ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال

ڪتاب جو نالو ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال
ليکڪ علي نواز آريسر
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-160-6
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (805) PDF  E-Pub
انگ اکر

13 November 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     32693   ڀيرا پڙهيو ويو

پيش لفظ


ٻولي پاڻمرادو اختيار ڪيل علامتن جي تنظيم آهي، جنهن ذريعي ماڻهو پاڻ ۾ هڪٻئي سان وهنوار ڪن ٿا. ٻوليءَ تي اثر ۽ تبديلي جاگرافيائي، معاشي، سماجي ۽ سياسي حالتون ڪنديون آهن.

اسان وٽ صدين کان حالتون تبديل ٿينديون رهيون آهن، ڪڏهن ڌارين جا حملا، ڪڏهن لڏپلاڻ ته ڪڏهن سياسي حالتن سنڌي ٻوليءَ تي اثر ڇڏيا آهن. موجوده دور، جنهن کي گلوبل ’جديديت پڄاڻان‘ جو دور چيو وڃي ٿو، ان ۾ دنيا جا سڌ سماءُ جا ذريعا تيز ترين ٿي ويا آهن. دنيا جون قومون پاڻ ۾ جُڙي رهيون آهن، اهڙي صورتحال ۾ ٻوليون تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيون آهن، دنيا جي ڪيترين ٻولين کي خطرا درپيش آهن، ڪي ٻوليون ختم ٿي رهيون آهن ته ڪن ۾ بگاڙ پيدا ٿي رهيو آهي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ به بگاڙ پيدا ٿي رهيو آهي، جو اسان ڏسون پيا ته سڌ سماءُ جي ادارن کان وٺي، آفيسن ۽ عام ماڻهو جي ڳالهائڻ ۾ ڌارين ٻولين جي لفظن جو واڌارو موجود آهي، نه صرف لفظن جو بگاڙ ٿي رهيو آهي، پر گرامر جي اصولن جي به هٿ چراند ٿي رهي آهي. عام طور سان اسان ڏسون پيا ته گهڻا ماڻهو واحد- جمع، مذڪر- مؤنث يا جملن جي بيهڪ ۾ غلطيون ڪري رهيا آهن. انهيءَ جو سدباب جيڪڏهن وقتائتو نه ٿيو ته اسان جي ٻولي صدي کن ۾ ايترو بگڙي ويندي، جو ٻوليءَ جو اصلي جوهر ئي غائب ٿي ويندو.

سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو انهيءَ ڳالهه کي محسوس ڪندي، هي ڪتاب ”ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال“ شايع ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ مختلف اسڪالرن جا مضمون موجود آهن، جن کي علي نواز آريسر ڏاڍي محنت سان سهيڙيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، واحد بخش شيخ، محمد ابراهيم جويي، علي احمد بروهي، ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ تاج جويي جا مضمون سنڌي ٻوليءَ جي درست استعمال متعلق شامل ڪيا ويا آهن. هنن مضمونن ۾ ٻوليءَ جي درست استعمال جي سلسلي ۾ جمع- واحد، مذڪر- مؤنث جا طريقا، جملن ۾ استعمال ڪرڻ جا طريقا سمجهايا ويا آهن.

ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ ’بيهڪ جي نشانين‘ متعلق مضمون شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي پڻ ٻوليءَ جي درست لکت لاءِ اهم آهن. ٻوليءَ جو بگاڙ لاشعوري طور ”نيورو لئنگويج پروگرامنگ“ ذريعي ٿيندو آهي، جنهن ۾ ماڻهو لاشعوري طور ٻين ٻولين جو اثر وٺي پنهنجي ٻولي بگاڙيندو آهي. اسان وٽ عربي، فارسي، انگريزي، اردو جا اثر تمام گهڻا پيل آهن، مثال اڪثر نئين نسل کي اسان غزلون، ڪلاسون، song، ڪزن ۽ ڊيڊي وغيره جهڙا لفظ عام جام استعمال ڪندي ٻڌندا آهيون، يا وري زيرِ اضافت جو استعمال عام جام ٿي رهيو آهي. اهڙيءَ طرح لفظن جا اُچار وري اردو وارا استعمال ٿي رهيا آهن.

