ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال

ڪتاب جو نالو ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال
ليکڪ علي نواز آريسر
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-160-6
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (805) PDF  E-Pub
انگ اکر

13 November 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     32677   ڀيرا پڙهيو ويو

بيھڪ جون نشانيون (Punctuation Marks) (ڊاڪٽر فهميده حسين)


بيھڪ جون نشانيون

(Punctuation Marks)

 ڊاڪٽر فهميده حسين

 

اسان جي ڳالهائڻ مهل اکرن، سادن يا مرڪب ۽ پيچيده لفظن، لفظن جي جوڙن، ڳُٽڪن، جملن وغيره جي وچ ۾ جيڪي وٿيون، وقفا، ساهيون، زورائتا يا هلڪا تاثر، لاهيون چاڙهيون ۽ سواليه، تمنائي يا عجب جا جذبا ظاهر ٿيندا آهن، تحرير يا لکت ۾ انهن کي ڪيئن ظاهر ڪجي، جو اظهار بنا فرق جي پڙهندڙ تائين مڪمل طور منتقل ٿي سگهي؟ معنيٰ ۽ مفهوم، چٽائيءَ ۽ وضاحت سان پڙهندڙ تائين پهچائڻ لاءِ جيئن ڪنڌ جي ڌوڻ، ڀرونءَ جو کڄڻ، نڪ کي موڙو ڏيڻ، هٿن جا اشارا ۽ ٻيون اهڙيون شيون مددگار ٿينديون آهن، تيئن تحرير ۾ پڻ ڪي نشانيون هونديون آهن، جيڪي ڳالهه جي تاثر کي پڙهندڙ جي ذهن تائين جيئن جو تيئن پهچائڻ جو ڪم ڪنديون آهن- اهي ڪهڙيون نشانيون آهن، يا اهي ڪهڙا ذريعا طريقا ۽ اهڃاڻ آهن، جيڪي لکندڙ کان پڙهندڙ تائين خيال يا ڪنهن تاثر کي جيئن جو تيئن پهچائڻ ۾ مددگار ٿي سگهن ٿا؟ اهي پڪ سان بيهڪ جي نشانين جي صورت ۾ ڪي بنيادي علامتون آهن، جن کي ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ تمام ضروري آهي. انگريزيءَ ۾ انهن کي “Basic tools of good writing” (سٺي تحرير جا بنيادي ذريعا) سڏيو ويندو آهي.

Proper punctuation lends a precision to your writing, gives it clarity, conveys to your reader exactly the meaning you intend.

انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪُل ٽيهه (30) اهڙيون نشانيون آهن، جن مان يارنهن جي اهميت کي وڌيڪ مڃيو ويو آهي. سنڌيءَ ۾ جيتوڻيڪ انهن کان گهٽ نشانيون ڪتب اچن ٿيون، ته به انهن مان ڪن جي سمجهاڻي انهيءَ لاءِ پڻ ضروري آهي، جو ترجمي ڪرڻ مهل انهن جو سمجهڻ ضروري ٿيو پوي.

’بيھڪ‘ جو بيهڻ (Pause) ۽ بيھڪ يا بناوٽ (Construction) ٻنهي سان واسطو آهن، جنهن سان تحرير خوبصورت ٿئي ٿي.

مقصد 1- گفتگو يا تحرير ۾ بيهڻ، 2- گفتگو کي صاف ڪري بيهارڻ.

عام طور تي ماڻهن کي ’بيھڪ جي نشانين‘ جي باري ۾ ڄاڻ ته هوندي آهي، پر انهن کي صحيح جاءِ ۽ صحيح موقعي تي استعمال ڪرڻ جي خبر ڪانه هوندي آهي. ڪڏهن ته ضرورت هوندي به استعمال ڪو نه ڪندا، ته ڪڏهن وري هروڀرو به، بنا ضرورت جي پيا انهن کي وچ ۾ هڻندا! بيھڪ جي نشانين جو گهٽ يا وري اجايو استعمال به لکڻيءَ کي برباد ڪري سگهي ٿو.

