ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال

ڪتاب جو نالو ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال
ليکڪ علي نواز آريسر
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-160-6
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (778) PDF  E-Pub
انگ اکر

13 November 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     31924   ڀيرا پڙهيو ويو

نشانيون (ميمڻ عبدالمجيد سنڌي )


نشانيون

 ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

 

سنڌيءَ ۾ انگريزي ٻوليءَ واريون بيهڪ جون نشانيون ڪم اچن ٿيون. جيڪي به نشانيون ڪم اچن ٿيون، انهن کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. پهريون ابتدائي؛ ٻيون، ثانوي، ٽيون، ٻٽيون يا مرڪب نشانيون. انهن مان هر هڪ جي هيٺ اپٽار ڪجي ٿي:

  1. ابتدائي:- هن ۾ هي نشانيون اچي وڃن ٿيون:
  2. ٿورو دم (،) Comma 2. اڌ دم (؛) Semi Conon
  3. دم (:) Colon 4. پورو دم (.). Full Stop or Period
  4. ٿورو دم: هيءَ نشاني جملن ۾ تمام گهڻي ڪم ايندي آهي ۽ جملي جي جدا جدا حصن کي ڳنڍڻ وقت ڪم ايندي آهي. هيءَ نشاني ڪم آڻڻ وقت ٻه ڳالهيون ڌيان ۾ رکڻ گهرجن:
  5. هيءَ نشاني اُتي ڪم آڻجي، جتي ڳالهائڻ وقت واقعي بيهڻو پوي ٿو.
  6. ٿورو دم اُتي ڏجي، جتي ٻي ڪا به نشاني ڪم نه آڻي سگهجي ۽ ٿوري دم ڏيڻ کانسواءِ مطلب چٽو ظاهر ٿي نه سگهي.

اهي ٻئي قاعدا خيال ۾ رکي ٿوري دم جو استعمال ڪجي. سليس جملن ۾ اها نشاني هن طرح ڏبي:

  1. زالون، مرد، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون سڀ باغ ۾ موجود هُئا.
  2. احمد هڪ سياڻو، سيبتو ۽ سُلڇڻو ڇوڪر آهي.

پهرين جملي ۾ اسم ۽ ٻئي ۾ صفت هڪٻئي پٺيان آيا آهن. هر هڪ اسم يا صفت جي پٺيان ٿورو دم آيو آهي ۽ پوين ٻن اسمن يا صفتن جي وچ ۾ ”۽“ حرف جملو ڪتب آيو آهي. اهڙن جملن ۾ ٿوري دم کان پوءِ ”۽“ حرف جملو اهڙيءَ طرح ڪم آڻبو آهي. جملي ۾ مکيه فعل کانسواءِ وچ تي جيڪڏهن ڪي فعل اچن ۽ اهي مکيه فعل تي مدار رکن ته، انهن جي پوئتان به ٿورو دم ڏجي مثال:

 آءٌ راند کيڏي، چڪر هڻي، بازار مان سودو وٺندو گهر آيس.

- ندا واري فاعل پٺيان به ٿورو دم ڏبو آهي، ته جيئن اهو جملي کان جدا ٿي بيهي. مثال: احمد، هيڏانهن اچ.

- جملي جا چٽائي ڏيکاريندڙ يا حقيقت بيان ڪندڙ جملا به ٿورو دم ڏيئي ڌار ڪبا آهن، ته جيئن جملي جو چٽو مطلب نڪري. مثال:

هيءَ ڪوٺي سورهن فوٽ ڊگهي، ٻارهن فوٽ ويڪري، ۽ عمق ۾ احمد جي وچينءَ ڪوٺيءَ جيڏي آهي.

