ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال

ڪتاب جو نالو ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال
ليکڪ علي نواز آريسر
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-160-6
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (778) PDF  E-Pub
انگ اکر

13 November 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     31928   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي ٻوليءَ جو بچاءُ


سنڌي ٻوليءَ جو بچاءُ

محمد ابراهيم جويو

 

سڌريل ۽ سجاڳ قومون هميشه پنهنجي ٻوليءَ کي صاف، سليس ۽ صحيح صورت ۾ قائم رکڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. ڪابه اهڙي قوم دنيا ۾ ڪانه ٿي رهي، جيڪا پنهنجي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ، گرامر يا محاوري جي ڪنهن غلط يا نامناسب استعمال کي قبولي سگهي يا سهي سگهي. ڪابه اهڙي قوم ڪٿي ڪانه لڀندي، جيڪا پنهنجي ٻوليءَ جي ڪنهن سهڻي ۽ سولي لفظ کي ڇڏي، ان جي جاءِ تي ٻيءَ ڪنهن ٻوليءَ جي لفظ کي ڪم آڻڻ ۾ خوش ٿئي يا فخر ڪري. علمي ۽ فني ضرورتن جي خيال کان، ٻين ٻولين جا لفظ پنهنجا ڪرڻا پون ٿا، پر اهڙا لفظ هرڪا ٻولي پنهنجي گرامر جي اصولن موجب بنهه پنهنجا بڻائي پوءِ پاڻ وٽ رکي ٿي.

سنڌي قوم پڻ گهڻي وقت کان پنهنجي وطن جي آزاديءَ، سالميت ۽ خوشحاليءَ جي جدوجهد سان گڏوگڏ پنهنجي ٻوليءَ کي اِنهيءَ ريت صاف، سليس ۽ صحتمند رکڻ لاءِ پنهنجي وس آهر ڀرپور ڪوشش ۾ رڌل رهي آهي. سنڌي ٻولي گذريل ڪيترين صدين کان هڪ نه ٻيءَ حڪمران ٻوليءَ جي تهذيبي دٻاءَ هيٺ رهندي پئي آئي آهي ۽ هن وقت پڻ ساڳيءَ طرح اهڙي ئي هڪ دٻاءَ هيٺ آيل آهي. عربيءَ، فارسيءَ ۽ انگريزيءَ جي تهذيبي آڪرائيءَ جا اثر سنڌيءَ ۾ اڄ به گهڻيءَ حد تائين موجود ڏسي سگهجن ٿا. اڙدوءَ جو حڪمراني درجو پڻ ساڳيءَ ريت بلڪ وڌيڪ اُگريءَ حد تائين اڄ سنڌيءَ تي پنهنجو اثر ڏيکاري رهيو آهي. اڙدو پريس، ريڊيو، ٽيليويزن، سئنيما، اسڪولي ۽ ڪاليجي تعليم ۽ عام ڪتاب ۽ انهن سان گڏ اڙدوءَ جي قومي درجي جو تاب ۽ زور سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ وڏو خطرو ثابت ٿي رهيا آهن. اِهو سنڌيءَ جي اديبن، شاعرن، صحافين، استادن ۽ ٻين عام پڙهيل ماڻهن جو فرض آهي ته هو پنهنجي ٻوليءَ جو بچاءُ ڪن ۽ اُن جي ڍال بنجي، اُن جي صحت، سادگيءَ ۽ اصليت کي قائم رکن.

وڏي ڏک جي ڳالهه آهي، جو اڄ اسان جي ٻولي اسانجن پنهنجن ئي هٿن سان بگڙي ۽ ڪمزور ٿي رهي آهي. هن ڳالهه ۾ اسان کي خود اڙدوءَ جي تاريخ مان سبق وٺڻ گهرجي. اڙدو ٻولي اصل ۾ ته هندي ٻولي ئي آهي، پر ان ۾ فارسي ۽ عربيءَ جي لفظن جي ايتري ته ڀرتي ڪئي ويئي، جو هوءَ پنهنجي اصلوڪي صورت وڃائي، ٻولي ئي ٻي ٿي پيئي. ايتري تائين، جو اُها عام جي سمجهه کان نڪري ۽ کانئن بنهه الڳ ٿي، رڳو ٿورن اميرن جي محلن ۽ حاڪمن جي درٻارين جي ٻولي بنجي ويئي. پنهنجي اصليت ۽ خانداني شانَ وڃائڻ کان پوءِ اها ساڳي ٻولي هاڻي رڳو مُنهن مَٿي پِٽڻ، جهيڙي ڪرڻ ۽ وات هڻڻ ۾ ئي پوري آهي. اِها سڄي ويڌن هن ٻوليءَ سان ڪيئن ٿي؟ رڳو هن طرح، جو اُن ۾ بنهه ٿورا ڪي اصلوڪا لفظ (ضمير، فعل ۽ حرف جر) جيئن جا تيئن ڇڏي، اسم، صفتون، ظرف، حرف جملا وغيره عربيءَ ۽ فارسيءَ جا ايترا ته گهڻا آندا ويا، جو هوءَ سڃاڻپ کان ئي چڙهي ويئي ۽ بدلجي بنهه هڪ نئين ٻولي ٿي پيئي. اڄ ڪيترين سنڌي اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ اڙدوءَ جي اثر ۾ ورتل لکيتن کي ڏسي ۽ ريڊيو تان توڙي جلسن ۾ شهري ۽ عام پڙهيل ماڻهن جون اهڙي ئي نوع واريون تقريرون ٻُڌي، پنهنجي ٻوليءَ سان پڻ اهڙي ئي ڪنهن حشر ٿيڻ جو ڊپ وٺي وڃي ٿو.

