڻ جي وري جرئت ئي ڪانه ٿي.

ارغونن کي جلوگير Jalugir واري شڪست سنه 1486ع (102) ۾ آئي هئي. جڏهن سنه 1507ع ۾ شيباني خراسان تي حملو ڪيو ته، امير ذوالنون ماروچاق Maruchak جي محاذ تي سندس مقابلو ڪندي مارجي ويو. سنه 1504ع ۾ بابر هندوڪش پار ڪري اچي ڪابل ۾ پير پختا ڪيا هئا. تنهن ڪري امير ذوالنون جي وڏي پٽ شاهه بيگ جو قنڌار ۾ رهڻ مشڪل نظر اچي رهيو هو. ان کان علاوه بابر قنڌار تي پنهنجي ملڪيت هجڻ جي دعويٰ به ڪئي هئي ۽ ڏکڻ طرف وڌڻ لڳو هو. شاهه بيگ ڪجهه پنهنجي هٿيارن جي زور تي ۽ ڪجهه پنهنجي سياسي حڪمت عمليءَ جي آڌار تي، پاڻ کي ڪجهه وقت لاءِ ڄمائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر بابر کيس امن آشتي سان رهڻ ڪونه ڏنو. ان زماني ۾ هرات شاهه اسماعيل جي قبضي ۾ هو، کيس ان مان به ڊپ هو. ٻن ڏاڍن دشمنن جي وچ ۾ رهڻ کيس ڏکيو لڳو. منجھس ڪنهن به هڪ سان مقابلي ڪرڻ جي سگھه ڪانه هئي. هن پنهنجو ڀاڳ آزمائڻ لاءِ وري به سنڌ ڏانهن رخ ڪيو. تن ڏينهن ٺٽي جو سلطان ڄام نندو وفات ڪري ويو هو. سندس پٽ ڄام فيروز گاديءَ تي ويٺو هو. اخلاقي طور ڏاڍو ڪمزور هو. عيش عشرت ۾ ڪاهي پيو. سنڌ جي اڳئين حڪمران واريون چڱايون منجھس ڳولئي به ڪونه ٿي لڌيون. سنڌ ۾ هنڌين ماڳين وڳوڙ شروع ٿي ويو هو. سندس درباري سردارن مان گھڻن ارغونن کي وڌيڪ پسند ٿي ڪيو. سنڌ جون سياسي حالتون شاهه بيگ جي فائدي ۾ هيون. هن اڳتي وڌي ٻيهر سبيءَ تي قبضو ڪيو ۽ گنداوا ڀرسان فتح پور کي به پنهنجي نئين حڪومت ۾ شامل ڪيائين. پهريائين ته هو ٿوريءَ آمدنيءَ ڪري پريشان ٿيو، ڇاڪاڻ ته سندس هن نئين علائقي ۾ پيداواري ذريعا تمام گھٽ هئا، پر ڏکڻ طرف هڪ سکيو ستابو ملڪ، سندس آڏو هو ۽ هو هڪ چالاڪ حملي آور جي حيثيت سان مٿس تکي تاڙ رکي رهيو هو. هن اڳتي وڌي چانڊڪا جي پرڳڻي تي اوچتو حملو ڪيو. ان کان پوءِ سيوهڻ ڀرسان باغبان ۽ ڳاها تي (103) هلان ڪئي. اهي ڏاڍا سکيا ستابا ۽ سون اپائيندڙ پرڳڻا هئا، جتان هن ڦر لٽ ڪري گھڻو مال غنيمت گڏ ڪيو. اهڙيءَ ريت هن پنهنجي فوج کي پگھارون ادا ڪيون. ان کانپوءِ هن وڌيڪ سگھاري فوج گڏ ڪري، سنڌ تي سخت حملي ڪرڻ لاءِ ٺٽي ڏانهن پيش قدمي ڪرڻ جو سوچيو. هن 1519ع جي پڇاڙيءَ ڌاران سيوهڻ ۽ لڪي جي جابلو علائقي ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو. سندس ڪنهن به مزاحمت ڪانه ڪئي. اهڙيءَ ريت پيشقدمي ڪندو اچي ٺٽي جي ويجھو پهتو. پر هتي پهچي هڪ قدرتي رنڊڪ ڪري روڪجي بيهي رهيو. جيڪڏهن سنڌي پنهنجي مڙسي ڪري ان قدرتي رنڊڪ جو فائدو وٺي، ڪجهه جاکوڙين ها، ته هو سنڌ جي راڄڌاني ٺٽي تائين پهچي ڪونه سگھي ها ۽ سندس حملي جي مقصد کي ئي ڊانواڊول ڪري ڇڏين ها. اها قدرتي رنڊڪ ڪلري ڦاٽ جو وهڪرو هو. مير معصوم جو بيان آهي ته: ”تن ڏينهن ۾ پاڻيءَ جو وڏو وهڪرو ٺٽي جي اتر کان گذرندو هو ۽ سندس پيٽ مان وهندو هو“. نتيجي ۾ شاهه بيگ کي ٻه ٽي ڏينهن اتي ترسڻو پيو ۽ سوچيندو رهيو ته درياهه ڪيئن ٽپجي. هڪ پڙهي ڏيڻ وارو درياهه جي پتڻ کان ٽپي اتان اچي لانگھائو ٿيو، جتي هي فوجي وانڍ هنيون ويٺو هو، جيڪي ماڻهو پهري تي هئا، تن کيس پڪڙي ورتو. دڙڪا دهمان ڏئي کانئس پڇيائون ته هن درياهه ڪٿان پار ڪيو. تنهن تي هن ان پتڻ بابت ٻڌايو، جتان هو درياه اڪريو هو.“

هيءَ هڪ اطمينان بخش حقيقت آهي ته اسان کي مقرر تاريخ تي درياهه جي وهڪري جي خاص ماڳ جو پتو پئجي ويو آهي. سنه 1519ع ۾ ڪلري ڦاٽ سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو هو، پر اچرج ان تي ٿئي ٿو ته مير معصوم ان وهڪري کي ”خان واه“ سڏي ٿو (ڀ- 35). ٿي سگھي ٿو ته اهو ”کاناهه“ Khanah هجي، جيڪو ڪلري ڦاٽ جي هيٺئين حصي جو نالو هو. جيڪڏهن اها غلطي نه آهي، ۽ ان وهڪري جو صحيح نالو ”خان واه“ Khan Wah آهي، ته پوءِ اسان کي سمجھڻ گھرجي ته اهو گھاڙ واهه هو ۽ ڪلري (قديم سنڌو ساگر) کي ملائڻ واسطي کوٽايو ويو هو. رسم ۽ رواج مطابق مذڪوره واهه تي ان ماڻهوءَ جو نالو رکيو ويو، جنهن جي هدايتن هيٺ اهو واه کوٽايو ويو هو. درياهه جي مکيه وهڪري جو رخ موڙي پراڻي پيٽ ڏانهن آڻڻ يا ڪلري ڦاٽ جي منهن ڀرسان کوٽائي ڪري درياهه جو نئون منهن بنائي ان جي پاڻي جو وڏو حصو ڪنهن پراڻي پيٽ ۾ وهائڻ ڪو ڏکيو ڪم ڪونه آهي. جيڪڏهن هڪ ڀيرو اهڙو وهڪرو قائم ٿي ويو، ته پوءِ اهو پاڻهن ڪنڌيون کائيندو پائيندو ويندو آهي ۽ نيٺ پاڻيءَ جو وڏو وهڪرو اتان گذرڻ لڳندو آهي. هن واه کوٽڻ جي ضرورت تڏهن پئي هوندي، جڏهن ڪلريءَ ۾ پاڻي گھٽجي ويو هوندو ۽ ساڪري جي اترئين ڀاڱي جي آبپاشي نظام کي قائم رکڻ ۽ سنڌ جي راڄڌاني ٺٽي جي رونق برقرار رکڻ لاءِ اهو طريقو اختيار ڪيو ويو هوندو. ٻي اهم ڳالهه اها به آهي ته ٺٽي جي بچاءَ واسطي ان وهڪري جو موجود هجڻ به تمام ضروري هو. ڇاڪاڻ ته اسان ڏسون ٿا ته ارغون به هن وهڪري وٽ پهچي لاچار ٿي بيهي وڃن ٿا. ٻنهي ڳالهين کي نظر ۾ رکجي ٿو ته اهڙا عقلمنديءَ وارا ڪم فقط دريا خان جھڙو ڏاهو ماڻهو ئي ڪري سگھيو ٿي. ان ڪري کوٽايل واهه ۽ درياهه جو پراڻو پيٽ، جنهن مان واهه وارو پاڻي گذرڻ لڳو ۽ درياهه معلوم ٿيڻ لڳو هو، تنهن سڄي وهڪري کي هن نئين نالي سان سڏيو ويو (104).

شاهه بيگ جي ڪلري يا خان واهه اڪرڻ وقت ڪابه مزاحمت ڪانه ڪئي وئي هئي. هو ان وهڪري يا ٺٽي جي وچ کان پيشقدمي ڪندو ٻه ٽي ميل اڳتي هليو ويو. سنڌ جي فوج ٺٽي شهر جي ٻاهران سامهون ٿي. ڄام فيروز پاڻ قلعي اندر لڪي ويٺو. ان وقت جھونڙو جھونجھار دريا خان سنڌ جي فوج جو سپهه سالار هو. هو پنهنجي ڌرتيءَ جي بچاءُ لاءِ هٿيار ٻڌي آيو. سما ڏاڍي بهادريءَ سان ۽ گھڻي وقت تائين وڙهندا رهيا، پر سوڀ نيٺ ارغونن جي ٿي. دريا خان سان گڏ ٻيا سمان به جنگي باندي بڻايا ويا ۽ کين جلد ئي قتل ڪيو ويو. ڄام فيروز جو منهن جنگ ڏانهن هو ۽ ”درياه اڪري“ Crossing the River يعني بگھياڙ پار ڪري پير آر Pir Ar ڏانهن هليو ويو، جيڪو ٺٽي کان تيرهن ميلن جي فاصلي تي (105) ڏکڻ ڏس تي آهي. ٺٽي واري مذڪوره جنگ 11 تاريخ محرم 926هه/2 جنوري 1520ع تي لڳي، جنهن کانپوءِ شاهه بيگ ارغون سنڌ جو حڪمران ٿيو. (ڀ-36) پر کيس پاڻ تي پورو ويساهه ڪونه ٿي ويٺو ته هو سڄي سنڌ تي حڪومت ڪري سگھندو يا نه، تنهنڪري جڏهن ڄام فيروز وٽس اچي پيش پيو ته هن لڪي واري لنگهه کان اتر ساري سنڌ پنهنجي قبضي ۾ رکي، باقي ٻيو حصو ڄام فيروز کي موٽائي ڏنائين. ان کانپوءِ شاهه بيگ سيوهڻ کي فتح ڪيو، جنهن جا دروازا ڪنهن زماني ۾ هن لاءِ بند ڪيا ويا هئا. اهڙيءَ ريت ٽلٽيءَ تي به حملو ڪيائين. ان زماني ۾ ٽلٽي درياهه جي کاٻي ڪناري سان آباد هئي. ڇاڪاڻ ته حملي وقت شاهه بيگ جي فوج کي درياهه اڪرڻو پيو هو (106). ان وقت ڄام صلاح الدين، (ڀ-37) جنهن ڄام نظام الدين جي وفات کانپوءِ تخت جي مامري تان ڄام فيروز سان جھيڙيو هو، سو نيٺ شڪست کائي گجرات ڏانهن هليو ويو. هن ڄام فيروز سان هڪ هڪاڻي ڪرڻ لاءِ وري ڇوڙ واري علائقي ۾ لشڪر وٺي آيو. ڄام فيروز اهو حال ڏسي شاهه بيگ ارغون کان مدد گھري، جنهن پنهنجي پٽ شاهه حسين کي ارغونن تي مشتمل فوج ڏئي ٺٽي روانو ڪيو، جيڪو ٻه سال ڪابل ۾ بابر بادشاهه جي درٻار ۾ رهي، تازو موٽي اچي شال (ڪوئٽھ) ۾ رهڻ لڳو هو. ڄام فيروز ۽ شاهه حسين جي گڏيل فوج ڄام صلاح تي ڪاهي وڃي حملو ڪيو، جيڪو جوڻ جي پرڳڻي ۾ کيما کوڙيو ويٺو هو. ان جنگ ۾ ڄام صلاح الدين ۽ سندس پٽ مارجي ويا (ڀ-38) ۽ سندس فوج گجرات ڏانهن هلي وئي. اتر سنڌ جا راڄوڙا ۽ عام ماڻهو فاتح ارغونن جي پيش پيا، جن جو مقابلي، توڙي امن وقت رعيت سان ڏاڍو سهڻو سلوڪ هوندو هو. شاهه بيگ ارغون وڳوڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ صدر مقام وڃي سکر Sakhar کي بڻايو ۽ بکر جي ٻيٽ تي موجود قلعي کي ڪجهه ويڪرو پراڻي راڄڌاني الور جو ٿرڙن (کنڊرن) مان پراڻو سامان ڪڍرائي، بکر جي قلعي ۾ ڪتب آندو.

