ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال

ڪتاب جو نالو ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال
ليکڪ علي نواز آريسر
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-160-6
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (778) PDF  E-Pub
انگ اکر

13 November 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     31926   ڀيرا پڙهيو ويو

وقف يا بيهڪ جون نشانيون (واحد بخش شيخ)


وقف يا بيهڪ جون نشانيون

 واحد بخش شيخ

ڪنهن به ٻوليءَ جي عبارت ۾ وقف يا بيهڪ جون نشانيون وڏي اهميت رکن ٿيون، ڇاڪاڻ ته انهن کانسواءِ لکڻ، پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ مونجهارو پيدا ٿي سگهي ٿو. وقف جي نشانين جو صحيح استعمال اڃا به وڌيڪ اهم آهي، ڇو جو انهن جي بيجا يا غلط استعمال جي ڪري جملي جو مطلب هڪ جو ٻيو نڪرندو آهي، مثال:

  1. چوريءَ جي تهمت نثار تي، نه رفيق تي آهي.
  2. چوريءَ جي تهمت نثار تي نه، رفيق تي آهي.

مٿيان ٻئي جملا توڙي جو تحرير ۾ ساڳيا آهن، پر هر هڪ جو مطلب نرالو آهي؛ اهو انهيءَ ڪري جو بيهڪ جي نشاني اڳي پوءِ ڏنل آهي. پهرئين جملي جو مطلب آهي، ته چوريءَ جي تهمت نثار تي آهي، ۽ ٻئي جملي ۾ ڏيکاريل آهي ته چوريءَ جي تهمت رفيق تي آهي.

عبارت جي هڪ فقري جو مثال:

’سال ٿيا آهن اوسيئڙي ۾ وِهڻ نٿو پڄي آخر ته ڪجهه ڪرڻو آهي پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجن ٻچن لاءِ ڪيترو پاڙي پتيءَ جي رحم ڪرم تي ڀاڙي ائين هٿ ٻڌي ويهي ر هجي.‘

مٿئين فقري ۾ وقف جون نشانيون ڏنل ڪونهي، تنهن ڪري پڙهڻ مان اهو نٿو سمجهي سگهجي، ته ڪهڙا لفظ ڪهڙن لفظن سان لاڳاپو رکن ٿا، ۽ عبارت جو صحيح مفهوم ڇا آهي. وقف جي نشانين ڏيڻ سان عبارت جي صورت هيٺينءَ ريت ٿيندي:

(1) سال ٿيا آهن؛ اوسيئڙي ۾ وِهڻ نٿو پڄي. آخر ته ڪجهه ڪرڻو آهي، پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجن ٻچن جي لاءِ ڪيترو پاڙي پتيءَ جي رحم ڪرم تي ڀاڙي، ائين هٿ ٻڌي ويهي رهجي.

(2) سال ٿيا آهن اوسيئڙي ۾، وهڻ نٿو پڄي. آخر ته ڪجهه ڪرڻو آهي پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجن ٻڄن جي لاءِ. ڪيترو پاڙي پتيءَ جي رحم ڪرم تي ڀاڙي، ائين هٿ ٻڌي ويهي رهجي.

مٿئين فقري جي ٻن صورتن ۾ ڏسجي ٿو ته وقف جي نشانين جي موقف يا جاءِ مٽائڻ سان مطلب ۾ ڪيئن نه ڦيرو اچي ٿو وڃي. تنهن ڪري لکڻ واري تي لازم آهي، ته ڪم آندل جملن يا عبارت ۾ صحيح وقف جي نشانين جو صحيح جاين تي استعمال ڪري، جيئن پڙهندڙ کي صحيح مطلب حاصل ٿي سگهي.

اڳئين زماني ۾ ٻولين، جهڙوڪ عربيءَ، فارسيءَ وغيره ۾ وقف جي نشانين جو استعمال هوندو ئي ڪونه هو؛ يا وري هو ته ورلي ۽ ڇڊو پاڊو. اهڙيءَ حالت ۾ جملي جي صحيح معنيٰ دريافت ڪرڻ، پڙهندڙ جي مهارت ۽ ذهني فهم ۽ فراست تي ڇڏيل هو. البت ڪي مختصر نشانيون، جهڙوڪ: ’-‘، ’+‘ ۽ ’o‘ جملن يا فقرن جي پڇاڙيءَ ۾ استعمال ٿينديون هُيون، ۽ اڃا تائين به ڪنهن حد تائين ٿينديون رهن ٿيون؛ مگر هاڻي انگريزي ٻوليءَ جي اثر هيٺ عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ به وقف جي نشانين جو استعمال ٿيڻ لڳو آهي، ۽ جيڪي نشانيون انگريزيءَ ۾ استعمال ٿين ٿيون، سي سنڌيءَ ۾ به استعمال ٿيڻ ۾ اچن ٿيون.