اڳين جملن ۾ ”۽“ جڏهن ڪم آندي ويئي هُئي، ته ٿورو دم ان جي اڳيان نه ڏنو ويو هو، پر هن جملي ۾ ”۽“ آڏو ٿورو دم ڏنو ويو آهي. اهو هن ڪري آهي، جو جتي ڳنڍجڻ وارن حصن جو مطلب ۽ خيال هڪ ٻئي کان جدا هجي، ته اتي ٿورو دم آڻجي. مٿين جملي ۾ حصن جو مقصد جدا آهي؛ انهيءَ ڪري ٿورو دم ڏنو ويو آهي. جتي پويون جملو يا حصو، پهرين جملي جو وڌاءُ هجي، اتي ”۽“ اڳيان ٿورو دم ڪم نه آڻجي. مثال:

هُو ڪالهه ڪاليج آيو ۽ داخلا وٺي هليو ويو.

  • مٿين جملي مان ڏسڻ ۾ ايندو، ته خيال جو رُخ سنئون سِڌو آهي؛ پر، جيڪڏهن رُخ ڦِريل هجي ته، ۽ جي اڳيان ٿورو دم ضرور ڏيڻ گهرجي مثال:

- مقبول ڪراچيءَ ويو، ۽ جاءِ وٺي ويهي رهيو.

- جتي پهرين جملي کان پوءِ ڪجهه وقت بيهي، ايندڙ خيال کي چٽو ڪرڻو هجي، ته اُتي به ”۽“ اڳيان ٿورو دم ڏجي مثال:

هُو جهوپڙيءَ اڳيان اچي بيهي رهيو، ۽ غريبن جي حالت تي افسوس ڪندو هليو ويو.

- جيڪڏهن هڪ جملو ٻي تي مدار رکندڙ هجي ۽ ٻنهي مان ڪوبه پنهنجي ليکي ڌار ڪتب اچڻ جهڙو نه هجي، ته انهن جي وچ ۾ٿورو دم ڏجي مثال:

جي تون ڪراچيءَ هلندين، ته آءٌ به هلندس.

 - جملي ۾ اسم يا ضمير سان لاڳاپو يا قرابت ڏيکاريندڙ لفظن جي وچ ۾ ٿورو دم ڏيڻ گهرجي مثال:

شيخ مبارڪ، ابوالفضل  جو پيءُ، سيوهڻ جو هو.

 - جيڪڏهن جملو ڪنهن ظرفي فقري يا لاڳاپو ايندڙ لفظ سان شروع ٿئي، ته اُن جي پويان به ٿورو دم ڏجي مثال:

هن کان پوءِ، هو ائين نه ڪندو.

هن ڀيري به، مقبول جو ڪم ڪونه ٿيو.

- جڏهن هم جنس لفظ جوڙو ٿي ڪم ايندا آهن، تڏهن هر هڪ جوڙي جي وچ ۾ ٿورو دم ڏيڻ گهرجي مثال:

رات ڏينهن، سانجهيءَ، سومهڻيءَ، تتيءَ ٿڌيءَ پنهل جا پهه ٿي پچايائين.

- ڪنهن جملي ۾ جيڪڏهن هڪ فعل جا گهڻا فاعل هجن، ته انهن فاعلن جي وچ ۾ ٿورو دم ڏجي مثال:

احمد، مقبول ۽ جمال راند کيڏن ٿا.

  1. 2. اڌ دم:- مرڪب يا گڏيل جملن جي وچ ۾ جڏهن ٿورو وڌيڪ بيهڻ جي ضرورت سمجهبي آهي، ته اڌ دم، (؛) ڏبو آهي.

ڏاڍو انصاف پسند آهي، تنهن ڪري هر ڪنهن سان انصاف سان هلندو آهي؛ پر خوشامند پسند آهي، تنهن ڪري منجهانئس خوشامندڙيا ناجائز فائدو وٺي ويندا آهن.