مثال: ’نِماز‘ کي ’نَماز‘.

’وِضو‘ کي ’وَضو‘.

’اُڦراٽو‘ کي ’پراٺو‘.

’شادي مرادي‘ کي ’شادي خانه آبادي‘

’حوالا‘ کي ’حوالات‘

اهڙيءَ طرح اسم، ضمير، اضافت يا جري حالت ۾ تبديل ٿيندو آهي، مثال ”ڪُتو“ اضافت يا جري حالت ۾ ”ڪُتي“ ٿيندو، اهڙيءَ طرح اسم پنهنجي صفتن سميت تبديل ٿيندو آهي. مثال:



غلط

صحيح

ڇوڪرو کي

ڇوڪري کي

سٺو ڇوڪرو کي

سٺي ڇوڪري کي

رستو بند ٿيڻ سبب ماڻهو اذيت ۾ مبتلا

رستي بند ٿيڻ سبب ماڻهو اذيت ۾ مبتلا

صدر کي ملڪ جو دورو ڪرڻ جي اپيل

صدر کي ملڪ جي دوري ڪرڻ جي اپيل

اهڙيءَ طرح ذاتين ۾ به جري يا اضافي حالت ۾ تبديلي ٿيندي آهي، مثال ڀُٽو- ڀُٽي، سومرو- سومري، وغيره. پر اڄ ڪلهه ميڊيا ذات ۾ ڦيرو نٿي ڪري. عام خيال آهي ته ذات ۾ ڦيرو ڪري شايد ماڻهوءَ جي عزت گهٽجي ٿي يا حُجت وڌي ٿي. بهرحال اهو بحث اڃا هلندڙ آهي. جمع- واحد يا مذڪر- واحد جي طريقن ۽ اصولن ۾ زياده نه، پر رڳو ساده ٻه چار اصول ذهن ۾ رکجن. مثال: جنهن لفظ جي آخر ۾ پيش اچي ان کي جمع ڪرڻ وقت پيش ڪڍي صرف زبر ڏئي ڇڏجي. مثال:

اُٺُ

اُٺَ

ڪتابُ

ڪتابَ

غزلُ

غزلَ

مردُ

مردَ

اهڙيءَ طرح جنهن واحد لفظ جي آخر ۾ زبر هجي، ان کي جمع ڪرڻ وقت ’زبر‘ ڪڍي ’ون‘ لڳائجي. مثال:

کٽَ

کٽون

زالَ

زالون

ڀِٽَ

ڀٽون

اڏَ

اَڏون

جنهن واحد لفظ جي آخر ۾ زير هجي، ان کي جمع لفظ ٺاهڻ لاءِ زبر ڪڍي ”يون“ ملائجي ته جمع ٿي پوندو. مثال:

ڇتِ

ڇتيون

اکِ

اکيون

ڀتِ

ڀتيون

رڙِ

رڙيون

راتِ

راتيون

جنهن واحد لفظ جي آخر ۾ ”الف“ هجي ته جمع ٺاهڻ لاءِ ان ۾ ”ئون“ ڳنڍجي ته جمع لفظ ٺهي پوندو. مثال:

هوا

هوائون

جفا

جفائون

ادا

ادائون

بلا

بلائون

جنهن واحد لفظ جي آخر ۾ ”ي“ هجي، ان کي جمع ٺاهڻ وقت ”ون“ ڳنڍجي ته جمع ٿي پوندو. مثال:

