Video

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رسالو

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام واري ڪتاب کي ”شاهه جو رسالو“ چيو ويندو آهي. هن رسالي ۾ 30 سُر آهن. انهن کي سُر ان ڪري ٿا چون، جو اهو ڪلام موسيقيءَ جي سرن تي ٻڌل آهي ۽ انهيءَ کي ڳايو ويندو آهي. انهن مان سڀ کان پهريون سُر ”سر ڪلياڻ“ آهي. ”ڪلياڻ“ جو مطلب آهي سُک ۽ شانتي. هن سر ٻڌڻ سان دل کي خوشي ۽ روح کي راحت ملي ٿي.

سرڪلياڻ الله سائينءَ جي ساراهه سان شروع ٿئي ٿو، جيڪو هن دنيا جو خالق ۽ مالڪ آهي. ان کانپوءِ هن سُر ۾ اسان جي پياري نبي حضرت محمد ﷺ جي مبارڪ ذات جا ڳڻ به بيان ڪيل آهن، جنهن اسان تائين الله سائينءَ جو پيغام پهچايو.

شاهه جي رسالي جا ٻيا سُر هي آهن:

”سُريمن ڪلياڻ“، ”سُرکنڀات“، ”سُر سريراڳ“، ”سُرسامونڊي“ ”سُر سهڻي“، ”سُر سسئي آبري“، ”سُرمعذوري“، ”سُرديسي“، ”سُرڪوهياري“، ”سُر حسيني“،  ”سُرليلان چنيسر“،سُرمومل راڻو“، ”سُرمارئي“، ”سُرڪاموڏ“، ”سُرگهاتو“، ”سُرسورٺ“، ”سُرڪيڏارو“، ”سُرسارنگ“، ”سُرآسا“،  ”سُررپ“، “سُرکاهوڙي“، ”سُربروو سنڌي“، ”سُررامڪلي“، ”سُرڪاپائتي“، ”سُرپورب“، ”سُرڪارايل“، ”سُرپرڀاتي“، ”سُرڏهر“۽ ”سُربلاول“.

مٿي بيان ڪيل سُرن مان ڪيترائي سر سنڌ جي لوڪ قصن ۽ انهن جي ڪردارن تي ٻڌل آهن. سر سهڻي  مشهور لوڪ قصي ”سهڻي ميهار“ تي؛ سرسسئي آبري، سر معذوري، سرديسي، سرڪوهياري، سرحسيني-. پنج سُر، مشهور لوڪ قصي ”سسئي پنهونءَ“ تي، سر ليلان چنيسر لوڪ قصي، ”ليلان چنيسر“ تي، سر مارئيءَ ”عمر مارئيءَ“ تي؛ سرمومل راڻو ”مومل راڻي“ تي، سرڪاموڏ، ”نوري ڄام تماچيءَ“ تي ۽ سُر سورٺ، ”سورٺ راءِ ڏياچ“ جي مشهور لوڪ قصن تي ٻڌل آهن. شاهه صاحب پنهنجي پيغام کي سمجهائڻ لاءِ انهن قصن کي مثال بنايو آهي، ڇو ته سنڌ ۾ اهي قصا عام ماڻهن ۾ اڳئي مشهور هئا ۽ اڃا تائين به مشهور آهن.

شاهه صاحب جيئن ته هڪ شاعر هئڻ سان گڏ، سنڌي ماڻهن جو رهبر ۽ رهنما به  آهي، ان ڪري سندس ڪلام کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ مختلف عالمن سندس رسالي جا ڇاپا ڪڍيا ۽ پنهنجي طرفان ڏکين لفظن جون معنائون ۽ بيتن جون سمجهاڻيون لکيون. انهن رسالن مان  ڪي هي آهن:

سڀ کان پهرين شاهه صاحب جي وفات کانپوءِ سندس فقيرن جي يادگيريءَ جي مدد سان تيار ڪيل رسالي کي ”گنج شريف“ چيو وڃي ٿو، ان کانپوءِ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، غلام محمد شهواڻي، علامه آءِ. آءِ قاضي، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، ٻانهي خان شيخ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جهڙن عالمن شاهه جي رسالي جا مختلف نسخا ترتيب ڏئي ڇپرايا.

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجي هن رسالي ۾ مختلف سُرن ۾ ڌار ڌار موضوعن تي بيت چيا آهن، جيڪي سڀئي اسان جي رهنمائي ڪندڙ آهن.

انهن موضوعن ۾ توحيد، رسالت، امامت، عدالت ۽ قيامت، حب الوطني، جدوجهد، قرباني، مستقل مزاجي، خودداري، عاجزي ۽ پڇتاءَ جهڙا موضوع شامل آهن.  شاهه جي رسالي ۾ شاهه صاحب سنڌ سان پنهنجي محبت جو ثبوت ڏيندي، اُن جي ماڻهن،  سندن رهڻي ڪهڻي، سوچ ويچار ۽ سياسي سماجي حالتن جو چٽو عڪس پيش ڪيو آهي. ان کانسواءِ هتان جا ماڳ مڪان، تاريخي اهڃاڻ ۽ اعليٰ شخصيتون پڻ هن رسالي ۾ موجود آهن. ائين ڪرڻ سان  شاهه صاحب نه صرف انهن کي اهميت سان بيان ڪيو آهي، پر اسان کي انهن جي باري ۾ سٺي ڄاڻ ڏني آهي.

”شاهه جو رسالو“ سنڌ جي ماڻهن لاءِ ايترو اهم آهي، جو اهو لازمي طور هر گهر ۾ موجود هوندو آهي ۽ اسان جا بزرگ، خاص ڪري وڏڙيون عورتون،  ڳالهه ٻولهه ۾ ان جا بيت ڏينديون آهن ۽ انهن بيتن مان ڪيتريون سٽون سنڌي ٻوليءَ ۾ چوڻين طور استعمال ڪيون وينديون آهن.