تتيءَ ٿَڌيءَ ڪاهِه، ڪانهي ويلَ ويهَڻ جي،
مَتان ٿئي اُونداهه، پير نه لَهين پِرينءَ جو.
|
تتيءَ: |
گرميءَ ۾ |
|
اونداهه: |
انڌيرو، رات |
|
ٿڌيءَ : |
سردي، ٿڌ ۾ |
|
پير: |
نشان، پيرا، قدم |
|
ڪاههِ: |
هل، ڪاهيندو وڃ |
|
لَهين: |
ڳولين، لڀين |
|
ويلَ: |
وقت |
|
پرين: |
محبوب، دوست |
بيت جي سمجهاڻي
هيءُ بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ سسئي پنهونءَ جي داستان بابت چيل ”سرحسينيءَ“ مان چونڊيو ويو آهي. شاهه سائينءَ فرمايو آهي ته انسان کي گهرجي ته موسم ڪهڙي به هجي، ٿڌي هجي يا ڪوسي، پوءِ به محنت ڪندو رهي ۽ هر حال ۾ پنهنجي مقصد تان هٿ نه کڻي. هن بيت ۾ شاهه سائين نصيحت ڪندي چوي ٿو ته سسئي تنهنجي لاءِ ڪو وقت ئي ڪونهي. گرميءَ توڙي سرديءَ ۾ پنهونءَ پٺيان ڪاهيندي وڃ، جيستائين ڏينهن آهي، تيسين تون پنهونءَ جو پيرا لهي سگهين ٿي، پر جڏهن اونداهه ٿيندي ته پوءِ پنهونءَ جي پيرن جا نشان ڏسڻ ۾ ڪونه ايندئي. مطلب ته انسان کي هر وقت ڪم ڪرڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ گهرجي. وقت گذرڻ کان پوءِ ڪو به ڪم يا قدم لاڀائتو نٿو ٿئي.