سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو

ڪتاب جو نالو سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو
ليکڪ جنرل هيگ
سنڌيڪار / ترتيب عطا محمد ڀنڀرو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-16-1
قيمت 400    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (789) PDF  E-Pub
انگ اکر

12 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     254113   ڀيرا پڙهيو ويو

باب ٽيون يونان جي پوئين دور جي ڪتابن ۾ سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جا احوال


سنڌ مان سڪندر ۽ ان جي نائب نِيرڪوس جي هلئي وڃڻ کانپوءِ سنڌ جي تاريخ تي اونداهي ڇانيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اسان کي فقط ايترو پتو پوي ٿو ته جڏهن هن جنگي جهونجهار پنهنجو منهن اولهه طرف واريو ته اهڙا واقعا ٿيا، جن جي تاريخ به ڌنڌ جي پردي پٺيان لڪل آهي. پر هن ماڻهوءَ اتر هندستان تي پنهنجا گھرا اثر ڇڏيا آهن. سڪندر هن ننڍي کنڊ جا فتح ڪيل علائقا پنهنجي شهنشاهيت ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پنهنجي هن مقصد ۾ تيسين تائين ڪامياب رهيو، جيسين تائين هو هن ڌرتيءَ تي موجود رهيو ۽ هتان جا راجائون کانئس ڪنبندا رهيا. جڏهن هن گيڊروشيا جي ويران علائقي ۾ قدم رکيا، ته سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جي ماڻهن، جن کي هن تازو شڪست ڏني هئي، تن سڪندر خلاف هڪدم ئي بغاوت جو ڦريرو ڦڙڪايو ۽ سڪندر جي پٽاليني Patalene ۾ مقرر ڪيل عملدارن کي لوڌي ڪڍي ڇڏيو. ٻن سالن اندر سندس ڪيل سڄو پورهيو پاڻيءَ ۾ هليو ويو. سندس قائم ڪيل مقدونيا جي شهنشاهيت ٿوري عرصي دوران ٽڪرا ٽوٽا ٿي وئي. وڌيڪ وقت گذريو ته انهن ٽوٽن ٽڪرن مان رهندو وري به ننڍين رِياستن ۾ ورهائجي وئي. سمجهه ۾ ائين اچي ٿو ته ڇوڙ وارو علائقو پورس جي ضابطي هيٺ اچي ويو هو. ايران جي دارا کان پوءِ هيءُ ماڻهو سندس دشمن هو. سڪندر جي خلاف جنگ ڪئي هئائين، جنهن ۾ هن هار کاڌي هئي، بعد ۾ ڪن شرطن تي ساڻس صلح ڪيو هئائين. آخر ۾ هڪ يوناني ماڻهوءَ جي هشيءَ تي کيس قتل ڪيو ويو هو. هن کانپوءِ پٽاليپٽرا Pataleputra جو چندر گپتا اتر هندستان ۾ اقتدار ۾ آيو. کيس موريا گھراڻي جو بنياد وجھندڙ حڪمران به چيو ويندو آهي. هن دور ۾ سنڌ مٿان ڌارين جي حڪمراني ختم ٿي وئي هئي. جيڪڏهن سنڌ موريا شهنشاهيت ۾ شامل هوندي ته به ان سان سندس واسطو نالي ماتر هوندو. مٿس موريا گھراڻي جي حڪومت جو باقاعدي ضابطو وغيره ڪونه هوندو. ڇاڪاڻ ته سنڌ گنگا واري راڄڌاني کان گھڻو پري هئي ۽ وچ تي ٿر جو رڻ پٽ هو. سنڌ جيڪڏهن ان جي ماتحت هوندي به پر اهو ناتو به ذري گھٽ آزاديءَ جھڙو هوندو. سنڌ ڪڏهن آزاد ته ڪڏهن نيم آزاد رهندي آئي ۽ اهو سلسلو گريڪو باختر حڪومت تائين هلندو آيو. انهن يونانين جي دعويٰ هئي ته اهي هن ننڍي کنڊ جي سڪندر جي فتح جا وارث آهن. اهي پنهنجي ملڪ ۾ ويهي هندستان ۾ سڪندر جي فتح ڪيل ملڪن تي پنهنجي حق ڄمائڻ جا جتن پيا ڪندا هئا. آخرڪار ڊميٽريس نالي هڪ بادشاهه ٻي صدي قبل مسيح ۾ پنهنجي گھل چاڙهي اچي پٽالڻي تي هلان ڪئي ۽ فتح ڪري باختر جي حڪومت سان شامل ڪري ڇڏيائين. هن جو سهيوڳي حڪمران منادر Menadar به هو، جيڪو هن کان وڌيڪ زنده رهيو. چيو ويندو آهي ته هن اتر هندستان ۾ سڪندر کان وڌيڪ سوڀون ماڻيون هيون. سندس حڪومت ۾ نه رڳو پٽالڻي شامل هئي، پر سنڌوءَ ۽ نربدا درياهه جي وچ وارا سارا ملڪ به پنهنجي حڪومت ۾ گڏي ڇڏيا هئائين. لئسن (“Ind. Alt” II-328) جو انومان آهي ته مناندر 144 ق. م. ڌاري حڪومت ڪئي. ولسن (آريا ائنٽيڪا) چوي ٿو ته هن جي حڪومت کي 126 ق. م. کان اڳ ۾ سمجھي ڪونه ٿو سگھجي.