Punctuations are signposts that guide your reader through the sentence you have built.

معنيٰ: بيھڪ جون نشانيون رهنمائي ڪندڙ اهڃاڻ آهن، جيڪي توهان جي ٺاهيل جملي جي مفهوم کي توهان جي پڙهندڙ تائين پهچائين ٿا. انهن جا ٽي قسم آهن:

  • ابتدائي:

ٿورو دم

                                                                                                                                                                        ،                                                                                

Comma

اڌ دم

؛        

Semicolon

دم

:

Period or Full Stop

سوال جي نشاني

؟

Question Mark

عجب جي نشاني

!

Exclamation Mark

  • ثانوي:

ليڪ

_

Dash

ڳنڍيندڙ ليڪ

-

Hyphen

ڏنگيون

()

Brackets

سواليه نشاني

؟

Question Mark

عجب جي نشاني

!

Exclamation Mark

(ايڪوڻيون)

’ ‘

Single inverted commas

واڪ جون نشانيون

ٻٽيون واڪ جون نشانيون

” “      

Double inverted commas

       
  • ٻٽيون يا مرڪب:

ٻُڙي ٻُڙي ٻُڙي

...

Hiatus

ٻه ٻُڙيون ليڪ

:-

Pointers

ڏنگين ۾ سوال جي نشاني

(؟)

Bracketed Question Mark

ڏنگين ۾ عجب جي نشاني

(!)

Bracketed sign of Exclamation

هتي سنڌيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ عام نشانين کانسواءِ انگريزيءَ جون ڪي اهم نشانيون پڻ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي:

مثال طور: Apostrophe- ايپاسٽرافي (’): انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ مهل اُن جي ڄاڻ مددگار ٿئي ٿي.

انگريزيءَ ۾ اها نشاني اضافت ڏيکارڻ لاءِ ڪم ايندي آهي، مثال طور: Boy’s- يعني هڪ ڇوڪري جو- هتي ايپاسٽرافي واءِ (y) کان پوءِ ۽ ”ايس“ (s) کان پهرين ڏبي؛ پر جي اهو هجي ”ڇوڪرن جو“ ته پوءِ اها نشاني (s) کان پوءِ ڏبي. جيئن Boys’- اهو ته ٿيو اسم لاءِ اصول، ضميرن سان اضافت لاءِ اها نشاني نه لڳائڻ گهرجي ۽ its, yours, ours, theirs وغيره ۾ اها نشاني ڪا نه لڳندي آهي، البت هڪ لفظ منجهائيندڙ به ٿي سگهي ٿو، سو آهي its جيڪو it’s جي صورت ۾ به لکبو آهي، ڇو ته اهو دراصل it is جي ننڍي ڪيل صورت آهي، اضافت واري صورت ناهي، ڇو ته ايپاسٽرافي ڪنهن اکر کي حذف ڪري ان جي جاءِ تي به هڻبي آهي. مثال طور: do not کي can not & don’t کي can’t وغيره لکڻ مهل، يا سن 1960ع کي صرف 60‘ لکبو ته 19 جي جاءِ تي ايپاسٽرافي ڏئي ڇڏبي، منفرد اکرن يا انگن کي جمع بنائڻ مهل به اها نشاني ڏبي آهي، مثال طور: appropriate ۾ ٽي p’s آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن لفظ جو وڌيڪ تعداد ٻڌائڻ مهل به اها نشاني گهرجندي آهي. مثال طور جملي ۾ گهڻا but’s نه وجهڻ گهرجن. Abbreviations يا سسايل لفظن جي جمع ۾ اظهار وقت به انهيءَ کي استعمال ڪبو آهي V.I.P.’s يا M.A.’s وغيره.