سنڌ جي فتح ڪرڻ وقت شاهه بيگ گجرات فتح ڪرڻ جو به منصوبو بڻايو هو. ان زماني ۾ سلطان بهادر نالي هڪ بادشاهه گجرات تي حڪومت ڪري رهيو هو. گجرات جي فتح جي ڀيٽ ۾ هن سنڌ جي سوڀ کي تڇ سمان ٿي سمجھيو. ڇاڪاڻ ته گجرات تنهن دور ۾ وڌيڪ شاهوڪار ملڪ هو. هن ڄام فيروز سان به اهڙو واعدو ڪيو هو ته جيڪڏهن هو گجرات فتح ڪرڻ ۾ سندس سهائتا ڪندو، ته فتح کانپوءِ سنڌ سندس حوالي ڪئي ويندي ۽ شاهه بيگ وڃي گجرات جا وڻ وسائيندو. اهڙو ارادو ڪري هو ڊسمبر جي 21 تاريخ 1521ع تي بکر مان هڪ وڏو لشڪر وٺي، لاڙ ڏانهن روانو ٿيو. جڏهن چانڊڪا پرڳڻي ۾ پهتو، ته سندس مکيه اعليٰ عملدار مير فاضل ڪوڪلتاش بيمار ٿي پيو، تنهنڪري لاچار ٿي کيس سکر موٽڻو پيو، جتي آخر ڪوڪلتاش وفات ڪئي. شاهه بيگ سندس موت کي سٺو سوڻ ڪونه سمجھيو ۽ اڳ ڪٿي ڪرڻ لڳو ته هن جو موت به جلد ٿيڻ وارو آهي. خير، ڪفن دفن جي رسمن بجا آڻڻ کانپوءِ هو پيشقدمي ڪندو لاڙ جي اگھم Agham واري (107) علائقي ۾ پهتو ۽ هتان ڄام فيروز ڏانهن سنيهو مُڪائين ته هو ساڻس گجرات ڏانهن گڏجي هلي، پر هو اتي بيمار ٿي پيو. گجرات ڏانهن پيشقدميءَ دوران کيس پنجاب ۾ بابر جي فتح جو پتو پيو. اهي احوال ٻڌي، کيس محسوس ٿيڻ لڳو ته جنهن بادشاهه کيس قنڌار مان ڀڄائي ڪڍي ڇڏيو هو، سو هاڻي هتي به اچي پهتو آهي، سو ڪڏهن مون کان سنڌ به ڇڏائيندو، هن قسم جي مايوسيءَ کيس سوداءَ ۽ ٻي بيماريءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. هن آخر اگھم واري علائقي ۾ 22 شعبان 928هه يا 16 جولاءِ 1522ع (108) تي وفات ڪئي.

شاهه بيگ جي وفات جي خبر، ڄام فيروز کي ٺٽي ۾ پهتي، جنهنڪري هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اها ڳالهه درگذر ڪرڻ جهڙي به هئي، پر هن بي وقوف ڇا ڪيو جو پنهنجي خوشيءَ جي اظهار واسطي ڀير تي به ڏئونڪو ڏياريو. ان ڪري شاهه بيگ جي پٽ ۽ تخت جي وارث شاهه حسين کي پاڻ هرتو وجھه ڏنائين، جنهن کيس ٺٽي جي حڪومت تان بي دخل ڪري، سڄيءَ سنڌ تي پاڻ حڪومت ڪرڻ لڳو ۽ سنڌ مان سمن جي بادشاهي هميشه لاءِ ختم ٿي وئي. سندس پيءُ شاهه بيگ جي گجرات جي فتح واري منصوبي بابت جيڪا حڪمت عملي هئي، تنهن تي شاهه حسين سنجيدگيءَ سان سوچڻ لڳو هو. جيڪڏهن هو گجرات تي حملي ڪرڻ دوران شڪست کائي ها ته سنڌ ۾ به سندس مستقبل اونداهو بڻجي ها. گجرات جي فتح جي حالت ۾، جنهن جي اميد ڪجهه گھٽ هئي، اڳتي هلي سندس ٽڪر بابر سان ٿئي ها، جنهن جو هيءُ گھڻو ادب ۽ احترام ڪندو هو، جيڪو هاڻي اتر هندستان طرف پنهنجي جنگي مهم ۾ رڌل هو. پنهنجي پيءُ جي ڪفن دفن ۽ رسمن رواجن کان آجو ۽ واندو ٿي شاهه حسين ٺٽي تي حملي لاءِ پيشقدمي شروع ڪئي ۽ ڄام فيروز ڪڇ ڏانهن هليو ويو. سڄي ڄمار ۾ پهريون ڀيرو منجھس مڙسي سان مقابلي ڪرڻ جو اتساهه ۽ امنگ ڪرُ موڙي جاڳي پيو هو. تنهن زماني ۾ ڪڇ جو حڪمران سمون هو، تنهن سندس سهائتا ڪئي. ڄام فيروز اتان پنهنجي فوج گڏ ڪري موٽي سنڌ آيو. سندس مقابلو شاهه حسين جھڙي ماڻهوءَ سان هو، جنهن سان مقابلو ڪري کٽڻ سولو ڪونه هو. سمن ۽ ارغونن جو آخري جھيڙو چاچڪن واري علائقي ۾ ٿيو هو. اهو ڇوڙ جو اوڀاريون پرڳڻو هو. تمام سخت جنگ لڳي، جنهن ۾ ارغونن جي سرسي ۽ سمن جي هار ٿي. ان کانپوءِ ڄام فيروز گجرات هليو ويو. اتي گجرات جي بادشاهه سلطان بهادر سان مٽي مائٽي ڪري اتي رهي پيو ۽ موٽي وطن جا وڻ وري ڪونه ڏٺائين. مير معصوم جي ڏنل قطهء تاريخ مطابق اها جنگ 1533ع ۾ لڳي، اهڙيءَ ريت سما گھراڻي جي حڪومت جو عرصو هڪ سو نوي سال سال بيهي ٿو (109).