وقف جون نشانيون ٻن قسمن جون آهن: هڪڙيون اُهي، جي جملي جي وچ ۾ واقع ٿينديون آهن ۽ ٻيون جملي جي آخر ۾ اينديون آهن.

1.جملي جي وچ ۾ واقع ٿيندڙ وقف جون نشانيون:

ڪاما يا هلڪو دم (،):· هيءَ وقف جي نشاني ’اُبتي واو‘ جي شڪل جهڙي هوندي آهي، جا جملي ۾ ڪثرت سان استعمال ٿيندي آهي، ۽ اها سڀني نشانين ۾ اهميت واري هوندي آهي. ڪاما يا هلڪي دم استعمال ڪرڻ جو مقصد جملي کي ننڍن ننڍن ڀاڱن ۾ ورهائي، ان جو مطلب ظاهر يا واضح ڪرڻ هوندو آهي.

ڪاما يا هلڪي دم جو استعمال هيٺين حالتن ۾ ٿيندو آهي.

(1) جملي ۾ هڪ کان وڌيڪ سلسليوار لفظن، اصطلاحن ۽ جملي جي ڀاڱن کي ڪاما يا هلڪي دم جي ذريعي الڳ ڪبو آهي، ۽ اهڙي سلسلي جي پوئين لفظ يا ڀاڱي جي اڳيان حرف عطف ايندو آهي، مثال:

  • اسان جي ملڪ ۾ ڪڻڪ، چانور، جوئر، مڪئي، ڪپهه ۽ ڪمند جي پوک ٿيندي آهي.
  • عورت جو مکيه ڪم آهي رڌڻ پچائڻ، سبڻ، ٻارن جي پرورش ڪرڻ، گهر جو انتظام سنڀالڻ ۽ پنهنجي خاوند جي خدمت ڪرڻ.
  • اورنگزيب نيڪ، ايماندار، رحمدل ۽ عادل بادشاهه ٿي گذريو آهي.
  • اسان، توهان ۽ ٻيا سڀ هڪ ئي خدا جا خلقيل آهيون.
  • صبح شام، ڏينهن رات، بيٺي ويٺي ۽ سُتي الله کي ياد ڪرڻ گهرجي.

(2) سلسلي وار لفظ يا اصطلاح، جي حرف عطف سان ڳنڍيل هجن، تن ۾ ڪاما يا هلڪو دم استعمال نه ڪجي، مثال:

زخمي اُٺ پيو ڦيراٽيون کائي ۽ ليٽي ۽ رڙي.

(3) جملي ۾ افتتاحي لفظ يا اصطلاح، ڪاما جي ذريعي باقي لفظن کان الڳ ڪري بيهاربا آهن، مثال:

-  ڏڪار جا ماريل، ڪڪرن جي ڪڙڪاٽ تي ماڻهو خوشيون ڪرڻ لڳا.

- مت جا موڙها، ڪيترائي ڳوٺاڻا شهرن ۾ ٺڳن جي ور چڙهي ويندا آهن.

(4) فعل معطوفي يا اسم حاليه جي لفظن جي سلسلي ۾ به ڪاما يا هلڪو دم استعمال ٿيندو آهي، جيئن هيٺ ڪن مثالن ۾ ڏيکاريل آهي؛

-  اقبال هر روز صبح جو وضو ڪري، نماز پڙهي، قرآن مجيد جي تلاوت ڪري ۽ ماني کائي پوءِ اسڪول ويندو آهي.

- سياري جي ٿڌي، خوفناڪ ۽ اونداهي رات ۾ هو ٿڙڪندو، ڇرڪندو، ٿڙندو ٿاٻڙندو، ۽ ڌڪا کائيندو وڃي ڪنهن ڳوٺ کي ويجهو ٿيو.

- معاشري ۾ اُٿندي، وهندي ۽ ڳالهه ٻولهه ڪندي، ادب ۽ اخلاق کي ڌيان ۾ رکجي.

(5) مرڪب جملن جي ڀاڱن کي ڪاما ڏيئي الڳ ڪبو آهي، ۽ اهڙيءَ حالت ۾ ڪاما حرف عطف کان اڳ اچڻ گهرجي، مثال:

- ڪڪر مڙي آيا آهن، ۽ اجهو ٿو مينهن وسي.

- لائبريريءَ ۾ ڪتاب ته گهڻا ئي موجود آهن، پر پڙهڻ وارو ڪو ڪونهي.

