Video

بيت: 1

ڪيچان آيو قافلو، طَرَح موچاريءَ توڏ،

سينگاريائون سَيد چَئي، ڪَرَها مَنجهان ڪوڏَ،

لَک لَهي ٿِي لوڏَ، جيجان تن جَتَن جي.

ڪيچان:

ڪيچ علائقي کان، ڪيچ، بلوچستان جي شهر جو نالو

 

سينگاريائون:

ڪَرهو:

خوبصورت بنايائون

اٺ

قافلو:

اٺن جون قطارون، جن تي ماڻهو سوار هجن

 

ڪوڏَ:

لوڏ:

لاڏ، پيار، هيج

انداز، نمونو، طريقو

طرح:

نمونو، طرز

 

جيجان:

جيجل ماءُ

موچاري:

ڀلي، چڱي، سٺي

 

جت:

ذات (اٺن وارا)

توڏ:

توڏو (اٺ جو ڦر)، ننڍو اُٺُ

 

 

 

بيت جي سمجهاڻي

هيءُ بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائي  جي رسالي ۾ سسئي پنهونءَ جي داستان  بابت چيل ’سر ديسيءَ‘ مان چونڊيو ويو آهي. شاهه صاحب سسئيءَ جي زباني چوي ٿو ته: ڪيچ مڪران کان پنهونءَ جو قافلو ڀنڀور ۾ پهتو آهي، جنهن ۾ نهايت اعليٰ نسل جي  سهڻن اٺن جون قطارون آهن. قافلي جي جتن پنهنجي اٺن کي تمام گهڻي لاڏ ڪوڏ سان سينگاريو ۽ سنواريو آهي. قافلي ۾ شامل ڪيچ جي شهزادي پنهونءَ ۽ سندس سٿ جي ماڻهن جي لوڏ ۽ هلت چلت به شان واري آهي. مطلب ته سسئي،پنهون ۽ ان سان واڳيل هر شيءِ کي سڀ کان بهتر سمجهي ٿي.