جنهن وقت هتي مٿي بيان ڪيل واقعا ٿي رهيا هئا ته ان وقت اتر چين ۽ وچ ايشيا سان لاڳاپيل هڪ تاريخي واقعو اڀري رهيو هو، جنهن جا سڪندر جي هن ننڍي کَنڊ تي ڪيل حملي کان وڌيڪ گھرا اثر ٿيڻا هئا، چين جي تاريخ ۾ اهو 165 ق. م. جو واقعو آهي. مذڪوره تاريخي واقعو هن ريت آهي ته هونگهو Hoangho درياهه جي ڪٺار سان رهندڙ، يو چي Yeu-chi قبيلي سان دنگئي جوءِ ۾، ڪي توراني قبيلا رهندا هئا، جن مٿان ڏاڍ ڪري کين اولهه طرف لڏپلاڻ ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. يوچي قبيلي کي وري ٻئي سگھاري قبيلي هِيونگ نُو Hiung-Nu يا هن Huns قبيلي ايترو ستايو ۽ ڏهڪايو جو هو به اتر- اولهه طرف Illi اِلي درياهه ڏانهن لڏ پلاڻ ڪري هليا ويا. ان جوءِ ۾ سِسي Sse نالي هڪ قبيلو رهندو هو، جنهن نئين آيل يوچي قبيلي سان مهاڏو اٽڪايو، پر ساڻن وڙهي پورا پئجي ڪونه سگھيا. تنهن ڪري هو پنهنجي اباڻي جوءِ ڇڏي اولهه طرف سوگديانا ڏانهن هجرت ڪري هليا ويا. هيءُ ملڪ آمون ۽ سير درياهه جي وچ تي هو. هونگهو مان آيل مهاجرن هن ملڪ تي دنگو ڄمايو. ٿورو وقت مس گذريو، جو هڪ ٻئي رولو مهاجر قبيلي اسيون Usiun کين اچي ٽپڙ ٻڌايا. شڪست کائڻ کانپوءِ يو-چي قبيلي به سسي قبيلي پٺيان اولهه طرف هجرت ڪئي. اُسيون Usiun قبيلي کي به نيٺ هيونگ- نو Hiung-N چين مان ڪڍي ڇڏيو. يو- چي قبيلي سِير درياهه اڪري وري وڃي سسي قبيلي سان جھيڙو اٽڪايو. نتيجي ۾ اهي سوگديانا Sogdiana مان نڪري هليا ويا. ان سوڀ کانپوءِ ان لاڏو مهاجر – يو چي قبيلي توان Tawan يا فرغانا منجھان لنگھي تاهيا Tahia نالي هڪ قبيلي کي شڪست ڏني ۽ ڪجهه وقت آمون درياهه جي اترئين ڪناري سان ويٺا رهيا. هي آخري واقعو 124 ق. م. ڌاري ٿيو. (37). يو-چي جي هن لاڏائو مهاجر قبيلي جي هندستان وڌڻ کي ٿوري وقت لاءِ پارٿين روڪي وڌو هو. ان سان گڏ گريڪو هند قبيلي جو جنگجو بادشاهه مناندر به سندن اڳتي وڌڻ لاءِ رنڊڪ بڻيل هو. اها قبل مسيح جي آخري صدي هئي. اهي نيٺ پهرين صدي عيسوي وقت سنڌوءَ تائين پهتا ۽ سندن حڪومت سنڌوءَ جي ڇوڙ تائين قائم ٿي وئي. يونان جي مؤرخن هنن ماڻهن کي انڊو- سٿين جي نالي سان سڏيو آهي ۽ سنڌو ماٿريءَ جي صفا هيٺين علائقي کي انڊو- سٿيا سڏڻ لڳا. هنن توراني قبيلن جي جھيڙن کان اڳ ۾ ئي يوناني سگھه وچ ايشيا ۾ ختم ٿي وئي هئي ۽ ان کانپوءِ هندستان ۾ به پنهنجي پڄاڻي کي پهتي.