اهڙي مرڪب ترڪيب، جنهن ۾ حرف عطف ڪم آيل هجي ۽ اها فاعل يا خبر ٿي ڪم اچي، تنهن ۾ ڪاما استعمال نه ڪجي، مثال:

چور دروازو اندران بند ڪيو، ۽ ڪُنجون هٿ ڪري ڪٻٽ کولڻ لڳو. (هتي ڪاما نه ڏيڻ گهرجي)

صحيح جملو هيئن ٿيندو: چور دروازو بند ڪري ۽ ڪُنجون هٿ ڪري ڪٻٽ کولڻ لڳو.

(6 بياني جملي جي مختلف ڀاڱن کي هلڪي دم جي ذريعي ورهائبو آهي، مثال:

- قلعي جي ديوار ويهه هزار فوٽ ڊگهي، پنج فوٽ ويڪري، ۽ چاليهه فوٽ اوچي آهي.

- مينهن اُٺي بر وُٺا، گاهه اُڀريا، وڻ ٽڻ ساوا ٿيا، ترايون ۽ تل ڀريا، سنگهار سرها ٿيا.

- حڪومت جيڪڏهن مخلص هوندي، هر هڪ جي حقن جي حفاظت ڪندي، ۽ رعيت کي خوش رکندي، ته اها مستحڪم ۽ مضبوط ٿيندي.

(7) شرطي جملن يا ضمير موصول ۽ جواب موصول وارن جملن جي ڀاڱن کي ڪاما ڏيئي الڳ ڪبو آهي، مثال:

  • جيڪڏهن تون ٻاهر ٻاڦ نه ڪڍين، ته مان توکي پنهنجو راز ٻڌايان.
  • تون کڻي ڪيتري به ڪوشش ڪندين، ته به پنهنجي ارادي کان نه ڦرندس.
  • جيڪو به مون وٽ آيو پئي، تنهن کان پئي ڏس پنڌ پڇيم.
  • ’اُهو ڪجهه ڪجي، جو آئيءَ ويل ڪم اچي.‘

(8) جملي جي انهن لفظن يا ڀاڱن کي ڪاما جي وسيلي الڳ ڪجي، جيڪي ضروري سمجهاڻيءَ يا وضاحت لاءِ استعمال ڪيا وڃن، مثال:

  • ڪراچي، سنڌ جي گادي، پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي.
  • فرزانه، ثمينه جي ڀيڻ، هڪ نهايت ذهين ڇوڪري آهي.

(9) معترضه جملي کي هميشه ڪاما سان الڳ ڪبو آهي، مثال:

سلطانه رضيه، خدا مٿس رحمت ڪري، ڏاڍي عقلمنديءَ ۽ مردانگيءَ سان حڪومت هلائي.

  • تنهنجو ڇوڪرو، الله ڏينهن ڏئيس، ڏاڍو سلڇڻو آهي.
  • توهان، مان سمجهان ٿو، منهنجي پيءُ جا پراڻا دوست ٿا ڏسجو.
  • هو، خدا نه ڪري، ڪنهن مصيبت ۾ نه پوي.

(10) متضاد جنس يا معنيٰ وارن لفظن کي ڪاما جي ذريعي جدا ڪبو آهي، مثال:

  • عورت هجي يا مرد، ٻڍو هجي يا جوان، مسڪين هجي يا مالدار ۽ سگهو هجي يا هيڻُو، مڙني کي زندگيءَ جي ڊُڪ ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻو پوي ٿو.
  • صبح هجي يا شام، ڏينهن هجي يا رات ۽ روشني هجي يا اونداهي، انڌي جي لاءِ مڙئي ساڳي ڳالهه آهي.
  • ڏک توڙي سُک ۾، بيماريءَ توڙي توانائيءَ ۾ ۽ مشغوليءَ توڙي واندڪائيءَ ۾، دل کي ذڪر فڪر کان پالهو نه رکجي.

(11) ظرفي لفظن ۽ اصطلاحن کي ڪاما سان الڳ ڪبو آهي، مثال: ها، مان تنهنجي مدد ڪندس.

  • نه نه، مان اها ڳالهه ڪنهن کي نه ٻڌائيندس.
  • ويچاري، شرم کان، ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو.

مرڪب جملن ۾ ظرفي لفظن کي سيميڪولن يا اڌ دم اچڻ کان پوءِ ڪاما ڏبي آهي، جيئن هيٺين مثالن ۾ ڏيکاريو ويو آهي:

  • وقت اچي ڀريو آهي؛ پوءِ، تنهنجي ڇا مرضي آهي؟
  • مون توسان وعدو ڪيو آهي؛ البت، اهو ڪم ڏکيو آهي.