ٿورو دم يا ڪاما (،) :

انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ ڪاما (comma) يا ”ٿورو دم“، جنهن کي ”ساهي“ به چيو ويندو آهي، شايد ٻين سڀني نشانين کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ نشاني آهي، ان ڪري سڀني کان وڌيڪ غلط استعمال به ان جو ئي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ڪاما (،) جي استعمال سان ڪجهه جملا هيٺ ڏجن ٿا:

  • ڌيءَ نه پُٽ: ڌيءَ، نه پُٽ/ ڌيءَ نه، پُٽ.
  • هينئر نه پوءِ: هيئر، نه پوءِ/ هينئر نه، پوءِ.
  • اڄ نه سڀان: اڄ، نه سڀان/ اڄ نه، سڀان.

ڏسو ته ڪاما جي جاءِ بدلائڻ سان مفهوم بنهه اُبتو ٿيو وڃي.

جڏهن ڪنهن جملي ۾ ڏنل ڪنهن لفظ يا نالي وغيره جي وضاحت ٿيل هجي، يا وڌيڪ معلومات ڏنل هجي ته ڪاما يا ٿورو دم ڏبو آهي. مثال طور:

  • اسڪول جو پرنسپال، مسٽر احمد، ڏاڍو سخت ماڻهو آهي.

هتي بنيادي جملو آهي: ”اسڪول جو پرنسپال ڏاڍو سخت ماڻهو آهي“، پر ان ۾ اضافي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ نالو به وڌو ويو آهي، ان ڪري ان نالي کي جملي ۾ ٻن ڪامائن سان ڌار ڪري بيهاربو.

ڪنهن شهر ۽ ملڪ جو نالو جملي ۾ گڏ اچي ته انهن کي به ڌار ڪرڻ لاءِ ڪاما جو استعمال ڪبو آهي.

  • هيءُ مال جڪارتا، انڊونيشا، مان آيو آهي.

جڏهن ڪنهن جملي ۾ هڪ جهڙا لفظ يا لفظن جا جوڙا هڪٻئي پٺيان هجن، ته انهن کي ڪاما سان ڌار ڪري، آخري لفظ کان پهرين ”۽“ (يا ڪنهن ٻئي حرف جملي واري لفظ) جو استعمال ڪبو آهي.

اسمن جو مثال:

  • زالون، مرد، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون سڀ هوشيار آهن.

صفتن جو مثال:

  • هو ايماندار، محنتي، سياڻو ۽ لائق ڇوڪرو آهي.

اسم مصدر جو مثال:

  • هن کي رڌڻ، پچائڻ، سبڻ ۽ ڀرڻ جا ڪم ايندا آهن.

ماضي معطوفيءَ جو مثال:

  • آءٌ ماني کائي، ننڊ ڪري ۽ نؤبنو ٿي پوءِ ٻاهر نڪتس.

شرطيه جملي يا جملي ۾ هڪٻئي تي مدار رکندڙ حصن جي وچ ۾ ڪاما وجهبي آهي، مثال طور:

  • جي تون ايندين، آءٌ ملندس،
  • جيڪو تو ڪيو، سو اڳيان آيئي،
  • جيڪي مون ڏٺو، سو بيان ڪيم،
  • جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي.
  • هو پاڻ ۾ وڙهيا، ان ڪري ناراض آهن.

اهڙيءَ طرح لفظن جا جوڙا ڌار ڪرڻ لاءِ به ساڳيو اصول آهي.

صبح شام، ڏينهن رات توڙي سياري اونهاري سندس ڪرت اها آهي.

جڏهن ڪنهن جملي جي ٻن حصن ۾ ساڳيا لفظ هجن، پر ڳالهائڻ مهل ورجائجن نه، ته پوءِ به ڪاما ڏبي آهي، ان بناوٽ کي “Ellipsis” چئبو آهي. مثال طور:

  • ڇوڪرين جا ڪتاب، ڪاپيون، ڪپڙا، جوتا، ڇوڪرن کان صاف هئا.

اصل ۾ جملي جو مطلب آهي: ڇوڪرين جا ڪتاب، ڪاپيون، ڪپڙا ۽ جوتا ڇوڪرن جي ڪتابن، ڪاپين، ڪپڙن ۽ جوتن کان صاف هئا.