اها ڏکوئيندڙ تاريخ جنهن جو تَتُ اوهان جي آڏو پيش ڪيو ويو، تنهن ۾ هڪ دلچسپ ۽ اهم حقيقت به درج ٿيل آهي. اهو ڏيساور سان لڳاتار هلندڙ ۽ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ واپار هو، جيڪو سنڌوءَ جي ڦاٽن وسيلي وکري ۽ پکڙجي رهيو هو. ڇاڪاڻ ته هنن علائقن جو ٻاهر ويندڙ اهو اڪيلو درياهي گس هو. شروعات کان وٺي سمنڊ رستي هن ماڳ جي واپار ٻاهرين ملڪن جي واپارين جو پاڻ ڏانهن ضرور ڌيان ڇڪايو هوندو، توڙي جو هن ڇوڙ واري علائقي وسيلي سمنڊ تائين پهچڻ به ڏاڍو ڏکيو هو. هڪ پاسي کان اهو پاڻي وارو رستو اٽڪ کان شروع ٿي رهيو هو، جيڪو وچ ايشيا جو مکيه لنگهه هو. اڳتي وڃي هندستان جي ميداني علائقن مان لنگھي، اهو واپاري رستو عراق جي درياهن ڀرسان ۽ ميڊيٽيرينن سمنڊ جي ڪناري ويجھو لنگھندو هو، جتان جا ماڻهو آڳاٽي سمي کان وٺي واپاري ذهن رکندا هئا ۽ سمنڊ رستي واپار ڪرڻ جا ڪوڏيا هئا. شروعاتي زماني ۾ واپاري ٻيڙا ڊچ کان سامونڊي ڪنارو ڏئي هلندا هئا. پاڻيءَ ۾ ايترو پري ويندا هئا، جو ڌرتي سندن اکين کان دور ڪانه ٿيندي هئي. کُلئي سمنڊ ۾ وڃڻ کان پيا ڪيٻائيندا هئا. ايراني نار يا ڳاڙهي سمنڊ مان جڏهن واپاري ٻيڙا هندستان ايندا هئا، ته سڌو اچي سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي ۾ بيهندا هئا. اهڙيءَ ريت هيءَ ڳالهه به پڪ سان چئي سگھجي ٿي ته تاريخ جي دور کان گھڻو اڳ ڪلداني واپاري، جن لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي سمنڊ رستي واپار ڪندا هئا، سي به گھڻو تڻو هلي اچي سنڌوءَ جا بندر ڀيٽيندا هئا. (38) ساڳيءَ ريت مصر ۽ عربستان جا واپاري به هندستان سان واپاري ڏيتي ليتي سنڌوءَ جي بندرن معرفت ڪندا هئا. اهو به چيو ويندو آهي ته حضرت سليمان جو ٻيڙو به سنڌوءَ جي ڇوڙ وارن بندرن ۽ بازارين ۾ وکر وهائيندو ۽ وڻجيندو هو. اسان لئسن جي هيءَ ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ڪونه آهيون ته اوفير- (39) Ophir جو شهر سنڌوءَ جي ڪٺار سان آباد هو.سڪندر جي جنگي مهم، مغرب جي ماڻهن کي مشرق جي گھڻي معلومات مهيا ڪئي آهي ۽ هندستان جي واپار ڪرڻ لاءِ ڄڻ ته رستو کوليو آهي. هن قسم جي ڏيتي ليتيءَ کي ٽالميءَ جي دور ۾ هٿي ملي، جنهن ميڊيٽيرينن (ڀونچ) سمنڊ تي موجود اسڪندريا شهر کي ايشيا جي مال جي منڊي بڻائي ڇڏيو هو. ان زماني ۾ مصر، ايران ۽ سنڌ جا جهاز عربستان جي سابيان Sabaean بندر وٽ اچي پاڻ ۾ ملندا هئا. اتي پاڻ ۾ واپاري جنسن جي مٽا سٽا ڪري وطن ورندا هئا. آگاٿارڪيڊس Agatharchides جيڪو ٻي صدي ق. م. يونان جو مؤرخ هو، تنهن اسڪندريا ۾ اهڙي قسم جا انگ اکر گڏ ڪيا هئا ۽ اهو واپار سندس زماني ۾ هلندڙ هو. سندس بيان آهي ته عربستان جي بندرن تي ايشيا جا گھڻا جھاز مال کڻي ايندا هئا. پر جھجھائي پوٽانا (Potana) (پٽالا) مان ايندڙ جهازن جي هوندي هئي. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته هي شهر سنڌوءَ جي ڇوڙ وٽ واپار جي وڏي منڊي آهي. سندس پيڙه جو پٿر سڪندر رکيو هو، جنهن شهر ڏانهن هتي اشارو ڪيو ويو آهي، تنهن ۾ ته ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي گنجائش ئي ڪانه آهي، پر مؤرخ (ٿي سگھي ٿو اوتارو ڪندڙ) نالي لکڻ وقت ٿوري غلطي ڪري وڌي آهي. شايد هن حقيقت کان به واقف ڪونه آهي، ته هن پٽالا شهر جو بنياد سڪندر ڪونه رکيو هو. (40) پر هتي بحري فوج رهائڻ واسطي ”نيول اسٽيشن“ قائم ڪئي هئائين ۽ چوڌاري قلعو اڏايو هئائين. اهو ڪڏهن به سمجھيو نه وڃي ته وڏا ٻيڙا مٿي درياهه ۾ هاڪاري پٽالا تائين هليا ويندا هئا. ڪلي ٻيڙيون ۽ سمنڊ سان واسطو رکندڙ ٻيون ٻيڙيون اوڏاهين ڪونه وينديون هيون. اهڙي قسم جا وڏا جهاز سنڌوءَ ۾ ٽيهه ميل مٿي مس وڃي سگھندا هئا. جڏهن ”پٽالا“ جو ڏيساوري واپارين جي بندر طور نالو کنيو وڃي، ته اسان کي ائين سمجھڻ گھرجي ته ولايت جي واپارين جو سامان سمنڊ کانپوءِ درياهي ٻيڙين وسيلي مٿي پٽالا تائين پهچندو هو. اهو سامان وڏن سامونڊي ٻيڙن مان لاهي درياهي ننڍين ٻيڙين ۾ گھڻو هيٺ، ڇوڙ واري علائقي ۾ چاڙهيو ويندو هو. هي سامونڊي مال برادريءَ وارو طريقو آڳاٽي زماني کان وٺي اڄ ڏينهن سوڌو رائج آهي. ڇوڙ واري علائقي ۾ هندستان جي هر ملڪ جا جهاز بيٺل نظر ايندا هئا. ڪي ايراني نار ته ڪي ڀونچ سمنڊ مان آيل هوندا هئا ۽ هتي اچي مال جي مٽاسٽا ڪندا هئا. هن طريقي جو واپار پهرين صدي عيسوي تائين هليو. ان وقت تائين پٽالا پنهنجي پوري اوج تي هو. ان کانپوءِ منجھس اڳين اهميت ڪانه رهي. ناکئن ۽ سکاڻن مان سمنڊ ۾ ٻيڙن هلائڻ وارو هنر ڄڻ موڪلائي ويو. ان صديءَ جي وچ سان لاڳاپيل هڪ ڳالهه آهي ته Hippalus هپالس نالي جهاز جو هڪ سکاڻي هو. پتو ناهي ته يوناني هو يا رومي، سو چؤماسي واري موسم جي گھري مطالعي واسطي گھڻي وقت کان وٺي کلئي سمنڊ ۾ نڪري پيو هو. هن ڪناري سان هلڻ وارو جهازرانيءَ جو ضابطو ۽ عام اصول ڇڏي، پنهنجي جهاز کي ڏکڻ اولهه چوماسي وارين هوائن جي حوالي ڪري ڇڏيو. سندس جهاز ان وقت ڏکڻ عربستان جي سامونڊي ڪناري سان بيٺو هو، تنهن وٺي اوڀر جو رخ ڪيو ۽ اچي هندستان جي سامونڊي ڪناري سان لڳو. وري جڏهن اتر- اوڀر چوماسي جي هوا گھُلي ته پڳهه کولي سڙهه، سڌا ڪري، پنهنجو ٻيڙو ٻار ۾ هنيو. عميق جا آڇاڙا اڪري اچي عربستان جي بندر ڀيڙو ٿيو. سندس تجربو ڪامياب ويو جنهن ڪري مغرب ۽ هندستان جي سامونڊي سفر ۾ گھڻو فاصلو گھٽجي ويو ۽ هندي سمنڊ جي سفر ۾ پڻ هڪ انقلاب اچي ويو. ان صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين هن ڌڱ ۽ سورهيه سکاڻي جهازران هپالس جي قائم ڪيل مثال جي پوئواري ڪندي، مشرق جا واپاري به ائين ڪرڻ لڳا هئا. ان جو لازمي نتيجو اهو نڪتو جو سنڌو جي ڇوڙ وارو علائقو جيڪو اڳي هر شيءِ جي منڊي هو، تنهن جي اهميت ۽ اوج گھٽجڻ لڳو. ”باري گازا“ Barygaza ملبار جي سامونڊي ڪناري وارا بندر مزيرس Muziris ۽ نيلڪنڊا Nelkynda هندستان جي وڌيڪ پيداواري علائقن جا بندر هئا، سي وڌڻ ويجھڻ لڳا. مٿين بندرن وٽ پٽالڻي کان هڪ وڌيڪ سهوليت هئي ۽ پهچڻ ۾ به پٽالڻي کان وڌيڪ سولا هئا. سندن ماڳ ڇوڙ جي علائقن وٽ سمنڊ جي ڪناري سان هئا، جيڪي ڪناري وٽان ئي ڏسي سگھبا هئا. وٽن پهچڻ لاءِ ڪنهن سونهين کڻڻ جي لوڙ ڪانه پوندي هئي، پر پٽالڻي وٽ پهچڻ، سکاڻين واسطي ڄڻ وڏو ڏچو هوندو هو.