هينئر شاهه حسين اتر کان ڏکڻ تائين ساريءَ سنڌ جو حڪمران بڻجي ويو. سو بابر کي دهليءَ تائين پهچڻ کان اڳئي پنهنجو شهنشاهه قبول ڪري چڪو هو. هن ٻئي ارغون بادشاهه کي سياسي تدبر ۽ بهادري پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي کان ورثي ۾ مليون هيون. هن چوڻيءَ ۾ واڌارو هن ريت به ڪري سگھجي ٿو ته ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ سندس نسل ۽ رت ۾ شامل هو. هن گجرات تي حملي ڪرڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ جي وڳوڙي صورت حال کي ماٺي ڪرڻ ۽ اتر ڏانهن پيشقدمي ڪرڻ لاءِ جاکوڙڻ لڳو. هن سنڌوءَ جي کاٻي ڪناري پنج ند تائين سڄي علائقي کي ڀيلي ڀينگ ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ بابر جي حڪم سان ملتان جي علائقي کي فتح ڪري بابر کي سوکڙي طور ڏئي ڇڏيائين. شاهه حسين جي هميشه اها ڪوشش هوندي هئي، ته جيئن بابر سان سندس تعلقات نهايت سٺا ۽ دوستاڻا رهندا اچن. هو ڪابل ۾ ٻه سال سندس درٻار ۾ رهيو هو ۽ وٽانئس حڪمرانيءَ جو تجربو حاصل ڪيو هئائين. ان ڪري هن جي گھڻي عزت ڪندو هو، پر سندس وڏي پٽ ۽ وارث همايون سان ڪانه پوندي هيس. جڏهن شاهه حسين هن مسئلي تي سوچي رهيو هو ته هو پنهنجي قسمت کي تيموري خاندان جي مستقبل سان واڳي رکي يا نه، تڏهن همايون دهليءَ جي تخت تي ٿوري وقت لاءِ مس ويٺو هو. ان زماني ۾ جڏهن همايون ۽ شير شاهه جي وچ ۾ سياسي ڇڪتاڻ اوج تي هئي، ته شاهه حسين ان وايو منڊل کي صحيح نموني سان سمجھڻ واسطي، چوري ڇپيءَ پنهنجو هڪ ماڻهو موڪليو هو. ان ماڻهوءَ وٽان جيڪا کيس ڄاڻ ملي، سا همايون جي فائدي ۾ ڪانه هئي. هن کيس ٻڌايو هو ته همايون آرام پسند، عيش عشرت جو ڪوڏيو، مرده دل ۽ بي پرواه هو. نئين فتح ڪيل ملڪ ۾ ائين ڪرڻ ڪونه ٿو جڳائي. سندس مخالف شيرشاه، اخلاقي طور هڪ طاقتور گروهه جو اڳواڻ هو. شاهه حسين اهڙيون خبرون ٻڌي، همايون جو سچو ماتحت ۽ حامي ڪونه رهيو، پر وچٿري حڪمت عملي اختيار ڪيائين. سنه 1541ع جي شروعات ۾ همايون اچي روهڙيءَ پهتو هو. شير شاهه کان هارايو هئائين. ٿڪل ۽ ٽُٽل هو، تنهن هوندي به ساڻس چڱو لشڪر ساڻ هو. کين آس هئي ته هو ڪڏهن نه ڪڏهن پنهنجو وڃايل تاج، تخت ۽ بخت ورائي وٺندو. پر مستقبل جي ڪاررواين لاءِ ڪنهن مستقل مرڪز جو هجڻ لازمي هو. هن پنهنجو اهڙو فوجي مرڪز سنڌ کي بنائڻ پئي گهريو. اها ڳالهه وري شاهه حسين کي مورئون ڪانه ٿي وڻي، تنهنڪري پڪو پهه ڪيو هئائين ته کيس ائين ڪرڻ ڪونه ڏيندو. همايون جي ڦرندڙ گھرندڙ طبيعت ڪري، پڪ ڪانه هئي ته ڪو هو پنهنجو وڃايل تخت ورائي وٺڻ ۾ سوڀارو ٿيندو. ان سان گڏ هن اهو ڪونه ٿي چاهيو ته هارايل شهنشاهه جي سهائتا ڪري دهليءَ جي موجوده مضبوط حڪمران کي ناراض ڪري. پر فرمانبرداريءَ ۾ ظاهر ظهور ته ڪابه ڪوتاهي ڪانه ٿي ڪيائين. همايون جا سفير جيڪي وٽس آيا ٿي، تن جي گھڻي آجيان ٿي ڪيائين، هن پنهنجي خزاني مان همايون ۽ سندس فوج جي خرچ واسطي روڪ رقم به ڏني. پر هلي وڃي ساڻس سندس درٻار ۾ ملڻ کان ڪيٻائي رهيو هو. ان سان گڏ بکر ۽ سيوهڻ جھڙن مضبوط قلعن جا دروازا همايون لاءِ بند هئا. توڙي جو سندس مرضي هئي ته اهي ٻئي قلعا سندس حوالي ڪيا وڃن. واقعن جي سلسلي ۾ همايون کي اتر سنڌ ۾ ماٺ ڪري ويٺو  ڏسجي ٿو. سندس ڀائر به بيوفائي ڪري، ڏکئي وقت ۾ کيس اڪيلو ڇڏي وڃن ٿا. مهانگائي ۽ ڏڪار کيس (110) پاٽ شهر ڏانهن اسهڻ لاءِ مجبور ڪيو. سندس ڏک ۽ سور جڏهن چوٽ تي هئا، ته هو حميده بيگم جي محبت ۾ مبتلا ٿي ساڻس شادي ڪري ٿو، جيڪا بعد ۾ اڪبر بادشاهه جي ماءُ بڻي هئي. هن اوچتو حملو ڪري سيوهڻ کي فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر سوڀارو ڪونه ٿيو. هن مجبور ٿي قلعي تي گھيرو ڪيو. سندس ڪجهه لشڪر وبائي بيماريءَ ڪري مري ويو ته ڪجهه کيس ڇڏي هليو ويو. هو سيوهڻ کان روهڙي پهتو. شاهه حسين جي فوج به سندس ڪڍ لڳي آئي. پوءِ راڻي مالديوَ جي مدد جي آسري تي لڳي مارواڙ هليو وڃي ٿو. اتان به کيس مقصد جو موتي هٿ ڪونه ٿو اچي. جيسلمير ۽ مالاڻي Mallani جي رڻ پٽ مان اڃ وِگھي مرڻ تي هو، پر هيءُ پاڻ ۽ سندس لشڪر ڀاڳن سان بچي وڃي ٿو. اسان مٿي بيان ڪيل واقعن جي وستار ۾ ڪونه ٿا وڃون، پر سلسلي جي سڳي کي اتان کان وٺي سوريون ٿا. جڏهن هو آگسٽ 1542ع ۾ عمرڪوٽ پهچي ٿو. سندس ڪڍ لشڪر فقيراڻن حالن ۾ ۽ تعداد ۾ صفا ٿورو آهي.

