ڪاڪِ ڪَڙهي وَڻَ وئا، لُوٺو لُڊاڻو،
تو پُڄاڻا سُپرين، آتڻ اُجهاڻو،
مُيُن سين ماڻو، ناهِه مُناسب مينڌرا.
|
ڪاڪِ: ڪڙهي: |
نديءَ ۽ شهر جو نالو ٻري، سڙي |
|
آتڻ: |
اڱڻ، سُٽ ڪَتڻ لاءِ جاءِ، آستانو |
|
وڻ وئا: |
وڻ ختم ٿي ويا، سڙي ويا |
|
اُجهاڻو: |
وساڻو، ختم ٿيو |
|
لوٺو: |
سڙي ويو، تباهه ٿي ويو |
|
مُين: |
مُئل عورتن، اڌ ڪُٺلن |
|
لڊاڻو: |
شهر، راجستان جو شهر لڊاڻو |
|
ماڻو: |
نخرو، ناز، انگل |
|
پڄاڻان: |
کان پوءِ |
|
مناسب: |
جائز، ٺهندڙ |
|
سپرين: |
محبوب، پرين، پيارو، سڄڻ، دوست |
|
مينڌرا: |
راڻي جو نالو (راڻو) |
بيت جي سمجهاڻي
هيءُ بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي ”سرمومل راڻي“مان کنيو ويو آهي. شاهه صاحب فرمائي ٿو ته راڻي جي رسي وڃڻ کان پوءِ ڪاڪ جو شهر برباد ٿي ويو آهي، وڻ سُڪي ويا آهن، مومل جو آستانو به برباد ٿي ويو آهي. مومل جي لاءِ ڪاڪ ۾ سُڃَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي، تنهنڪري مومل راڻي کي منٿ ڪندي چوي ٿي ته: اي راڻا! تنهنجي فراق ۽ جدائيءَ ۾ آءٌ ته جيئري ئي مري ويئي آهيان ۽ مئلن سان هن طرح جو ورتاءُ تو جهڙي شخص کي ڪرڻ نٿو جڳائي.