اسان هاڻي ان دور تائين پهچي ويا آهيون، جو اسان کي سنڌوءَ جي هن ڇوڙ واري علائقي بابت پيري پلس آف دي اري ٿرائين سيPeriplus of Erythraean Sea بابت حوالا ملي وڃن ٿا. ملڪ جي هن خاص علائقي بابت معلومات جيڪا مصنف هٿ ڪئي آهي، سا ڏاڍي کري ۽ سچي آهي. معلوم ائين ٿئي ٿو ته مصنف ذاتي مشاهدو ڪري اها ڄاڻ هٿ ڪئي آهي، جيڪا اکيون ٻوٽي اعتماد ڪرڻ جوڳي آهي. هي مؤرخ سنڌو ماٿري واري هيٺئين حصي کي سٿيا Scythia سڏي ٿو. توڙي جو هو پاڻ ئي ٻڌائي ٿو ته ”پار ٿيا“ جي حمله آورن هلان ڪري انڊوسٿين علائقن تي پنهنجي سياسي سگهه ڄمائڻ جا جتن ڪيا هئا، پر اچرج جھڙي ڳالهه اها آهي، ته هن يوناني مصنف ڪڏهن پٽالا يا پٽالڻي جو نالو وٺي سندس ذڪر ڪونه ڪيو آهي. هن حقيقت مان اهو لکي سگھون ٿا ته سنڌوءَ جي راڄڌاني وارو هي مکيه شهر ان دور ۾ يا ته موجود ئي ڪونه هو، يا ته وري ايترو غير اهم ٿي ويو هوندو، جو سندس ذڪر ڪرڻ جي لوڙ ئي ڪونه پئي هوندي. قديم شهر پٽالا جي جاءِ تي نئين راڄڌاني قائم ڪئي وئي هوندي ۽ حقيقت به اها آهي. اسان کي ڇوڙ واري علائقي وٽ هڪ نئين سامونڊي بندر جو نالو ملي ٿو. سمجهه ۾ ائين اچي ٿو ته گريڪو- بئڪٽرين، گريڪو- انڊين ۽ انڊو- سٿين جي ڪاهن ڪري وڏي اٿل پٿل آئي. جيڪڏهن ان ڇول ۾ سنڌوءَ جي ڇوڙ واري ايراضي جي راڄڌاني ”پٽالڻي“ ڀيلجي بُٺ ٿي وئي ته ڪا اچرج جھڙي ڳالهه به ڪانه آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙي وايومنڊل ۾ ڀرياتريا شهر اجڙي ويران ٿي ويندا آهن. ان سان گڏ هن ڳالهه جو به امڪان آهي ته سنڌوءَ ۽ ٻين درياهن پنهنجا وهڪرا مٽائي، اهڙن ڪيترن شهرن جون بندر ۽ بازاريون ڦٽائي ويران ڪري ڇڏيون. هيءَ به هڪ قسم جي اڻ سڌي ثابتي آهي، پر نتيجي ڪڍڻ واسطي هن ڳالهه تي به ويچاري سگھجي ٿو.