همايون جڏهن عمرڪوٽ پهچي ٿو ته سندس مئل جسم ۾ ساهه پئجي وڃي ٿو. هو ان ماڻهوءَ سان ملي ٿو، جيڪو نه رڳو سندس هڏڏوکي هو، پر مهمان نواز به هو. سنڌ جي معاملي ۾ ساڻس سهائتا ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيٺو هو. سندس نالو راڻو پرساد هو ۽ مرتبي جي لحاظ کان سوڍن جو سردار هو. شاهه حسين سان وير هئس. هن سندس پيءُ کي قتل ڪيو هو ۽ پلاند ڪرڻ جي وَجھَه جي ڳولا ۾ هو. هن پنهنجا ٻه هزار گھوڙي سوار همايون جي حوالي ڪيا ۽ سنڌي سميجن مان به پنج هزار ماڻهن جي کيس مدد ڏني. همايون بادشاهه اهڙي آڇ خوشيءَ سان قبول ڪئي. پر ٿوري وقت کان پوءِ همايون جي بي پرواهيءَ ۽ انتظامي صلاحيتن نه هجڻ سبب سندس ماڻهن ۾ ڇڙواڳي اچي وئي، تنهنڪري هن جا اتحادي کانئس الڳ ٿي ويا. جيڪڏهن پنهنجي اتحادين جي طاقت جو ڪنهن ڏاهپ سان استعمال ڪري ها ته سنڌ ارغونن کان فتح ڪري وٺي ها. عمرڪوٽ ۾ گھڻي دير ٿي وڃڻ ڪري شهنشاهه همايون پنهنجو ڪٽنب وڃي قلعي اندر رهايو هو، جيڪي اتان جي راڻي هن مقصد واسطي خالي ڪرائي ڇڏيو هو. ان کان بعد راڻي جي صلاح سان ڇوڙ واري علائقي جي وچ واري جوءِ جوڻ ڏانهن پيشقدمي ڪئي، جيڪا عمرڪوٽ کان پنجهتر ميل ڏکڻ اولهه ۽ ٺٽي کان پنجاهه ميل اتر اوڀر هئي. ان کان چار ڏينهن پوءِ 15 آڪٽوبر 1542ع تي عمرڪوٽ قلعي ۾ حميده بيگم کي اڪبر ڄائو. (III)

ڪنهن زماني ۾ جوڻ، ريڻ ڦاٽ جي کاٻي ڪناري تي هڪ سائو ڍائو ۽ سکيو ستابو علائقو هو. هن لاءِ مير معصوم جو بيان آهي ته: ”جوڻ جو شهر سنڌو درياهه (کيس لکڻ گھرجي ها ته سنڌوءَ جو هڪ ڦاٽ) جي ڪناري سان واقع ۽ سنڌ جي مکيه شهرن مان هڪ آهي. هن شهر جي چوڌاري باغ ئي باغ آهن، جيڏانهن نظر ڪر ته پاڻي جون واهيون پيون ڏسبيون ۽ ميوات به تمام گھڻي آهي.“ هيءَ هڪ اهڙي جوءِ هئي جتي باغ جھجھا هئا ۽ همايون به کپ کوڙي ويهي قيمتي وقت وڃائڻ (112) پئي چاهيو. هي پهريون دفعو آهي، جو اسان کي ڪنهن تاريخي حوالي سان ريڻ ڦاٽ جو ذڪر ملي ٿو ۽ مير معصوم ان جي نالي کان واقف ڪونه آهي. حقيقت به اها آهي، ته سندس تاريخ جو اهم حصو، ڇوڙ واري علائقي جي جاگرافي بابت ڪنهن به ذڪر کان خالي ملندو. ان زماني (1542ع) ۾ ۽ ويندي ارڙهينءَ صديءَ جي وچ تائين سنڌو ٽنڊي محمد خان کان ٽي يا چار ميل اوڀر کان وهندو هو. هن ماڳ کان پنج يا ست ميل اوڀر ڏکڻ ڏس تي سنڌوءَ مان ريڻ واري ڇاڙهه ڇڄي ڌار ٿيندي هئي ۽ ڇوڙ واري علائقي جو صفا اوڀر ڏئي وهندي هئي، جنهن ٿاڪ وٽان ريڻ سنڌوءَ کان ڇڄندي هئي، ته ڇوڙ واري علائقي جي شروعات اتان ئي ٿيندي هئي. هي وهڪرو موسمي هو يا دائمي، جنهن کي گھربل شاهدين کانسواءِ اسان کي پوريءَ ريت ثابت ڪرڻو پوندو، پر اسان وٽ ڪي اهڙا پڪا شاهد آهن، جن جي آڌار تي ڪنهن سچائي کي ثابت ڪري سگھجي ٿو. جڏهن شاهه حسين ارغون کي پتو پيو ته همايون اچي جوڻ ۾ پنهنجي فوجي وانڍ هئين ۽ مورچه بندي ڪئي آهي، ته هن ريڻ جي وهڪري سان ساڍا پنج ميل مٿي ساڄي پاسي پنهنجي فوج جي وانڍ هئين. انهيءَ مقصد سان ته جيئن همايون جي فوج جي چرپر تي ڪَڙي نظر رکي سگھجي، جتي شاهه حسين ارغون پنهنجي فوج جي وانڍ هئين هئي، تنهن ماڳ کي هن فتح باغ جو نالو ڏنو هو. يعني مستقبل ۾ ٿيندڙ فتح جي خوشيءَ ۾ هن ماڳ جو اهو نالو رکيو ويو هو. ڪي چون ٿا ته همايون جي اٽڪل بازيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪي سياسي تدبيرون ڪري رهيو هو. تن مان کيس پورو يقين هو ته نيٺ سندس ئي سوڀ ٿيندي، تنهنڪري ان ٿاڪ جو نالو فتح باغ رکيو هئائين. اهو به چيو ويندو آهي، ته شاهه حسين ارغون هن ماڳ کي