پر جيڪڏهن جملي ۾ حرف جملو ”۽“ وجهبو ته ڪاما جي ضرورت ڪا نه رهندي، مثال طور:

  • ڇوڪرين جا ڪتاب، ڪاپيون، ڪپڙا ۽ جوتا ڇوڪرن کان صاف هئا.

سنڌيءَ توڙي انگريزيءَ ۾ ڪي لفظ اهڙا هوندا آهن، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن محض سمجهاڻيءَ لاءِ به جملي ۾ ڳنڍبا آهن، اهڙن لفظن کي ٻئي جملي کان ڌار بيهارڻ لاءِ ڪاما جو استعمال ڪبو آهي.

  • ملڪ جي معاشي صورتحال، منهنجي خيال ۾، ڏاڍي خراب آهي.
  • تون اها خاطري رک، آءٌ توکي بهرحال، مارڻ نٿو چاهيان.

اهي ٻئي جملا ٻئي نموني به لکي سگهجن ٿا.

  • منهنجي خيال ۾، ملڪ جي معاشي صورتحال ڏاڍي خراب آهي.
  • بهرحال، تون اها خاطري رک ته آءٌ توکي مارڻ نٿو چاهيان.

ٿورو دم يا ڪاما جو استعمال ڪرڻ مهل اهو خيال رکڻ گهرجي ته عام صورت ۾ حرف جملو (”۽“، ”يا“ وغيره) ۽ ڪاما گڏ نه لکڻ گهرجن، البت جيڪڏهن ڪٿي جملي جي پوئين حصي تي وڌيڪ زور ڏيڻو هجي، ته پوءِ ائين ڪري سگهجي ٿو. مثال:

  • سڀاڻي ارشد، امجد ۽ توهان منهنجي گهر اچجو.
  • سڀاڻي ارشد، امجد، ۽ توهان منهنجي گهر اچجو.

مرڪب جملي جي ٻن حصن کي ڌار ڪرڻ لاءِ به اڪثر ڪاما جو استعمال ٿيندو آهي، انهيءَ ڏس ۾ اسان جا لکندڙ هڪ غلطي عام طور ڪندا آهن سا اها ته ڪاما بدران دم ڏئي ڇڏيندا آهن، مثال طور:

  • ”مان مرد“ جمال ابڙي جي شاهڪار ڪهاڻي آهي، جيڪا فينٽيسيءَ جي انداز ۾ لکيل آهي.

هن جملي ۾ ڳنڍيندڙ لفظ ”جيڪا“ آهي ان ڪري ان کان اڳ ۾ جملو ختم ڪرڻ واري نشاني يعني دم نه پر ڪاما ايندي. ساڳيءَ طرح ٻين ڳنڍيندڙ لفظن ”پر“، ”ته“ يا ”ضمير موصول“ جواب موصول ”جڏهن“، ”تڏهن“، ”جيڪو“، ”سو“ وغيره سان لاڳو ٿيندي. هتي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته اها ڪاما ڏيڻ سان پوئين جملي تي زور اچي ٿو. ان جي لڳائڻ کانسواءِ به جملو صحيح چئبو، پر ان جا ٻئي حصا برابر رهندا.

Direct Speech يا ”سڌي گفتگوءَ“ ۾ ڳالهايل لفظن کي بياني لفظن کان ڌار ڪرڻ مهل به ڪاما لڳندي آهي.

  • هن چيو، ”آءٌ ڇهين درجي ۾ پڙهندو آهيان.“

سيمي ڪولن يا اڌ دم (؛):

اها نشاني مرڪب ۽ پيچيده جملن جي مختلف حصن کي ڌار ڪرڻ مهل ڪم ايندي آهي، خاص ڪري جڏهن ڪاما کان وڌيڪ ۽ حرف جملي کان گهٽ تعلق ڏيکارڻو هجي. مثال:

  • هن جو مدو پورو ٿيو؛ هو چارج ڏئي هليو ويو.