پر اهي ماڻهو جيڪي سڪندر سان گڏ آيا هئا، تن جو چوڻ آهي ته سنڌو فقط ٻن ڦاٽن وسيلي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري رهيو هو. اهي اسان جي پنهنجي ذاتي مشاهدي موجب ڇوڙ واري علائقي جي صفا اوڀر ۽ صفا اولهه ۾ وهندا هئا. پيري پلس Periplus جو بيان آهي ته سنڌوءَ کي ”ست ڇوڙ آهن“ جيڪي سڀ سوڙها، تانگھا آهن ۽ سندن پيٽن ۾ واري ويٺل آهي. باقي وچون وهڪرو وڏو ۽ جهاز رانيءَ (43) لائق آهي.“ ان زماني ۾ ڇوڙ واري علائقي اندر وچون وهڪرو وڏو هوندو هو ۽ پاڻي جو وڏو مقدار کڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. سنڌوءَ جا ٻئي وڏا ڦاٽ، سڪندر پاڻ هاڪاري ۽ جاچي ڏٺا هئا، جن مان هڪ اڀرندي ۽ ٻيو الهندي وڃي رهيو هو. الهندي ڦاٽ مان سڪندر جو اميرالبحر نِيرڪوس Nearchus بحري فوج جا ٻيڙا هاڪاري سمنڊ تائين پهتو هو. اهو ڦاٽ هاڻي سڪي ويو آهي. پيري پلس جا اکر جيڪي وڌيڪ صحيح آهن، تن کي هن رِيت ورجائي سگهجي ٿو ته انهن جو پاڻي ڍنڍن جيان هڪ جاءِ تي بيٺل آهي. اهي ماڻهو جن سنڌوءَ جا اهڙا پراڻا ڦاٽ ڏٺا هوندا، سي هن حقيقت جي ضرور پٺڀرائي ڪندا. هاڻي اسان کي درياهن جي وهڪرن جي رخ مَٽڻ واري اصول کي ياد رکڻ گھرجي ته درياهه جو مکيه ڦاٽ، جيڪو ڪڏهن ڇوڙ واري علائقي جي صفا هڪ پاسي تي هوندو آهي، سو سرڪي اچي ڇوڙ جو وچ وٺندو آهي. پر ڏٺو وڃي ته اهڙي تبديلي پهريائين ڇوڙ واري علائقي کان مٿان ايندي آهي. جيئن مٿان درياهه جو وهڪرو الهندي آهل رخ اختيار ڪري ويو، ان ڪري ڇوڙ جي هِيٺئين علائقي واري اولاهين شاخ (جنهن سان ڪڏهن نيرڪوس هاڪاريو هو) کي پاڻي ڇڏي ويو. ڇاڪاڻ ته پاڻيءَ ڪجهه اڀرندي طرف پنهنجو گس بنائي ڪجهه سڌو ٿي ڇوڙ واري علائقي جي وچان وهڻ لڳو. ڇوڙ واري علائقي کان مٿان جڏهن وهڪري الهندي طرف جھوڪو کاڌو، ته سنڌوءَ واري اڀرندي ڇاڙهه، جيڪا سڪندر جي دور ۾ به موجود هئي، تنهن کي به ڇڏي ويو. اها تبديلي هوريان هوريان ٿيندي رهي ۽ الهندي ڪناري کي کائيندي چيڪو ۽ واري اڀرندي ڪٺار سان اڇليندي وئي يا وري هڪدم ئي وهڪرو مٽائي وئي، جھڙي ريت اڳين صديءَ ۾ حيدرآباد جي اتر طرف کان هڪدم ڦيرو کائي وئي هئي. اڳتي هلي درياهه وري ائين هڪ وهڪري جي صورت ۾ وهندو آهي، جيئن پيري پلس بيان ڪيو آهي. هن درياهه جو وهڪرو صدين کان وٺي تبديل ٿيندو رهيو آهي، جنهن جو اندازو سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي ۾ اوڀارئين طرف موجود پراڻن پيٽن مان يا اتر طرف سندس قديم وهڪرن مان لڳائي سگھجي ٿو“ (44)

