سوڍا صبرُ تُنهنجو، بي عَقُلن عَقل،
آهي اَنگ اَمُل، ماٺِ تنهنجي مينڌرا!
|
سوڍا: |
نالو، راڻي جي ذات |
|
اَملُ: |
قيمتي، بي بها |
|
صبر: |
خاموشي، تحمل |
|
ماٺ: |
خاموشي، چُپ |
|
بي عقل: |
بنا عقل وارا، بيوقوف |
|
مينڌرو: |
راڻو، نالو |
|
انگ: |
ڏانءُ، هنر، حرفت |
|
|
|
بيت جي سمجهاڻي
هيءُ بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جي ”سرمومل راڻي“ مان چونڊيو ويو آهي. هن بيت ۾ شاهه صاحب فرمائي ٿو ته: راڻي سوڍي جو چپ چاپ موٽي وڃڻ ۽ ڪاوڙ ڪرڻ بدران صرف نشاني رکي وڃڻ، سندس صبر ۽ سهپ کي ظاهر ڪري ٿو. راڻي جو اهو صبر ۽ سهپ هڪ بي بها گڻ آهي، جيڪو مومل جهڙي بي عقل کي به عقل ڏئي ٿو. مومل راڻي جي جدائيءَ مان اهو سبق حاصل ڪري ٿي، ته راڻي جو ڪو ڏوهه ڪونهي، پرمومل پاڻ ئي اهڙو سبب پيدا ڪيو جو راڻي کي غلط فهمي ٿي. مطلب ته سوڍي جو صبر ۽ ماٺِ مومل لاءِ عقل ۽ نصيحت پرائڻ جو سبب ثابت ٿئي ٿو.
- ●●