مٿئين جملي جون ٻه ٻيون صورتون هي ٿي سگهن ٿيون:

  • هن جو مدو پورو ٿيو، هو چارج ڏئي هليو ويو.
  • هن جو مدو پورو ٿيو ۽ هو چارج ڏئي هليو ويو.

هاڻي ڏسو ته پهرئين جملي جي ٻن بنهه ڌار ۽ مڪمل حصن کي ڪاما ذريعي ڌار ڪرڻ سان مفهوم واضح ڪونه ٿو ٿئي ۽ ٻئي جملي ۾ ”۽“ وجهڻ جي ڪري ڳالهه رواجي ٿي پئي، جڏهن ته اڌ دم يا سيمي ڪولن واري جملي جي ٻنهي حصن تي هڪ جيترو زور آهي.

ڪا تفصيل ڏيڻ جا ٻه طريقا آهن، هڪ ته نمبرن سان لکجي يا وري يڪي جملي ۾ لکجي. مثال طور:

  • اڄ ڪلهه اسان جا مسئلا آهن: صحيح تعليم جو فقدان، مناسب روزگار جي اڻهوند، صحيح ماحول جي ڪمي، ۽ وڏي ڳالهه ته سهڪار جي کوٽ.

انهي ساڳي ڳالهه کي لکڻ جو ٻيو طريقو آهي:

  • اڄ ڪلهه اسان جا مسئلا آهن:
  1. صحيح تعليم جو فقدان
  2. مناسب روزگار جو اڻهوند
  3. صحيح ماحول جي ڪمي
  4. سهڪار جي کوٽ

جيڪڏهن ڪو اهڙو ڊگهو جملو هجي، جنهن جا مختلف حصا ڪامائن سان ڌار ٿيل هجن، ته جتي مفهوم ۽ موڊ ۾ ٿورو ڦيرو محسوس ڪجي، اتي سيمي ڪولن ڏجي. مثال طور:

  • هو ڏاڍو سياڻو آهي، تنهن ڪري سڀ ڪو ڪم سمجهي ڪندو آهي؛ پر طبع جو تکو آهي، جنهن ڪري ڪنهن کي ڪونه وڻي.
  • منهنجي خيال ۾، هو هڪ سٺو ڇوڪرو آهي، ڪم ڄاڻي ٿو؛ اسان هن کي ملازمت ڏئي سگهون ٿا.

جڏهن ڪو به ٻن جملن کي ڳنڍيندڙ ظرف استعمال ۾ اچي، ته انهيءَ کي اڌ دم سان ڌار ڪرڻ گهرجي ۽ ان کان اڳ ۾ اهو لڳائي، پويان ٿورو دم يا ڪاما لڳائبي آهي.

اهڙا ظرف انگريزيءَ ۾ تمام گهڻا آهن. سنڌيءَ ۾ پڻ ”گڏوگڏ“، ”تنهن ڪري“، ”ساڳيءَ ريت“، ”تنهن کانسواءِ“، ”جيتوڻيڪ“، ”اڃا“، ”ائين“ ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا لفظ حرف جملي وانگر استعمال ڪبا آهن. مثال:

  • ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ موڪلون آهن؛ ساڳيءَ ريت، سنڌ جي ٻين يونيورسٽين ۾ به موڪلون آهن.
  • شاگرد پڙهن ڪو نه ٿا؛ تنهن ڪري، لازمي طور فيل ٿين ٿا.

ڪولن يا دم  (:)

ڪا ڳالهه ٻڌائڻي هجي، ڪو پهاڪو ڏيڻو هجي، يا ڪنهن جو چيل جملو دهرائڻو هجي، پر لفظ جيئن جا تيئن quotation نه هجن، نه اهي دهرائڻ کان پهرين ڪولن لڳندو مثال:

  • پهاڪو آهي: سچ ته بيٺو نچ.
  • هن جي ڳالهه سچ نڪتي ته: جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي، ضرور منهن ڀر ڪِرندو.