ڊاڪٽر دائودپوٽي مرحوم هڪ ڀيري سنڌيءَ ۽ اڙدوءَ کي ڀيٽيندي، ڏاڍي ڀروسي سان چيو هو ته ”اڙدوءَ ۾ ’دل‘ مذڪر ۽ ’ڪتاب‘ مؤنث آهي، جنهن ۾ ڪوبه منطق ڪونهي، ۽ سنڌيءَ ۾ ان جي ابتڙ، ’دل‘ مؤنث ۽ ’ڪتاب‘ مذڪر آهي، جائي ڳالهه سچي به آهي، سمجهه ڀري به آهي.“ پر، افسوس جو تازو مون هڪ نامياريءَ روزانيءَ سنڌي اخبار ۾ اڙدوءَ وانگر ”ڪتاب“ کي مؤنث ۽ ”دل“ کي مذڪر جي صيغي ۾ ڪم آندل پڙهيو. اهڙيءَ ريت ”توجهُه“، ”دليل“، ”تاڪيد“، ”اُمنگ“، ”نظمُ، فريادُ، دادُ“ ۽ ٻيا ڪيئي لفظ، جي پڌري پٽ اسان وٽ مذڪر آهن، اڄ اسان جي ڪن اخبارن ۽ رسالن وغيره ۾ مؤنث وانگر پيا لکجن، ۽ هوڏانهن، مثال طور، لفظ ”ستيا“ کي مذڪر وانگر ڪم آندو پيو وڃي- ”ستيا ناس ٿي ويو!“ ۽ اِئين اڙدوءَ جي اثر هيٺ، ڪيترائي اسان جا لفظ مذڪر بدران مؤنث ۽ مؤنث بدران مذڪر ۾ ڪم ايندا رهن ٿا، ۽ اسان جي ٻوليءَ کي بنيادي ڌڪ لڳندو رهي ٿو.

ڪيترائي فارسيءَ ۽ عربيءَ جا لفظ آهن، جيڪي اسان پنهنجي ٻوليءَ ۾ بنهه ٻيءَ معنيٰ ۾ قبوليا آهن. جيئن لفظ ”تمام“ آهي. هيءَ لفظ اڙدوءَ ۾ ”سڀ، سڀيئي يا سڀني“ جي معنيٰ ۾ صفت طور، ڪم اچي ٿو ۽ اسان وٽ سنڌيءَ ۾ ظرف طور. ان جي معنيٰ ”ڏاڍو، ڏاڍا“ جيئن ”تمام چڱو، تمام سٺا“ وغيره آهي. پر اڄ اسان جا ڪيئي لکندڙ ۽ تقرير ڪندڙ صاحب پنهنجا سٺا ۽ سولا صفاتي لفظ ”سڀ، سمورا، مڙيئي، هڙئي“ انهن جو سڌو سنواٽو استعمال ڇڏي، لکندا ۽ چوندا وتن: ”تمام پئسا خرچ ٿي ويا! تمام مڇر مري ويا! تمام هو هيئن ٿي ويو ۽ تمام هيءُ هونئن ٿي ويو!“ انهيءَ نموني جو هڪ لفظ ”منصوبو“ به آهي، جيڪو سنڌيءَ ۾ ”سازش“ جي مطلب سان ڪم اچي ٿو. پر ان کي اسان جا اڙدوءَ جي وَٽَ ۾ آيل ڪيترا ليکڪ ”رٿ“ يا ”رٿا“ جي معنيٰ ۾ ڪم آڻيندا رهن ٿا. ساڳي حالت ٻين ڪيترن اهڙن لفظن، جيئن ته ”هلاڪ يا هلاک“ ۽ ”اتفاق“ جي آهي. ”هلاڪ“ سنڌيءَ ۾ ”ڪڪ، تنگ يا بيزار“ جي معنيٰ ۾ ۽ ”اتفاق“، ”حادثي يا واقعي“ جي معنيٰ ۾ ڪم اچن ٿا. پر اڙدوءَ جي پيروي ڪندي، اڄ اسان جا ڪيترا ليکڪ هنن لفظن کي ”مرڻ“ ۽ ”ٻڌيءَ“ جي معنيٰ ۾ پيا لکن- چي: ”هڪ ڌڪ سان ست مکيون هلاڪ ٿي ويون! اتفاق سان سڀ ڪجهه ٿئي ٿو!“ هاڻي جي انهن جملن ۾ ”هلاڪ ٿي ويون“ بدران لکجي ”مري ويون“ ۽ ”اتفاق“ بدران ”ٻڌي“ لکجي،  ته اِهي ڪيڏا نه سمجهه ڀريا ۽ وڻندڙ جملا ٿي پون!

سنڌيءَ ۾ حرف جملي يا ظرف جا لفظ اهڙا ته سهڻا ۽ سٺا موجود آهن، جو انهن کي ڇڏي، فارسيءَ يا عربيءَ جا ساڳيءَ معنيٰ وارا لفظ ڪم آڻڻ نه رڳو ضروري نه آهن، پر پاڻ سان ۽ پنهنجي ٻوليءَ سان وڏي جُٺ ڪرڻي آهي مثال طور:

جي، جيڪڏهن بدران اگر

                       جيتوڻيڪ= اگرچه

                                                پر = ليڪن يا مگر

تنهن، اِن، اُن  ڪري = لهٰذا

تنهن، اِن، اُن، کانسواءِ = ازان سواءِ

تنهن، اِن، اُن- وچ ۾ = درين اثنا

                        اِن هوندي به = باوجوديڪ

ڇا به هجي، هر حال ۾ = بهر صورت، بهرحال

سچ پچ يا سچي پچي = في الحقيقت، حقيقتاً، في الواقع

                                                ابتڙ = برعڪس، خلاف

ڌار ڌار، الڳ الڳ، جدا جدا = مختلف

                                                تان جو = حتيٰ ڪه

                                                متان = مبادا

تنهن، اِن، اُن- هوندي به = به اين همه

ڇاڪاڻ ته = چونڪه

انهيءَ ڪري = بنا برين، چنانچه

نه ته = ورنه

                           ٻيءَ صورت ۾ = به صورت ديگر

                                   الڳ، ڌار = علحده

ڌار = علاوه

پوءِ= بعد

هيٺ = زير، تحت

ڀيٽ = مقابلو

رڳو = محض، صرف

ته به، تڏهن به =  تاهم -وغيره، وغيره.