اهڙيءَ ريت جڏهن درياهه جو وهڪرو مٿان کان ئي الهندي ڏانهن رخ ڪرڻ لڳو ته ان جو لازمي نتيجو اهو ٿيو هوندو، جو پٽالا جي پٽن کان پاسو ڪري ويو هوندو ۽ سامونڊي بندر سان سندس لهه لاڳاپو ڇڄي ويو هوندو. اڳي جيان ماڻهو ته منجھس کڻي رهندا به هوندا، پر ڏيساوري واپار جي وڏي منڊي واري سندس اڳين حيثيت ڪانه رهي هوندي. پهرين عيسوي صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ اسان کي پٽالا جو ڪو ڏس پنڌ ڪونه ٿو ملي. پر پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته اهو شهر پنهنجي دور جو مشهور معروف بندر هو. دنيا جي هن مشهور شهر جو نالو ٽالمي Ptolmey جي جاگرافيءَ ۾ به موجود ڏسون ٿا. هن، پيري پلس کان اڌ صدي کن پوءِ پنهنجو ڪتاب لکيو آهي. سندس ڏنل بيانن مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته هن لکڻهار گھڻن ماڳن جا نالا پراڻن ۽ نون مصنفن جي ڪتابن تان کنيا آهن. گھڻن سياحن ۽ سيلانين جي ڪتابن کي به ماخذ بڻايو آهي. ان کان علاوه سڪندر جي جنگي مهم سان لاڳاپيل ڪتابن تان حوالا پڻ ورتا آهن. پر اها پڇا ڳاڇا ڪانه ڪئي اٿائين ته اهي موجوده حالتن سان ٺهڪي به اچن ٿا يا نه.

پيري پلس جي لکڻهار مطابق سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جي بندر جو نالو، ”بارباريڪان“ Barbarikon آهي، جيڪو سنڌوءَ جي وچين ڇوڙ تي آباد آهي. سندس سامهون هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي. (45) هيءَ ڳالهه ضرور ڌيان ۾ رکي وڃي، ته مذڪوره بندر سامونڊي ڪٺار جي ويجھو يا ماڳهين ڪٺار تي قائم هوندو. جيڪڏهن ائين هجي ها ته سامونڊي ويرون ان کي ناس ڪري ڇڏين ها، يا هندي سمونڊ جون طوفاني لهريون کيس اپڙڻ ۽ اڀرڻ ڪونه ڏين ها. ڇوڙ جي ٻين بندرن جيان، جن جي اسان ٿوري گھڻي ڄاڻ رکون ٿا ته ”بارباريڪان“ جو بندر سمنڊ کان وٿيرڪو ۽ درياهه جي ڪٺار سان وسندڙ هوندو. سامونڊي آپدائن کان بچاءَ واسطي ان کان ڏهه يا پندرهن ميل پري آباد هوندو. مذڪوره ٻيٽ به زمين جي اها ايراضي هوندي، جنهن تي سنڌوءَ جا ننڍا ڦاٽ وهڪرو بدلائڻ وقت واري ڇڏي ويندا آهن، اها ايراضي گھڻو ڪري ڇوڙ واري علائقي جي هيٺئين پاسي وچ تي هوندي. اهو بندر، شاهبندر کان گھڻو پري ڪونه هوندو. (ڏسو نقشو-III) مان سر ايڇ. اليٽ ۽ جنرل ڪننگھام جي ويچارن سان سهمت ڪونه آهيان، جيڪي گھاري سان آباد ڀنڀور کي بارباريڪان سمجھن ٿا (46). هيءُ ماڳ ڇوڙ واري علائقي کان اتر اولهه طرف تي آهي. جنرل ڪننگھام ڀنڀور کي بارباريڪان هن ڪري سمجھي ٿو، جو سندس ويساهه آهي ته سنڌوءَ جي وچين وهڪري سان مٿي هلي ڀنڀور پهچي وڃبو هو. ائين هيو يا نه، تنهن جو پتو ڪونه آهي. پر پيري پلس جو بيان آهي ته اهڙي ماڳ تي واقع هو، جتي وچين وهڪري کانسواءِ به هاڪاري پهچي سگھبو هو. بارباريڪان هڪ بگڙيل لفظ آهي، تنهن کي اڄ واري دور ۾ سڃاڻڻ ۽ ڳولي لهڻ پاڻي ولوڙڻ سمان ٿيندو.

