ڪتاب جو نالو | ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال |
---|---|
ليکڪ | علي نواز آريسر |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-160-6 |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (805) PDF E-Pub |
انگ اکر | 13 November 2018 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 32692 ڀيرا پڙهيو ويو |
سنڌي ٻوليءَ لاءِ ٻاهريان ۽ اندريان خطرا ۽ اُپاءَ
تاج جويو
ٻولي، ماڻهن جي سوچن، امنگن، احساسن، جذبن ۽ خيالن توڙي نظرين جي سگهه ۽ تهذيبي، سماجي ۽ اقتصادي ڪارڪردگيءَ جو رڪارڊ هوندي آهي، اُها ماڻهن ۾ رابطي ۽ ڳانڍاپي جو ممڪن، اثرائتو ۽ سگهارو ذريعو هوندي آهي.
ٻوليون، سازگار علمي، تهذيبي، اقتصادي ۽ صحافتي ماحول ۾ ترقي ڪنديون آهن ۽ مختلف علمن، هنرن، ايجادن ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ذريعن مان ڄاڻ وٺي، پنهنجن ڳالهائيندڙن لاءِ ڪشش، سهوليت ۽ آسانيءَ جو ڪارڻ بڻجنديون آهن. اخبارن، ريڊيو، ٽيليويزن، ڊش، ٽيليفون، ٽيلي پرنٽر، فئڪس، سيٽلائيٽ، ڪمپيوٽر، مطلب ته سمارٽ ٽيڪنالاجيءَ جي سمورن ذريعن [آوازي صورت، تصويري صورت، متن (Text) جي صورت وغيره] جي اهميت، ٻوليءَ ۽ ٻوليءَ جي لکيل ۽ ڳالهايل لفظن سان قائم آهي. اُن ڪري ٻولي جيتري پُرڪشش، مؤثر، سگهاري، عام فهم، وقت ۽ حالتن جو ساٿ ڏيندڙ/ نمائندگي ڪندڙ هوندي، اوتري اُها اطلاعاتي ۽ ڪمپيوٽرائي ذريعي حاصل ٿيندڙ ڄاڻ، پنهنجن ڳالهائيندڙن تائين پهچائي، سندن ٻوليائي ضرورتون پوريون ڪندي.
سنڌي ٻوليءَ جو شمار دنيا جي قديم ترين سڌريل ۽ اوسر ڪيل زبانن ۾ ٿئي ٿو، جنهن کي گهٽ ۾ گهٽ 15 هزارن سالن جي قدامت جو پسمنظر آهي، جنهن جي لکت جون علامتون موهن جي دڙي ۽ ٻين سنڌو سڀيتائي آثارن مان مهرن تي تحريري صورت ۾ مليون آهن(1). موهن جي دڙي جي لکيت مان ئي خروشتي، برهمي، ديوناگري ۽ برصغير جي تمام گهڻين ٻولين جون لپيون يا رسم الخط (Scripts) جڙيا آهن. سنڌيءَ کي مختلف دورن ۾، هزارن سالن جو تعليمي، تدريسي، دفتري ۽ سرڪاري زبان جو پسمنظر آهي. انگريزن اُن جي موجوده آئيويٽا کي معياري صورت 1853ع ۾ ڏيئي، 1857ع کان ان کي تعليمي ۽ سرڪاري ڪاروبار جي زبان قرار ڏنو. ڀارت سرڪار 1968ع ۾ ان کي آئين جي اٺين شيڊيول ۾ ’قومي زبان‘ جو درجو ڏنو(2) ، ڇو ته ورهاڱي کان پوءِ ڀارت سرڪار ’لئنگئيج ڪميشن‘ ٺاهي، رياستن/ پرانتن جي ٻولين جو مسئلو حل ڪيو هو، اُتي سنسڪرت، اردو ۽ سنڌي ڪن خاص پرڳڻن جون زبانون نه هئڻ جي باوجود، سندن قدامت کي ڏسي، اُنهن کي ’قومي زبانون‘ قرار ڏنو ويو هو.
