سُهڻي هڪ ڪنڀر جي ڌيءَ هئي. ننڍڙي هوندي کان ئي سونهن ۾ سڀني کان سرس هئي. جيئن وڏي ٿيندي وئي، تيئن سندس حسن به هيڪاري وڌندو ويو. سندس انهيءَ سونهن جي ڪري کيس ’سهڻي‘ سڏيندا هئا.
انهيءَ زماني ۾ هڪ واپاري عزت بيگ بخارا مان واپار سانگي اچي سهڻيءَ جي شهر ۾ ٽِڪيو، هڪ ڏينهن ٿانون وٺڻ جي لاءِ عزت بيگ جڏهن ڪنڀر جي گهر پهتو ته سهڻيءَ کي ڏسندي ئي اها کيس وڻي وئي، سو وطن ورڻ جو خيال لاهي اتي ئي ٽِڪي پيو. سهڻيءَ جي پيءُ کان مهانگا ٿانوَ خريد ڪري سستي اگهه تي کپائيندو رهيو، اُن ڪري ڪاروبار ۾ کيس چڱو خاصو نقصان ٿيو ۽ ڪنڀر جو هن تي قرض چڙهي ويو. سهڻيءَ جي پيءُ قرض جي عيوض هن کي پاڻ وٽ نوڪر ڪري رکيو ۽ هو سهڻيءَ جي پيءُ جون مينهون چارڻ لڳو، ان ڪري مٿس ”ميهار“ نالو پئجي ويو.
سهڻيءَ ۽ ميهار جي ملڻ جي خبر ماڻهن ۾ چوٻول پيدا ڪيو. سهڻيءَ جي پيءُ ماڻهن جي ڳالهين کان بچڻ لاءِ سهڻيءَ جو رشتو زبردستي سندس سوٽ ڏَم َ سان ڪري ڇڏيو. سهڻي ويچاري گهڻو ئي رني رڙي، پر وريس ڪجهه به ڪو نه. هوڏانهن ميهار درياهه جي ٻئي ڀر فقيراڻو ويس ڪري دونهين دُکائي وڃي ويهي رهيو. پوءِ به سهڻي ۽ ميهار جو هڪٻئي سان ملڻ جلڻ هلندو رهيو.
سهڻي سياري توڙي اونهاري، درياهه تري وڃي ميهار وٽ پهچندي هئي. ميهار سان ملڻ جي شوق ۾ کيس درياهه جي دهشت کان به خوف نه ٿيندو هو. ساهرن کي جڏهن رات جي اونداهين ۾ درياهه پار ڪري، ميهار سان ملڻ جي خبر پئي ته انهن کيس سختيءَ سان منع ڪيو، پر سهڻي نه مڙي. سو، هڪ ڏينهن انهن سندس ترڻ واري پڪي گهڙي جي جاءِ تي ڪچوگهڙو رکي ڇڏيو. رات جو سهڻي معمول مطابق ترندي جڏهن وچ سير ۾ پهتي ته ڪچو گهڙو ڀرڻ لڳو، پر هن همت نه هاري. ڪجهه وقت ٻانهن جي ٻل تي ترندي وئي. نيٺ جڏهن بيحال ٿي ٻڏڻ لڳي ته دانهون ڪوڪون ڪيائين ۽ ميهار کي پڪاريائين.
ميهار جو اڳ ۾ ئي سهڻيءَ جي انتظار ۾ هو، تنهن کي جڏهن سهڻيءَ جا سَڏ ڪَن تي پيا ۽ ڏٺائين ته سهڻي ٻڏڻ تي آهي ته ملاحن کي مدد لاءِ ڏاڍيون ميڙون منٿون ڪيائين، پر طوفان سبب ملاحن جواب ڏنس آخر ميهار ٻيو ڪو چارو نه ڏسي پاڻ درياهه ۾ گهڙي پيو ۽ تري وڃي سهڻيءَ کي رسيو. وچ سير ۾ ٻنهي جي ٻانهن جي سگهه ختم ٿي وئي ته ٻئي گڏجي ٻڏي درياهه ۾ هڪ ٿي ويا.