ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال

ڪتاب جو نالو ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال
ليکڪ علي نواز آريسر
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-160-6
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (779) PDF  E-Pub
انگ اکر

13 November 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     31934   ڀيرا پڙهيو ويو

پنهنجي پاران


ٻولي، انسان جي احساسن، جذبن، اُمنگن جي ترجمان هُئڻ سان گڏ ڪنهن به قوم جي سُڃاڻپ پڻ هوندي آهي. هر قوم جي پهرين ترجيح اُن جي ٻولي هوندي آهي، اهو ئي سبب آهي، جو هر ماڻهوءَ جو پنهنجي ٻوليءَ سان ماءُ جهڙو رشتو هوندو آهي ۽ ان جي قدرداني به ماءُ جيان ئي ڪئي ويندي آهي. سڄيءَ دنيا ۾ ٻوليءَ جي بقا، واڌ ويجهه، ترقي ۽ ترويج لاءِ مختلف رٿابنديون تيار ڪيون وينديون آهن ۽ ٻوليءَ ۾ خوبصورتي پيدا ڪرڻ لاءِ اُپاءَ ورتا ويندا آهن، ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي گرامر، اسمن جي جنس- مذڪر ۽ مونث؛ عدد- واحد ۽ جمع، ٻوليءَ جو بچاءُ، صورتخطيءَ ۾ اُچارن جون غلطيون، همزي ’ء‘  ۽ شد ’  ّ‘ جو درست استعمال، ۽ اخبارن جي ٻوليءَ تي ناليوارن عالمن ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، واحد بخش شيخ، محمد ابراهيم جويي، ڊاڪٽر غلام علي علي الانا، علي احمد بروهي، ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ تاج جويي جا مقالا/ مضمون گڏ ڪري ڪتابي صورت ڏني وئي آهي.

جيئن ته هر ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ ۽ لکڻ جون ٻه الڳ  الڳ صورتون هونديون آهن ۽ انهن صورتن کي واضح ڪرڻ لاءِ ماهرن ڪي نشانيون ترتيب ڏنيون آهن، جن کي انگريزيءَ ۾   Punctuation Marks ۽ سنڌيءَ ۾ ”بيهڪ جون نشانيون“ سڏيو ويندو آهي. بيهڪ جون نشانيون لکڻيءَ ۾ خوبصورتي پيدا ڪنديون آهن ۽ خيال/تاثر کي واضح ڪنديون آهن. هنن نشانين جي آڌار تي ڳالهه کي سمجهي سگهبو آهي. هيءُ نشانيون لکت ۾ اهم سمجهيون وينديون آهن ۽ ترجمي ۽ تحقيقي ڪم ۾ وڌيڪ ڪتب اينديون آهن ۽ ان لاءِ هنن نشانين کي لازم قرار ڏنو ويو آهي.

بيهڪ جي نشانين بابت اسان جي ڪيترن ئي عالمن تفصيلي مقالا لکيا آهن، نشانين جي استعمال ۽ اُن جي اهميت کان واقف ڪيو آهي. موجوده وقت جي ضرورت کي محسوس ڪندي اداري پاران اها ذميواري مون کي سونپي وئي ته ٻوليءَ جي بچاءُ ۽ بيهڪ جي نشانين تي مقالا/مضمون گڏ ڪري ڪتاب ترتيب ڏيان ۽ مُون ان ذميواريءَ کي پورو ڪندي، سنڌي ٻوليءَ جي ناليوارن عالمن مرزا قليچ بيگ، سراج، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ ۽ واحد بخش شيخ جا مضمون گڏ ڪري ”ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال“ جي عنوان سان هيءُ ڪتاب تيار ڪيو آهي، جيڪو پڙهندڙن کي يقيناً لاڀ ڏيندو.

هيءُ ڪتاب استادن، شاگردن، صحافين ۽ نون لکندڙن جي ڪنهن حد تائين رهنمائي ضرور ڪندو. آئون ٿورائتو آهيان محترم ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ صاحب جو، جنهن مون تي هن اهم ڪم جي ذميواري رکي، مون کي پنهنجي ٻوليءَ لاءِ ڪجهه ڪرڻ جو موقعو ڏنو ۽ پڻ ٿورا اڳوڻي انچارج سيڪريٽري محترم هارون عنايت عباسي ۽ پبليڪيشن ڊائريڪٽر محترم امين محمد لغاري جا، جن انتظامي ذميوارين کي نڀائيندي، هن ڪتاب کي وقت سر ڇپائي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچايو.

 

حيدرآباد، سنڌ

اوهان جي محبتن جو  طالب

علي نواز آريسر