اڌ دم، هيٺين ٻن سببن جي ڪري ضروري سمجهبو آهي:

  1. 1. مرڪب جملي ۾، هر هڪ جملي جي پڇاڙيءَ وٽ، انهيءَ لاءِ وڌيڪ بيهجي ته جيئن جملا پاڻ ۾ گڏجي نه وڃن.
  2. 2. مرڪب جملي ۾ هر هڪ جملو جيئن وڌيڪ واضح ٿئي.

    - جيڪڏهن ڪنهن جملي ۾ جدا جدا خيال ترتيبوار جملن ۽ فقرن ۾ اچن، ته انهن جي وچ ۾ اڌ دم ڏجي يا، جيڪڏهن ڪنهن بنيادي جملي جي تفصيل بيان ڪرڻ لاءِ ثانوي جملا اچن؛ ته انهن کي ڳنڍڻ لاءِ اڌ دم ڏجي مثال:

    ”ٻوليءَ جي ترقيءَ جون نشانيون هي آهن: ٻوليءَ جو ذريعه تعليم هجڻ؛ علمي، ادبي ۽ ثقافتي ڪتابن جو شايع ٿيڻ؛ عوام ۾ ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن جي پڙهڻ جو چاهه ۽ عوام کي پنهنجي ٻوليءَ سان پيار.

  1. دم: اڌ دم کان ڪجهه وڌيڪ زور واري ۽ دم کان ڪجهه گهٽ زور ڀري نشاني آهي. ڳالهه پوري ڪرڻ کان پوءِ، جڏهن ڳالهه کي وڌيڪ اثرائتي ڪرڻ لاءِ ڪجهه وڌيڪ چئبو آهي يا ڪو پهاڪو يا مثال ڏبو آهي، تڏهن پهرين جملي جي پوري ٿيڻ تي هيءَ نشاني ڏبي آهي مثال:

هن لکڻ کان پوءِ چيو: ”اکر سُٺا نٿا بيهن“

تو محنت ڪئي ته پاس ٿئين: محنت جو ڦل وڃڻ جو نه آهي.

  1. 4. پورو دم: جملي پوري ٿيڻ کان پوءِ پورو دم ڏبو آهي مثال:

   سنڌي ٻولي هڪ قديم؛ وسيع ۽ مڪمل ٻولي آهي.

   ڪنهن وڏي لفظ کي مخفف ڪري لکبو آهي، ته مخفف جي پويان پورو دم ڏبو آهي مثال:

      بي. اي؛ ايم. اي وغيره.

ثانوي نشانيون: مکيه نشانيون ابتدائي نشانيون آهن. ثانوي نشانيون، ابتدائي نشانين کي، خيال جي وضاحت ۽ اهميت ظاهر ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿيون.

   ليڪ:  () هن جو استعمال سنڌيءَ ۾ گهٽ ٿيندو آهي، پر جڏهن ڪم آڻجي ته وڌيڪ سُٺو ٿيندو. هن جو مکيه استعمال آهي؛ ٿوري دم بدران ڪم اچڻ. جملي ۾ ڪنهن فقري کان پوءِ جڏهن خيال جو رُخ مڙندو آهي؛ پر جيڪڏهن موڙ کان پوءِ ايندڙ خيال ۾ وڌيڪ اثر پيدا ڪرڻو هُجي، ته ٿوري دم بدران ليڪ ڏجي مثال:-

- هُو ڏاڍو ڪاوڙيل هو- اکيون ڳاڙهيون لال ۽ سڄو ڏڪيو ٿي.

ان کانسواءِ جنهن پئرا کي وڌيڪ نمايان ڪرڻو هوندو آهي؛ يعني ڏيکارڻو هوندو آهي، ته هن پئرا ۾ نئين ڳالهه آهي، ته ان جي اڳيان به ليڪ ڏبي آهي.

ڳنڍيندڙ ليڪ: جڏهن جدا جدا معنائن وارا ٻه لفظ ڳنڍي مرڪب لفظ ٺاهبو آهي؛ تڏهن انهن جي وچ تي ليڪ ڏبي آهي؛ ان کي ڳنڍيندڙ ليڪ چئبو آهي مثال:

ماهه- پهريون جمعو؛ معاشي- معاشرتي علوم؛ برقي- ريڊيائي اثر وغيره.