ان جي برعڪس پاڪستان ۾ شامل خودمختيار رياستن کي ’بيٺڪن‘ طور ڏٺو ويو، نه ’لئنگئيج ڪميشن‘ ٺاهي، هتي جي ’قومي ٻولين‘ کي تسليم ڪيو ويو، نه ئي انهن جي تاريخي حيثيت ۽ اڳ موجود مقام کي قبول ڪيو ويو. جيتوڻيڪ انگريز دور کان لاڳو دستور موجب سنڌي ٻولي سنڌ جي دفتري ۽ سرڪاري زبان رهي. پر پهرين ون يونٽ قائم ڪري، ۽ اُن دوران 1958ع ۾ ’شريف ڪميشن‘، جوڙي، سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ۽ تدريس کي پنجين ڪلاس تائين محدود ڪري، اُن جي ذريعه تعليم توڙي سرڪاري زبان وارو درجو ختم ڪيو ويو، پر سنڌ جي ساڃهه وند طبقي جي جدوجهد سان، 1962ع ۾ تڏهوڪي فيلڊ مارشل جي ڊڪٽيٽرشپ کي جُهڪڻو پيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تدريسي حيثيت قائم رهي، پر ون يونٽ موجود هئڻ ڪري ’سرڪاري زبان‘، واري حيثيت کي مسلسل نظر انداز ڪيو ويو.
1972ع ۾ پيپلزپارٽيءَ جي عوامي حڪومت سنڌ اسيمبليءَ جي هڪ ٺهراءَ موجب ’سنڌي ٻوليءَ‘ کي سنڌ جي واحد سرڪاري ’زبان‘ قرار ڏنو، پر سنڌ ۾ ’ڀڙڪي اُٿيل لساني فسادن‘ ۽ مرڪز جي مداخلت سبب، سنڌ حڪومت دٻاءَ ۾ اچي ’سنڌيءَ سان گڏ اردوءَ کي به سنڌ جي سرڪاري‘ زبان تسليم ڪيو. نتيجي طور سنڌي زبان جي ’ذريعه تعليم‘ ۽ ’سرڪاري زبان‘ واري حيثيت کي ڌڪ لڳو، ڇو ته باوجود سنڌ اسيمبليءَ جي واضح فيصلي جي ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي قيام [1972ع جي ائڪٽ ۽ 1990ع جي ترميمي ائڪٽ هيٺ جڙيل] جي، اُن جي نفاذ جو اڄ تائين درست فيصلو نه ڪيو ويو آهي. [سنڌي شاگرد، ٽئين ڪلاس کان يارهين ڪلاس تائين، 1972ع جي ائڪٽ هيٺ ’آسان اردو‘ جو مضمون پڙهن ٿا، پر اردو ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ شاگردن لاءِ ’ٽئين کان مئٽرڪ تائين رسمي طور، آسان سنڌيءَ‘ لاڳو آهي، جڏهن ته يارهين ڪلاس جي ’آسان سنڌيءَ‘ جو ڪتاب ٽيڪسٽ بڪ بورڊ طرفان شايع ٿيڻ جي باوجود، سنڌ جي ڪاليجن ۾ رائج نه ٿي سگهيو آهي، ۽ نه ئي چيف سيڪريٽري سنڌ، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سنڌ جو چيئرمئن سنڌي ٻوليءَ جي دفتري ۽ سرڪاري حيثيت کي [اسيمبليءَ جي ڪارروائيءَ سميت] لاڳو ڪرائي سگهيا آهن، [جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي BOG جي ميمبرن طور سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ۽ چيئرمئن پبلڪ سروس ڪميشن هڪ وقت ڪجهه نه ڪجهه عمل ڪرايو هو ۽ سيد عبدالله شاهه جي وڏ وزارت دوران صوبي جي چيف سيڪريٽريءَ ’سنڌي پڙهائڻ‘ جون هدايتون به جاري ڪيون هيون].
ان روشنيءَ ۾، آءٌ سنڌي ٻوليءَ جي خارجي (ٻاهرين) ۽ داخلي (اندرين) خطرن تي مختصر روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو:
(1) سنڌي ٻوليءَ لاءِ ٻاهريان /خارجي [حڪومتي سطح جا] خطرا:
’خارجي خطرا‘ فقري جو استعمال خبر ناهي، مون درست ڪتب آندو آهي يا نه، پر منهنجو مقصد سرڪاري [وفاقي ۽ صوبائي] سطح تي نظر انداز ٿيل سنڌي ٻوليءَ لاءِ موجود خطرا آهن.