جڏهن ڪي تفصيل اڳتي ڏيڻا هجن ته به ڪولن لڳندو آهي مثال طور:

  • ڪراچيءَ ۾ پنج ضلعا آهن: ڏکڻ، اتر، اولهه، اوڀر ۽ سينٽرل.

ڪا فهرست ڏيڻ کان اڳ پڻ ڪولن لڳائبو.

وقت ڏيکاريندڙ انگن وچ ۾ به ڪولن ڪم آڻبو آهي. 3:30p.m يا 4:10

فل اسٽاپ يا پورو دم (.)

هر قسم جي بياني جملي پوري ٿيڻ تي پورو دم (.) ڏبو آهي. لفظن جي پوري لکڻ بدران مختلف طور ابتدائي اکرن abbreviations ۾ به انهن جي وچ ۾ فل اسٽاپ لڳندو. مثال طور:

  • ايم. ايڇ پنهور، جي. اي الانا، ايڇ. ايم خواجه وغيره.

ڊگرين جي لکڻ ۾ به اهو استعمال ٿيندو:

  • ايم. اي، بي. اي؛ بي. ايس. سي وغيره.

واڪ جون نشانيون (Quotation marks/ inverted Commas)

واڪ جون نشانيون ٻن قسمن جون ٿينديون آهن.

  1. اڪيليون
  2. ٻٽيون

ڪنهن ماڻهوءَ جا ڳالهايل لفظ ابتين ٻٽين ڪامائن يا واڪ جي نشانين سان ڌار ڪيا ويندا آهن مثال:

  • احمد چيو، ”مون کي منهنجو ڪتاب واپس ڪر!“

اهي نشانيون ان وقت اڪيليون (ٻٽيون نه) ڏبيون، جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جا چيل لفظ لکجن، جنهن ۾ هن ٻئي ڪنهن جا لفظ ورجايا هجن مثال:

  • احمد چيو، ”شاهد نياپو ڏنو هو ته، ’منهنجو ڪم ڪري مون کي اطلاع ڏجو‘، سو مون پنهنجو فرض پورو ڪري، نياپو توهان کي پهچايو.“

جملن جي وچ ۾ پهاڪا، چوڻيون، ڪنهن ڪتاب جو نالو، مضمون وغيره يا عنوان ۽ ڪي اهڙا لفظ اچن، جن کي نمايان ڪرڻو هجي ته انهن کي به واڪ جي نشانين سان ڌار ڪبو آهي.

مثال: ڪالهه مون غلام نبي مغل جو ناول ”اوڙاهه“ پڙهيو.

سوال جي نشاني (؟)

هيءَ نشاني سواليه جملي جي آخر ۾ لڳندي آهي، پر اهو سوال سڌو يا direct هئڻ گهرجي. Indirect speech ۾ اها نشاني ڪانه لڳندي. مثال:

  • احمد پڇيو، ”ارشد ڪيڏانهن ويو آهي؟“
  • احمد پڇيو هو ته ارشد ڪيڏانهن ويو هو.

اهڙا سوال جيڪي جملي ۾ فاعل جي جاءِ وٺن، انهن ۾ سواليه نشاني ڪانه لڳندي.

  • مذهب ڇا آهي، سائنس ڪهڙو ڪارنامو ڪيو آهي، اها ڳالهه سڀڪو سمجهي ٿو.

اهڙا سواليه جملا جيڪي ڏسڻ ۾ ته سوال اچن، پر هجن درخواست واري مفهوم جا، انهن ۾ سوال جي نشاني ڪا نه لڳندي بلڪ اتي عجب جي نشاني لڳندي. مثال:

  • ڇا توهان مهرباني ڪري منهنجو ڪتاب جلدي واپس ڪندا!

اخبارن ۾ اهڙي ڪا خبر، ۽ ڪتابن ۾ اهڙا ڪي تفصيل ۽ انگ اکر ڏيڻا هجن، جن جي باري ۾ پڪ نه هجي، ته پوءِ انهن جي سامهون ڏنگين ۾ سوال جي نشاني ڏبي آهي. مثال:

  • حڪومت ڪوٽا سسٽم- اڳيان ويهه سال وڌيڪ جاري رکڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو (؟)
  • آمريڪا جي ريڊ انڊين کي 1921ع (؟) ۾ حق مليا.