سٿيا جي راڄڌانيءَ جو نالو مين نگرا Mennagara آهي. 5- ڀ هن ماڳ بابت بيان آهي ته بارباريڪان کان پٺئين پاسي، هڪ ٻيٽ تي واقع آهي. اهو ٻيٽ ڪيترو پري آهي؟ اهو ڪونه ٻڌايو ويو آهي. ايترو سوچيو ويو آهي ته سامونڊي ٻيڙا بارباريڪان ۾ اچي لنگر هڻندا هئا. ان کانپوءِ جهاز سارو لڏيل مال درياهي ٻيڙين وسيلي راڄڌاني ويندو هو. هن حقيقت مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته ”مين نگر“ سنڌوءَ جي ڇوڙ واري بندر بارباريڪان کان گھڻو پري ڪونه هو. لئسن (انڊسڪي آلٽرٿر مسڪنڊي (Indische Alter Thumskunde) مذڪوره راڄڌاني کي سيوهڻ کان ٽيهه ميل اتر طرف ٻڌائي ٿو، جيڪا اعتبار جوڳي ڳالهه ڪانه آهي. سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جي بندر کان وٺي هن ماڳ تائين واپاري مال پهچڻ ۾ ڇهه هفتا لڳي ويندا. هن ماڳ جي تعين ڪرڻ ۾ هن ٽالمي جي مقرر ڪيل ڊگھائي ۽ ويڪرائي ڦاڪ کان ڪم ورتو آهي، جن کيس گمراهه ڪري ڇڏيو آهي. جنرل ڪننگھام ان راڄڌاني کي ٺٽو سمجھي ٿو. هيءُ ماڳ گھڻي وقت تائين سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جي راڄڌاني رهيو آهي، پر جنرل ڪننگھام غلط سڃاڻپ ڪرڻ جو ماهر آهي. مين نگر جو ماڳ ٺٽي واري ويڪرائي ڦاڪ ۾ موجود آهي، پر ٺٽو نه آهي، سا امڪاني ڳالهه ضرور آهي، پر جنرل ڪننگھام جي چوڻ موجب ان کي ٺٽو سمجھڻ بلڪل غلط ٿيندو. سندس پهريون ويچار اهو آهي ته ٺٽو عرب جاگرافيدانن واري منجباري Manajabari آهي. منجباري کان پوءِ کيس مندباري Mandabari سڏي ٿو. ان کان بعد چوي ٿو ته مندس Mands ۽ منس Mins ساڳي شيءِ آهي. اهڙيءَ ريت اڳتي هلي بحث هن نتيجي تي پهچي ٿو ته منجباري Manjabari مين نگر Minnagara ۽ ٺٽو، سڀئي هڪئي شهر جا نالا آهن. جنرل ڪننگھام ٺٽي کي منجباري سمجھي ظاهر ظهور غلطي ڪري ٿو، جنهن کي ايندڙ باب ۾ واضح ڪيو ويندو، جنهن جو پوئين دور سان واسطو آهي. مين نگر جي ماڳ بابت پنهنجي طرفان ڪو امڪاني ٿاڪ به ظاهر ڪري ڪونه ٿا سگھون. انهيءَ ڪري جو ”پيريپلس“ به هن مامري ۾ اڻ چٽو ۽ منجھيل ڏسجي ٿو. مان هن مسئلي کي جيئن آهي، تيئن ڇڏڻ گھران ٿو. ڪتاب جي لکڻهار کان ڪنهن اتفاقي غلطيءَ سبب هن شهر بابت ڪجهه لکڻ وسري ويو آهي (47).

هاڻي اسان کي ڇوڙ واري علائقي سان لاڳاپيل ڪن ٻين احوالن ڏانهن اچڻ گھرجي، جيڪي ٽالمي جي جاگرافيءَ ۾ لکيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. مذڪوره ڪتاب اسان کي ٻي صدي عيسويءَ سان لاڳاپيل معلومات بابت ڄاڻ ڏئي ٿو. هن ڪتاب ۾ ڏنل حقيقتن کي پڙهڻ کانپوءِ به ڄڻ ڪنهن کوٽ جي لکا پئي ٿي ۽ ماڻهو پاڻ کي ڪجهه اُڃيو پيو ڀائيندو. اها اهڙي اوڻائي آهي، جيڪا شهرن جي نالن جي ڊگھي پنوتري ڏئي پوري ڪري نه ٿي سگھجي ۽ شهر به اهڙا آهن، جو اهي اڄ سڃاڻي به ڪونه ٿا سگھجن، توڙي جو انهن جي ڊگھائي ۽ ويڪرائي ڦاڪ به ڏني وئي آهي. هيءُ اسان کي ٻڌائي ٿو ته سنڌو ماٿري واري هيٺئين علائقي کي انڊو سٿيا (سنڌو سٿيا) 6- ڀ سڏيو ويندو هو. وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته اهو ٻن حصن ۾ ورهايل هو، جن مان هڪ پٽلاڻي يا ڇوڙ وارو حصو ۽ ٻيو ان کان مٿان آبيڙيا Abiria نالي علائقو هوندو هو. هيءُ ”پيري پلس“ جي هن بيان جي به تصديق ڪري ٿو ته ڇوڙ واري علائقي ۾ سنڌوءَ جا ست ڦاٽ هئا، جن جا نالا هو هن ريت ڏئي ٿو.

(Lib Vii.cap.i.Sect2)

  • سنڌوءَ جي صفا اولاهين ڇوڙ جو نالو ساگاپا Sagapa هو.
  • ٻئي ڇوڙ جو نالو سنٿن Sinthon هو.
  • ٽئين کي ڪِري سائون Chry Soun سڏيو ويندو هو.
  • چوٿين جو نانءُ ڪارِي فران Carifaraon هو.
  • پنجون ساپرا Sapara
  • ڇهون سابالائسا Sabalaessa هو.
  • ستي کي لوڻي ٻارِي Loni barai چيو ويندو هو.

