اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب پنجون)
هن ڪتاب ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان”سُرمومل راڻي“، ”سُر سهڻي“ ۽ ” سَسئيءَ جي پنجن سرن“ مان ڪجهه چونڊ بيت ڏنا ويا آهن. - سر مومل راڻي ۾، ”مومل ۽ راڻي“ جي ڪهاڻيءَ جي پس منظر ۾، راڻي جي روپ ۾ انساني ڪردار ۾ ، سورهيائي ۽ ڏاهپ جهڙا موضوع آهن ته ٻئي طرف مومل جي وڇوڙي ۽ وري ملڻ جي اميد جي ڪيفيت پڻ هن ڪتاب جو موضوع آهي. - سُر سهڻيءَ ۾ سنڌو درياهه جي موج ۽ مستيءَ واري زماني ۾ اُن جي دهشت ۽ ان سان تعلق رکندڙ ماحول جي عڪاسي ٿيل آهي. اهڙي ماحول ۾ ”سهڻي ميهار“ واري واقعي جي سورمي سهڻيءَ جي همت ۽ بي ڊپائيءَ کي پيش ڪيو ويو آهي. - ”سسئي پنهونءَ“ جي داستان ۾ وري ڪيچ مڪران جي شهزادي پنهونءَ ۽ سنڌ جي سسئيءَ جي ڪهاڻيءَ جي پس منظر ۾ اُن دور جي وڻج ۽ واپار، طبقاتي اوچ نيچ، سسئيءَ جي جابلو سفر جي ڏکن ۽ تڪليفن جو ذڪر ٿيل آهي. هن ڪتاب ۾ شامل بيتن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ عورت کي پنهنجي روايتي وفا ۽ سچائيءَ واري ڪردار ۾ ڏيکاريو آهي.
- ليکڪ: ڊاڪٽر فھميده حسين
- زمرو: لطيفيات
- پبلشر: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
- عالمي ڪتاب نمبر: 978-969-9098-95-6
- ڇپائي جو سال: 0
- پي ڊي ايف ڊائونلوڊ: 15
- اي-پب ڊائونلوڊ: 2.2Kg