مسئلي جي حل لاءِ ڇا ٿيڻ گهرجي:
(الف) مٿي بيان ڪيل مسئلي جي حل لاءِ ضروري آهي ته سنڌ سرڪار طرفان خانگي اسڪولن ۽ ادارن ۾ ’سنڌي مادري زبان‘ ۽ ’آسان سنڌي‘ جا سبجيڪٽ لازمي تعليم واري اصول تحت لاڳو ڪيا وڃن ۽ جيڪي ادارا ان فيصلي تي عمل نه ڪن ته اُنهن جي رجسٽريشن رد ڪئي وڃي.
(ب) معائناتي ٽيمن (Vigilance Teams) ذريعي سنڌي ميڊيم اسڪولن جي به سروي ڪرائي ڏٺو وڃي ته اُتي ’مادري زبان سنڌي‘ ڪيتريقدر پڙهائي وڃي ٿي يا نه؟ جتي غير ذميواريءَ ۽ غير مؤثر طريقي جو مظاهرو نظر اچي، اتي لازمي سنڌيءَ جي پڙهائي يقيني بنائڻ لاءِ تُرت قدم کنيا وڃن.
ياد رهي ته باوجود اُن جي ته ’اردو زبان‘، ’رابطي جي زبان‘ (Lingua franka) آهي، پر سنڌ وارن اُن جي ’قومي زبان‘ واري حيثيت جي مخالفت نه ڪئي آهي؛ ڇو ته اُن کي پاڪستان جي موجوده 1973ع واري آئين ۾ قومي زبان جي حيثيت وارو استحقاق حاصل آهي، ان ڪري سنڌ جا ساڃهه وند، سنڌي ٻوليءَ جي ’قومي زبان‘ واري ’قومي حق‘ جي گُهر ڪن ٿا ۽ گڏوگڏ پاڪستان جي ٻين صوبن: پنجاب، پختونخوا ۽ بلوچستان جي ’قومي زبانن‘ کي به ’پاڪستان جون قومي زبانون‘ تسليم ڪرڻ جي به گهُر ڪن ٿا. اهڙيءَ ريت اُن سان گڏ ’سرائيڪي‘۽ ’بلتي‘ وغيره سُڌريل زبانن کي به قومي زبانون قرار ڏيئي سگهجي ٿو.
سنڌي ٻوليءَ جي، عملي طور ’سرڪاري زبان ۽ وفاقي طور قومي زبان‘ تسليم نه ڪرڻ وارو عمل، سنڌ جي هن شاهوڪار ۽ قديم زبان جي ترقيءَ ۽ واڌاري جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي. 69 سالن ۾ وفاقي سرڪارن ۽ سنڌ سرڪار سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت کي اڃا تسليم نه ڪيو آهي. حڪومتن کي معروضي حقيقتن کي تسليم ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ’بنگلا ٻوليءَ‘ سان اختيار ڪيل روش، تاريخ جي سبق طور موجود آهي.
(2) سنڌي ٻوليءَ لاءِ اندروني خطرا:
’اندروني خطرن‘ مان منهنجي مراد ’سنڌي ٻوليءَ جو بگاڙ‘ آهي، جنهن طرف اسان هن وقت جيڪڏهن ڌيان نه ڏنو ته ايندڙ ڪجهه سالن اندر سنڌي ٻوليءَ جي شڪل، وياڪرڻي سٽاءُ ۽ مزاج تبديل ٿي ويندو. آرين، عربن، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن ۽ انگريزن جون ڪاهون، سنڌي ٻوليءَ تي فطري اثر ته ڇڏي سگهيون؛ پر هن وقت هٿرادو، بي ڌيانيءَ ۽ مڙهت ذريعي سنڌي ٻوليءَ کي خطرا لاڳو آهن ۽ اُن جو مسلسل بگاڙ ٿي رهيو آهي، جيڪا ٻوليءَ جي ’هيئت ۽ صورت‘ لاءِ انتهائي خطري ۽ خدشي واري ڳالهه آهي، جنهن طرف اسان سمورن ساڃهه وندن کي سوچڻ گهرجي.