حيدرآباد جي ريڊئي تان، هر روز ”جمهور جو آواز“ ٻڌايو وڃي ٿو. اُن پروگرام ۾ ٺيٺ ٻهراڙيءَ جي هڪ چڱي مڙس جي ڪردار طور، ”عارب خان“ پنهنجي اوطاق ۾ ڪچهريءَ ۾ سرواڻ ٿي ويهندو آهي. هن پروگرام ۾ هڪڙي ڏينهن ”عارب خان“ جي واتان، سندس ٺيٺ ٻهراڙيءَ جي ڍنگ ۾ ٻڌم: ”ادوڙي! اچو ته اتحاد ڪريون، اتحاد سان سڀ مسئلا حل ٿي ويندا.“ هاڻي، اسان جا عام ٻڌڻ وارا، جن لاءِ ئي هيءُ پروگرام ٿئي ٿو، سي ڇا سمجهندا ”اتحاد“ کي ۽ ڪيئن سمجهندا ”مسئلن جو حل ٿيڻ!“ اُن جي بدران ”عارب خان“ هيئن به چئي ٿي سگهيو ته ”ادو ڙي! اچو ته ٻڌي ڪيون، ٻڌيءَ سان سڀ ڳالهيون نبري وينديون.“ 17- جولاءِ 72ع تي ٻئي هڪ پروگرام ۾ هن ريڊئي تان هيٺيان لفظ ڪم ايندي ٻڌم، جيڪي سڀ جا سڀ ٻين ٻولين جا لفظ پنهنجي ٻوليءَ تي بار بنجڻ کانسواءِ ٻئي ڪهڙي ڪم جا ٿِي ٿي سگهيا! انهن جي جاءِ تي اسان جي ٻوليءَ ۾ اڳي ئي ڏاڍا سٺا ۽ سلوڻا لفظ پيا آهن، ڇو نه اُهي اسين ڪم آڻيون، ته جيئن ٻڌڻ وارا  ٻڌن ته سمجهي به سگهن!-  هيٺ انهن لفطن جي لسٽ ڏجي ٿي:

باشندا = رهواسي؛ بخوبي آگاهه ٿيا = چڱيءَ ريت يا پوريءَ طرح واقف ٿيا؛ معيار زندگي = زندگيءَ جو معيار يا پدَ؛ فلاحي مملڪت = عام ڀلي جي حڪومت؛ باهمي تعلقات = هڪٻئي جا لاڳاپا؛ احترام = عزت؛ تعمير = اڏاوت (تعمير ڪرڻ، اڏڻ)؛ ذي هوش، ذي فهم = هوش وارو، فهم وارو، ڏاهو، خبردار؛ جيب خرچي = کيسي جي خرچي؛ تعاون = سهڪار؛ ترقي يافته = ترقي ڪيل؛ ايجاد ڪيون آهن = ٺاهيون آهن؛ خبرن تي مشتمل پروگرام = خبرن تي ٻڌل پروگرام؛ فرصت جا اوقات = واندڪائيءَ جون گهڙيون؛ تعليم جو فروغ = تعليم جو واڌارو؛ اعتماد = ڀروسو؛ ضروريات = گهرجون؛ تعلق رکن ٿا = لاڳاپو رکن ٿا؛ سرمايو = موڙي؛ دشواري = تڪليف، ڏکيائي؛ يڪجهتي = ٻڌي؛ جذبهءِ قرباني = قربانيءَ جو جذبو؛ جذبهءِ خدمت = خدمت جو جذبو؛ خيالات = خيالَ؛ حاضر خدمت = خدمت ۾ حاضر؛ ترويج = واهپو؛ استحڪام = جٽاءُ؛ وقفو = ساهي؛ مهلت = وڇوٽي؛ نافذ رهيو = لاڳو رهيو؛ وغيره وغيره.

هڪڙي مشهور رسالي جي ايڊيٽر صاحب هڪ ڀيري ”پڙاڏي“ بدران ”صداي باز گشت“ جي فارسي ترڪيب ڪم آندي؛ ڏاڍي نوڙت سان چيومانس ته ”ڀاءُ، جيڪڏهن لفظ ’پڙاڏو‘ اسان جي ٻوليءَ مان ائين نڪري ويو، ته ”پڙاڏو سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لهين!“ وارو شاهه صاحب جو املهه بيت ڪيئن ڪير سمجهي سگهندو!“ ايڊيٽر صاحب ڳالهه کي سمجهيو ۽ مڃيو، پر عمل اڃا به هِن نُڪتي تي گهڻو گهٽ ٿئيس ٿو!

