ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال

ڪتاب جو نالو ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال
ليکڪ علي نواز آريسر
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-160-6
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (775) PDF  E-Pub
انگ اکر

13 November 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     31876   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    ٻولي پاڻمرادو اختيار ڪيل علامتن جي تنظيم آهي، جنهن ذريعي ماڻهو پاڻ ۾ هڪٻئي سان وهنوار ڪن ٿا. ٻوليءَ تي اثر ۽ تبديلي جاگرافيائي، معاشي، سماجي ۽ سياسي حالتون ڪنديون آهن. اسان وٽ صدين کان حالتون تبديل ٿينديون رهيون آهن، ڪڏهن ڌارين جا حملا، ڪڏهن لڏپلاڻ ته ڪڏهن سياسي حالتن سنڌي ٻوليءَ تي اثر ڇڏيا آهن. موجوده دور، جنهن کي گلوبل ’جديديت پڄاڻان‘ جو دور چيو وڃي ٿو، ان ۾ دنيا جا سڌ سماءُ جا ذريعا تيز ترين ٿي ويا آهن. دنيا جون قومون پاڻ ۾ جُڙي رهيون آهن، اهڙي صورتحال ۾ ٻوليون تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيون آهن، دنيا جي ڪيترين ٻولين کي خطرا درپيش آهن، ڪي ٻوليون ختم ٿي رهيون آهن ته ڪن ۾ بگاڙ پيدا ٿي رهيو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ به بگاڙ پيدا ٿي رهيو آهي، جو اسان ڏسون پيا ته سڌ سماءُ جي ادارن کان وٺي، آفيسن ۽ عام ماڻهو جي ڳالهائڻ ۾ ڌارين ٻولين جي لفظن جو واڌارو موجود آهي، نه صرف لفظن جو بگاڙ ٿي رهيو آهي، پر گرامر جي اصولن جي به هٿ چراند ٿي رهي آهي. عام طور سان اسان ڏسون پيا ته گهڻا ماڻهو واحد- جمع، مذڪر- مؤنث يا جملن جي بيهڪ ۾ غلطيون ڪري رهيا آهن. انهيءَ جو سدباب جيڪڏهن وقتائتو نه ٿيو ته اسان جي ٻولي صدي کن ۾ ايترو بگڙي ويندي، جو ٻوليءَ جو اصلي جوهر ئي غائب ٿي ويندو. سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو انهيءَ ڳالهه کي محسوس ڪندي، هي ڪتاب ”ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال“ شايع ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ مختلف اسڪالرن جا مضمون موجود آهن، جن کي علي نواز آريسر ڏاڍي محنت سان سهيڙيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، واحد بخش شيخ، محمد ابراهيم جويي، علي احمد بروهي، ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ تاج جويي جا مضمون سنڌي ٻوليءَ جي درست استعمال متعلق شامل ڪيا ويا آهن. هنن مضمونن ۾ ٻوليءَ جي درست استعمال جي سلسلي ۾ جمع- واحد، مذڪر- مؤنث جا طريقا، جملن ۾ استعمال ڪرڻ جا طريقا سمجهايا ويا آهن.