ڪتاب جو نالو | ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال |
---|---|
ليکڪ | علي نواز آريسر |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-160-6 |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (805) PDF E-Pub |
انگ اکر | 13 November 2018 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 32670 ڀيرا پڙهيو ويو |
اخباري ٻوليءَ تي سرسري نظر
علي احمد بروهي
وڏا ٿورا! مٺڙي مالڪ جا، اڄ سنڌ ۾ سياسي سجاڳيءَ جو دَور آيو ٿو ڏسجي، نه فقط اخبارن جي پڙهندڙن ۾ واڌ آئي آهي، پر خود اخبارن جي تعداد ۾ پڻ خاصو اضافو ٿيو آهي، شيطان جا ڪن ٻوڙا. اڄ سنڌي ٻوليءَ جي روزاني اخبارن جو ڳاڻاٽو وڃي درجن ڏيڍ کي پهتو آهي، وري مزو اهو جو سنڌي اخبارن پنهنجو سڪو به واهه جو ڄمايو آهي ۽ هاڻ سندن لکڻين جو نوٽيس به ورتو ٿو وڃي. اخبارن سان گڏ صحافت جي دائري ۾ پڻ چڱي ڀرتي ٿي آهي، مضمون ۽ مقالا لکندڙن جي قطار ۾ روز بروز نوان نالا ڏسجي رهيا آهن. خاص طور شعر و شاعري ۽ ڪالم نويسيءَ ۾ ته ڪٽڪ اچي ڪٺا ٿيا آهن. سندن خيال جي اُڏام ۽ لکڻين جي رواني ڏسي اڪثر ڏندين آڱريون ڏيڻيون ٿيون پون ته هي ماڻڪ موتي ۽ لعل گوهر هيل تائين الاجي ڪٿي ۽ ڪهڙي لڏ ۾ لڪل هُئا.
ايتري سياسي سجاڳي ۽ صحافتي سرگرمي هوندي به تعجب هي آهي جو سنڌي ٻوليءَ ۾ جا سونهن سوڀيا اچڻ گهربي هُئي، سا اڃا سوڌو ڏسڻ پسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي. ممڪن آهي ته اها ماجرا اڃا اڌ پنڌ ۾ هجي، پر اهڙا ڪي اهڃاڻ ڏسجي نه رهيا آهن، بلڪ ڏٺو وڃي ته انهي ڏس ۾ باک ئي نه ڦُٽي آهي- جو هڪ لازمي امر پڻ آهي. ڇاڪاڻ ته اخبارن جي شمار ۾ واڌاري سان صحافين جي صفن ۾ ته برابر گهڻائي آئي آهي، پر صحافت جي معيار يا ٻوليءَ جي سنوار ۽ سينگار ۾ ڪا سرسي آيل نه ٿي ڏسجي. جي رنگروٽ ڪم ۾ رنڀايا ويا آهن، تن کي علمي لياقت ۽ صلاحيت ته ضرور هوندي، پر کين صحافت جو تجربو خير ڪي آهي. نه وري اخبارن جي دفترن ۾ اهڙي ڪنهن تربيت ۽ ترغيب ڏيڻ جو ڪو انتظام ئي آهي. هُو غريب لَم ٺَم تي ڪم اُڪلائيندا ٿا رهن، پوءِ ڳالهه ٺهي نه ٺهي، وٺ رينگٽ کي. آخر به ته کين اخبارن جي خالي ۽ بکايل ڪالمن جا پيٽ ڀرڻا آهن، پوءِ اکر نه سهي ته ٺڪر ۽ ٺوٻر ئي سهي!
