ڪتاب جو نالو | ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال |
---|---|
ليکڪ | علي نواز آريسر |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-160-6 |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (805) PDF E-Pub |
انگ اکر | 13 November 2018 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 32671 ڀيرا پڙهيو ويو |
سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال
ڊاڪٽر فهميده حسين
تازو هڪ اين جي او طرفان سنڌي ٻوليءَ جي درست استعمال بابت ٿيل هڪ گڏجاڻيءَ ۾ ڪن اديبن کانسواءِ سنڌيءَ جي استادن ۽ ٻن سنڌي چئنلن جي ميزبانن يا ”اينڪر پرسن“ سان ملاقات ٿي، استادن ۾ ڪجهه پرائمري اسڪولن جا استاد هئا، ٻه ڪاليج جا ۽ هڪ يونيورسٽيءَ جو استاد هو جيڪو پي. ايڇ. ڊي پڻ ڪري رهيو آهي.
منهنجو واسطو جيئن ته يونيورسٽيءَ سان رهيو آهي ۽ شاگردن کي تحقيق پڻ ڪرائيندي رهي آهيان، ان ڪري مون دلچسپي وٺندي انهيءَ کان پڇيو ته: ”اوهان ڪهڙي موضوع تي تحقيق پيا ڪريو؟“ ته جواب ڏنائين ته: ”سنڌي ٻوليءَ ۾ سُورَ- تکتي جا مسئلا“ منهنجي ڪنن اِئين ٻُڌو، ڪجهه سمجهيم ڪجهه نه سمجهيم، سو چيومانس ته وضاحت سان مون کي سمجهائي، ته هُن پنهنجي تحقيق جي عنوان کي کولي سمجهائڻ لاءِ ڪُجهه هن طرح وضاحت ڪئي؛ ”مئڊم! توهان ڪڏهن ”گور“ ڪيو آهي ته اسين سنڌي لفظن جي ”صور- تکتيءَ“ کي ”کُد بَکُد“ پيا بدلائيندا آهيون، اسان جي ”ڪتابُن“ ۾ ڪا به مقرر صورت ڪانهي، جنهن کي ”اکتيار“ ڪجي، هڪ هڪ لفظ جون، ”شهه شهه ڇڪليون“ موجود آهن، اسڪولن جي استادن کي پاڻ به ”ڦرق“ جي ”کبر“ ڪانهي ته انهن مان ڪهڙي صحيح آهي ڪهڙي ”گلط“.
مون ڳالهه سمجهي ته هن جي تحقيق سنڌيءَ ۾ ”صورتخطيءَ“ جي مسئلن بابت آهي، تڏهن چيومانس ته ”توهان صحيح ٿا چئو، جڏهن اسان جي پرائمري استادن کي اها خبر ڪانهي ته ننڍڙن ٻارن کي الف-ب سيکارڻ مهل ٻڌائين ته اکرن ۽ آوازن ۾ ڪهڙو تعلق آهي ۽ منجهن ڪهڙو فرق آهي ته پوءِ اڳتي هلي ”صورتخطي“ کي ڪيئن سمجهندا! هُو ٻار کي اِهو نه ٿا سيکارين ته ”ک-کٽ“ ۽ خ-خچر“ ٻه ڌار ڌار آواز رکندڙ اکر آهن، هُو کين اهڙي مشق به نه ٿا ڪرائين، جنهن سان اهي ”غ-غاليچو“ ۽ ”گ-گڏهه“ ۾ آواز جو فرق سمجهي سگهن، يا اهو ڄاڻي سگهن ته ”ش- شينهن“ ۽ ”ڇ- ڇٽي“ جي لکيل صورتن ۽ آوازن ۾ ڪهڙو تفاوت آهي، ”ڦ- ڦڻي“ ۽ ف- فراسي“ ۾ يا ”ب- بدڪ“ ۽ ”ڀ- ڀولڙو“ ۾ آخر نقطن بدلجڻ سان ڪهڙو آوازي فرق ٿو ٿئي، صورتخطي به ته آخر انهن ئي اکرن جي ميلاپ جو نالو ”خط“ (لکڻ) ۽ ان جي ”صورت“ جو نمونو آهي، پرائمري استاد کان جيڪڏهن اها ڪوتاهي ٿي به وئي ته سيڪنڊري اسڪول جي ڪنهن استاد ان کي دُرست ڪو نه ڪيو ۽ نه ئي ڪاليج جي سطح تي اُن جي ڪنهن نشاندهي ڪئي. سموري دنيا ۾ هاڻي الف ب ٻ يا اي بي سي کي رَٽائڻ بدران انهن اکرن جي آوازن سان سڃاڻپ ڪرائيندا آهن. A فار ايپل بدران ’اَ‘ ((a، B فار بيٽ بدران ’بَ‘ (ba) سيکاريندا آهن. سنڌيءَ ۾ اڃا اهو طريقو ڪونه آيو آهي، پر اڳوڻا استاد اکرن جي آوازن تي ڌيان ڏيندا هُئا.