اسان جا ڪيترا عربيءَ جي اثر ۾ ورتل ليکڪ وڏي شوق سان عربي اسمن جا عربي جمع پنهنجن مضمونن ۽ لکڻين ۾ ڪم آڻين ٿا. سنڌيءَ جو لاڳاپو عربيءَ سان گذريل 1200 ورهين کان به گهڻي عرصي جو آهي. ايتري ڊگهي لاڳاپي کان پوءِ به اسان جي ٻوليءَ بنهه ڳاڻ ڳڻين عربي اسمن جا ئي عربي جمع قبوليا آهن. جيئن ته احوال، افعال وغيره. پر اُهي به هوءَ پاڻ وٽ واحد جي صيغي ۾ ڪم آڻي ٿي. اِن جي ابتڙ سنڌيءَ جي مٿي ذڪر ڪيل نامياري ادبي رسالي جي هڪ مهتممي نوٽ ۾ ئي مون هيٺيان 12 عربي جمع ڪم آندل ڏٺا: جذبات، احساسات، خيالات، تصنيفات، تاليفات، ڪمالات، تعلقات، واقعات، معاملات، تخليقات، امڪانات، اختيارات! جيڪڏهن ڪنهن هڪڙيءَ ڳالهه اڙدوءَ کي سندس اصل کان ۽ پڻ عام ماڻهن کان ڪَٽي الڳ ڪري بيهاريو ۽ بنهه هڪ ڌاري صورت ڏيئي ڇڏي، ته اُها اِهائي عربي جمع جي صيغن جي اُن ۾ بيجا ۽ اڻ مَئي ڀرمار هئي. اِنهيءَ ڪري جيڪڏهن اسان کي پنهنجي ٻوليءَ کي بنيادي طرح سندس اصل صورت ۾ قائم رکڻو آهي ته جيئن ڊاڪٽر دائود پوٽو مرحوم فارسيءَ جي معاملي ۾ اُن لاءِ چئي ويو ته ان کي فارسيءَ جي اضافت جي ترڪيب کان پاڪ ۽ صاف رکيو وڃي، تيئن عربيءَ جي معاملي ۾ وري اُن کي هن عربي جمع جي صيغي جي استعمال کان بچائڻ گهرجي. اِهي سمورا عربي اسم اسان کي پنهنجي سنڌي جمع جي صورت ۾ پاڻ وٽ ڪم آڻڻ کپن ۽ نه سندن اصلي عربي جمع جي صورت ۾.

ضمير مبهم جا لفظ ڪو، ڪا، ڪي، ۽ ڪِي ۽ انهن سان گڏ ظرف جا انڪاري لفظ ڪونه، ڪانه، ڪين ۽ ڪيِن، اسان جا ڪيترا ليکڪ اهڙيءَ طرح ڪم آڻين ٿا، ڄڻ سنڌي سندن مادري ٻولي ئي ڪانهي. هڪ ته ”ڪو“ مذڪر لاءِ ۽ ”ڪا“ مؤنث لاءِ، ”ڪي“ مذڪر، مؤنث ٻنهي لاءِ جمع ۾ ۽ ”ڪِي“ ڪنهن بيجان شيءِ لاءِ ”ڪجهه“ جي معنيٰ ۾ ڪم ايندڙ لفظ آهن. ٻيو ته انڪاري لفظ ”ڪونه“ ساڳيءَ طرح مذڪر واحد لاءِ، ”ڪانه“ مؤنث جي لاءِ، جمع جي صيغي ۾، ۽ ”ڪِينَ“ رڳو ”ڪِي“ ضمير سان ڪم اچي سگهن ٿا- جيئن ته:

ڪو ڪونه ايندو.

ڪا ڪانه ايندي.

ڪي ڪين ايندا/اينديون.

ڪِي ڪِين ٿيندو/گهرجي.

اسان جا ڪيترا ليکڪ اڄ لفظ ”ڪونه“ مذڪر ۽ مؤنث ٻنهي لاءِ ڪم آڻيندا رهن ٿا. جيئن چون: (ڪو) ڇوڪرو ڪونه آهي/ڪونهي ۽ وري هيئن به چون: (ڪا) ڇوڪري ڪونه آهي/ڪونهي! ظاهر آهي ته ”ڇوڪريءَ“ لاءِ ”ڪونه آهي“ يا ”ڪونهي“ چئي ڪِين سگهبو، مؤنث واحد جي اِن صيغي ۾ لفظ ”ڪا“ ۽ ”ڪانه“ ئي ڪم آڻڻ صحيح ٿي سگهن ٿا.

اسان جي پڙهيل ڀينرن ۾ وري هڪ عجيب خيال پيدا ٿيل ڏسڻ ۾ آيو آهي ته هڪٻئي سان يا سندن زيردست ڀينرون يا سندن مرد ڀائر ساڻن جيڪڏهن مؤنث جمع جي صيغي ۾ ڳالهائيندا- جيئن ته ”اوهانِ ڇا پيون ڪريو؟ اوهان ڪڏهن آيون آهيو؟ اوهان هاڻي ڪيڏانهن وينديون؟“ وغيره وغيره- ته اِها سندن بي عزتي آهي يا سندن شان ۾ گستاخي چئجي! تنهن ڪري هنن سان ڳالهائبو، ته چئبو: ”اوهان ڇا پيا ڪريو؟ اوهان ڪڏهن آيا آهيو؟ اوهان هاڻي ڪيڏانهن ويندا؟“ وغيره وغيره. ڄڻ هو مرد آهن ۽ عورتون نه آهن! هيءُ اهڙو هڪ کل جهڙو، غلط ۽ هاڃيڪار خيال آهي ۽ ٻوليءَ جو هيءُ هڪ اهڙو اڻ گهڙيو ۽ بدزيبو استعمال آهي، جنهن کي جيترو جلد ڇڏي سگهجي اوترو سٺو.