الا! ائين نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي!
(1) زير اضافت جو استعمال:
مثال: خونِ جگر، داغِ دل، قابلِ تعريف، قابلِ داد، قابلِ تحسين وغيره.
ان لاءِ ’جو‘ ۽ ’سندو‘ اضافتون ڪم آڻي سگهجن ٿيون، يا وري زبر اضافت به ڪم آڻي سگهجي ٿي.
مثال: جگر جو خون، دل جو داغ، تعريف جوڳو، داد جي قابل، [قابل- تحسين] وغيره.(3)
(2) فارسي اسمن جي صورتن جو استعمال:
مثال: موقعه، آئينده، جذبه، نظريه وغيره
اُنهن کي هن نموني سنڌي بنائي سگهجي ٿو:
(3) عربي ۽ فارسي عدد جمع جو استعمال:
مثال: الفاظ، جذبات، خيالات، وسائل، رسائل، مضامين، تقريبات وغيره
اهي درست سنڌيءَ ۾ هن ريت ڪتب آڻجن:
لفظَ: جذبا، احساسَ، خيالَ، وسيلا، رسالا، مضمونَ ۽ تقريبون
(4) جمع جو عجيب ۽ غلط استعمال:
مثال: ڪتابون، افواهون، اصطلاحون، قدرون، جسمون، ڪاليجون، لاشون
صحيح استعمال: ڪتابَ، افواهَه، اصطلاحَ، قدرَ، جسمَ، ڪاليجَ ۽ لاشَ
(5) ’و‘ حرف جملي جو غلط استعمال:
مثال: آب و هوا، دل و دماغ، غم و الم، سير و تفريح، آمد و رفت، بر و بحر.
درست استعمال: آبهوا، دل ۽ دماغ، غم ۽ الم، سير تفريح، آمدرفت، بر ۽ بحر
(6) ڌارين صفتن جو استعمال:
مثال: شاعرانه، روزانه، ساليانه، عارفانه، ماهيانه
درست استعمال:
شاعراڻو مزاج، شاعراڻي سوچ،
روزاني اخبار، روزانو ڪم ڪار
ساليانو نفعو، سالياني ڪارڪردگي
عارفاڻو ڪلام، عارفاڻي محفل
ماهياني ونڊي، ماهيانو پگهار
(7) فارسي حرف جر جو استعمال:
مثال: ازانسواءِ، محض، اگر، مگر، چنانچه، حالانڪ
انهن جون سنڌي صورتون موجود آهن:
مثال: کانسواءِ، رڳو، جيڪڏهن، پر، ڇو ته، جيتوڻيڪ، ڄڻ ته
(8) اردو ۽ انگريزي اثر هيٺ جنسن جو غلط استعمال:
مثال (1): منهنجو دل، چڱي ڪتاب، سُٺي نظم، سٺي غزل، سٺو موسم
(اردو نمونو)
درست استعمال: منهنجي دل، چڱو ڪتاب، سُٺو نظم، سُٺو غزل، سُٺي موسم
مثال (2): آپريشن ٿيو، ٽرانسليشن ڪيو، سيپريشن ٿيو، ڊڪٽيشن لکايو، (انگريزيءَ جو اثر)
درست استعمال:آپريشن ٿي، ٽرانسليشن ڪئي، سيپريشن ٿي، ڊڪٽيشن لکائي وغيره.
(9) سنڌي جنسن جو غلط استعمال:
اترادي لهجي هيٺ سنڌي اديب ڪيترا مذڪر لفظ مؤنث صيغي ۾ ڪم آڻيندا آهن، جيڪي معياري لهجي موجب مذڪر استعمال ڪرڻ کپن.(5)
مثال: رَتُ ڳاڙهي آهي، واءُ لڳي ٿي،
اولاد چڱي آهي، سماجُ پراڻي آهي
درست استعمال: رَتُ ڳاڙهو آهي، واءُ لڳي ٿو،
اولادُ چڱو آهي، سماج پراڻو آهي.
