گِهڙيا سي چَڙهيا، ائين اٿيئي،
مَئي مَتي مَهراڻَ ۾، پَئُه ٽِپو ڏيئي،
ته ميهار مليئي، سَنڀوڙو سيڻاهَه سين!
|
مئي متي: مهراڻ: |
ڀريل، تارون تار سنڌو درياههُ |
|
سيڻاهه: |
ترڻ لاءِ ٻڪريءَ جي کل جي ٺهيل مشڪ، سهارو |
|
سنڀوڙو: |
تيار، هڪيو تڪيو |
|
سين: |
سان |
بيت جي سمجهاڻي
هي بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي ”سرسهڻيءَ“ مان ورتو ويو آهي. هن بيت ۾ شاهه صاحب سهڻيءَ کي نصيحت ڪئي آهي ته درياهه ۾ گهڙڻ سان ئي منزل تي رسي سگهندينءَ، اُن ڪري تارؤن تار وهندڙ درياهه ۾ ٽپي پئه. اُتي تنهنجو ميهار توکي پار اُڪارڻ لاءِ سهاري سان تيار ملندئي. هن بيت ذريعي شاهه سائين اسان سڀني کي پيغام ڏنوآهي ته جيستائين اسين ڪنهن ڪم جو سعيو نه ڪنداسين، تيسين ان ۾ اڳتي پار ڪيئن پونداسين! . هڪ ڀيرو همت ڪري ڪم شروع ڪبو ته پوءِ ”همت مردان، مدد خدا“ وانگر الله سائين به ضرور مدد ڪندو.
- ●●