سنڌيءَ ۾ ڪيترا اهڙا لفظ، اسم ۽ صفتون، فارسيءَ ۽ عربيءَ مان آيل آهن، جن جي پڇاڙي ننڍيءَ ’ه‘ سان ٿئي ٿي- جيئن نقشه، ضلعه، ديوانه، دروازه وغيره. هاڻي، سنڌيءَ جي هڪ خصوصيت هيءَ آهي ته ان جي ڪنهن به لفظ جو پويون پد ساڪن نٿو ٿئي، تنهن ڪري سنڌيءَ ۾ ايندي ئي اهي لفظ ڦري نقشو (واحد، حالت فاعلي)، ضلعو، ديوانو، دروازو وغيره ٿي پيا ۽ پوءِ عدد ۽ حالت پٽاندر انهن جو گردان لازمي بنجي پيو. جيئن نقشا، (جمع، حالت فاعلي)، نقشي (واحد، حالت جري ۽ اضافت)، ضلعا، ضلعي، ديوانا، ديواني، دروازا، دروازي، وغيره. بجاءِ اِن جي جو ههڙن فارسي ۽ عربيءَ جي لفظن کي پنهنجي ٻوليءَ جي انهن آوازي قاعدن موجب اُچارجي ۽ لکجي، اسان جي ڪيترن ليکڪن خود ڪيترن سنڌي لفطن کي زور ڪري، ننڍيءَ هه وارن انهن فارسي ۽ عربي لفظن جي سانچي ۾ وجهي، انهن جو صيغن پٽاندر گردان ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي!- جيئن: چنو، چنا، چني بدران چون ۽ لکن چنه؛ ڀٽو، ڀٽا، ڀُٽي بدران رڳو ڀٽه؛ ٽنڊو، ٽنڊا، ٽنڊي بدران رڳو لکن ٽنڊه؛ ٿاڻو، ٿاڻا، ٿاڻي بدران رڳو ٿاڻه! هيءَ سنڌي صورتخطيءَ جي توڙي سنڌي صرف جي هڪ اهڙي غلطي آهي، جو اُن مان ٻوليءَ جو، ڳالهائڻ توڙي لکڻ ۾، ڏاڍو دکدائڪ بگاڙو ٿي رهيو آهي، جنهن کي روڪڻ تمام ضروري آهي.

اڄ ڪلهه دڪانن، آفيسن، بسن ۽ لارين، رستن جي پٿرن ۽ ريلوي اسٽيشنن وغيره تي سنڌيءَ ۾ نالا ۽ پار پتا لکيا پيا وڃن، پر جتي جتي لکڻ وارا غير سنڌي يا اڌ پڙهيل سنڌي آهن، اُتي هِنن بورڊن تي اِهي سنڌي لفظ ۽ عبارتون غلط ٻوليءَ ۽ غلط صورتخطيءَ ۾ لکيون پيون وڃن- جيئن ته هڪ سرڪاري اسپتال ۾ سنڌيءَ ۾ لکيل ڏٺم: ”شعبو ڪان، ناڪ، حلق“، ”شعبو امراض زنانو“، ”اوقات مريض سان ملاقات“، ٻئي هنڌ ڏٺم: ”ديرپا قوت“، ٽئين هنڌ هڪ بس تي لکيل ڏٺم: ”اٻاوڙو جي لاءِ“. جو هئڻ گهرجي ها ”اٻاوڙي جي لاءِ“ يا رڳو ”اٻاوڙي لاءِ“. جتي جتي، جنهن جنهن سنڌيءَ جي گهڻگهري، پوڙهي توڙي جوان، جو وس پُڄي ته هن کي گهرجي ته پڌري پٽ اهڙيون لکيل چُڪون، پيار ۽ سهڪاري اُمنگ هيٺ درست ڪرائي ڇڏي.

سنڌي ٻولي گرامر جي خيال کان، گهڻيءَ حد تائين، هڪ پوري قاعدي واري ٻولي آهي. اُن جا اسم، ضمير، صفتون، ظرف ۽ فعل هميشه عدد، جنس ۽ حالت سان گڏ پنهنجي صورت بدلائين ٿا، لفظن جو هيءُ ڦيرو يا گردان سڀني ٻولين ۾ سندن پنهنجي پنهنجي گرامر جي قانونن هيٺ ٿئي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ هيءُ گردان لازمي طرح ڪرڻو پوي ٿو. افسوس! جو اسان جا ڪي ليکڪ، ٻين ٻولين جي اثر هيٺ، پنهنجي ٻوليءَ جي بنيادي ڳالهه کان بيخبر يا لاپرواهه بڻجي ويل ڏسجن ٿا. هتي رڳو هڪ اخبار جي ٽن لاڳيتن پرچن منجهان هن قسم جي لاپرواهيءَ جا مثال ڏجن ٿا. جن مان سمجهي سگهبو ته اسان جي ٻوليءَ ۾ ڪيتريءَ حد تائين پنهنجن جي ئي هٿان بگاڙو اچي چڪو آهي ۽ اچي رهيو آهي:

تاريخ 7-3-1972ع جي پرچي مان

(1) سٺو پاڻي  حاصل ڪرڻ لاءِ کوٽائي شروع.

(2) رستو بند ٿيڻ سبب مل بند.

(3) گورنر کي ٿر جو دورو ڪرڻ جي اپيل

(4) ريڊيو ٻڌڻ تان جهيڙو.

(5) پنجن ڏينهن جو دورو ڪرڻ بعد رپورٽ

تاريخ 8-3-1972ع جي پرچي مان

(6) سنڌ ۾ ڪاغذ جا چارڪارخانا قائم ڪرڻ جون رٿائون زير غور

(7) سنڌي زبان ۽ ثقافت جو پيپر شامل ڪرڻ جو حڪم

(8) سپاهي مسافرن جو قيمتي سامان ڦرڻ جي الزام ۾ گرفتار

(9) نوڪرين لاءِ درخواستون ڏيڻ کان پوءِ انٽرويو

تاريخ 9-3-1972ع جي پرچي مان

(10) حڪام طرفان مري ويلن جو تعداد ظاهر ڪرڻ کان انڪار

(11) هارين کان قبضو ڇڏائڻ لاءِ پوليس پهتي

(12) مولانا ... بنا معاوضي زمينون حاصل ڪرڻ تي اعتراض ڪيو.

