سماع ۽ راڳ جي شرعي حيثيت
فقير غلام علي مسروررح پنهنجي دؤر جي نامياري شخصيت ۽ شاعر هو، جنهن امام غزاليرح جي ڪتاب ”احياءُ علوم الدين“ جي جلد ٻئي مان ان وقت ترجمو ڪيو هو. اٿارٽيءَ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ هن ڪتاب جي اشاعت جي منظوري ڏني ۽ اسان هيءُ ڪتاب ڇپائي، اوهان آڏو پيش ڪري رهيا آهيون. اسان جي سماج ۾ راڳ ۽ سماع بابت ديني لحاظ کان مختلف رايا رائج رهيا آهن. هتي اسلام جا ڪي فرقا راڳ ۽ سماع کي حرام ته ڪي وري ڪجهه پابندين سان جائز چوندا رهيا آهن. ننڍي کنڊ ۾ چشتي سلسلي وارا بزرگ موسيقيءَ کي جائز تصور ڪندا آهن ۽ پنهنجي سلسلي ۾ سماع ۽ قواليءَ کي شامل ڪندا آهن. اهڙي قسم جا بحث هن ڪتاب ۾ پرکي سگهجن ٿا. سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان هن ڪتاب ۾ ڪافي اهڙا لفظ ۽ اصطلاح نظر ايندا، جيڪي يقينًا ٻوليءَ ۾ هڪ مُثبت واڌارو آهن. هن ڪتاب جا ٻوليءَ جي لحاظ کان ٻه پهلو آهن: هڪ ترجمي جي صورت ۾ سنڌي لغت جو اضافو، ڇاڪاڻ ته ٻي ٻوليءَ مان ترجمو ڪرڻ سان اهڙا کوڙ سارا اصطلاح ۽ لفظ گهڙجي آيا آهن. ٻيو ته اجتماعي طور ٻوليءَ ۾ ڪنهن خاص علم ۽ ڪتاب جو واڌارو ٿيو آهي. مون کي پڪ آهي ته محقق، شاگردَ توڙي سنڌي ٻوليءَ جا عام پڙهندڙ هن ڪتاب کي پسند ڪندا ۽ هن مان اتساهه وٺي، نون نون علمن جا ترجما ڪري سنڌي ٻوليءَ جي خزاني ۾ واڌارو ڪندا. سرفراز راڄڙ چيئرمين
- ليکڪ: حضرت ابو حامد محمد بن محمد الغزالي
- ترجمو: فقير غلام علي مسرور بدوي
- ترتيب، تدوين ۽ مقدمو : بيدل مسرور بدوي
- زمرو: لطيفيات
- پبلشر: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
- عالمي ڪتاب نمبر: 978-969-9098-56-7
- ڇپائي جو سال: 2016
- پي ڊي ايف ڊائونلوڊ: 15
- اي-پب ڊائونلوڊ: 2.2Kg