(10) اعرابن جو غلط استعمال:
ٻوليون، ٻين ٻولين کان لفظ وٺي پنهنجي مزاج موجب انهن جي اعرابن ۾ تبديل ڪنديون آهن:
مثال: عربي ۽ اردو سنڌي درست استعمال
خَيالُ |
خِيالُ |
سَوالُ |
سُوالُ |
قَيامتِ |
قِيامت |
نَماز |
نِمازَ |
(11) فعلن، ضميرن ۽ ظرفن جو غلط استعمال:
(1) هنن کي چيم: فلاڻو ڪم ڪيو.
درست استعمال: ڪم ڪريو
(2) اسان وٽ کيس، کين، سندس، سندن، ضمير هن ريت غلط ڪم آندا وڃن ٿا:
کيس کي چيم، کين کي وراڻيم، سندس جو ڪتاب، سندن جو وارو
درست استعمال: کيس چيم، کين وراڻيم، سندس ڪتاب، سندس وارو
(12) اضافي لفظن جو غلط استعمال:
مثال: سپوٽ پُٽ، ڪپوٽ پُٽ
نوٽ: ’سپوٽ‘ جو مطلب سُٺو سلڇڻو پُٽ ۽ ’ڪپوٽ‘ جو مطلب، ڪلڇڻو ۽ ڪُڌو پُٽ آهي، اُن ڪري سپوٽ ۽ ڪپوٽ سان پُٽ ڪم نه آڻجي.
(13) بنيادي قاعدن کان اکٻوٽ:
مثال: رتو ديرو ۾ هڙتال
لاڙڪاڻو ۾ سخت گرمي
الهه بخش چانڊيو چيو
ميرپور بٺورو ۾ باهه
درست استعمال: رتيديري ۾ هڙتال، لاڙڪاڻي ۾ سخت گرمي،
الهه بخش چانڊيي چيو ۽ ميرپور بٺوري ۾ باهه.
اُن کانسواءِ: ڀُٽه ۽ جويه لکڻ به غلط آهي، درست استعمال ٿيندو: ڀُٽو، جويو
(14) ڀارت ۾ هيٺينءَ ريت سنڌي لفظن جو غلط استعمال ٿئي ٿو:
غلط |
درست |
نئي |
نئين |
چاند |
چنڊ |
لوهو |
لوهُه |
ڦسائڻ |
ڦاسائڻ |
پنڇي |
پکي |
منائڻ |
مڃائڻ (وغيره) |
(15) سرائيڪي اثر هيٺ حمزي (ء) جو استعمال وساريو وڃي ٿو:
مثال: |
غلط |
درست |
|
اُٺ کي مهار پا! |
اُٺَ کي مهارَ پاءِ |
|
ٻڪري کي ڇهه ڦر آهن |
ٻڪريءَ کي ڇهه ڦر آهن |
|
ناري گيت ڳاتو |
ناريءَ گيت ڳاتو |
اُن ڪري اسان کي گڏجي خارجي ۽ اندروني خطرن کان سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ گهرجي.
حوالا
[”سنڌي ٻولي“ جرنل تان کنيل]
r
سنڌي صوتياتي نظام موجب ’همزي‘ (ﮭ) جو اڀياس
ڊاڪٽر غلام علي الانا
هر پڙهيل سنڌي ماڻهوءَ کي اها خبر آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي الف - ب جي پٽيءَ ۾، ’ء‘ کي، وينجن طور شامل ڪيو ويو آهي، پر ٻوليءَ جي ماهرن کي اها خبر آهي ته ’ء‘ وينجن نه آهي. حقيقت ۾، سنڌي صوتيات جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته ’ء‘ جو ڪارج وينجن وارو نه، پر سر وارو آهي، جنهن جي صحيح خبر تڏهن پوي ٿي جڏهن سنڌي صورتخطيءَ جو مطالعو ڪجي ٿو.