ڪي صفتون ظرفي صورت ۾ استعمال ٿينديون آهن، جن جو بيان اڳ اچي چڪو آهي. اهڙا ڪي لفظ، مثال: پهريون، ٻيو ۽ ٽيون وغيره، جي جملي ۾ سلسلي طور استعمال ٿيندا، ته هر هڪ جي پٺيان ڪاما ايندي، مثال:

  • منهنجي نه اچڻ جا ڪي سبب آهن: پهريون، ته ماڻهو گهڻا هئا: ٻيو، ته گندگي ڏاڍي هئي ۽ ٽيون، ته مون کي گهڻن ماڻهن ۾ مونجهه ٿيندي آهي.

جملي ۾ حرف عطف، جهڙوڪ: ته، تنهن ڪري، پر، ڇاڪاڻ ته، ڇو جو، مگر وغيره جي اڳيان ڪاما ايندي آهي، مثال:

ماڻهو چون ٿا، پر مون کي اعتبار نٿو اچي.

  • بيماري عام ٿي پيئي آهي، ڇو جو کاڌي جون شيون نج نٿيون ملن.
  • امتحان اچي ويجهو پيو آهي، تنهن ڪري مان وڌيڪ وقت ترسي نه سگهندس.

(12) صفت جا اهي لفظ، جي موصوف جي پويان اچن، تن کي ڪاما ڏيئي الڳ ڪبو آهي، مثال:

  • هاٿي، مست ۽ ڪاوڙ ۾ ڀريل، ماڻهن جي ميڙ ۾ ڪاهي پيو.
  • گلاب جو گل، سهڻو ۽ خوشبودار، هر ڪنهن کي پسند هوندو آهي.

جملي ۾ فاعل، مفعول يا مجرور اسمن سان لاڳاپو رکندڙ لفظن کي ڪاما جي ضرورت نه هوندي آهي، مثال:

  • گندي پاڻيءَ جون ناليون ڍڪيل هُئڻ گهرجن.
  • سياري جي اُس وڻندي آهي.
  • ڪڪرن سان ڇانيل آسمان مان سج جا سُنهري ڪِرڻا جهاتيون پائي رهيا هئا.

(13) جملي ۾ احساس ظاهر ڪندڙ لفظن جي پٺيان ڪاما ايندي آهي، مثال:

  • الله ڪري، مان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيان!
  • مار، مون ته يقين ئي نٿي ڪيو!
  • هاءِ هاءِ، منهنجون سڀ اُميدون خاڪ ۾ ملي ويون!
  • واهه واهه، بيشڪ تون مڙس آهين!
  • اُنهن، مان ته کين نهاريندس ئي ڪو نه!

(14) جملي ۾ ڪڏهن ڪڏهن لفظن يا عبارت کي حذف ڪري ڇڏبو آهي، ۽ اهڙن ڇڏيل لفظن جي جاءِ تي ڪاما ڏبي آهي، مثال:

  • سياري ۾ ٿڌ گهڻي ٿيندي آهي ۽ اونهاري ۾، گرمي.
  • انسان مٽيءَ مان پيدا ٿيو آهي ۽ شيطان، باهه مان.
  • دنيا ڪافر لاءِ آهي ۽ آخرت، مومن لاءِ.

پهرئين جملي جي ٻئي ڀاڱي ۾ به لفظ ’گهڻي ٿيندي آهي‘ استعمال ٿيڻ گهرجن، پر فني اعتبار کان، يعني عبارت کي مختصر ڪرڻ ۽ تڪرار کان بچڻ خاطر انهن کي حذف ڪيو ويو آهي، ۽ انهن جي بدران هلڪو دم ڏنو ويو آهي، جو مذڪور لفظن جي ترجماني ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح ٻئي جملي ۾ ’پيدا ٿيو آهي‘ لفظن کي ورجائڻ بدران ڪاما ڏني ويئي آهي. ٽئين جملي ۾ فعل ’آهي‘ حذف ٿيل آهي، جنهن جي جاءِ تي ڪاما آيل آهي.

(15) ندائي يا خطابي لفظن جي پٺيان هميشه ڪاما ايندي آهي، مثال:

  • ادا، اوهان سان ملي ڏاڍو خوش ٿيا آهيون.
  • اي انسان، تون پنهنجو قدر سڃاڻ.
  • يا الله، اسان کي نيڪ بڻجڻ جي توفيق عطا ڪر.
  • عزيزو ۽ دوستو، اوهان کي هميشه حق جي حمايت ڪرڻ گهرجي.

خط يا درخواست ۾ خطابي يا مرحبائي لفظن جي پٺيان ڪاما ايندي آهي، مثال:

پيارا ڀاءُ، خوش هجو شال.

جناب اُستاد صاحب، منهنجي ٽن ڏينهن جي موڪل منظور ڪرڻ فرمائيندا.