عجب جي نشاني  (!)

ڪنهن به حيرت ۾ وجهندڙ جملي جي آخر ۾ اها نشاني لڳندي آهي، يا وري گهڻي توجهه ڇڪائڻ لاءِ پڻ هڪ يا ڪڏهن ڪڏهن ٻه ساڳيون نشانيون پڻ لڳائبيون آهن.

لفظ جي ندائي صورت ۾ يا ندائي جملي ۾ آخر ۾ به اها نشاني لڳائبي آهي. تمنائي جملا، امر نيازي (اج پڇاڙيءَ) وارا جملا پڻ آخر ۾ عجب جي نشاني لڳائيندا آهن مثال:

  • ادا طارق! هتي اچي ويهه.
  • ادا طارق، هيڏانهن ته اچجان!
  • اڙي! افسوس! آهه! ڪمال آهي!

طنز ڏيکارڻ لاءِ ڏنگين يا بريڪيٽ ۾ عجب جي نشاني ڏبي آهي.

  • ها سائين، تون وڏو نيڪ (!) ماڻهو آهين.
  • تون پاس ٿي وئين (!) هتي عجب جي نشاني ڄڻ ته چئي رهي آهي ته ”ڪمال آهي.“

ڏنگيون (): Parentheses and Brackets

ڳالهايل لفظن Quotations ۾ جيڪڏهن ڪا سمجهاڻي ڏيڻي هجي ته اها ڏنگين ۾ لکجي.

ڪنهن جملي ۾ ڪو اهڙو لفظ هجي، جنهن جي وضاحت ضروري سمجهجي، ته ڏنگين ۾ ان جي معنيٰ لکبي. مثال:

  • ڪالهه سينيٽ (يونيورسٽيءَ جي) جي ميٽنگ هئي.

جملي ۾ ڪا رقم انگن ۾ لکيل هجي ته اکرن ۾ اها ڏنگين ۾ لکبي، ۽ جي اکرن ۾ هجي ته انگ ڏنگين ۾ لکبا. مثال:

  • هن کان 100 (سئو) رپيا مليا.
  • هن کان سئو (100) رپيا مليا.

جيڪڏهن لکڻيءَ ۾ ڪو حوالو اتي جو اُتي ڏيڻو هجي، ته اهو به ڏنگين ۾ لکبو. مثال:

  • مزدورن کي سال جون 25 موڪلون ڪرڻ جو حق حاصل آهي (ليبر لاز، صفحو....)

ليڪ (-) Dash

عام طور تي ننڍڙي ليڪ، جملي ۾ اوچتو خيال جي يا موڊ جي تبديليءَ ڏيکارڻ لاءِ استعمال ڪبي آهي، جنهن سان تسلسل ۾ تبديليءَ جو اهڃاڻ ملندو آهي- يا وري ساڳيو خيال ٻه ڀيرا ورجائڻ مهل به ننڍڙي ليڪ ان کي ظاهر ڪندي آهي. مثال:

  • جڏهن آخري ڀيرو مون هن سان ڳالهايو- ڪو مهينو کن اڳ- هن ته اهڙي ڪا ڳالهه ڪا نه ڪئي.
  • اسڪول جو پرنسپال- نالو الائي ڇا اٿس- ڏاڍو سخت ماڻهو آهي.

ان کان به ننڍڙي ليڪ يا Hyphen- انگريزيءَ توڙي سنڌيءَ ۾ ڪن مرڪب لفظن جي وچ ۾ لڳندي آهي.

ٻڙيون (...) Hiatus

جڏهن ڪنهن Quotation جو ڪجهه حصو ڪٽي ڇڏڻو هجي، ته اتي ٽي ٻڙيون ڏئي ڇڏبيون آهن، جنهن جو مطلب اهو ٿيندو ته هتان ڪجهه حصو ڪٽيل آهي. جيڪڏهن ڪٽيل حصو ڏنگين ۾ هجي، ته ٻڙيون به ڏنگين ۾ ڏبيون آهن.

