Video

بيت: 2

جان جان هئي جيئري، وِرچي نه ويٺي،

وڃي ڀُونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين!

جان جان:

جيستائين

 

پيٺي:

پيئي، گهڙي ويئي

جيئري:

زندهه

 

ساريندي:

ياد ڪندي

ورچي:

ٿڪجي، بيزار ٿي،  ڪڪ ٿي

 

سڄڻين:

سڄڻ کي، دوست کي

ڀونءِ:

زمين، ڌرتي

 

 

 

بيت جي سمجهاڻي

هي بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ”سر سهڻيءَ “ مان ورتو ويو آهي. هن بيت ۾ شاهه صاحب سهڻيءَ جي حوصلي ۽ سڪ جي ساراهه ڪندي ٻڌائي ٿو ته هوءَ جيستائين زنده هئي، ڪڪ يا بيزار ٿي ويهي ڪا نه رهي ۽ ميهار کي ياد ڪندي رهي ۽ ان کي ياد ڪندي نيٺ وڃي زمين جو ترو ورتائين.  هن بيت مان اسان کي شاهه صاحب اهو سبق ڏنو آهي ته جيسيتائين ساهه آهي، ماڻهو پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو رهي ۽ ڪڏهن به ڪڪ ٿي ويهي نه رهي.

 

 

  • ●●