ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال

ڪتاب جو نالو ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال
ليکڪ علي نواز آريسر
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-160-6
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (778) PDF  E-Pub
انگ اکر

13 November 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     31929   ڀيرا پڙهيو ويو

بيهڪ جون نشانيون (مرزا قليچ بيگ)


بيهڪ جون نشانيون

 مرزا قليچ بيگ

هينئر، نه پوءِ.

هينئر نه، پوءِ.

پهرئين جملي ۾ هڪڙي معنيٰ ۽ پوئين جي ٻي معنيٰ آهي. معنيٰ ۾ ڦيرُ رڳو بيهڪ جي نشانيءَ سبب ٿيو آهي، تنهن ڪري اهڙيون نشانيون پوري هنڌ ڏيڻ گهرجن.

”ٿورو دم“

هو ماني کائي، ٻاهر نڪتو.

هن طرح ڪنهن جملي جي وچ ۾، جتي ٿورو بيهڻو هوندو آهي، اتي هيءَ نشاني (،) ڏبي آهي، جا شڪل ۾ اُبتي ”و“ اکر جهڙي آهي. انهيءَ کي ”ٿورو دم“ يا ”ساهي“ چوندا آهن.

جملن ۾ اها نشاني هيٺين حالتن ۾ ڏبي آهي:

  • زالون، مرد، ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا اچي مڙيا.
  • توکي، مون کي ۽ ٻين سڀني کي، ڌڻيءَ پيدا ڪيو آهي.
  • هو بلڪل ايماندار، محنتي، سياڻو ۽ ڪارائتو آهي.
  • ڪلن جي وسيلي رڌڻ، پچائڻ، سبڻ ۽ ٻيا ڪم ٿي سگهن ٿا.

اهڙيءَ طرح جڏهن ساڳئي قسم جا ٻه ٽي يا وڌيڪ ڳالهائڻ جا لفظ (اسم، صفت وغيره) هڪٻئي پٺيان ايندا آهن، تڏهن هر هڪ جي وچ ۾ ٿورو ”دم“ ڏيئي، پڇاڙيءَ ۾ ”۽“ حرف جملو ڪم آڻبو آهي.

  • همايون، اڪبر جو پيءُ، ڏاڪڻ تان ڪري، مري ويو.
  • ڪتاب، جو مون توکي ڏنو، سو ڦاٽي پيو.

هن طرح جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ يا شيءِ جي ڪا ڳالهه ڪرڻي هُجي، ۽ ان جي سڃاڻپ ڪرائڻ يا وڌيڪ حقيقت ڄاڻائڻ لاءِ ڪي مائٽي ڏيکاريندڙ يا لاڳاپو رکندڙ لفظ ڪم آڻڻا هجن ته اهڙي اسم جي پٺيان، توڙي مائٽي يا لاڳاپي ڏيکاريندڙ لفظن جي پٺيان، ”ٿورو دم“ ڏبو.

  • آءٌ ماني کائي، چڪر هڻي، بازار مان ڪم لاهيندو، گهر آيس.

هن طرح جيڪڏهن جملي ۾ فعل کانسواءِ ”ماضي معطوفي يا اسم حاليه“ يا ٻئي هجن، ته هر هڪ جي پٺيان ٿورو دم ڏبو.

  • جي تون ايندين، ته آءٌ به ايندس.
  • جڏهن هُو آيو، تڏهن آءٌ آيس.
  • برسات پيئي، ته راند بند ٿي.

هن طرح جيڪڏهن ڪنهن جملي ۾ هڪ ڀاڱو ٻئي تي تعلق رکندڙ هُوندو، ۽ انهن مان ڪو ڀاڱو پنهنجي سر ڌار ڪم اچڻ جهڙو نه هوندو، ته انهن جي وچ ۾ ٿورو دم ڏبو.

  • ڇا ڏينهن ڇا رات، ڇا ويٺي ڇا بيٺي، مارئي پنهنجن، ماروئڙن کي پيئي سنڀاريندي هُئي.

هن طرح جڏهن ڪي ”هم- جنس“ لفظ جوڙو جوڙو ٿي ڪم ايندا آهن، تڏهن هر هڪ جوڙي جي وچ ۾ ٿورو دم ڏبو آهي.

  • ڇوڪر، خط لک.

هن طرح ندا جي فاعل يا اسم پٺيان ٿورو دم ڏيئي، ان کي جملي ۾ الڳ ڪري بيهاربو آهي.

”اڌ دم“

هو ڏاڍو سمجهو آهي، تنهن ڪري هرڪا ڳالهه آسانيءَ سان سمجهي ٿو؛ پر سست آهي، تنهن ڪري گهڻي ساک ڪا نه اٿس.