اِهو ٻُڌي سائين اتي ويٺل پرائمري استاد صاحب گفتگوءَ ۾ حصو وٺڻ لاءِ اڳتي سري آيو ۽ چيائين: ”اوهين صحيح ٿا چئو، اکر ۽ انهن جون ”آوازون“ پاڻ ۾ گهاٽو لاڳاپو رکنديون آهن ۽ اُنهن لاءِ استادن کي ڏوهه ڏئي سگهجي ٿو، پر اسان جون ”ڪتابون“ به وڏا وڏا اديب ٿا لکن ۽ وڏا ادارا ٿا ڇپرائين، هڪڙي ”ڪتاب“ لکي ٿي، ”ڀنئور“، ٻي لکي ٿي ”ڀئونر“ ته ٽينءَ ۾ لکيو پيو آهي ”ڀنوئر“! ” آکر“ اسين پنهنجن شاگردن کي ڇا ٻڌايون ته ڪهڙي ”صورت+کتي“ صحيح آهي ۽ ڪهڙي ”گلط“؟
اها ڳالهه مون کي دل سان لڳي، اهو مسئلو ته سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ کي حل ڪرڻ گهرجي، پر اها ان ۾ ناڪام وئي آهي، ان مسئلي تي اسان هڪڙو سيمينار ڪوٺايو هو، جنهن ۾ تمام وڏا وڏا سنڌيءَ جا عالم شريڪ ٿيا هُئا ۽ سڀني انهيءَ ڳالهه سان اتفاق ڪيو هو ته ان لاءِ هو سڀئي تجويزون موڪليندا، جن تي اٿارٽي عمل ڪندي ۽ ڪنهن به لفظ جي هڪ صورتخطيءَ تي گهڻائيءَ جي راءِ موجب فيصلو ڪري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ ٻين ادارن کي اهڙي فهرست موڪلي ويندي، ان ڏس ۾ مون هڪ مقالو به ”سنڌي ٻولي“ جرنل ۾ ڇپايو هو، پر هميشه وانگي ويهارو کن عالمن مان صرف ٻن ٽن پنهنجون تجويزون موڪليون، جن جو اڀياس ڪرڻ کان پوءِ ڏٺوسين ته ڏنل فهرستن مان اڪثر لفظن جي صورتخطيءَ تي اهي متفق ڪونه هُئا، ۽ ٻين ماهرن کي ڪيئي خط لکياسين، پر اهو مسئلو اُتي جو اُتي رهجي ويو، ڇو ته ان جي مثبت موٽ ڪا نه ملي.
اڄ به اها لفظن جي فهرست جيئن جي تيئن پئي آهي، عالم متفق ٿين ته معاملو نبري! هڪڙو فرد ته ان کي حل ڪري نٿو سگهي، جيڪڏهن ڪندو ته خود آءٌ به ان جي ذاتي راءِ سان اختلاف جو حق ٿي رکان، جيئن اسان جي هڪ بزرگ عالم ”چنڊ“ کي ”چنڊر“ ته ”مٽ“ کي ”مٽر“ يا ”ڍونڍ“ کي ڍرونڍر“ لکيو هو ته ٻين سان گڏ مون به اختلاف ڪيو هو، ۽ شاهه جي رسالي ۾ اهڙي صورتخطيءَ تي اعتراض ڪيو هو، ۽ جيئن ته اهو علمي اختلاف هو، ان ڪري گهڻن جي راءِ کي ڏسندي پاڻ اُن تان هٿ کڻي ويو ۽ پوءِ وارن ڇاپن ۾ ان کي بدلائي ڇڏيائين.
خير سو ڳالهه پئي ڪيم، پنهنجي استادن سان ٿيل گفتگوءَ جي. پرائمري استاد جي ڳالهه کي هٿي وٺرائيندي ڪاليج جو استاد ڳالهه جي تهه تي پهچي ويو ۽ چيائين ته: ”سچي ڳالهه ته اها آهي ته اڄ ڪلهه تعليم جي معيار کي ڏسي ”اسان جو دل“ ته ڏاڍو ٿو سڙي، پر ڇا ڪجي، جڏهن ”بنياد ئي ڪچي“ هُجي ته استاد جو ڪهڙو ڏوهه، هن وقت جو ”تقاضو“ اِهو آهي ته استادن لاءِ خاص تربيتي ”ڪلاسون“ هلائجن ته جيئن ڪجهه بهتري اچي.“ منهنجي دل ته هڪ ڌڪ گُسائي وئي، پر اهو ٻُڌي هڪ چينل جي ميزبان کان به رهيو نه ٿيو، تنهن انهيءَ گفتگوءَ ۾ حصو وٺندي چيو: ”کوامکواهه“ سڀني استادن کي ”کراب“ نه چوڻ کپي، اسان وٽ ڪي سٺيون ”مثالون“ به آهن.