(13) زرعي پيداوار جي وڪري جو بندوبست ڪرڻ لاءِ زرعي ادارو قائم.

(14) تعلقي جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ تي غور.

حالت جريءَ يا اضافت جي حالت ۾ سنڌيءَ جي اسمن ۽ صفتن جا لفظ هيٺينءَ ريت آهن:

(الف) واحد جي صيغي ۾ اَ، اِ ۽ آ پڇاڙين جي صورت ۾ ڪوبه ڦيرو ڪونه ٿيندو، جيئن: کَٽ تي، ڀِت تي، راجا کي، وغيره

(ب)  واحد جي صيغي ۾، اُ پڇاڙيءَ جي صورت ۾ اُ ڦري اَ جي صورت وٺندو، جيئن: گلَ تي، پَٽَ تي.

(ج)  واحد جي صيغي ۾، او پڇاڙيءَ جي صورت ۾ او ڦري اي جي صورت وٺندو، جيئن دلي تي، کٽولي تي.

(د)   واحد جي صيغي ۾، اِي، اُو ۽ اُون پڇاڙيءَ جي صورت ۾ لفظ جي آخر ۾ ’ءَ‘ آواز وڌائبو، جيئن: ماکيءَ کي، مٺوءَ کي، مرونءَ کي، وغيره.

(هه) جمع جي صيغي ۾ ئون، يون، اون، اِي، آ، اَ، اُو جون پڇاڙيون ڦري ئن، ين، ن جي صورت وٺنديون- جيئن ته بلائون، ڀتيون، کٽون، ڌوٻي، بلائن کي، ڀتين تي، کٽن تي، ڌوٻين کي، گُلَ، دلا، مٺُو، گِلن تي، دلن تي، مٺن کي.

مٿي جيڪي 14 مثال ڏنا ويا آهن، انهن ۾ پاڻي، رستو، دورو، ريڊيو، پيپر، سامان، درخواستون، تعداد، قبضو، زمينون، بندوبست ۽ مسئلا سڀ اسم آهن، جيڪي حالت اضافت ۾ آهن ۽ انهن مان هر هڪ جي پٺيان حرف جر يا حرف اضافي ”جي“، ڳجهو بيٺل آهي، انهيءَ ڪري اُهي پنهنجي صفتن ۽ انهن جي اڳيان آيل حرف اضافت جي لفظن سميت پنهنجي صورت ڦيرائيندي، جيئن:

(1) سٺي پاڻيءَ حاصل ڪرڻ لاءِ کوٽائي شروع.

(2) رستي بند ٿيڻ سبب مل بند.

(3) گورنر کي ٿر جي دوري ڪرڻ جي اپيل

(4) ريڊئي ٻڌڻ تان جهيڙو

(5) پنجن ڏينهن جي دوري ڪرڻ بعد رپورٽ

(6) سنڌ ۾ ڪاغذ جي چئن ڪارخانن قائم ڪرڻ جون رٿائون زير غور.

(7) سنڌي زبان ۽ ثقافت جي پيپر شامل ڪرڻ جو حڪم

(8) سپاهي مسافرن جي قيمتي سامان ڦرڻ جي الزام ۾ گرفتار

(9) نوڪريءَ لاءِ درخواستن ڏيڻ کان پوءِ انٽرويو

(10) حڪام طرفان مري ويلن جي تعداد ظاهر ڪرڻ کان انڪار

(11) هارين کان قبضي ڇڏائڻ لاءِ پوليس پهتي.

(12) مولانا ... بنا معاوضي زمينن حاصل ڪرڻ تي اعتراض ڪيو.

(13) زرعي پيداوار جي وڪري جي بندوبست ڪرڻ لاءِ .