(16) مڪالمي يا گفتگوءَ ۾ ڳالهائيندڙ کي ڪاما ڏيئي علحدو ڪبو آهي، مثال:

  • سروير ٻڌايو، ته بچاءُ بند ڀڄي پيو آهي.
  • وزيراعظم يقين ڏياريو، ته ملڪ کي خوشحال، مضبوط ۽ طاقتور بڻايو ويندو.
  • خليفي باغائيءَ کان پڇيو، ”تنهنجي سالاني آمدني ڪيتري آهي؟“ باغائيءَ وراڻيو، ”حضور، بس ٻچن جو گذران مَس ٿئي ٿو.“

(17) ائڊريس ۾ شهر ۽ ملڪ جو پتو ڏجي ته شهر کي ڪاما جي رستي جدا ڪجي، مثال:

حيدرآباد، سنڌ

تاريخ لکڻ ۾ مهينو ۽ ڏينهن سال کان ڪاما ڏيئي جدا ڪجي، مثال: 7 جنوري، 1997ع

سيميڪولن يا اڌ دم (؛): سيميڪولن يا اڌ دم جملي جي انهن ڀاڱن کي جدا ڪندو آهي، جي ترڪيب ۽ معنيٰ جي لحاظ کان مڪمل ۽ هڪٻئي سان ڳنڍيل هوندا آهن. سيميڪولن اهڙي وقفي يا بيهڪ جي نشاني هوندي آهي، جا پوري دم کان ڪجهه گهٽ ۽ ڪاما کان وڌيڪ يقين ڪرڻ واري هوندي آهي.

سيميڪولن هيٺين حالتن ۾ استعمال ٿيندو آهي:

(1) سيميڪولن اهڙي مرڪب جملي ۾ ڪم ايندو آهي، جنهن جا ڀاڱا حرف عطف سان ڳنڍيل نه هوندا آهن، مثال:

  • مينهن ڏاڍو ٿو وسي؛ ڇنا مَنهن سڀ وهي ڇڙيا آهن.
  • جهنگ ۾ سج لهڻ سان اوندهه ٿي ويئي؛ اسان کي رستو هٿ ئي نه پيو اچي.

(2) جيڪڏهن مرڪب جملي جا ڀاڱا ڊگها هجن يا وقف جي ٻين نشانين سان جدا ٿيل هجن، ته ان حالت ۾ ڀاڱن کي ڳنڍيندڙ حرف عطف جي اڳيان سيميڪولن ڏيئي سگهجي ٿو، مثال:

  • ڳالهائيندا ٻولهائيندا، ٻئي ڄڻا وڃي اسٽيشن تي پهتاسون؛ پر جيسين گاڏي اچي، اخبارون وٺي پڙهڻ لڳاسون.
  • رات جو اڃا اسان نڪتاسون ئي مس، ته اچي مينهن ڪڙڪيو؛ سو اسان جا سمورا ڪپڙا ڀڄي پيا.

(3) حرف عطف جي اهڙن لفظن جي اڳيان سيميڪولن ايندو، جي ظرفي معنيٰ ڏيندا هجن ۽ مرڪب جملي جي ڀاڱن کي ڳنڍيندا هجن، جهڙوڪ: تنهن ڪري، البت، ته پوءِ، تنهن هوندي به ۽ نيٺ وغيره، مثال:

  • هاڻي سج لهڻ تي آهي؛ تنهن ڪري، اسان کي هلڻ گهرجي.
  • هو ته مڃي ئي نه پيو؛ نيٺ، ڪجهه ڏئي وٺي جند ڇڏائي آيس.

(4) جملي جي انهن ڀاڱن کي سيميڪولن ڏيئي جدا ڪبو آهي، جنهن ۾ عبارت جي سلسليوار لفظن کي ڪاما ڏنل هجي، مثال:

  • ميٽنگ ۾ سوسائٽيءَ جا هِي عهديدار چونڊيا ويا: گل محمد، صدر؛ رحيمداد، نائب صدر؛ الهڏتو، سيڪريٽري؛ ۽ ڪريم بخش، خزانچي.
  • اسان جي انجمن جا خاص مقصد هي آهن: جي غريب ۽ يتيم هجن، تن جي مالي مدد ڪرڻ؛ جن جو پاڻ ۾ جهڳڙو هجي تنهن کي نبيرڻ؛ ۽ جن جو جائز ڪم ڪٿي ڦاٿل هجي، تنهن کي سرانجام ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ.

ڪولن يا دم (:) ڪولن يا دم جو استعمال هيٺين حالتن ۾ ٿيندو آهي:

(1) جڏهن شين جو تفصيل، انهن جي فهرست يا ياداشت ڏيڻي هوندي آهي، مثال:

  • انسانن تي ٽن قسمن جا حق آهن: الله جا، انسانن جا ۽ نفس جا.
  • پنج وقت نماز فرض آهي: فجر، ٻپهري، ٽپهري، سانجهي ۽ سومهڻي.
  • هيٺيان شهر ڇا کان مشهور آهن:

ڪشمور، نصرپور ۽ هالا.