هروڀرو سڀني کي ساڳي ”لاٺيءَ سان هانڪڻ“ ڄڻ ته فيشن ٿي پيو آهي، جنهن کي ڏسو ته اهو ويٺو استادن کي ”لعن طعن“ ڪري، اهو نه ”ڀُلائڻ“ کپي ته استادي هڪ ”پيگمبري“ پيشو آهي، اهي ويچارا ”گريب“ طبقي مان ٿا اچن ”انهن جو دل“ نه ڏکائڻ گهرجي، انهن جي مجبوري به سمجهڻ کپي، ويچارن کي ٻي ڪا ”قابل عزت“ نوڪري نه ملندي ته پوءِ ظاهر آهي ته سواءِ ”ٽيچري“ ڪرڻ جي ٻيو ڪهڙو ”ڌنڌو“ ڪن.
هن ويچاريءَ کي استادن سان ڏاڍي همدردي هُئي، ايتري قدر جو سندس ڳالهه مان ائين لڳو ته ڪنهن به ”قابل عزت“ نوڪري نه ملڻ ڪري ان ”ناقابل عزت“ نوڪريءَ يعني ”ٽيچريءَ“ کي ”ڌنڌو“ چئي وئي، هوءَ اڄ جي نوجوان ٽهيءَ جي هڪ نمائنده فرد طور استاد جي مقدس پيشي يعني پڙهائڻ کي ڌنڌو سمجهڻ وارن طرفان ان جي عزت جو جنازو ڪڍڻ جي عيني شاهد آهي ۽ ان جو هڪ عملي مثال به آهي، ان ڪري مون کي هن جي ڳالهه سان متفق ٿيڻو پيو، جيتوڻيڪ منهنجي دل ۾ آيو ته کيس ڪجهه استادن جا ”مثالَ“ ٻڌايان، جن جا ”ڪلاسَ“ اسان لاءِ تربيت جا اعليٰ ”مثالَ“ رهيا، جيڪي وقت جون ”تقاضائون“ سمجهڻ ۾ مدد ڪندا هُئا، سڀني استادن کي ساڳي ”لٺ سان هڪلڻ“ نه گهرجي (پر ڇا استاد ڪي وهٽ آهن، جن کي ”لٺ سان هڪلڻ“ وارو اردو پهاڪو ٺهڪي اچي!)
اڳوڻن ۽ هاڻوڪن اهڙن محترم استادن جو نه پنهنجو ”بنياد ڪچو“ هو ۽ نه هو شاگردن جي بنياد کي ڪچو ڪندا هُئا، رهي ڳالهه اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ته اڳي ”ريڊيو پاڪستان“ ۽ پاڪستان ٽيليويزن تي مراد علي مرزا، سيد صالح محمد شاهه، ممتاز مرزا ۽ عبدالڪريم بلوچ ڳالهائڻ وارن جي، ميزبانن ۽ خبرون پڙهڻ وارن جي ٻوليءَ جي اُچارن ۽ گرامر تي اک رکندا هُئا ۽ ڪَن کُليا رکندا هُئا، ايتري قدر جو گوين يا ڳائڻن ۽ ڳائڻين جي اُچارن تي به ڌيان ڏيندا هُئا، عابده پروين جا اُچار ڏسو، اها حيدرآباد ريڊيو جي ان وقت جي پروڊيوسرن جي محنت آهي، اڄ ڪلهه اسان جا وڏا وڏا فنڪار، زيرن زيرن ۾ اهڙيون ٿا تبديليون ڪن، جو ڪنن سان گڏ دل به سڙيو وڃي.
”راتَ“ جي ”تاتَ“ ۾ ”ڪاڪَ“ محل جي ڪهڙي ”باتَ“ ڪجي، اهي لفظ ”راتِ“، ”تاتِ“، ”ڪاڪِ“ ۽ باتِ“ آهن. اسان کي مثالي استادن ٻڌايو ۽ سمجهايو هو ته سنڌيءَ ۾ ”زير“ تي ختم ٿيڻ وارا لفظ ڪنهن به حالت (فاعلي، مفعولي، جري، اضافتي) ۾ تبديل ڪو نه ٿيندا آهن، اها هڪ بنيادي ڳالهه آهي ته ”اکِ ۾ ڪکُ“ پوندو ته ائين ڪو نه چئبو ته ”اکَ ۾ ڪکُ پيو اٿم“ يا ”راتِ جو پهر“ چوڻو هوندو ته ”راتَ جو پهر“ ڪونه چئبو.. اهڙا ڪي ئي مثال اڄ ڪلهه جي ڳائڻن جي ڪلامن ۾ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن ۽ سٺي آواز، اعليٰ فن ۽ سهڻي سنگيت باوجود ٻُڌڻ تي دل ڪا نه چوندي آهي، بلڪ ٻُڌي وٺبو آهي ته دل چوندي آهي ته اُن فنڪار کي ڪنهن ريت وڃي اهي غلطيون ٻُڌائجن يا خود سندن پروڊيوسرن کي سمجهائجن.
خير سو سنڌي ٻوليءَ جي درست استعمال بابت ٿيندڙ انهيءَ گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ کان پوءِ الائجي ڇو خوش ٿيڻ بدران دل تي هڪڙو ڳرو بار کڻي موٽي آئي آهيان…. ايندڙ گڏجاڻيءَ ۾ وڃان يا نه وڃان… انهيءَ ٻڏتر ۾ ويٺي آهيان.