اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب چوٿون)

هن ڪتاب ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان ٽن سُرن ”سرڪاموڏ“، ”سرليلان چنيسر“ ۽ ”سرمارئيءَ“ مان بيتن جي چونڊ ڪئي وئي آهي. سُر ڪاموڏ ۾ نوري ڄام تماچيءَ جي ڪهاڻيءَ کان سواءِ ڪينجهر جي قدرتي سونهن، مهاڻن جي رهڻي ڪرڻي، غربت ۽ انسان دوست حاڪم جو ذڪر اچي ٿو. سُر ليلان چنيسر ۾ لالچ جهڙي انساني عيب، ڀورڙائپ، ليلا جي پڇتاءَ ۽ چنيسر جي محبت جو موضوع بحث هيٺ آندو ويو آهي. سُر مارئيءَ ۾ مارئيءَ جي ڪردار کي بيان ڪيو ويو آهي. هن قصي ۾ مارئيءَ جي مختلف گُڻن کي ڳايو ويو آهي: جيئن ظلم ۽ ڏاڍ آڏو نه جهڪڻ، لالچ ۽ لوڀ ۾ نه اچڻ، سڄڻ ۽ ساڻيهه کي نه وسارڻ ۽ پاڪ دامن رهڻ جهڙين وصفن کي اجاگر ڪيو ويو آهي.

  • پي ڊي ايف ڊائونلوڊ: 15
  • اي-پب ڊائونلوڊ: 2.2Kg
قيمت

50 روپيا

ڊائونلوڊ ڪريو

ھارڊ ڪاپِي ۾ خريد ڪرڻ چاھيو ٿا؟ رابطو ڪريو

لطيفيات زمري جا ٻيا ڪتاب