ڪيچان آيو قافلو، طَرَح موچاريءَ توڏ،
سينگاريائون سَيد چَئي، ڪَرَها مَنجهان ڪوڏَ،
لَک لَهي ٿِي لوڏَ، جيجان تن جَتَن جي.
|
ڪيچان: |
ڪيچ علائقي کان، ڪيچ، بلوچستان جي شهر جو نالو |
|
سينگاريائون: ڪَرهو: |
خوبصورت بنايائون اٺ |
|
قافلو: |
اٺن جون قطارون، جن تي ماڻهو سوار هجن |
|
ڪوڏَ: لوڏ: |
لاڏ، پيار، هيج انداز، نمونو، طريقو |
|
طرح: |
نمونو، طرز |
|
جيجان: |
جيجل ماءُ |
|
موچاري: |
ڀلي، چڱي، سٺي |
|
جت: |
ذات (اٺن وارا) |
|
توڏ: |
توڏو (اٺ جو ڦر)، ننڍو اُٺُ |
|
|
|
بيت جي سمجهاڻي
هيءُ بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي ۾ سسئي پنهونءَ جي داستان بابت چيل ’سر ديسيءَ‘ مان چونڊيو ويو آهي. شاهه صاحب سسئيءَ جي زباني چوي ٿو ته: ڪيچ مڪران کان پنهونءَ جو قافلو ڀنڀور ۾ پهتو آهي، جنهن ۾ نهايت اعليٰ نسل جي سهڻن اٺن جون قطارون آهن. قافلي جي جتن پنهنجي اٺن کي تمام گهڻي لاڏ ڪوڏ سان سينگاريو ۽ سنواريو آهي. قافلي ۾ شامل ڪيچ جي شهزادي پنهونءَ ۽ سندس سٿ جي ماڻهن جي لوڏ ۽ هلت چلت به شان واري آهي. مطلب ته سسئي،پنهون ۽ ان سان واڳيل هر شيءِ کي سڀ کان بهتر سمجهي ٿي.