ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال

ڪتاب جو نالو ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال
ليکڪ علي نواز آريسر
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-160-6
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (779) PDF  E-Pub
انگ اکر

13 November 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     31935   ڀيرا پڙهيو ويو

سُک نه سنڀري ڪڏهين (ڊاڪٽر فهميده حسين)


سُک نه سنڀري ڪڏهين

ڊاڪٽر فهميده حسين

 

قديم دَور کان جديد دَور تائين سنڌي ٻولي پنهنجي وجود بچائڻ لاءِ ڪيترين ئي اندروني توڙي ٻاهرين ٻولين جي طرفان پيدا ڪيل چئلينجن ۽ خطرن سان مهاڏو اٽڪائيندي آئي آهي. هن خطي ۾ مذهبي/ڌرمي برتريءَ جون دعويدار ٻوليون، سنسڪرت ۽ عربي وڏي عرصي تائين سنڌيءَ تي حاوي رهڻ واريون ٻوليون رهيون آهن ۽ سندن اثر ان حد تائين رهيو جو ڪنهن دَور ۾ ڪن عالمن سنڌيءَ کي سنسڪرت مان اُسريل ٻولي سڏيو ۽ ٻين وري عربيءَ واري ساڳئي گروهه يا سامي سٿ سان سلهاڙيو. انهن ٻنهي ٻولين جي مذهبي حيثيت هُئڻ سبب وڏي عرصي تائين اُنهن نظرين خلاف ڳالهائڻ ڄڻ ته بلاسفيميءَ جي برابر ٿي سمجهيو ويو. سياسي ۽ سرڪاري جبر طور مڙهيل زبانن ۾ وري فارسي ۽ اردوءَ کي ڳڻائي سگهجي ٿو، جن جي لاءِ پڻ علمي ادبي برتريءَ جا مفروضا گهڙيا ويا. اهي ٻوليون نه صرف لساني حوالي سان اثرانداز ٿيون، پر علمي ادبي حوالي سان به انهن جو واهپو اڻ سڌيءَ طرح سنڌيءَ کي زيردست حيثيت ڏيڻ جو باعث بڻيو، انهن ٻنهي ٻولين کي به مذهبي ۽ نظرياتي ٽيڪ حاصل رهي. فارسي مدرسن جي ٻولي رهي ۽ عربيءَ سان گڏ پڙهائي ويندي هُئي، جڏهن ته اردوءَ کي نظريه پاڪستان سان سلهاڙي برصغير جي مسلمانن جي ٻولي قرار ڏنو ويو، نتيجي ۾ انهيءَ جي خلاف مزاحمت کي به هڪ طرح سان ملڪ سان غداريءَ جي مترادف سمجهيو ويو. ايتري وڏي پيماني تي دٻاءَ ۽ جبر جي اڳيان ڪا عام، معمولي ٻولي هجي ها ته ڪڏهوڪي صفحه هستيءَ تان غائب ٿي چُڪي هجي ها، پر سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي اندروني سگهه زنده سلامت رکيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي تازو ٿيل عالمي ڪانفرنس جي هڪ نشست يا ويهڪ ۾ ’پرنٽ ميڊيا جي ٻوليءَ‘ بابت گفتگو ڪئي وئي. سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ سنڌي اخبارن جو وڏو ڪردار آهي ۽ سنڌ جي مسئلن ۽ (issues) معاملن کي به جيئن سنڌي اخبارون کڻن ٿيون ان لاءِ جس هُجي.

سنڌ ۾ پهرين مڪمل سنڌي اخبار 1866ع ۾ سنڌ سڌار نالي ڇپي ۽ اڄ ڏيڍ سئو سالن کان پوءِ ماشاءَالله 20 کان وڌيڪ سنڌي اخبارون شايع ٿين ٿيون، جن مان 5 يا 6 وڏيون ۽ اهم اخبارون آهن، اخبار جا ڪيئي ڀاڱا يا سيڪشن ٿين ٿا، پر اُنهن جو بنيادي ڪم هوندو آهي آگاهي، ڄاڻ، خبر ڏيڻ، پوءِ اها روزمره جي ٿيندڙ ڪنهن واقعي بابت هجي يا ايڊيٽوريل صفحي تي ڏنل علمي ادبي، سياسي ۽ سماجي معاملن بابت شعور ڏيڻ لاءِ لکيل ايڊيٽوريل، ڪالم يا مضمون.