ڇوڪري

ڇوڪريون

ٺڪري

ٺڪريون

جُتي

جُتيون

راڻي

راڻيون

هاڻي اسان غور ڪنداسين ته ڪي لفظ اهڙا آهن، جن تي اصول نٿو هلي. اهو دنيا جي هر ٻوليءَ ۾ ٿيندو آهي، ته 80 سيڪڙو فارمولو هلي ٿو، پر 20 سيڪڙو ڪوبه اصول ناهي، نه صرف ٻولي، بلڪه دنيا جي هر شيءِ جو اهو اصول آهي، ته هو ”فارملائيز“ به آهي ته ”رينڊم“ به آهي. معنيٰ ترتيب ۽ قاعدي ۾ به آهي ته بي قاعدي ۽ بي ترتيب  به آهي. مثال:

پکي، منشي، جوڳي، موچي، قيدي، فوجي وغيره جا جمع نه ٿيندا، ساڳيا رهندا. اهڙي طرح مذڪر ۽ مؤنث ۾ به ائين آهي، جنهن جا اصول واحد بخش شيخ صاحب سهڻي انداز سان سمجهايا آهن.

البته لاڙ ۽ اُتر ۾ مذڪر ۽ مؤنث جو فرق موجود آهي، مثال: لاڙ ۾ ’اجرڪَ‘، مؤنث عدد واحد آهي، پر ساڳيو لفظ اُتر ۾ عدد جمع ۽ مذڪر آهي. لاڙ ۾ جمع ’اجرڪون‘ ٿيندو، پر اتر ۾ ’اجرڪُ‘ عدد واحد آهي، جمع ’اجرڪَ‘ آهي.

اهڙي طرح ’رت‘ لاڙ توڙي اتر ۾ عدد واحد مذڪر آهي، پر اتر ۾ سرائڪي ڳالهائڻ وارا مؤنث ڪري استعمال ڪن ٿا. ’ٻوڙَ‘ لاڙ ۾ مؤنث آهي، اُتر ۾ ’ٻوڙُ‘ عدد واحد مذڪر آهي.

اهڙا کوڙ سارا مثال ملندا، پر اهو لهجن جو بحث الڳ آهي، جيڪو وري ٻئي ڪتاب ۾ بحث هيٺ ايندو.

هن ڪتاب ۾ علي احمد بروهي صاحب جو مضمون ”اخباري ٻوليءَ تي سرسري نظر“ به شامل آهي. علي احمد بروهي صاحب طنز و مزاح جو بادشاهه هو، هن جي لکڻين ۾ علم و ادب جو ڀنڊار هوندو هو، پڙهندڙ  پڙهندي ظرافت جي حسين اظهار سان به لطف ماڻيندو هو. علي احمد بروهي صاحب جي چوڻ موجب جنهن به لفظ جي آخر ۾ ”شن“ اچي اهو مونث آهي، مثال آپريشن، ٽرانسليشن، ڊڪٽيشن، باقي ملٽري آپريشن ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ جو ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا ٿيندا آهن. ٻي اهم ڳالهه بروهي صاحب سمجهائي آهي ته ’يادُ‘ جو جمع ’يادگيريون‘ ٿيندو، پر اڄ ڪلهه هروڀرو اردو جي اثر ۾ ماڻهو ’يادون‘ ٿا چون.

”سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال“ ڊاڪٽر فهميده حسين جو مضمون به ڪارائتو آهي، جنهن ۾ اکرن ۽ آوازن جو بحث ٿيل آهي، سنڌيءَ ۾ ڪيترائي اهڙا اکر آهن، جن جو آواز سنڌين کي اڃا اُچارڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي. مثال:

خ- غ، ص، ض، ق، اهي اهڙا آواز آهن، جيڪي سنڌي ماڻهو آسانيءَ سان اُچاري نٿا سگهن، جن جي ترتيب ۽ سکيا ننڍي هوندي کان اسڪول ۾ استادن کي ڏيڻ گهرجي.

اهڙي طرح ڀ ۽ ب ۾ گهه ۽ گ ۾ خ ۽ ک ۾ ش ۽ ڇ ۾ ڦ ۽ ف ۾ فرق استادن کي ننڍپڻ ۾ شاگردن کي سيکارڻ گهرجي.