(14) تعلقي جي بنيادي مسئلن حل ڪرڻ تي غور

ٻولي قومن جي طبيعت جو آئينو ٿئي ٿي. مثال طور، اڙدو هڪ واترادي ۽ گهڻ- ڳالهائو ٻولي آهي، ۽ سنڌي هڪ ماٺيڻي ۽ ٿور- ڳالهائو ٻولي آهي. هڪ جو خاص گڻ زبان درازي ۽ اُڀ ۾ تراريون هڻڻ آهي، ۽ ٻيءَ جو خاص گڻ نماڻائي ۽ نرم ٻولڻ آهي، تنهن ڪري سنڌي جيڪڏهن اڙدوءَ جي نقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، ته نه رڳو پنهنجو شانُ وڃائيندي، پر اڙدوءَ سان اُن جي لفاظيءَ ۽ نقاليءَ ۾ مٽ به پئجي ڪانه سگهندي ۽ الٽو اِنهيءَ ڪوشش ۾ پاڻ کي ڏٺو ڪندي. ڏاڍي گهڻي ڏک جي ڳالهه آهي، جو اسان جا ڪي هرک- هارئا دوست اڙدوءَ جي اِنهيءَ درٻاري ڏيک ۽ ماڙيچاڻي مَک چک ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايترا ته وٺجي ٿا وڃن، جو مثال طور، حيدرآباد ريڊئي جي اُنهيءَ ساڳئي مٿي ڄاڻايل ”جمهور جي پروگرام“ ۾ مون پنهنجن ڪنن سان اهڙن دوستن کي چوندي ٻڌو. ”ادا عارب خان! بجا ٿا فرمايو!“ (”سچ ٿا چئو!“ نه)، ”ادا، هاڻي ٻڌاءِ خَبرُون!“ (”خبَرون“ نه)، ”تَيار ٿيو“ (”تِيار نه)، ”خَيال ڪريو“ (”خِيال“ نه)، (اُميد آهي...“)، (”اُميد“ نه)، ”درميان“ (نون غُني سان) (”درميانُ“ به نه ۽ ”وچ ۾“ به نه) – بنهه ايتري تائين، جو ”عارب خان“ چوي ته ”ادوڙي، خوش آهين! چڱو ڀلو، جوڙ متارو!“ ته هن کي جواب ڏين: ”عارب خان، عنايتون، ڪرم فرمايون، ذره نوازيون!“ سنڌيءَ ۾ خبرون پڙهندي، جيڪر سر ۽ آواز منجهانئن ڪي اختيار ڪن ٿا، سو سڄيءَ سنڌ جا ماڻهو ٻڌي پنهنجن ريڊين کي جيڪي سڌيون ٻڌائين سڻائين ٿا، سي ريڊئي وارا پاڻ ته ڪونه ٿا ٻڌن، پر هن مضمون جا پڙهندڙ چڱيءَ ريت ڄاڻن ٿا، اسان جي هنن دوستن کي ياد رکڻ گهرجي ته ٻولي لکجڻ ۽ پڙهجڻ کان گهڻو وڌيڪ ڳالهائجي ٿي. هر ٻولي پنهنجي خاص ڍنگ ۽ لهجي ۾ ڳالهائبي آهي. ڳالهائڻ به هڪ لطيف فن آهي- شاندار، وڏو ۽ تمام ڏکيو. اُن جي ترنم ۽ لئي کي هڪڙو کهرو آواز، هڪڙو اڻ سهائيندڙ اُچار به ڏکوئي ۽ ختم ڪري سگهي ٿو. عربي ۽ فارسي لفظ کڻي، اسان اُنهن جي اصلوڪن اُچارن کي پاڻ وٽ قائم رکڻ لاءِ ٻڌل نه آهيون، جيئن اڙدو سمجهي ٿي ته هوءَ ٻڌل آهي. مون، خاص طرح، اسڪولن ۽ ڪاليجن جي جلسن ۾ پنهنجن ڪيترن ڏاهن ۽ اتساهي نوجوانن کي ڏٺو آهي ته ميڙ ۾ ڳالهائيندي، هو عربي ۽ فارسي لفظن جي ڳولا ۾ ۽ اُنهن کي هروڀرو سندن ”صحيح“ اُچارن سان ڪم آڻڻ جي ڪوشش ۾ ايترا ته مُنجهي پون ٿا، جو بنهه رواجي خيال به پنهنجا ظاهر ڪري نٿا سگهن. هيءَ ڪيتري نه ارمان ۽ عجب جي ڳالهه آهي، جو ڌارين ٻولين جي ڏِک ۽ اُنهن جو تاب اسان کي پنهنجي ٻوليءَ جو پورو فائدو به وٺڻ نه ڏئي! جڏهن سنڌ جو امر شاعر لفظ ”بغير“ کي ”بگر“ ڪري ڪم آڻي سگهي ٿو ”ڪونهي ڪميڻيءَ جو بگر تو بلو“- اسين خَبرَ، اُميدَ، تِيارُ، خِيالُ، سُوالُ، خَتَمَ، وغيره، وغيره ڇو نه چئون؟ اسين سنڌي برابر ماٺيڻا ۽ ٿور- ڳالهائو آهيون، پر ائين به ٿيڻ نه کپي ته پنهنجن چپن تي، اڙدوءَ جي نقالي ڪندي، عربي ۽ فارسي لفطن ۽ اُنهن جي اُچارن جون مهرون هڻي، بنهه گونگا بڻجي ويهي رهون. يا شهري يا علمي بڻجڻ جي شوق ۾ پنهنجي ٻوليءَ کي ايترو بگاڙي ڇڏيون، جو ٻولي ته ٻولي پر خود پنهنجي عامَ کان ئي ڪٽجي الڳ ٿي وڃون!

اڄ جي نئين دور ۾ ٻوليءَ ۽ ادب جي بچاءَ ۽ واڌاري جو وڏي ۾ وڏو ۽ ڪامياب ۾ ڪامياب وسيلو ان ٻوليءَ جي پڙهائي آهي، جيڪا اسڪولن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ٿئي ٿي. تمام گهڻي افسوس جي ڳالهه آهي، جو اڄ اسان جي پرائمري اسڪولن کان وٺي يونيورسٽيءَ تائين سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جي پڙهائيءَ تي پورو ۽ مناسب ڌيان ڪونه ٿو ڏنو وڃي. اُن جا سبب کڻي ڪيترا به هجن ۽ ڪهڙا به هجن، پر اِنهيءَ حالت کي هڪدم بدلجڻ گهرجي ۽ اسان جي تعليمي مرڪزن ۾ اسان جي مادري ٻوليءَ جي پڙهائي کي ايتري ئي اوليت ۽ اهميت ڏيڻ ۽ ڏيارڻ گهرجي، جيتري ڪنهن آزاد ۽ سڌريل ملڪ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اُن جي مادري ٻوليءَ جي پڙهائيءَ کي ملي ٿي، ۽ اِن ۾ ڪوبه ٻيو نصابي ڪم- جيئن حساب، انگريزي، سائنس، وغيره- سنڌيءَ تي آڪرو ٿيڻ نه گهرجي. سنڌي ٻوليءَ جي پڙهائيءَ کي ڪيئن اسان جي تعليم ۾ پهرين جڳهه ملي، ان لاءِ وڏي ۾ وڏو فرض اسان جي سنڌي استادن جو آهي، جيڪي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ سنڌي پڙهائڻ تي مقرر ٿيل آهن. هڪ ته هو پاڻ سنڌي ٻوليءَ کي پوريءَ طرح پڙهن ۽ سمجهن ۽ ان جي ادبي ۽ علمي خزاني کان وڌ ۾ وڌ واقف ٿين، ٻيو ته پنهنجن شاگردن کي اُن جي پڙهڻ، سمجهڻ ۽ ڪم آڻڻ لاءِ پنهنجي وس آهر وڌ ۾ وڌ تيار ڪن. اُن لاءِ نصاب ۾ به ڪجهه ڦيرو اچڻ گهرجي، پر سڀ کان وَڌ دلي چاهُه ۽ ڀرپور پورهيو ئي کين توڙي سندن شاگردن کي پنهنجي مادري ٻوليءَ ڏانهن پنهنجن فرضن ۽ ذميدارين جي پوري ڪرڻ لاءِ تيار ڪري سگهندو.