ڏنگيون: ( ) ڪنهن فقري يا لفظ کي بند ڪرڻ لاءِ استعمال ڪبيون آهن. ڏنگين ۾ اهو فقرو رکيو ويندو آهي، جو اهم نه هوندو آهي، ۽ جنهن کانسواءِ به جملي جو مقصد پورو نڪرندو آهي. انهيءَ ڪري ڏنگيون ڏيڻ ليکڪ جي مرضي تي ڇڏيل هوندو آهي مثال:

شاهه ڪريم (1537ء_1621ء) قديم شاعر ٿي گذريو آهي.

ڊرامي ۾ ڏنگين جو استعمال گهڻو ٿيندو آهي. جڏهن ڏيکارڻو هوندو آهي، ته احمد، ڪريم سان ڳالهائي رهيو آهي، تڏهن ”ڪريم کي“ لفظ ڏنگين ۾ لکبا. جڏهن ڏيکارڻو هوندو آهي، ته ڪردار جي ڳالهائڻ وقت ڪهڙي حالت هُئي؛ تڏهن اهي حالت بيان ڪندڙ لفظ ڏنگين ۾ لکبا آهن.

سوال جي نشاني: (؟) جڏهن جملي ۾ سوال پڇيو ويندو آهي، تڏهن جملي جي  پويان هي نشاني ڏبي آهي مثال:

  تون ڪير آهين؟ هتي ڇو بيٺو آهين؟

 جيئن ته هيءَ نشاني جملي پوري ٿيڻ کان پوءِ ڏبي آهي؛ تنهن ڪري ان کان پوءِ پورو دم نه ڏجي. جڏهن ڪو سوالي جملو فاعل طور ڪم اچي، يا ان سوالي فقري جي پويان ان سوال جو بيان يا جواب به هُجي، ته ان فقري جي پويان سوالي نشاني ڏيڻ نه گهرجي مثال:

- قوميت ڇا آهي، سياست ڇا کي ٿو چئجي، اهي ڳالهيون هر هڪ کي اچڻ گهرجن.

حرف ندا جي نشاني: (!) جڏهن عجب، سڌ، ارمان وغيره ظاهر ڪبو آهي، تڏهن هي نشاني حرف ندا جي پٺيان يا جملي جي آخر ۾ ڏبي آهي مثال:

افسوس! ويچارو بيماري مان چڙهي نه سگهيو!

ڪڏهن ٽوڪ يا زور ڏيکارڻ لاءِ به جملي پويان ندا جي نشاني ڏبي آهي مثال:

اڄوڪن لالچي عالمن جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن!

ڪٿي سوالي جملن جي اهميت وڌائڻ لاءِ، سوالي نشانيءَ بدران، ندا جي نشاني ڏبي آهي مثال:

ڏين ٿو ڏوڪڙ! يا ڪيانءِ ڪيس ڪورٽ ۾! ۽ ڪرايانءِ ڪا تعدي.

رواجي طرح سڏ ڪرڻ لاءِ ندا جي نشاني ڪم نه آڻجي؛ پر جيڪڏهن سڏ ڪرڻ جو خاص مطلب هُجي ته ڀلي ڏجي مثال:

سائين! اولاد بابت اوهان جو ڇا خيال آهي.

واڪ جون نشانيون: هي نشانيون ٻن قسمن جون ٿينديون آهن: هيڪوڻيون ۽ ٻٽيون. ڪو گفتگو يا خيال ٻٽين نشانين ۾ بند ڪبو آهي. واڪ جي نشاني شروع ٿيڻ کان اڳ ٿورو دم يا دم ضرور ڏجي. ٻٽيءَ نشانيءَ جو نمونو:

احمد چيو، ”سڀاڻي ڪراچيءَ ويندس“

هُو سوچڻ لڳو: ”هينئر ڇا ڪرڻ گهرجي.“

پهرين جملي ۾ گفتگو آهي ۽ ٻئي ۾ ويچار.