سنڌي وياڪرڻ جي شاگردن ۽ ماهرن کي اها خبر آهي ته ’ء‘ ڪن لفظن ۾، ٻن يا ٽن سرن جي ’ميلاپ يا جوڙ‘ (sequence) جي حالت ۾ ، پوئين سر يا پوين سرن (second and third component) جي لکت ۾، نمائندگي ڪندو آهي. سرن ۽ وينجنن جي ميلاپ جي بيان واري باب ۾، سرن جي ميل جي باري ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي، پر هن موضوع تي، وضاحت سان هن باب ۾، روشني وڌي وئي آهي؛ جيئن:
(i) ٻن پدن وارن لفظن جي آخر ۾ آيل ڇوٽن سرن ]اِ، اُ ۽ اَ[ جي بدران ’ء‘ جو استعمال:
لاءِ = ل + آ – اِ (’اِ‘ جي بدران ’ءِ‘ ڪم آندو ويو آهي)
ماءُ = م + آ- اُ (’اُ‘ جي بدران ’ءُ‘ڪم آندو ويو آهي)
ڌيءَ = ڌ+اِي-اَ (’اَ‘ جي بدران ’ءَ‘ڪم آندو ويو آهي)
انهن، لفظن ۾، لفظن جي آخر ۾ آيل ڇوٽن سر ]اِ، اُ ۽ اَ[ جي بدران ’ءِ‘ ، ’ءُ‘ ۽ ’ءَ‘ استعمال ڪيا ويا آهن.
(ii) ٽن پدن وارن لفظن جي وچ ۾ آيل ڇوٽن سرن ]اَ، اِ ۽ اُ[ جي بدران ”ء“ جو استعمال.
مُئَل = م + اُ – اَ+ ل+ اِ (وچئين سُر] اَ[ جي بدران ’ءَ‘ ڪم آندو ويو آهي)
سوُئَڙي = س + اوُ-اَ+ڙ+اِي (وچئين سُر] اَ[ جي بدران ’ءَ‘ڪم آندو ويو آهي)
ڳائِڻِ = ڳ + آ- اِ+ڻ (وچئين سُر]اِ[ جي بدران ’ءِ‘ڪم آندو ويو آهي)
ڀائُر َ= ڀ+ آ- اُ+ ر+ اَ (وچئين سُر] اُ[ جي بدران ’ءُ‘ڪم آندو ويو آهي)
(iii) ٻن پدن وارن لفظن جي آخر ۾ آيل ڊگهن سرن ]اِي، او، آ ۽ اي [ جي بدران ’ء‘ جو استعمال:
کائِي = ک + آ- ايِ (’اِي‘ جي بدران ’ئي‘ڪم آندو ويو آهي)
مائِي = م + آ- اِي (اي جي بدران ’ئي‘ڪم آندو ويو آهي)
هائو= هه+آ-او (’او‘ جي بدران ’ئو‘ڪم آندو ويو آهي)
کائو= ک+آ-او (’او‘ جي بدران ’ئو‘ڪم آندو ويو آهي)
ڪوُئا= ڪ+اُ-آ (’آ‘ جي بدران ’ئا‘ڪم آندو ويو آهي)
چئي = چ +اَ-اي (’اي‘ جي بدران ’ئي‘ڪم آندو ويو آهي)
(iv) ٽن پدن وارن لفظن جي وچ ۾ آيل ڊگهن سرن ]اِي ، آ، اي[ جي بدران ”ء“ جو استعمال:
ڏَيِئت = ڏ+اَ- ايِ + ت + اِ (ايِ جي بدران ’ئيـ‘ ڪم آندو ويو آهي)
جُوئاريِ = ج + اُو - آ+ ر + ايِ (’آ‘ جي بدران ’ئا‘ ڪم آندو ويو آهي)
وَئيلُ = و+اَ- اي + ل+ اُ (’اي‘جي بدران ’ئيـ‘ڪم آندو ويو آهي)
(v) اهڙيءَ طرح ڪيترن ئي سنڌي لفظن ۾، هڪ پدي دُهرن سرن (يڪپدا دُهرا سر) يعني diphthongs جهڙوڪ: اَي، اَو جي بدران به ’ئـ‘ ۽ ’ؤ‘ لکيا ويندا آهن؛ جهڙوڪ:
پيسو جي بدران لکبو پَئسو
چوَ جي بدران لکبو چئو
هي موضوع به هڪ ڌار تحقيق گهري ٿو.
[ڪتاب ”سنڌي صوتيات“ تان کنيل]