سُتينءَ سنجهي ئي، منهن ويڙهي مُئَنِ جِيئن،
اوجاڳو اَکين کي، ڄاتوءِ نه ڏيئي،
هَٿان تو پيئي، ٿِي ڪَچو ڪيچين کي ڪَرين!
|
ويڙهي: |
ڍڪي |
|
هٿان: |
پاڻ کان، پنهنجي هٿان |
|
سنجهي ئي: |
رات کان اڳ، سنجها جي وقت، جلدي |
|
ڪَچو: ڪيچي: |
ڪوڙو، ڏوهاري، قصو ر وار ڪيچ وارا |
|
اوجاڳو: |
جاڳڻ جو عمل |
|
ڄاتوءِ: |
توڄاتو، تو سمجهيو |
بيت جي سمجهاڻي
هيءُ بيت شاهه عبدالطليف ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ سسئي پنهونءَ واري داستان مان چيل ”سر ڪوهياريءَ“ مان چونڊيو ويو آهي. شاهه سائين فرمائي ٿو ته سسئي رات جي پهرئين پهر ۾ ئي منهن ويڙهي مئلن وانگر سمهي رهي. هن پنهنجي محبوب لاءِ اکين کي اوجاڳو ڪرڻ سيکاريو ئي نه هو. اُن نڀاڳيءَ ننڊ جي ڪري ئي سسئيءَ جا ڏير هن وٽان پنهونءَ کي رات جو چوريءَ کڻي هليا ويا. ڏوهه سسئيءَ جو هو، جو محبوب مڙس جو اوسيئڙو ۽ انتظار نه ڪيائين، پر هوءَ وري ڏوهه پنهونءَ جي مائٽن کي ٿي ڏئي.
مطلب ته بي وقت ننڊ اهڙي بري عادت آهي، جو انسان کان منزل ۽ مقصد واري گهڙي وڃائي ٿي ڇڏي.