مومل، راجا نند نالي هڪ بادشاهه جي ڌيءَ هئي، جيڪو ميرپور ماٿيلي جو راجا هو. راجا نند کي ڪل نَوَ ڌيئرون هيون، پر مومل انهن مان سڀني کان سونهن ۾ سرس ۽ سومل وري سڀني کان سياڻپ ۾ وڌيڪ هئي. راجا نند وٽ ڪنهن جانور جو طلسمي ڏند هو، جنهن جي جادوءَ تي هو درياهه جي پيٽ ۾ پنهنجو خزانو پوري ڇڏيندو هو. هڪ ڀيري ڪو جادوگر، پينو فقير جو روپ وٺي راجا جي غير موجودگيءَ ۾ اهو طلسمي ڏند مومل کان دوکي سان حاصل ڪري ويو، ۽ پوءِ بادشاهه جو درياهه ۾ لڪل سمورو خزانو ڪڍي چورائي ويو.
اها خبر جڏهن راجا نند کي پيئي ته مومل تي ڏاڍو ناراض ٿيو، پر سومل جي سياڻپ مومل کي مهلت ڏياري ۽ پيءُ کي ان کان وڌيڪ خزاني ڏيڻ جو واعدو ڪيائين. سومل جادوءَ جي ڪمن ۾ گهڻي هوشيار هئي، سو ويهي ويچار ڪيائين ته ڪو اهڙو منڊ منڊجي، جو خزانو هٿ ڪري سگهجي. اها سٽ سٽي، ڀينرن، ٻانهين ۽ نوڪرياڻين کي ساڻ ڪري ميرپور ماٿيلو ڇڏي، جيسلمير ويجهو لڊاڻي شهر ڀرسان ڪاڪ نديءَ جي ڪناري تي وڃي هڪ طلسمي رنگ محل ٺهرايائين. هن محل جي چوڌاري هڪ پرڪشش باغ رکرايو ويو. هن باغ ۾ اهڙا ورن وڪڙن وارا ڏکيا رستا ٺهرايا ويا، جو هڪ ڀيرو جيڪڏهن ڪو ڀلجي پيو ته ٻيهر ان کي واٽ ملڻ مشڪل ٿي ٿي پئي. محلات جي مُهڙ وٽ وري هڪ شيشي جو تلاءُ ٺهرايو ويو، جنهن ۾ طلسمي پاڻيءَ جو وهڪرو ڏسڻ ۾ ٿي آيو. محلات جي چئني طرفن کان جادوئي جانورن جي آوازن ماڻهن جي مت منجهائي ٿي ڇڏي. مهمان خاني ۾ هڪ جهڙيون کٽون رکيل هيون، جن مان هڪ پڪي سُٽ جي ۽ باقي ڪچي سُٽ جون واڻيل هيون. کٽن جي هيٺان گهرا ۽ خوفناڪ کوهه کوٽيل هئا، جن جي تري ۾ لوهي ڪِل لڳل هئا.
مومل جي سُونهن جو ٻڌي گهڻائي شوقين شهزادا ڏيساور ڏوري مومل ماڻڻ لاءِ ايندا هئا. انهن ۾ هڪ راڻو مينڌرو به هو. راڻو نهايت هوشيار ۽ بهادر شخص هو. هڪ ڏينهن اهو مومل ماڻڻ لاءِ لُڊاڻي اچي پهتو. راڻي جي پهرين ملاقات مومل جي خاص ٻانهيءَ ناتر سان ٿي. ناتر راڻي کي ڀلائڻ لاءِ طرحين طرحين جون چالبازيون ڪيون، پر راڻي جي سياڻپ کان بچي نه سگهي. آخرڪار راڻو پنهنجي سياڻپ ۽ سورهيائيءَ سان ڪاڪِ جو سمورو طلسمي ماحول پار ڪري وڃي مومل وٽ پهتو. ايئن هنن ٻنهي جي شادي ٿي وئي.
ڪجهه عرصو مومل سان گڏ رهڻ کان پوءِ، مومل کي واپس ورڻ جا اقرار انجام ڏئي راڻو پنهنجي وطن واپس وريو. جڏهن پنهنجي ملڪ ڍٽ پهتو ته ڍٽ جي حاڪم هَمير سومري، راڻي کي قيد ڪري ڇڏيو. ڪجهه وقت کانپوءِ ڪن چڱن جي چوڻ تي بادشاهه همير راڻي کي قيد مان آزاد ڪيو.
هڪ رات راڻو وجهه وٺي مومل جي ماڙيءَ تي پهتو ته ڏٺائين ته مومل سان گڏ هڪ شخص مرداڻي ويس ۾ ستل هو. ان تي راڻو پنهنجو لڪڻ مومل جي ڀر ۾ نشانيءَ طور رکي واپس ڍٽ موٽي ويو.
دراصل ان رات مومل جي ڀيڻ سومل مردانا ڪپڙا پائي ساڻس گڏ سُتي هئي، صبح جو جڏهن مومل جاڳي ته پنهنجي ڀرسان لڪڻ ڏسي هڪدم سمجهي وئي ته راڻو رات آيو هو ۽ سومل کي مرداڻي ويس ۾ غير مرد سمجهي رُسي ويو آهي. پوءِ ته راڻي پٺيان گهڻائي قاصد موڪليائين، پر رٺل راڻو نه موٽيو.
نيٺ مومل کان وڌيڪ اوسيئڙو سَٺو نه ٿيو، سو اٽڪل ڪري ويس بدلائي وڃي راڻي جي ملڪ پهتي ۽ ڪنهن حيلي بهاني راڻي کي سڄي حقيقت ٻڌايائين، پر راڻو نه پرتو. جڏهن مومل راڻي جي پرچائڻ جا سڀ حيلا وسيلا هلائي چُڪي ۽ راڻو راضي نه ٿيو ته مايوس ٿي وئي. پوءِ حالتون اهڙيون وڃي ٿيون جو پهرين مومل ۽ پوءِ راڻي هڪ ٻئي پٺيان موت قبول ڪيو.