  • سوسائٽيءَ جي فنڊ مان هيٺيان ڪم ڪيا ويا آهن:

غريب شاگردن کي اسڪالرشپ ڏني ويئي آهي؛ يتيم خاني ۾ کاڌو ۽ ڪپڙو ورهايو ويو آهي؛ بيوهه عورتن کي امداد ڏني ويئي آهي؛ ۽ ڪجهه رقم ڏڪاريل ماڻهن لاءِ رکي ويئي آهي.

(2) جڏهن ڪنهن جي قول، بيان يا تقرير جو حوالو ڏبو آهي، مثال:

  • شاهه صاحب فرمايو آهي: نِينهن جي حقيقت نهائينءَ کان سکڻ گهرجي، جيڪا اندر ۾ پيئي پچي ۽ پڄري؛ پر ٻاهر ٻاڦ نه ٿي ڪڍي.
  • ڳالهه ڪندا آهن: هڪڙو بادشاهه ساري عمر تخت تي نه ويٺو؛ پر زمين تي ويهي حڪمراني ڪندو هو.
  • ملڪ جي صدر تقرير ڪندي چيو: عوام کي گهرجي، ته ٿوري ٿوري ڳالهه تي برهم نه ٿين؛ صبر کان ڪم وٺن، ۽ همت ۽ حوصلي جو مظاهرو ڪن.

(3) جنهن جملي ۾ ڪنهن عبارت يا بيان جي تصديق ۾ ڪو جامع اصول يا دليل ڏنل هجي، مثال:

منهنجو دوست بازار ۾ هليو، ته حساب ڪرڻ ئي نه اچيس. نيٺ اڍائي روپيه وڌيڪ ڏيئي اچي گهر نڪتو: علم کانسواءِ اوندهه آهي.

ٻاهر وڃي نفعو ته چڱو حاصل ڪيائين، پر گهر ٻار سڄو برباد ٿي ويس: اهو سون ئي گهوريو جو ڪن ڇني.

ڊَيش يا ننڍي ليڪ (-): ڊيش يا ننڍي ليڪ هيٺين حالتن ۾ استعمال ٿيندي آهي:

(1) جملي جي هلندي بيان ۾ اوچتو ٻيو ڪو خيال ظاهر ڪيو وڃي يا ان جي سلسلي کي ٽوڙي ڪا ٻي ڳالهه ڪئي وڃي ته ان جي اڳيان ڊيش استعمال ڪجي، مثال:

- مريم ماءَ سان پئي ڳالهايو- آخر ڪهڙو سبب آهي، جو ماڻهن ۾ سچ چوڻ جي جرئت نٿي ٿئي.

- مان ته توکي سهڻي صلاح ڏني- يار، تون ته ڪو عجيب شخص آهين.

(2) ڪنهن واقعي بابت خيال يا راءِ ظاهر ڪرڻ کان اڳ ڊيش ڏبي آهي، مثال:

هڪڙي جوان هام ڀري، ته هو اڪيلو دنيا جي چوڌاري چڪر لڳائيندو- ۽ هن ائين ڪري ڏيکاريو.

دنيا جي گذريل وڏي لڙائيءَ ۾ ائٽم بم تباهي مچائي ڇڏي- انسان ڪهڙو نه سخت دل ۽ بيرحم ٿي پيو آهي.

(3) جملي ۾ بيان يا عبارت جي وضاحت ۾ جيڪڏهن ڪي لفظ يا اصطلاح استعمال ٿين، ته انهن جي اڳيان ڊيش ايندي، مثال:

- بس گهڻو سامان ڪونهي- هڪڙي پيتي، هڪڙو بسترو، ۽ هڪ ڇٽي.

- اسان شاديءَ ۾ ٿورا ماڻهو گهرايا آهن- پنهنجا ويجها مائٽ، خاص دوست، ۽ ڪي ڄاڻ سڃاڻ وارا ڪامورا.

- قرآن- مسلمانن جو ديني ڪتاب- عربي ٻوليءَ ۾ آهي.

- هماليه- دنيا جو اُتاهون جبل- سڄو سال برف سان ڇانيو پيو هوندو آهي.

(4) جملي ۾ عبارت جي لفظن يا اصطلاحن جي سلسلي کي ڊيش ڏيئي، پٺيان ان جو خلاصو پيش ڪبو آهي، مثال:

- هُو ٽپو ڏيئي ڀت تي چڙهيو، اندر وڃي دروازو کوليائين، ۽ بند ٿيل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيائين- اهو سڀ ڪجهه هن اک ڇنڀ ۾ ڪري ورتو، نه ته ڪيتريون جانيون ضايع ٿين ها.