جڏهن ڳالهه اڌ ۾ ڇڏڻ جو تاثر ڏيڻو هجي ته به جملي جي آخر ۾ اهي ٻڙيون ڏئي ڇڏبيون. ياد رهي ته اهي ٻڙيون ٽن کان وڌيڪ نه ڏيڻ گهرجن.

پئراگراف:

آخر ۾ اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته تحرير کي پئراگرافن ۾ ورهائڻ به بيھڪ جي نشانين جي سري هيٺ اچي ٿو. ڪنهن به ڊگهي لکڻيءَ کي پيرائن ۾ ورهائڻ سان تاثر ۾ بهتري اچي ٿي. پئرائن ۾ ورهائڻ جو اصول اهو آهي ته هر هڪ خيال کي ڌار پيرا ۾ لکجي. خيال جي مٽجڻ سان پئرا مٽائي ڇڏجي. نئين پئرا، سٽ جي ٽين يا چوٿين پتي ڇڏي شروع ڪرڻ گهرجي.

منهنجو تجربو اهو ٻڌائي ٿو ته اسان جا نوان ليکڪ ۽ سيکڙاٽ، اڪثر جملي جي مڪمل ٿيڻ کان اڳ ۾ وچ تي پورو دم يا ٿورو دم هڻڻ مهل منجهي پوندا آهن، ۽ ڪاما جي جاءِ تي فل اسٽاپ هڻندا آهن. اهو ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته جڏهن جملو پورو ٿي وڃي، ۽ ان جو مفهوم به مڪمل طور واضح ٿي وڃي، ته فل اسٽاپ يا پورو دم لڳائجي، ڇو ته وچ ۾ اها نشاني مفهوم ۾ مونجهارو پيدا ڪندي. ساڳيءَ طرح سان جتي ان پوري دم جي ضرورت هوندي، ۽ اتي اها نشاني نه هڻبي، ته به مونجهارو پيدا ٿي سگهي ٿو.

ڪاما جو استعمال ڪوشش ڪري حرف جملي سان گڏ نه ڪجي، پر جي جملي جي هڪ حصي تي وڌيڪ زور ڏيڻو هجي ته پوءِ ان جي وچ ۾ ڪاما ڏئي ان کان پوءِ (”۽“ يا ”پر“) لکبو ته ان جو مطلب ٿيندو ته اسان ڳالهائڻ مهل اِن ”۽“ ۽ ”پر“ تي زور ڏيڻ جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ اها ڪاما لڳائي آهي. ڏنگين ۾ ڪنهن به Quotation لکڻ مهل ابتيون واڪ جون نشانيون (inverted Commas) لڳائجن ته پوري دم، ٿوري دم يا اڌ دم جون نشانيون ۽ ٻيون نشانيون انهيءَ جو حصو هئڻ جي صورت ۾ اندر لڳنديون، ٻاهر نه! البت عجب جي نشاني ۽ سوال جي نشاني معنيٰ جي حساب سان لڳندي آهي. بيھڪ جون نشانيون تحرير جي خوبصورتيءَ ۾ واڌارو آڻين ٿيون ۽ ان کي سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿيون، ان ڪري انهن جو صحيح ۽ موقعي جي مناسبت سان استعمال ازحد ضروري آهي.

مددي ڪتاب:

  1. آڏواڻي، ڀيرومل- وڏو سنڌي وياڪرڻ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1985ع.
  2. سراج- (مقالو: بيھڪ جون نشانيون) مهراڻ-1، 1956ع، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد.
  3. سنڌي وياڪرڻ: مرزا قليچ بيگ، سنڌي ادبي بورڊ، 1960ع.
  4. “Write Better Speak Better”: Readers Digest Association, Pleasantville, New York, 1977.

[سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڪراچيءَ ۾ ڏنل ليڪچر]