سنڌي ٻولي جنهن خطري هيٺ آهي، اُهو اِن مان ئي پڌرو آهي ته سنڌ ۾ سنڌي ٻولي صوبائي ٻولي بنجي، اُن لاءِ سنڌ اسيمبليءَ کي بل پاس ڪرڻو پيو. ۽ پوءِ اُن گناهه لاءِ اٻوجهه ۽ صلح پسند سنڌي عوام کي ڪيترائي ڪونڌر ڪهائڻا پيا، ۽ اُن جي پنهنجي سرڪار کي ڇا ڇا نه سهڻو پيو ۽ ڇا ڇا نه مڃڻو پيو! هاڻي، سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ جيڪي بورڊ ۽ ائڪيڊميون ٺهڻيون آهن، جڏهن اُهي ٺهن ۽ ٻن سالن ۾ يا ٻارهن سالن ۾ جڏهن ٻوليءَ ۾ اُهو ڪجهه واڌارو ٿئي، جيڪو هڪ آبرومند قومي ٻوليءَ ۾ سچ پچ ٿيڻ گهرجي، اُن لاءِ ڪي ڀرپور تجويزون جُڙن ۽ انهن تي عمل ٿئي، سوين هزارين ڪي علمي ۽ ادبي ڪتاب لکجن، ترجما ٿين، ڇپجن ۽ پڌرا ٿين، سنڌ جا سڀ رهواسي سنڌي سکن، سنڌي پڙهن ۽ لکن- تڏهن چئي سگهبو ته سنڌ ۾ ٻولي پنهنجي پوري ۽ حقي درجي تي پهتي ۽ اُن لاءِ اسان جي وڏن جون ۽ اسان جون سڀ قربانيون، جيڪي ڏنيون سين ۽ اڳتي ڏينداسين ۽ سڀ محنتون، جيڪي ڪيون سين ۽ اڳتي ڪنداسين، سڀ سوليون ۽ سجايون ٿيون.

جيڪڏهن ٻوليءَ ۾ ٻين ٻولين جي لفظن کي قبولڻ ۽ قائم رکڻ جو سوال رڳو ايترو آهي ته ٻين ٻولين جا لفظ کنيا وڃن ۽ پنهنجي ٻوليءَ جا ساڳيءَ معنيٰ وارا لفظ، بلڪ وڌيڪ سچيت ۽ سهڻا لفظ ڇڏيا وڃن- ته ائين هرگز هرگز نه ٿيڻ کپي. ائين ڪرڻ سان ٻولي پنهنجو بنياد بچائي ته نه سگهندي، پر پنهنجي بنياد سان پنهنجو سڀيتائي لاڳاپو به بحال رکي نه سگهندي. جڏهن ڪنهن ٻوليءَ جي ڳالهه وڃي اهڙيءَ حد تي پهچي، تڏهن اُن ٻوليءَ کي پاڻ وٽان ڌاريان لفظ زوريءَ به ڪڍي ڦٽا ڪرڻا پوندا. ههڙو عمل، جنهن ۾ ڌاريان فاسد لفظ ڪوشش ڪري ڪڍڻا پون ۽ پنهنجا بي گناهه نڪتل لفظ واپس آڻڻا پون، دنيا جي سڀني سڌريل ۽ سجاڳ قومن کي، پنهنجي قومي سجاڳيءَ جي پهرينءَ منزل تي، پنهنجي پنهنجي قومي ٻوليءَ جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ، لازمي طرح اختيار ڪرڻو ئي پيو آهي. ساڳيءَ ريت، سنڌي ٻوليءَ جي اها واڌ به ڪڏهن واڌ ڪانه چئي سگهبي، جنهن مان، مثال طور، شاهه جي ٻوليءَ جا لفظ گم ٿيندا ٿيندا بنهه گم ٿي وڃن، ايتري تائين، جو ڪو سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ پڙهندڙ شاهه جو رسالو پڙهي ته پڙهي نه سگهي ۽ ٻڌي ته سمجهي نه سگهي. ايتريءَ قيمت تي ڪنهن ٻوليءَ جي ”ترقيءَ ۽ سڌاري“ کي ڪهڙي حساب ۾ ڪو ترقي ۽ سڌارو چئي سگهندو! هن خيال کان، اڄ اسان تي واجب به آهي، ۽ بنهه جائز پڻ، ته پنهنجي ”اسڪولي“ ۽ ”علمي“ ٻوليءَ جي ڪجهه ڇانگ ڪريون، ته جيئن ان ۾ اوتري قدر، بلڪ ڪجهه وڌيڪ، تازو ڦوٽهڙو ٿئي. ٻوليءَ جي هيءَ ضروري ڇانگ هرڪو اسان جو لائق اديب ۽ شاعر پنهنجي سچيتائيءَ ۽ فني پختائيءَ سان پنهنجي منهن به ڪري سگهي ٿو ۽ پنهنجي پياريءَ ٻوليءَ لاءِ آب حيات مثل هيءُ بنهه ضروري عمل، ڪنهن رٿائتي ۽ سلسليوار طريقي سان، اسان جا سڄاڻ مقبول عام علمي ۽ ادبي ادارا پڻ هٿ ۾ کڻي سگهن ٿا. [1973ع]

[ڪتاب: ”ادب ٻولي ۽ تعليم“ تان کنيل]