- شين جي گهٽ پيدائش، ذخيره اندوزي ۽ گهرج ۾ اضافو- اهي مهانگائيءَ جا مکيه ڪارڻ آهن.

(5) جملي ۾ انهن لفظن کي ڊيش جي ذريعي الڳ ڪبو آهي، جيڪي غير ضروري هوندا آهن، ۽ عبارت ۾ خلل وجهندا آهن، مثال:

- تون ديارهه جي ڪپ تي پهچندين- ڌيان ڏيئي ٻڌ- توکي پار پهچائڻ لاءِ ٻيڙي ملندي.

- تو ڪافي عرصو ڪم ڪيو آهي- ڪيئن، سمجهين ٿو نه- هاڻي توکي آرام ڪرڻ گهرجي.

ڏنگيون ليڪون (()) ۽ بياني ليڪون ([]):

(1) جڏهن ڪنهن جملي ۾ معنيٰ يا اشاري طور ڪي لفظ ڪتب آڻبا آهن، ته اهي ڏنگين ليڪن جي وچ ۾ رکبا آهن، مثال:

- سوڊاني ماڻهو (حبشي) رنگ جا ڪارا ٿيندا آهن.

- سکر براج (پاڻيءَ جو بند) سنڌ جي زراعت لاءِ هڪ وڏو وسيلو آهي.

(2) جملي ۾ ڏنل وضاحت يا سمجهاڻي، جنهن جو جملي ۾ مکيه عبارت سان گهاٽو تعلق نه هجي، ۽ جنهن کانسواءِ جملو گرامر جي لحاظ کان مڪمل هجي، تنهن کي ڏنگين ليڪن ۾ وجهجي، مثال:

- منهنجو پُٽ (هاڻي خير سان جوان ٿيو آهي) ننڍي هوندي مون کانسواءِ رهي نه سگهندو هو.

- منهنجو دوست گذريل عيد جي ڏينهن (ويچارو ڪيترو عرصو بيمار رهيو) گذاري ويو.

(3) جملي ۾ ڪو انگ يا ڪا رقم تصديق خاطر ڄاڻائجي، ته اها ڏنگين ليڪن ۾ وجهجي، مثال:

- سيٺ پنهنجي منشيءَ کي پنجويهه هزار (25000) روپيا بئنڪ ۾ جمع ڪرائڻ لاءِ ڏنا.

- دستاويز ۾ ڪُل رقم 1,75000 (اکرين هڪ لک پنجهتر هزار) روپيا ڏيکاريل آهي.

(4) جملي ۾ ڏنگين ليڪن ۾ ڏنل عبارت جي لاءِ وضاحت جي ضرورت هجي، ته اها بياني ليڪن ۾ وجهجي، مثال:

- مون دڪاندار کي چيو، ته پيسا تمام گهڻا آهن (پنجاهه روپيا [0-50 روپيا] قيمت ٻڌايائين)، ڪجهه نه ورتم ۽ موٽي آيس.

- دنيا ۾ جيتري قدر آدم وڌي رهيو آهي (انسان جي تخليق [روزمرهه جو اضافو] ته قدرتي امر آهي)، اوتري قدر موت جي رفتار به تيز ٿي ويئي آهي.

اقتباس يا واڪ جي نشانين جي اندر انهي عبارت کي بياني ليڪن ۾ وجهجي، جيڪا ڄاڻايل قول جو حصو نه هجي، مثال:

- اجلاس ۾ هڪ آزاد ميمبر چيو: ”اسان جو ملڪ تڏهن صحيح معنيٰ ۾ آزاد رهندو ۽ ترقي ڪندو، جڏهن الله جي احڪامن [قرآني دستور] موجب عمل ڪيو ويندو.“

- خليفي پنهنجي خطاب ۾ چيو: ”ماڻهن کي بنا ڪنهن ڊپ ۽ ڊاءَ جي [خوف فقط خدا جو هجي] اخلاص ۽ ايمانداريءَ سان پنهنجو فرض ادا ڪرڻ گهرجي.“

(5) حسابي ڪم ۾ عام طرح ڏنگين ليڪن ۽ بياني ليڪن جو استعمال گهڻو ٿيندو آهي، انهن کي بعضي ضرب جي نشانيءَ طور به استعمال ڪبو آهي، مثال:

1......... (1 + 1) 2

                                            8    4

2......... (3 + 1) (1+ 1)

                                                                                                                                           8     4     5    3

3....... [ (53) 7 + 89

                                            14  7    9    9    11   

(2) جملي جي آخر ۾ ايندڙ نشانيون:

پورو دم: (.)