پنهنجي فوج جي وانڍ واسطي هن ڪري به چونڊيو هو ته جيئن همايون جي فوجي وانڍ ۽ سنڌو درياهه جي مکيه وهڪري جي وچ ۾ رابطو ڪٽيل هجي. ڇاڪاڻ جو کيس ڊپ هو ته متان هُو، جھجھي انداز ۾ ٻيڙيون گڏ ڪري پنهنجو لشڪر ۽ سامان چاڙهي ٺٽي ڏانهن پيشقدمي ڪري. هن مذڪوره ماڳ تي فوج وهاري، راڄڌاني ڏانهن ويندڙ شاهي رستي کي ڄڻ بند ڪري ڇڏيو هو. هن حقيقت مان اهو ثابت ڪونه ٿو ٿئي ته آڪٽوبر جي مهيني ۾ جڏهن همايون اچي ريڻ جي ڪٺار سان منزل ڪئي هئي ته ريڻ واري وهڪري ۾ پاڻي وهي رهيو هو يا نه. شاهه حسين نومبر مهيني ۾، ريڻ جي ساڄي ڪناري فتح باغ وٽ پنهنجي فوج وهاري هئي ۽ ان موسم ۾ پاڻي اڃا به لاٿ ۾ هوندو آهي. کيس ڊپ هو ته همايون ان جوءِ ۾ گھڻو وقت ترسي پوندو. اها به حقيقت هئي جو هو اتي پورا نَوَ مهينا ٽڪيو پيو هو. شاهه حسين جي فوج به ڪئمپ هڻي کپ کوڙي ويهي رهي، ته متان ڇهن مهينن کانپوءِ پاڻيءَ جي موسمي چاڙهه وقت ريڻ ۾ پاڻي وڌي اچي ۽ همايون سنڌوءَ جي مکيه وهڪري ڏانهن مٿي چڙهڻ جي ڪوشش ڪري. ٻيا واقعا به هن مسئلي کي اڌگيدو ۽ اڻ نبيرو ڇڏي ٿا ڏين. اهو به چيو ويندو آهي ته شاهه حسين، همايون جي فوج تي بحري ۽ خشڪيءَ رستي دٻاءُ وجھڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر هن معاملي ۾ اهو ڪونه ٿو ٻڌايو وڃي، ته شاهه حسين سال جي ڪهڙيءَ موسم ۾ همايون جي لشڪر کي جوڻ واري جوءِ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو هو، پر امڪان اهو آهي ته جوڻ ۾ ترسڻ واري وقت جي آخري حصي ۾ هن کيس مجبور ڪيوهوندو ۽ ان وقت ريڻ ۾ گھڻو پاڻي هوندو. اسان کي هن ڳالهه جو به پتو پوي ٿو ته همايون وهٽن جي گاهه پٺي گڏ ڪرڻ لاءِ پنهنجا ماڻهو ريڻ جي اولهه پاسي بٺوري پرڳڻي ڏانهن موڪليا هئا. شاهه حسين جا ماڻهو اوچتو وڃي همايون جي گاهِين مٿان ڪڙڪيا. منجھائن ڀانجھر به ڪونه بچيو. جوڻ جي فوجي ڪئمپ جي ماڻهن رات جي وڳڙي ۾ ٻڌو ته ڪو ماڻهو پار اڪارڻ لاءِ ٻيڙي واري کي، ساڄي ڪناري کان سڏي رهيو آهي. هڪ ٻيڙائت کي ڏانهس موڪليو ويو. جڏهن سڏ ڪرڻ وارو ماڻهو پهتو ته ڏٺائون ته اهو بدقسمت فوجي جٿي جو نائب سپهه سالار هو. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته بٺوري وارو واقعو، همايون جي جوڻ ڇڏڻ کان ٿورو اڳ ٿيو هو. اسان کي خبر آهي ته همايون جوڻ واري جوءِ ڏهين جولاءِ تي ڇڏي هئي. ان حساب سان بٺوري وارو واقعو جون مهيني کان اڳ ۾ نه سمجھڻ گھرجي، پر جيڪڏهن اهو مئي مهيني ۾ ٿيو هجي ها، ته به اهو ثابت نه ٿو ڪري سگھجي ته ”ريڻ“ هڪ دائمي وهڪرو هو. ڇاڪاڻ ته ان مهيني ۾ موسم جي چاڙهه سبب ريڻ ۾ جام پاڻي اچي ويندو هو. ريڻ جي دائمي وهڪري هجڻ جي فائدي ۾ هي حقيقتون پيش ڪري سگھجن ٿيون ته ڇوڙ وارو سڄو اوڀاريون علائقو هن وهڪري جي پاڻيءَ تي دارومدار رکندو هو. جيتري عرصي تائين ريڻ وهندو رهيو آهي، ته ان تي آباد ٿيندڙ علائقو شادابيءَ ۽ خوشحاليءَ ڪري ڏاڍو مشهور رهيو. تحفة الڪرام جي بيان موجب مذڪوره پرڳڻو، چاچڪ ذات جي ماڻهن ۽ چاچڪ ڳوٺ ڪري ”چاچڪان“ سڏيو ويندو هو. همايون جڏهن پهريون ڀيرو سنڌ آيو هو ته شاهه حسين کيس خط ۾ لکيو هو، ته هن لاءِ بکر بدران چاچڪان ۾ رهڻ وڌيڪ سٺو ٿيندو. اهو به ذڪر ڪيو هئائين، ته چاچڪان جو پرڳڻو وڌيڪ سرسبز ۽ آباد آهي ۽ منجھس اناج گھڻو پيدا ٿيندو آهي. جيڪڏهن ريڻ وارو وهڪرو موسمي هجي ها ۽ رڳو چاڙهه جي رُت ۾ وهي ها، ته ايترو سرسبز ۽ آباد نه هجي ها. امڪان هن ڳالهه جو نظر اچي ٿو ته جيڪڏهن ريڻ دائمي وهڪرو ڪونه هو، ته گھٽ ۾ گھٽ سال ۾ نَوَ يا ڏهه مهينا ته ضرور وهندو هوندو.