موجوده دور جي سنڌوءَ جي ڦاٽن مان ڪنهن جو به نالو مٿي لکيل ڦاٽن سان هڪ جھڙائي ڪونه ٿو رکي. هن حقيقت تي ويچار ڪري اچرج ٿئي ٿو ته ڇوڙ واري علائقي اندر سنڌوءَ جا ڇوڙ ويرو تار مٽبا سٽبا رهن ٿا. پراڻا ڇوڙ پنهنجي نالن سان گم ٿي وڃن ٿا ۽ سندن جاين تي نوان ڇوڙ نون نالن سان پيدا ٿيندا رهن ٿا، جيڪي گھڻو ڪري هڪ صديءَ سان لاڳاپيل ڇوڙ ٻيءَ صديءَ ۾ وسري وڃن ٿا، پر ساگاپا ۽ لوڻي ٻاري جن مان هڪ صفا اولهه ۾ ۽ ٻيو صفا اوڀر ۾ موجود هو، سي جدا جدا ”گھاري“ ۽ ”ڪوري“ جي نالن سان سڃاڻي سگھجن ٿا. گھارو يا گھارا هڪ سنڌي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ کاري يا ڪريڪ Creek آهي. هن ڇوڙ تي پراڻي نالي کانپوءِ گھاري جو نالو پيو آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن هن ڇوڙ جو سنڌوءَ سان سُٻنڌ نه رهيو ته سامونڊي پاڻي منجھس ڌوڪي چڙهي آيو هوندو. سنٿن Sinthon البت سنڌوءَ جو نالو آهي، جيڪو هن درياهه تي آرين رکيو هو. ”لوڻي ٻاري“ وارو نالو منهنجي ويچار ۾ هن علائقي جي طبعي جاگرافي Physiographical سان واسطو رکي ٿو. هيءُ سوال پنهنجي سڀاءَ مطابق ڏاڍو دلچسپ به آهي. لئسن (I.A.I-97-حاشيه-2) جاگرافي جي هڪ عالم رِٽر Ritter جو حوالو ڏنو آهي، جنهن جي سند جي آڌار تي هو يقين سان چوي ٿو ته ”پراڻ“ وهڪري جو اصل نالو لوڻي هو. ان ڪري لوڻي ٻاري وارو ڇوڙ ان حقيقت ڏانهن اشارو آهي. مان پڪ سان چئي سگھان ٿو ته مسٽر رِٽر جو ويچار غلط آهي. هن صاحب پراڻ وهڪري کي لوڻي Luni or Loni سان گڏائي وچڙائي ڇڏيو آهي. ان جو اصلي نالو لواڻي Lawani يا لوڻياني يعني Saline آهي. هيءَ نئن راجپوتانا سان واسطو رکي ٿي ۽ ٻه سو ميل هلي ڪڇ جي رڻ ۾ اتر اوڀر ڪنڊ کان داخل ٿئي ٿي. ٻري سنڌي لفظ جي پڇاڙي آهي. جھڙيءَ ريت گھوڙا ٻاري آهي. هي گھوڙا ڦاٽ وارو ٿاڪ آهي، جيڪو ڇوڙ جي وچ واري علائقي سان واسطو رکي ٿو. اهڙيءَ ريت سنڌ جي وچولي جي شهر شهدادپور ڀرسان هُرباري Hurbari نالي هڪ ماڳ آهي. لوڻي ٻاريءَ جو به مطلب مفهوم اهو ٿيندو ته اهو ڦاٽ جنهن سان لوڻيءَ وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو. جيڪڏهن حقيقت ائين آهي، جيئن بيان ڪئي اٿم ته لوڻي ڪڇ جي رڻ جي اتر اوڀر ڪنڊ کان داخل ٿي، ڏکڻ اولهه طرف کان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هوندي، پر هاڻي صورتحال اها آهي جو رڻ ۾ لوڻي جي وهڪري جو نالو نشان به نظر ڪونه ايندو. سندس پاڻي هتي رڻ جي ڍوري ۾ ٿوري پنڌ تائين پکڙجي ويندو آهي ۽ ٿوري وقت کانپوءِ واري چُهي ويندي آهي. ڌرتي جي ڌُڏڻ وقت جڏهن رڻ جي ڌرتيءَ جو مٿاڇرو مٿي اُڀري آيو ته لوڻي جي وهڪري جا پراڻا پيٽ به ميسارجي ختم ٿي ويا. پر سمجهه ۾ ائين اچي رهيو آهي ته پوئين دور جي ڀيٽ ۾ قديم زماني ۾ هن ۾ تمام گھڻو پاڻي ايندو هو. ان جو سبب ڇا هو؟ تنهن جو پتو پئجي ڪونه سگھيو آهي.

سنڌوءَ جي ڪٺار سان موجود، جن شهرن جو ٽالمي ذڪر ڪيو آهي، انهن مان هڪ ”بين نگر“ Binagara به آهي. ٿي سگھي ٿو ته هي اُتارو ڪرڻ واري جي غلطي هجي ۽ اصل ۾ ”مين نگر“ Minnagara شهر هجي. هن شهر جو خاص ڏس پتو ڪونه ڏنو ويو آهي. فقط انهن شهرن جي ڊگھي پنوتريءَ ۾ لکيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪي سنڌوءَ جي ڪنڌي سان وسندڙ ڏيکاريا ويا آهن. سندس ويڪرائي ۽ ڊگھائي ڦاڪ کي به ڌڪي تي ڏيکاريو ويو آهي. پٽالا ۽ بارباري (ٿي سگھي ٿي ته هي شهر پيري پلس وارو بارباريڪان هجي) جا شهر درياهي ٻيٽن تي آباد آهن. ان جو مطلب اهو آهي ته اهي ٻئي شهر ڇوڙ واري علائقي ۾ موجود هئا. پر اهي سمنڊ کان ڪيترو پري هئا؟ سو ڪونه ٻڌايو ويو آهي. ٽالمي پٽالا بابت احوال سڪندر جي مؤرخن تان کنيا آهن، پر جڏهن هو پنهنجي جاگرافي لکي رهيو هو، ته سنڌو سڪندر واري دور کان گھڻو اڳتي سمنڊ طرف ۽ الهندي طرف سرڪي ويو هو ۽ ڇوڙ واري علائقي جي راڄڌاني پٽالا ان وقت ناس ٿي چڪو هو.

 

نوٽ: سنڌوءَ جي ڇوڙ بابت ٽالمي جا ڏنل ٻه ٽي حوالا هن ڪتاب جي پوئين ڀاڱي ۾ ڏسندا.