سسئي اصل م هڪ ٻانڀڻ جي ڌيءَ هئي، جنهن کي مائٽن ڄمندي ئي ڪاٺ جي صندوق ۾ بند ڪري درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو هو، جيڪا ڀنڀور جي ڀرسان، ڪناري تي شهر جي هڪ بي اولاد ’محمد کٽيءَ‘ کي هٿ آئي. جيئن ته هوءَ چوڏهينءَ جي چنڊ جهڙي سهڻي هئي، ان ڪري مٿس نالو رکيائون ”سسئي“: جنهن جي معنيٰ آهي چنڊ.
سسئيءَ جي سونهن جي واکاڻ ڪيچ جي حاڪم آري ڄام جي پٽ پنهونءَ تائين وڃي پهتي. پنهون هڪدم واپاري ويس ڪري هڪ وڏو واپاري قافلو ساڻ ڪري اچي ڀنڀور پهتو، جتي هن سسئيءَ کي ڏٺو ۽ سندس سهڻي صورت ايتري وڻي ويس، جو هن سندس مائٽن کان وڃي سڱ گهريو. سسئيءَ جي مائٽن سسئيءَ جو سڱ پنهونءَ سان طئه ڪيو ۽ شادي ڪيائون. پنهونءَ جا ڀائر ۽ ساٿي جيڪي ساڻس قافلي سان گڏجي آيا هئا، تن ڪيچ موٽي وڃي آري ڄام کي پنهونءَ جي سسئيءَ سان شاديءَ بابت ٻڌايو. آري ڄام پنهنجي پٽن کي چيو ته ڪو حيلو وسيلو ڪري پنهونءَ کي واپس وٺي اچو.
جڏهن پنهونءَ جا ڀائر پهتا ته سسئي ۽ پنهونءَ سندن ڏاڍو آڌر ڀاءُ ڪيو. کين ان ڳالهه جي خبر ئي ڪانه هئي ته پنهونءَ جي ڀائرن جي من ۾ ڇا هو. هڪ رات گهڻيءَ دير تائين پنهون ٻاهر اوطاق ۾ ڪچهريءَ ۾ مشغول رهيو، سسئيءَ ويچاريءَ کي پنهونءَ جي اوسيئڙي ۾ جاڳندي جاڳندي ننڊ اچي ويئي. هوڏانهن وري ڀائر پنهونءَ کي نشو ڏيئي، آڌي رات کانپوءِ بي خبريءَ جي حالت ۾ اُٺن تي چاڙهي ڪيچ روانا ٿي ويا.
رات جي پوئين پهر ۾ سسئيءَ جي اک کلي ته پنهونءَ کي پلنگ تي نه ڏسي، حيران ۽ پريشان ٿي وئي. ڏٺائين ته اوطاقون ۽ اوتارا سڀ ويران پيا آهن. معلوم ٿيس ته ڏير هن کي دوکو ڏيئي. پنهونءَ کي زوريءَ پاڻ سان گڏ وٺي وياآهن. پوءِ ته وٺي گهوڙا گهوڙا ڪيائين. مائٽن مٽن جهليس پر هوءَ اڪيلي اٺن جا پيرا کڻندي پنهونءَ پٺيان ڪاهيندي وئي. اهڙي طرح منزلون ڪندي ڪيچ ڏانهن رواني ٿي. رستي ۾ هڪ ڌنار کان پنهونءَ جو ڏس پتو پڇيائين. سسئيءَ جي سهڻي صورت ڏسي اُن ڌنار جي دل مٿس هِرکجي پئي ۽ سسئيءَ تي بري نظر وجهڻ لڳو. سسئي پاڻ کي جوکي ۾ سمجهي وٺي زار زار رُني. سسئيءَ جي انهيءَ رئڻ زمين کي ڏاري وڌو. چون ٿا ته زمين ڦاٽي ٻه اڌ ٿي پئي ۽ سسئي اُن ۾ پورجي ويئي، پر سسئيءَ جي چنيءَ جو پاند ٻاهر رهجي ويو. ڌنار هيءَ قدرتي ماجرا ڏسي ڏاڍو پڇتايو ۽ رئندي رئندي سسئيءَ جو پلئه پڪڙي ويهي رهيو.
هوڏانهن جڏهن پنهون هوش ۾ آيو ته ڀائرن کان ڀڄي واپسيءَ جو رستو ورتائين. رستي ۾ ڌنار کي ويٺل ڏٺائين ته اُن کان اتي ويهڻ ۽ تازي قبر بابت ڄاڻ ورتائين، ايتري ۾ نظر وڃي سسئيءَ جي چُنيءَ جي پاند تي پيس. پوءِ روئندي ڌڻيءَ در سوال ڪيائين. مالڪ کي ٻاجهه پئي، زمين ڦاٽي ۽ پنهون به وڃي سسئيءَ سان مليو.
- ●●