اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب ٻيو)
هن ڪتاب ۾ ”سُر ڪلياڻ“، ”سُر يمن ڪلياڻ“، ”سُر ڪاپائتي“، ”سُر سريراڳ“ ۽ ”سُر مارئيءَ“ مان اهڙا بيت شامل ڪيا ويا آهن، جن ۾ شاهه سائينءَ انسان کي اعليٰ اخلاق جي هدايت ڪئي آهي ۽ حياتيءَ ۾ هر قدم سوچي سمجهي کڻڻ جي نصيحت ڪئي آهي. شاهه صاحب اهو به ٻڌايو آهي ته اسان کي مالي فائدو هوندي به اهڙي سنگت نه رکڻ گهرجي، جنهن سان دل کي خوشي نه ملي، نه ڪي مالي فائدو. ان کانسواءِ هنن بيتن ۾ شاهه صاحب انسان کي هر ڪم ۽ هر پورهيو نيڪ نيتيءَ ۽ پيار سان ڪرڻ جو به سبق سيکاريو آهي. اهڙيءَ ريت عملي زندگيءَ ۾ محنت ڪرڻ ۽ سُستي، غفلت ۽ ڪوتاهيءَ کان پاڻ بچائي، خبرداري، سجاڳيءَ ۽ همت سان هلڻ جو ڏس ڏنو آهي. هنن بيتن ۾ شاهه صاحب اهو به سيکاريو آهي ته بي غرض بنجي، انسانن جي خدمت ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اُن سان دلي خوشي ۽ ذهني سُڪون حاصل ٿئي ٿو ۽ الله تعاليٰ به خوش ٿئي ٿو.
- ليکڪ: ڊاڪٽر فھميده حسين
- زمرو: لطيفيات
- پبلشر: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
- عالمي ڪتاب نمبر: 978-969-9098-92-5
- ڇپائي جو سال: 0
- پي ڊي ايف ڊائونلوڊ: 15
- اي-پب ڊائونلوڊ: 2.2Kg