ڪٿي هڪ صوتي جا ٻه آواز به سنڌ ۾ موجود آهن، مثال: لاڙڪاڻي ۾ ’ڇ‘ آواز کي ’ش‘ به اچاريو وڃي ٿو. اهڙي طرح لاڙ ۾ ’ي‘ کي ڪٿي ’ز‘ يا ’ج‘، ’ز‘ کي ’ج‘، ’س‘ کي ’ش‘ يا ’ش‘ کي ’س‘
اچاريو ويندو آهي. مثال: سڪينه کي شڪينه، گوشت کي گوست، رمضان کي رمجان وغيره.

ٻوليءَ جي بچاءُ جي سلسلي جو اهم مضمون محمد ابراهيم جويي صاحب جو آهي، جنهن گهڻين ڳالهين ڏانهن ڌيان ڇڪايو  آهي. مثال:

ڪانه ۽ ڪونه ۾ فرق.

هوءَ ڪونه ايندي (غلط)

هوءَ ڪانه ايندي (صحيح)

مذڪر ۽ مونث سان ’ڪو‘ ۽ ’ڪانه‘ تبديل ٿيندي. مونث سان ’ڪونه‘ نه لڳندو.

ابراهيم جويي صاحب هن ڳالهه ڏانهن به ڌيان ڇڪايو آهي ته سنڌي ٻولي فطرتي ٻولي آهي، ان ۾ رک رکاءُ ۽ ”پروٽوڪول“ پيدا ڪري ٻوليءَ کي بگاڙيون ٿا. مثال:

اوهان ڇا پيا ڪريو؟

اهو جملو مرد ۽ عورت لاءِ ساڳيو استعمال ٿئي پيو، جڏهن ته عورت لاءِ ’اوهان ڇا پيون ڪريو‘، هئڻ گهرجي. انهيءَ ۾ سندن شان ۾ گستاخي ڪانه ٿيندي.

ان کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جو مزاج آهي، ته هر اکر تي حرڪت هوندي آهي، مثال: ديوانه- سنڌيءَ ۾ ديوانو ٿيندو. خاص ڪري حرف ندا ۾ سڏ ساڪن ناهي. مثال: ’رفيق‘ کي سڏ ڪرڻ وقت سنڌيءَ ۾ ’رفيقَ‘، ’ق‘ جو آواز ڊگهو سُر هوندو. اهڙي طرح سنڌي ٻوليءَ جي مزاج مطابق فهميده- حميده، سڪينه سنڌي ۾ فهميدان، حميدان، سڪينا اچار ٿيندا.

سنڌي اکر جي حرڪت واري مزاج مطابق سنڌي ماڻهو ڪابه ٻي ٻولي ڳالهائيندو، ته ان کي به حرڪت ڏئي ڳالهائيندو، اهو ئي سبب آهي جو اردو يا انگريزي ڳالهائي، پر اسان سمجهي وٺندا آهيون ته هي ماڻهو سنڌي آهي.

آئون سمجهان ٿو ته بگاڙ ته اسان لاشعوري ڪري رهيا آهيون، پر سڌارو ۽ درست استعمال لاءِ اسان کي شعوري ڪوششون ڪرڻيون پونديون. تنهن ڪري استادن، شاگردن ۽ صحافين کي ٻوليءَ جي درست استعمال لاءِ نه صرف اسان هي ڪتابي سلسلو شروع ڪيو آهي، بلڪه سڄي سنڌ ۾ ضلعي سطح تي اسان تربيتي ورڪشاپ ڪرائي استادن ۽ صحافين کي ٻوليءَ جو درست لکڻ ۽ درست ڳالهائڻ سيکاري رهيا آهيون.

اميد ته اسان جا سنڌي ڀائر هن ڪم کي مثبت انداز سان ڏسندا.

 

22 مارچ 2018ع

حيدرآباد سنڌ

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ

چيئرمئن