ايڏي خدمت ڪرڻ جي باوجود به اڪثر ماڻهن کي اخبارن ۾ ڪتب ايندڙ ٻوليءَ جي باري ۾ اعتراض هوندا آهن، ته اهي ٻوليءَ جي نجپڻي کي ڇيهو ٿيون رسائين يا ٻوليءَ ۾ بگاڙ ٿيون آڻين. اهو محض الزام آهي يا اُن ۾ ڪا حقيقت به آهي؟ ۽ جي صحيح آهي ته ائين ڇو آهي؟ ان حوالي سان گفتگو ڪرڻ لاءِ مختلف سنڌي اخبارن جي نمائندن کي دعوت ڏئي گهرايو ويو هو. ڏٺو وڃي ته عام طور تي اخبارن جو ايڊيٽوريل عملو اخبار ڇپجڻ جي هر مرحلي تي رهنما ڪردار ادا ڪندو هو، خبر يا ڪوبه ليک اچڻ کان پوءِ ان ۾ اهم ۽ غير اهم کي ڌار ڪرڻ، ڪمپوزنگ ۾ ڏيڻ، ڪمپوزنگ کان پوءِ پروف ريڊنگ وغيره ايڊيٽر جي زيرنگراني ڪم ڪندڙ عملي جو ڪم هوندو آهي. انهن سڀني جو ڪم تمام اهم هئڻ ڪري انهن جي چونڊ جو عمل پڻ خبرداريءَ سان ٿيڻ گهرجي، گهٽ ۾ گهٽ سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي جوڙجڪ يعني لفظن، جملن ۽ عبارتن جي ترتيب تنظيم وغيره ۾ ڪتب ايندڙ قاعدن يا گرامر جي اصولن جي ڄاڻ لازمي هوندي آهي، اُن کانسواءِ لفظن جي صورتخطي، ٻوليءَ جو نجپڻو ۽ بيهڪ جون نشانيون پڻ ڄاڻڻ ضروري آهن. هاڻي ڏٺو وڃي ته سنڌي اخبارن ۾ بنيادي طرح چئن قسمن جون غلطيون نظر اچن ٿيون، ان مان اهو نتيجو ڪڍي ٿو سگهجي ته يا ته مٿين شعبن ۾ مقرر ٿيل عملي کي اها ڄاڻ گهربل حد تائين ڪانهي، يا اهو ڪجهه تڪڙ جي ڪري ۽ ڪجهه ٻين سببن جي ڪري انهيءَ ۾ ڪوتاهي ڪري ٿو، ان ڪري اهي غلطيون سرزد ٿين ٿيون جيڪي آهن: صورتخطي، گرامر جي قاعدن جو انحراف، اردو ۽ انگريزيءَ جو بيجا استعمال، بيهڪ جي نشانين جي اڻهوند ۽ معياري لهجي کان اڻڄاڻائي.

صورتخطي:

پهرئين نمبر تي صورتخطيءَ کي ڏسجي ته ڪيترائي لفظ بار بار تقريباً روز غلط لکيل نظر اچن ٿا، انهن مان ڪي هي آهن، هدف (نشانو يا مقرر ڪيل نڪتو) ۽ حذف (ميسارڻ يا ڪڍي ڇڏڻ) انهن ٻن لفظن کي هميشه هڪٻئي جي جاءِ تي ڏٺو ويو آهي، ان کانسواءِ غلط صورتخطيءَ جا مثال کڻجن ته هي لفظ عام ٿا ملن: ڪهرام کي لکن قهرام، سعيد آباد کي سيد آباد، هُوس کي حوس، سدورو کي صدورو، ڪزبانوءِ کي قزبانو، اڃا کي اڃان، ماڻهو کي ماڻهون، ڪينچي کي قينچي، ميار کي معيار، روپيو کي روپيه، کچڻي کي کچڙي، ڪابينا کي ڪابينه، نُڪتو وري لکجي نقطو، ڪارنهن ٿئي ڪارپ، کارڪون کي خارڪون، کاڻوٺ کي خاڻوٽ (ڳوٺ) کيبرن کي خيبرن (ڳوٺ)، ڪوس کي قوص وغيره. ايئن به ڪونهي ته ڪنهن سندن توجهه ان طرف ڪانه ڏياري آهي، سنڌي ٻوليءَ اٿارٽيءَ طرفان اڪثر انهن غلطين جي نشاندهي ٿيندي رهي آهي، ۽ هڪ باقاعده ’مانيٽرنگ‘ سيل جي طرفان اٽڪل سڀني سنڌي اخبارن کي هڪ هفتي ۾ ٿيل سندن غلطين جو تفصيل موڪليو ويندو آهي، پر ان سان ڪو گهڻو فرق نظر نٿو اچي.

گرامر:

سنڌي اخبار روزمره استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ جو آئينو هوندي آهي، ان ڪري اها گهٽ ۾ گهٽ ٻوليءَ جي گرامر جي لحاظ کان غلطين کان پاڪ هجي ته بهتر- لفظن جي نحوي بناوٽن جي حوالي سان به ڪيتريون ئي ڳالهيون نوٽ ڪيون وينديون آهن. مثال هي بناوٽون ڏسو: هن فلاڻو ڪم ڪيو آهي. مهرباني ڪري توهان به ڪريو ۽ اسين به ڪريون ٿا، پر اسان جي اخباري ٻوليءَ ۾ توڙي اڪثر ڪتابن ۾ لکندا آهن، مون ڪيو آهي. توهان به ڪيو ۽ اسين به ڪيون ٿا.