ڏٺو وڃي ته سندن ڏوهه آهي ئي ڪونه. هڪ ته هُو اهڙي اڻانگي دَور ۾ اچي سَهڙيا آهن، جڏهن اڙدو اڙدها جيان مٿان ڦڻ ڪڍي پئي ڦوڪون ڏئي، وري کين جي استاد ٽڪريا سي پاڻ ڏوڪڙ ڏيئي ڀرتي ٿيا هُئا، اڳين استادن جي پڙهائي ۽ پڙهائڻ پيٽ پوڄا جو وسيلو هئڻ سان گڏ شيوا ڀڳتي ۽ عبادت پڻ هُئي. اڄوڪو استاد خواهه صحافي، ماستري يا صحافت کي ريلوائي ويٽنگ روم جيان استعمال ٿو ڪري، ته جيسين سندس منزل واري ريل اچي سهڙي، تيسين ڪُرسيءَ تي ويهي کُڙيون گرم ڪري، جيئن چوڻي آهي ته: ”ڀڳي سان ئي ڀيرا جيسين رتو راس ٿئي.“
هن ۾ ڪو شڪ نه آهي ته صحافت (جرنلزم) کان مراد آهي ئي اهڙو ادب، جو ٿڏي تي ۽ تڙ تڪڙ ۾ سرانجام ڏنو وڃي. هونئن به اخبار جي ڄمار آهي گهڻي؟ ڪل چار پهر. رات ڀر ڀٽاري سورنهن سينگار ڪري ٺهي جُڙي ڪنوار ٿي صبح جو پڙهندڙن جي ور چڙهي، ۽ وري شام جي ٽاڻي رنڙ ٿي دربدر رُلندي رهي، پوءِ کيس ڪي مٿس ترس آڻي کيس پڪوڙن ميڙڻ جي ڪم آڻين، ته ڪي بيرحم وري منجهس پراڻا پادر پارسل ڪن. خود اخبار جي اڏاوت ۽ اوساري پڻ پنجن يا ڇهن ڪلاڪن ۾ مس وڃي راس ٿئي ٿي- باقي وقت جي سيڙپ ٿئي ٿي اخبار جي ڇپائي ۾، ايجنٽن وٽ پهچ ۽ گراهڪن ڏانهن ورڇ ۾. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اخبار جي رپورٽرن، خاطن يا سب ايڊيٽرن کي ڳاٽي ڀڳي رفتار تي خبرن جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ گهڙائي ڪرڻي ٿي پوي. ظاهر آهي ته اهڙي وٺ پڪڙ جي صورتحال ۾ سواءِ تجربي ڪار صحافيءَ جي، ٻئي ڪنهن سيکڙاٽ کي ڪهڙي مجال جو مواد کي ٺاهي جوڙي، ۽ وري ساڳئي وقت کيس وارنش سان پالش ڪري ۽ جرڪائي به!
وقت جي ڀيڙ ۽ ڀڄ ڀڄان ۾، اسان جا نوجوان صحافي پوءِ خبرن جو پورائو ڪرڻ لاءِ زور رکن ٿا اڙدو اخبارن جي انڌا ڌنڌ ترجمن ڪرڻ تي. نج ۽ ٺيٺ سنڌي لفظ ته وڃي کڏ پيا، پر عام فهم اکرن جي به ڄاڻ نه هئڻ ڪري هُو ڌڙا ڌڙ اڙدو اکر استعمال ڪندا ٿا رهن. اهو ئي سبب آهي جو اوهان کي سنڌي اخبارن اندر ”معطل، حيثيت، تشخص، مزاحمت، منتشر، محصورين، متاثرين ۽ مداخلت“ جهڙا ڦوڙاٽ اکر، عام جام سنڌيءَ جي سيني تي مُڱ ڏريندي نظر ايندا!
وڌيڪ ۽ وڏو ويل وري انهن مچايو آهي، جي اڙدو اکر ته استعمال ڪن ٿا ”الاجي نه“ پر هنن همراهن وري پنهنجا هٿرادو ۽ جُڙتو اکر گهڙڻ تي سندرو ٻڌو آهي، جي لفظ نه لغت ۾ آهن ۽ نه وري رواج ۾. اڳ اسان وٽ هڪ اڌ اهڙو داڻو ڪڻو هوندو هيو، جو اکرن تي ڏاڪڻ ٺاهي پوءِ چاڙهيءَ تي چڙهندو هيو، پوءِ ڪو ”ڏتڙيل سنڌين“ جي آدمشماري ڪرڻ تي ڳت ڏيندو هيو. هاڻ ته خير سان ولر وڏو ٿيو آهي ان ڪري اکر به انوکا ايجاد ٿي رهيا آهن.
هن ڏس ۾ جو تازه به تازو لفظ استعمال ٿي رهيو آهي سو آهي ”سٽيل“ پوءِ ڪي ٻوڏ جا سٽيل آهن ته ڪي وري برسات جا سٽيل. سٽيل نهايت ڳورو ۽ ڳردار لفظ آهي، جو مارشل لا دَور ۾ ايجاد ٿيڻ گُهربو هو، جڏهن مسڪين ماڻهن جي پُٺن تي ڦٽڪا (ڪوڙا) اڳڙن جيان وسائي سندن چمڙي اُڊيڙي ٿي ويئي، عام فهم اکر ”ستايل“ آهي جو صدين کان رواج ۾ آهي.”ستايلن جي سهائتا“ سنڌيءَ ۾ عام محاورو آهي، ممڪن آهي ته هاڻوڪي سٽ ڪٽ واري دَور ۾ سٽيل لفظ کي وڌيڪ وزن وارو ڄاتو ويو هُجي! نوان لفظ جوڙڻ ڪو خراب ڪم ڪونه آهي، بلڪ جن ملڪن جا ماڻهو ترقي پسند هوندا آهن ۽ منجهن علم ادب جو ذوق شوق جام هوندو آهي، اُتي هنرمند ڪاريگر ۽ دانشور هنر فن ۽ ادب ۾ نيون نيون ڳالهيون ايجاد ڪندا آهن.
نوان لفظ ايجاد ڪرڻ يا ڌارين اکرن جي استعمال ڪرڻ تي ڪا بندش نه آهي، پر شرط هي آهي ته پنهنجي ٻوليءَ ۾ جڏهن ڪا کوٽ هجي يا اڻاٺ ته پوءِ سڀ ڪُجهه جائز آهي، چوندا ڪين آهن ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي.