همايون جوڻ ۾ نَو مهينا گذاريا. سڄو عرصو شاه حسين کيس ڊيڄاريندو ۽ دٻاءُ رکندو رهيو. راڻي پرساد جي سهائتا سان همايون شاهه حسين تي هڪ ٻيو ڀرپور حملو ڪري سگھي ها، پر هن اهو سونهري موقعو به هٿان وڃائي ڇڏيو. همايون پنهنجي ڪارڪردگيءَ ۾ گھڻو سست هو. سندس لشڪر ڇڙواڳ هو ۽ سندس منزل ۽ مقصد ڏانهن ويندڙ هر راهه کي تباهه ڪرڻ لاءِ سندرا ٻڌي بيٺو هو. ٿوريءَ ٿوريءَ ڳالهه تان پاڻ ۾ وڙهي ڍانگو ڍانگ ٿي پوندا هئا ۽ لالچ ۾ اچي کيس ڇڏي دشمن جي فوج ۾ وڃي شامل ٿيندا هئا. هندن جي سهائتا سان همايون جي سوڀ يقيني هئي. اهڙن واهرو هندن کان سندس مسلمان فوجي کُليءَ طور نفرت ڪري رهيا هئا. همايون جي هڪ عملدار، راڻي پرساد جي بي عزتي ڪئي، جنهن ڪري هُو همايون کي تنهن وقت ئي ڇڏي عمرڪوٽ هليو ويو، سنڌي فوجي جيڪي راڻي پرساد شاهه حسين سان وڙهڻ لاءِ همايون کي گڏي ڏنا هئا، سي به سندن اهي حال ڏسي هوريان هوريان ڇڏيندا ويا. بٺوري واريءَ جوءِ ۾ گاهِيُن جو قتل عام به فوجي عملدارن جي ڇڪتاڻ سبب ٿيو هو. ان موقعي تي تردي بيگ ڄنگهه ڄنگهه تي چاڙهي چپ ڪيو ويٺو رهيو هو. سردارن ۽ نوابن کي امتيازي نگاهن سان ڏسندو هو ۽ وڌيڪ نفاق پيدا ڪرڻ جا جتن ڪري رهيو هو. ڏسڻ ۾ ائين پئي آيو ته هن دل سان همايون جي مدد ڪانه ٿي ڪئي. همايون جا ڀاڳ ڀلا هئا، جو هن ڏچي واري دور ۾ بيرم خان جھڙا سچار ۽ ڏاها ماڻهو به هن سان گڏ هئا. هن شاهه حسين سان ڳالهه ٻولهه وسيلي پُر امن ماحول پيدا ڪرڻ ۾ شال ۽ قنڌار ڏانهن سلامتي سان نڪري وڃڻ واسطي سنڌ مان همايون لاءِ رستو گھريو. شاهه حسين عقلمنديءَ جو مظاهرو ڪري سندس اها گھُر پوري ڪئي. ڇاڪاڻ ته هن سمجھيو پئي ته اڏول ۽ خطرناڪ دشمن کي زوري هڪالي ڪڍڻ هاڃيڪار هو. هن بيرم خان جي اهڙيءَ رٿ کي هڪدم قبول ڪيو ۽ همايون جي موجودگي ڪري جيڪو سنڌ کي خطرو هو، تنهن کان به کيس نجات ملي وئي. هن اناج، نقد رقم، باربرداريءَ جو سامان به همايون کي مهيا ڪري ڏنو، ان کان سواءِ (114) جوڻ وٽان ريڻ کي اڪرڻ واسطي هڪ پل به جوڙائي وئي. شهنشاهه همايون هن پل تان ڏهين جولاءِ 1543ع تي پار اڪريو هو. سنڌو درياهه جو مکيه وهڪرو اڃا به پار ڪرڻو هو. اڪرڻ واري جاءِ ”جوڻ“ کان ٻارنهن تيرهن ميل اتر اولهه طرف هئي. هاڻي اتي هر شيءِ سڪل ڏسڻ ۾ ايندي. درياهه جو اهو وهڪرو هاڻي سورهن ميل اولهه هليو ويو آهي. همايون جي دور واري وهڪري جو پراڻو پيٽ گھڻو لٽيل ڏسڻ ۾ ايندو. پار اڪرڻ واري اها جاءِ تاريخي حوالن جي ڏنل ڏسن پتن مان ڳولي لڌي اٿم. جوهر ۽ گلبدن بيگم، ٻنهي سنڌو واري رستي جو ذڪر ڪندي، بيان ڪيو آهي ته شهنشاهه هلندو وڃي (115) روڻاءِ Ronai نالي هڪ ڳوٺ ۾ پهتو، جتي شاهه حسين طرفان موڪليل هر شيءِ سندس انتظار ڪري رهي هئي. هاڻي انهيءَ نالي سان ڪوبه ڳوٺ موجود ڪونه آهي. پر گوني پرڳڻي ۾ روشنائي نالي هڪ ڳوٺ سو آهي، جيڪو درياهه جي پراڻي پيٽ جي ساڄي ڪناري آباد آهي. ان ڳوٺ ويجھو پراڻا ٿرڙ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. شڪ نه آهي ته گلبدن وارو روڻاءِ Ronai ڳوٺ اهو هجي. ٿي سگھي ٿو ته هن لفظ جي وچ وارو حصو اتاري ڪرڻ واري کان لکڻ وسري ويو هجي. امڪان اهو به آهي ته متان ان معزز عورت کان لکڻ ۾ غلطي ٿي هجي، پر هن ٿاڪ سڃاڻڻ ۾ ڪابه غلطي ڪانه ٿي آهي. ان لاءِ ٻيون شاهديون به ڏئي سگھجن ٿيون. تاريخ طاهري يا بيگلار نامي ۾ هڪ حوالو موجود آهي. مصنف جو ارغونن سان رويو دوستاڻو نه آهي، سو شاهه حسين ارغون جي وفات بابت لکندي بيان ڪري ٿو ته: ”سنڌين جي بادشاهه ان جاءِ ويجھو وفات ڪئي هئي، جتان همايون بادشاهه درياهه پار ڪيو هو. هتي هن حقيقت ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي، ته جنهن جاءِ تي شاهه حسين وفات ڪئي هئي، ان ٿاڪ جي ڀرسان ڪٿان همايون درياهه پار ڪيو هو. هن ارغون بادشاهه جنهن ڳوٺ ۾ وفات ڪئي هئي، تنهن جو نالو آري پوٽا Aaripota (هن ڳوٺ کي ڪن تاريخن ۾ غلطيءَ وچان علي پوٽا Ali Pota به لکيو آهي) آهي، جيڪو اڃا به موجود آهي ۽ روشنائي ڳوٺ ڀرسان ٿرڙ کان پوڻا ٻه ميل کن پري ٿيندو. ڪنهن زماني ۾ آري پوٽا ڳوٺ درياهه جي ڪٺار سان هوندو هو. حقيقت اها آهي ته شاهه حسين ڪنهن ٿاڪ تي نه، پر ٻيڙيءَ تي وفات ڪئي هئي. تنهنڪري هاڻي پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته اها ڪهڙي جاءِ هئي، جتان شهنشاهه همايون قنڌار ويندي درياهه پار اڪريو هو، هيءَ حقيقت ان ڪري دلچسپ آهي، ته هڪ تاريخي واقعو هن ماڳ سان لاڳاپيل آهي. ان ڪري اسان ملڪ جي هن حصي مان (116) 1543ع واري دور ۾ سنڌوءَ جي وهڪري جو سولائيءَ سان تعين ڪري سگھون ٿا.