هاڻي ڪيو ۽ ڪيون – ماضيءَ جا صيغا آهن، جڏهن ته ڪريو  يا ڪريون امر جا صيغا آهن، ان ڳالهه جو ڌيان نٿو رکيو وڃي. هڪ ڏاڍي دلچسپ بناوٽ اڪثر اخبارن ۾ ڏسبي آهي- سا آهي ضميري پڇاڙين جي مثال طور:

”هن جو“ لاءِ ”سندس“

”هن کي“ لاءِ ”کيس“

”هن کان“ لاءِ ”کانئس“ وغيره لفظ

پر ڪِن اخبارن ۾ ”سندس جو“، ”کيس کي“ يا ”کانئس کان“ جهڙيون بناوٽون ڏسڻ ۾ آيون آهن، جن ۾ حرف جر ڄڻ ته ٻه ڀيرا استعمال ٿيو، اهو ايئن آهي جيئن چئجي ”ساحل سمنڊ جي ڪناري“

جملي جي بيهڪ:

لاڙڪاڻو منهنجو شهر آهي ۽ آءٌ لاڙڪاڻي ٿي وڃان، پر اسان جون اخبارون لکنديون آهن:

فلاڻو لاڙڪاڻو ويو، لاڙڪاڻو جا ماڻهو، اتي ”لاڙڪاڻي“ ٿيڻ کپي يا ”مورو“ ويس اتي ”موري“ ويس ٿيڻ گُهرجي، هڪ ٻي بناوٽ ۾ لکن ٿا ”هالا جو آهيان“ – ”هالن جو آهيان“ لکڻ گهرجي. حالت جريءَ جو مثال: نئون ديرو سُٺو شهر آهي، نئين ديري ۾ ٿڌ آهي- هنن ٻن جملن ۾ پهرئين ۾ نئون ديرو فاعلي حالت ۾ آهي ۽ ٻئي ۾ حالت جريءَ ۾ ان ڪري ”نئين ديري“ ٿيندو.

ساڳي ڳالهه نالن ۽ ذاتين سان لاڳو ٿئي ٿي.

جوڻيجو آيو، جوڻيجي وٽ ويس

سومرو چڱو ماڻهو آهي، سومري کي سڏ ڪر

جڏهن لفظ جي آخر ۾ اي يا او جو ڊگهو آواز هجي ته حالت جريءَ ۾  ءَ  همزو ضرور آڻجي ڇو ته اسان وٽ ي جي صرف هڪڙي صورت آهي. ڪراچيءَ ٿو وڃان --- ڇوڪريءَ جو گهر- همزو نه ڏبو ته ڇوڪري (مذڪر) جو گهر به پڙهي سگهجي ٿو.

ڪراچيءَ ۾ ٿو رهان- مٽيءَ ماءُ حوالي- ماڻهوءَ جو پُٽ وغيره ۾ همزي جو استعمال ضروري آهي.

مذڪر

         درست جمع

غلط

نظمُ

نظمَ

نظمون

ڪلاسُ

ڪلاسَ

ڪلاسون

غزلُ

غزلَ

غزلون

جيلُ

جيلَ

جيلون

قَسمُ

قسمَ

قسمون

بنيادُ

بنيادَ

بنيادون

افواهُه

افواهَه

افواهون

پگهارُ

پگهارَ

پگهارون

ڪتابُ

ڪتابَ

ڪتابون

مثالُ

مثالَ

مثالون

اردوءَ جو اثر:

اردو: استحصال- سنڌي: پرماريت

اردو: پيش رفت- سنڌي: اڳڀرائي

اردو: چار بجي- سنڌي: چئين وڳي

پنج سالن کان پوءِ- پنجن سالن کان پوءِ

اردو: فروخت- سنڌي: وڪرو

اردو: لائحه عمل- سنڌي: رٿابندي

اردو: قيادت- سنڌي: اڳواڻي

اردو: انتشار- سنڌي: ڏڦيڙ

اردو: باهمي مفاهمت- سنڌي: گڏيل ٺاهه

اردو: انتقام- سنڌي: وير، بدلو، پلاند

اردو: تقسيم- سنڌي: ورهاڱو، ورهائڻ

اردو: فقدان- سنڌي: گهٽتائي، اڻهوند

اردو: بيش بها- سنڌي: املهه

اردو: طويل- سنڌي: ڊگهو، ڊگهي

اردو: تنازعو- سنڌي: جهيڙو، تڪرار

اردو: منتشر- سنڌي: ٽڙيل پکڙيل

منهنجي خيال ۾ سنڌي اخبارن ۾ انهيءَ قسم جو ڪم ڪندڙ سموري عملي جي هر ٻئي ٽئين مهيني تربيت ڪرڻ گهرجي ۽ ورڪشاپ وغيره ڪري کين درست سنڌيءَ جو استعمال سيکارجي ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙ کان اخبارن کي آجو ڪري سگهجي.