سوال جي نشاني: (؟)

احساس جي نشاني: (!)

پورو دم (.)- جملي ۾ ڪا عبارت يا ڪو بيان ختم ٿيندو آهي، ته پڇاڙيءَ ۾ پورو دم ڏبو آهي، مثال:

- اسان جو ملڪ معدني شين جي خزانن سان ڀرپور آهي.

- سيالڪوٽ ۾ راندين جو بهترين سامان ٺهندو آهي.

انگريزيءَ ۾ خاص طرح، لفظن جون مقصر يا مختصر صورتون استعمال ٿينديون آهن، جن جي پٺيان پورو دم ڏنو ويندو آهي. اهڙو رواج ٻي ڪنهن عام ٻوليءَ ۾ نه آهي، البت سنڌيءَ ۾ بعضي، ماڻهن جا نالا يا انهن جون علمي لياقتون انگريزيءَ جي طرز تي لکيون وينديون آهن، مثال:

ايم. ڪي عباسي

ايم. اي.، پي. ايڇ. ڊي.

مملڪتي وزير يو. اين. او ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ ويل آهي.

سوال يا استفهام جي نشاني (؟)- جنهن جملي ۾ ڪا ڳالهه پڇڻي هوندي آهي، تنهن جي آخر ۾ استفهام يا سوال جي نشاني ڏبي آهي، مثال:

- انسان جي جسم ۾ رت ڪيئن ٿو ٺهي؟

- شيشو ڇا جو ٺهيل آهي ۽ ڪهڙي ڪم ايندو آهي؟

- آبهوا جو مدار ڪهڙين ڳالهين تي هوندو آهي؟

احساس جي نشاني (!)- جنهن جملي ۾ آرزو، عجب، افسوس، ساراهه يا نفرت جو اظهار ٿيل هجي، تنهن جي آخر ۾ احساس جي نشاني ايندي آهي. ان کي تاثر جي نشاني به چئبو آهي، مثال:

- الله ڪري، شل منهنجي پڇاڙي سرهي ٿئي!

- سمنڊ ڪيترو نه اونهو آهي، جو ان ۾ جبل جيڏا جهاز ٿا ترن!

- جو ٻار ننڍيئي يتيم ٿو ٿئي، سو ڪيڏن نه ڏکن ۾ ٿو پلجي!

- آهه، هڪ نيڪ ۽ معتبر عالم جو موت دنيا لاءِ ڪيڏو نه نقصان آهي!

- واهه، حياتي ڪهڙي نه وڻندڙ ۽ پياري آهي!

کڏ ۾ پوي، بڇڙي بلا ٽري چڱي آهي!

اقتباس يا واڪ جون نشانيون (”“)- اصطلاح ۽ اقوال، پهاڪا ۽ چوڻيون، يا ڪنهن جو چيل قول يا الفاظ، هوبهو تضمين طور، جڏهن ڪنهن جملي يا عبارت ۾ ڪم آڻبا آهن، ته انهن کي اقتباس يا واڪ جون نشانيون ڏيئي پڌرو ڪبو آهي، مثال:

شاهه صاحب فرمائي ٿو: ”ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي.“

سچل سائين جو قول آهي: ”ٻيون سڀ ڪوڙيون ڳالهيون سچا، سچو عشق الستي.“

سياڻن چيو آهي: ”وت کان وڌيڪ وِک نه کڻجي.“

هڪ بزرگ تقرير ڪندي چيو: ”نالي ۽ نسل تي ناز ڪرڻ، سوڀيا ۽ مايا تي مغرور ٿيڻ، اڻ هوندي اسباب تي آسرو ڪرڻ، بي بنياد ڳالهين تي اعتبار ڪرڻ ۽ الله کي ڇڏي انسانن تي ڀروسو ڪرڻ نادانن جو ڪم آهي.“[1]

[ڪتاب: ”سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽ نحو“ تان کنيل]

 

  • عربي ۽ فارسيءَ ۾ وچ واريون وقف جون نشانيون استعمال ڪونه ٿينديون آهن. سنسڪرت ۾ اڌ دم لاءِ ’ا‘ ۽ سڄي دم لاءِ ’ا ا‘ نشانيون استعمال ٿينديون آهن.

[1]  هن مقالي ۾ محترم واحد بخش شيخ پراڻي طريقي موجب ”اگرچه، ڇاهي، ڪونهن، مثلاً“ هن ريت لکيو هو، جنهن کي اٿارٽيءَ جي قاعدي موجب تبديل ڪري هن ريت لکيو ويو آهي. ”توڙي جو/جيتوڻيڪ، ڇا آهي، ڪونهي، مثال طور“ (ع.ن)