Video

بيت: 2

نَئون نِياپو آئيو، راڻي مُلا راتِ،

لڌِيسون لطيف چَئي، ڪَنان ڏاتر ڏات،

ڪهڙي پُڇين ذاتِ؟ جي آيا سي اَگهيا.

نياپو :

پيغام

 

ڏاتر:

سخي، ڏيڻ وارو، الله سائين

مُلا:

وٽان

 

ڏات:

قدرتي صلاحيت

لڌيسون:

اسان لڌي

 

اگهيا:

قبول پيا

ڪنان:

کان

 

 

 

بيت جي سمجهاڻي

هيءُ بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي ”سرمومل راڻي“ مان چونڊيو ويو آهي. هن بيت ۾ شاهه سائين چوي ٿو ته راڻي وٽان رات اسان کي  هڪ نئون پيغام مليو آهي، جنهن مان معلوم ٿيو ته الله تعاليٰ وٽ قبول پوڻ لاءِ، ڪنهن ذات پات جي ضرورت نٿي پوي. هن جي اڳيان سڀ برابر آهن، جيڪو سندس حضور ۾ ويندو، اهو قبول پوندو.

 

 

  • ●●