هن جملي جا ٻه وڏا ڀاڱا آهن، جن جو پاڻ ۾ لاڳاپو آهي، ۽ انهن جي وچ ۾ ٿوري دم کان وڌيڪ بيهڻ جي ضرورت آهي؛ تنهن ڪري ”سمجهي ٿو“ کان پوءِ هڪ نشان ڏنو ويو آهي، جنهن کي چئبو آهي
”اڌ دم“. هيءَ نشاني (؛) ٿوري دم واري نشانيءَ جهڙي آهي، پر مٿان ٻُڙي ڏنل اٿس. اها نشاني هيٺين ٻن مُکيه سببن ڪري ڏبي آهي:

  • هر هڪ ننڍي جملي جي پڇاڙيءَ وٽ ڪجهه وڌيڪ بيهجي، ته متان سڀ جملا گڏي پڙهڻ ڪري معنيٰ ۾ مونجهارو ٿئي.
  • هر هڪ ننڍي جملي کي اثرائتو ڪجي، ته جيئن پڙهندڙ جو هر هڪ ننڍي جملي تي وڌيڪ چِت لڳي.

”دم“

  • هڪ واريءَ ڪُوڙ ڳالهائبو، ته آئيندي ڪو به اعتبار نه ڪندو: ڪُوڙ ايمان جي ڪتر.
  • تو محنت ڪئي، ته پاس ٿئين: محنت جو ڦل وڃڻ جو نه آهي.

هن طرح جڏهن ڪنهن ڳالهه پوري ڪرڻ کان پوءِ، ڳالهه کي وڌيڪ اثرائتي ڪرڻ لاءِ، ڪجهه وڌيڪ چوڻو هوندو آهي، يا ڪو ”پهاڪو“ يا ”مثال“ ڏيڻو هوندو آهي، ته پهرئين جملي جي پوري ٿيڻ تي هيءَ نشاني (:) ڏبي آهي، جنهن کي ”دم“ چون ٿا.

  • ٿر ڊويزن ۾ هيٺيان تعلقا آهن:

ڏيپلو، مِٺي، ڇاڇرو ۽ ننگرپارڪر.

هن طرح دم سان ليڪ به ڏبي آهي. (:-)

”پورو دم“

آءٌ سڀاڻي ڪراچيءَ ويندس.

اهڙيءَ طرح هر هڪ جملي پوري ٿيڻ تي ٻُڙي ڏبي آهي. انهيءَ کي ”پورو دم“ چون ٿا.

”ٻيون نشانيون“

”ٿورو دم“، ”اڌ دم“، ”دم“ ۽ ”پورو دم“.

انهن چئن بيهڪ جي نشانين کانسواءِ ٻيون هيٺيون نشانيون آهن، جي پڻ انهن نشانين سان گڏ شمار ٿيل آهن.

(1) مار! ايتري ۾ ٿي به آئين.

ويچارو مري ويو!

اڄ اسان کي موڪل آهي!

ڌڻي شل تنهنجو ڀلو ڪندو!

هن طرح حرف ندا جي پٺيان يا عجب، افسوس، خوشي، سڌ وغيره ڏيکاريندڙ جملن جي پٺيان هيءَ نشاني (!) ڏبي آهي، جنهن کي ”ندا“ جي نشاني چوندا آهن.

  • تون ڪير آهين؟ (سوال جي نشاني)

”واڪ جون نشانيون“

  • هن چيو ته، ”آءٌ اڄ ويندس.“

هن طرح جڏهن ٻه ٽي لفظ بجنسي ڄاڻائبا آهن، تڏهن پهرئين ۽ پوئين لفظ جي پٺيان هي نشانيون (” “) ڏبيون آهن، جن کي ”واڪ“ جا نشان چوندا آهن. ”پهاڪا“ به ائين ”واڪ“ جي نشانن اندر ڄاڻائبا آهن.

مثال: ”چور جي ماءُ ڪُنڊ ۾ روئي.“

”ڏنگيون ليڪون ( )“

  • جملي جي وچ ۾ ڪو ڌار ٽُڪر (معنيٰ يا ٻيءَ ڳالهه بابت) ڄاڻائڻو هوندو، ته اهو ٻن ڏنگين ليڪن جي وچ ۾ رکبو آهي، جيئن هتي (معنيٰ يا ٻيءَ ڳالهه بابت) لفظ ڏنگين ليڪن جي وچ ۾ رکيا ويا آهن.
  • ڏنگين ليڪن ( ) بدران هي نشانيون [ ] به ڪم آڻبيون آهن، جن کي ”برئڪيٽ“ چون ٿا.