ٻٽين نشانين جي وچ ۾، جيڪڏهن ڪو ٻيو خيال، پهاڪو يا چوڻي اچي، ته ان جي مٿان هيڪوڻيون نشانيون ڏجن ٿيون مثال:

مقبول کي احمد چيو، ”تنهنجي حالت تي هي پهاڪو ’سکڻي ڪُني گهڻو اُڀامي‘ ٺهڪي ٿو اچي.“

رواجي عبارت ۾ ڪنهن خاص لفظ کي نمايان ڪرڻو هوندو آهي، ته اهو به ٻٽين نشانين ۾ رکبو آهي مثال:

اهڙو ڳالهائيندڙ ”گونگو ڳالهائيندڙ“ چئبو.

ٻٽيون يا مرڪب نشانيون: هن قسم جي مکيه نشاني آهي:”ٻڙي ٻڙي ٻڙي“ خالص ادبي ليکن ۾ نفاست ۽ گهرائي پيدا ڪرڻ لاءِ فقري يا جملي جي اڳيان يا پويان هيءَ نشاني ڏبي آهي. هيءَ نشاني پڙهندڙ کي سوچڻ لاءِ مجبور ڪندي آهي، ۽ کيس پنهنجي فهم سان خالي جاءِ کي ڀرڻ لاءِ آگاهه ڪندي آهي. مصنف جو خيال اڌوري هوندي مڪمل هوندو آهي، ۽ پڙهندڙ سوچڻ کان پوءِ اهو مطلب سمجهي ويندو آهي.

انهيءَ نشانيءَ جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:

هي بدبوءِ .....خراب هوا.....خراب ماحول.....!

هن قسم جي ٻي ٻٽي نشاني آهي ”ٻه ٻڙيون ليڪ“

(:-) جڏهن ڪو تفصيل ڏيڻو هوندو آهي، ته پهريائين هيءَ نشاني ڏيئي، پوءِ تفصيل ڏبو آهي، مثال:

حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جا هي مکيه ڪتاب آهن:-

  1. حيات النبي؛ 2. ڪمال ۽ زوال؛ 3. ابوالفضل ۽ فيضي؛
    4. آفتابِ ادب؛ 5. بهار اخلاق؛ 6. ميرن جي صاحبي وغيره.

هن نشانيءَ جي بدران دم به ڪم ايندو آهي؛ بهتر به اهائي نشاني آهي.

هن قسم جون ٻيون ٻه نشانيون آهن: ڏنگين ۾ سوال جي نشاني، ۽ ڏنگين ۾ عجب جي نشاني.

جڏهن ڪنهن ڳالهه يا لفظ ۾ شڪ هوندو آهي، ته اتي ڏنگين ۾ سوال جي نشاني (؟) ڏني ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ٽوڪ ظاهر ڪرڻ لاءِ به هيءَ نشاني ڏني ويندي آهي. مثال:

انارڪليءَ جي آکاڻي (؟) ڏند ڪٿا کان وڌيڪ اهميت نه ٿي رکي.

ڏنگين ۾ سوال جي نشانيءَ (!) جو به ساڳيو ئي استعمال آهي. هيءَ پاڻ گهري طنز ڏيکاري ٿي مثال: تنهنجي نيڪيءَ جي (!) هر ڪنهن کي خبر آهي. [1]

[ڪتاب: ”سنڌي علم ادب“ تان کنيل]

 

[1]  ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (آهي ته،) کانپوءِ ڪاما ڏني آهي، جنهن کي اٿارٽيءَ جي طئي ٿيل قاعدي موجب تبديل ڪري (آهي،) جي پٺيان ڪاما ڏني وئي آهي. (ع.ن)