هتي هاڻي اسان همايون کان موڪلايون ٿا، جيڪو سيوهڻ کان ٿيندو، اتر سرحد صوبي ڏانهن هليو ويو ۽ وري موٽي سنڌ ڏانهن ڪونه آيو. شاهه حسين سنه 1555ع تائين سنڌ تي هڪ آزاد حڪمران جي حيثيت ۾ حڪومت ڪندو رهيو ۽ پنهنجي حياتيءَ جي پوئين دور ۾ مٿس فالج جو حملو ٿيو. ان کانپوءِ گندين عادتن ۾ به ڪاهي پيو. سندس حڪومت اڳئين جيان مضبوط نه رهي ۽ گھٽ ذات وارن جي ور چڙهي وئي، جيڪي سندس گھڻا لاڏلا هئا. 5 فيبروري 1555ع تي وفات ڪيائين. هن ڪُل ٽيهه سال حڪومت ڪئي. هن جي وفات سان ارغون گھراڻي جو دور پورو ٿيو، جيڪو فقط ٻن بادشاهن تي مشتمل هو.

شاهه حسين جو ڪو وارث وهي ڪونه هو. کيس فقط هڪ پٽ ڄائو هو، جيڪو ٻالجتيءَ ۾ مري ويو هو. هن پنهنجي ڌيءَ مرزا ڪامران کي ڏني هئي. انهيءَ مقصد سان ته هن کانپوءِ هو اچي سنڌ جو راڄ سنڀاليندو، پر سندس اها آس پوري ڪانه ٿي. ڇاڪاڻ ته مرزا ڪامران کي انڌو ڪيو ويو هو. کيس نابين ڪري حڪومت ڪرڻ کان روڪڻ هڪ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ وارو ڪم هو، پر ان ڪري سنڌ جو ڀلو ٿي ويو. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي حڪمراني سندس شاهاڻي شان کان ڄڻ ننڍڙي هئي. جيڪڏهن نئون حڪمران پنهنجي بادشاهت جي سرحدن کي وڌائڻ لاءِ سنڌ جي ذريعن کي ڪتب آڻي ها، ته سنڌي ڏچي ۾ پئجي وڃن ها، پر هن حالت ۾ به سنڌ ڪو چڱو ڏينهن ڪونه ڏٺو هو. شاهه حسين جي حڪمرانيءَ دوران، سياسي طور سنڌ ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل هئي. سيوهڻ کان بکر تائين سڄي اتر سنڌ، مير فاضل ڪوڪلتاش جي پٽ محمود ڪوڪلتاش جي حڪمرانيءَ ۾ شامل هئي. باقي ڏکڻ سنڌ وارو ڀاڱو شاهه حسين پنهنجي هٿ هيٺ رکيو هو. هن کانپوءِ لاڙ جي با اثر شخصيت ترخان قبيلي جو سردار مرزا عيسيٰ ترخان هو. شاهه بيگ جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو هو، ته هي ساڻس گڏ هو. شاهه حسين جي وفات کان اڳ ۾ ٻنهي ڌرين پاڻ ۾ ٺهي هلڻ جو خفيه عهدنامون ڪيوهو. سندس وفات کانپوءِ سنڌ کي ٻه حصا ڪيائون. جھڙيءَ ريت شاهه بيگ ۽ ڄام فيروز وقت ٻنهي جي حد ”لڪي“ مقرر ٿيل هئي، تهڙيءَ ريت هنن به ائين ڪيو. اها ورهاست مرزا عيسيٰ جي مرضيءَ مطابق ٿي هئي. انهيءَ مقصد سان ته جيئن پاڻ کي ڪنهن خاص نازڪ موقعي تي شاهه حسين جو وارث سڏائي سگھي. محمود ڪوڪلتاش سندس مخالف ته ضرور هو، پر کليءَ دل وارو ماڻهو هو. ننڍپڻ کان وٺي پنهنجي بهادريءَ ۽ اٽل ارادن ڪري مشهور هو، خفيه عهدنامي موجب سيوهڻ، سلطان محمود ڪوڪلتاش جي ملڪيت هو، پر هو ڪوشش جي باوجود به سيوهڻ تي قابض ٿي ڪونه سگھيو. ملڪ جي نئين ورهاست ۽ وراثت مان هتان جي عملدارن کي ته گھڻو ئي فائدو پيو. خير، ترخان سردار هن ملڪ تي اڳئي قابض هو، تنهن ڪري محمود ڪوڪلتاش کي سيوستان کان اتر طرف ملڪ جو حصو مليو، جنهن تي ناراض ٿي هو پنهنجي فوجي سگھه ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.

ٻئي پاسي کان به مرزا عيسيٰ ترخان هو، ساڳئي اٽل ارادي سان پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ لڳو. ۽ سڄي سنڌ مٿان سياسي برتري حاصل ڪرڻ جا جتن ڪرڻ لڳو. هن سيوستان جي سردارن جي پيدا ڪيل غير يقيني صورتحال تي قابض ٿي، هن علائقي کي لاڙ جي حڪومت سان ملائي ڇڏيو. تنهن کانپوءِ هو وڌي سنڌو درياهه جي کاٻي ڪناري ويندي بکر تائين، سلطان محمود جي حدن ۾ ڪاهي ويو. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ٻه جنگيون لڳيون، جن مان ڪوبه کڙتيل ڪونه نڪتو، پر اوچتو اهڙو واقعو ٿيو، جنهن ڪري کيس ٺٽي ڏانهن اُٻهرو وڃڻو پيو، جنهنجو قصو سنڌ ۽ ٻاهرين ملڪن سان لاڳاپن جي ناتي سان تاريخ ۾ هڪ اهم جڳهه والاري ٿو.