Video

هن ڪتاب بابت

هن ڪتاب ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان”سُرمومل راڻي“، ”سُر سهڻي“ ۽ ” سَسئيءَ  جي پنجن سرن“ مان ڪجهه چونڊ بيت ڏنا ويا آهن.

- سر مومل راڻي ۾، ”مومل ۽ راڻي“ جي ڪهاڻيءَ جي پس منظر ۾، راڻي جي روپ ۾ انساني ڪردار ۾ ، سورهيائي ۽ ڏاهپ جهڙا موضوع آهن ته ٻئي طرف مومل جي وڇوڙي ۽ وري ملڻ جي اميد جي ڪيفيت پڻ هن ڪتاب جو موضوع آهي.

- سُر سهڻيءَ ۾ سنڌو درياهه جي موج ۽ مستيءَ واري زماني ۾ اُن جي دهشت ۽ ان سان تعلق رکندڙ ماحول جي عڪاسي ٿيل آهي. اهڙي ماحول ۾ ”سهڻي ميهار“ واري واقعي جي سورمي  سهڻيءَ جي همت ۽ بي ڊپائيءَ کي پيش  ڪيو ويو آهي.

- ”سسئي پنهونءَ“ جي داستان ۾ وري ڪيچ مڪران جي شهزادي پنهونءَ ۽ سنڌ جي سسئيءَ جي ڪهاڻيءَ جي پس منظر ۾ اُن دور جي وڻج ۽ واپار، طبقاتي اوچ نيچ، سسئيءَ جي  جابلو سفر جي ڏکن ۽ تڪليفن جو ذڪر ٿيل آهي. هن ڪتاب ۾ شامل بيتن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ عورت کي  پنهنجي روايتي وفا ۽ سچائيءَ واري ڪردار ۾  ڏيکاريو آهي.