ٻوليءَ جي هاڻوڪي بگاڙ ۾ جنس جو غلط استعمال سر فهرست آهي. خاص طور جڏهن جملي ۾ ڌارين ٻولين جا اکر ڪتب آندا ٿا وڃن. مثال طور ”آپريشن“ انگريزي اکر آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”ڊاڪٽري وڍ ڪٽ، جراحي يا ڪارروائي“ جنس جي لحاظ کان هي لفظ مونث طور ڪتب ايندو آهي، پر اڄ ڪلهه هن لفظ کي جنس مذڪر طور عام استعمال ڪيو ٿو وڃي ته ”آپريشن ٿيندو يا ڪيو ويندو.“ آپريشن هميشه ٿيندي آهي يا ڪئي ويندي آهي، نه فقط آپريشن پر اهڙا هڙئي انگريزي اکر جن جي پٺ ۾ ”شن“ لاڳو ٿيل آهي، سي سڀيئي جنس مونث ۾ استعمال ڪيا ويندا آهن، جيئن ٽرانسليشن، ڊڪٽيشن، ڪو آپريشن، سيپريشن وغيره، هي اصول سڄاڻ استادن اڳيئي طئي ڪري ڇڏيا آهن. هن ڏس ۾ فقط هي چوڻ ڪافي نه آهي ته لاڙ ۾ اسان وٽ آپريشن ٿيندو آهي، نه وري هي ڪو مناسب دليل آهي ته ڊاڪٽري آپريشن ٿيندي آهي، باقي ملٽري آپريشن ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ جو ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا ٿيندا آهن.
جنس جو دارومدار لفظ جي ذاتي حيثيت ۽ نوعيت تي آهي، جيئن ”آچر جو چولو-آچر جي قميص- آچر جو بوٽ- آچر جي جُتي- قلم سٺو آهي- پينسل سٺي آهي- چاقون مڏو آهي، ڪاتي تکي آهي- ڪاٺين ڏارڻ جو ڪهاڙو- لام وڍڻ جي ڪهاڙي- خبر ملي آهي- خيال چڱو آهي- اخبار آئي آهي- رسالو شايع نه ٿيو آهي- صورتحال سٺي آهي- فرياد داخل ٿيو آهي- اسيمبلي اجلاس اڃا ٻه ڏينهن هلندو- اليڪشن ٿيندي وغيره.
سنڌي ٻوليءَ جا اڪثر لفظ عدد واحد توڻي عدد جمع ٻنهيءَ ۾ هوبهو هڪجهڙا استعمال ڪيا ويندا آهن، جيئن ”سوچ، سمجهه، خيال وغيره. هن ڏس ۾ اسان جا ڪي اديب اڙدوءَ جي نقش قدم تي هلندي سنڌي اکرن کي هروڀرو پُڇ ٻڌي ”جمع“ بنائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، سنڌيءَ ۾ ”ياد“ واحد توڻي جمع آهي، پر اڄ ڪلهه هن لفظ جي ٻيڙي سير تي آندي ويئي آهي، ڪڏهن ”يادون“ ٿا لکن ته ڪڏهن وري ”ياديون!“ جيڪڏهن کين جمع ۾ لکڻ لاءِ لاچاري آهي ته پوءِ ”يادگيريون“ چئي سگهن ٿا ۽ نه يادون! ساڳي ريت سنڌيءَ ۾ ”سوچ“ جو جمع ”سوچون“ نه آهي، پر ”سوچَ“ سڀن جي آهي- اوهان جي سوچ، سڀ جي سوچ يا جڳ جهان جي سوچ! اوهان جڏهن به اهڙن خاص لفظن جو جمع ۾ اظهار ڪندا ته سمورو مامرو بي سودو ٿي پوندو. مثال طور ”مائي ڀاڳيءَ اڄ کار چاڙهي آهي“، پر جيڪڏهن جمع ۾ به اوهين کار بجاءِ ”کاريون“ لفظ استعمال ڪندا ته مونجهارو ٿي پوندو.
هي برابر آهي ته اڄ ڪلهه سنڌي ٻولي وارثن هوندي سوندي به ڇوري ڇِني آهي ۽ ساڻس ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ تي ڪا جهل پل آهي ئي ڪانه، جيئن چوڻي آهي ته ”انڌي جي جوءِ جو الله واهي آهي!“ پر تڏهن به شڪر الحمد الله جو اڃا ڪي آهين جوڳي جوءِ ۾ جن کي نه فقط ٻهڳڻ ٻوليءَ سان هٿوپائي ڪرڻ تي ڪهڪاءُ ٿو اچي يا کين اندر ۾ چُهنڊڙيون ٿيون پون، پر سندن رت به ٿو ٽهڪي، اوهان ڏٺو هوندو ته ويجهڙائي ۾ ٻن ٽن مضمونن جي ڇپجڻ تي ئي، ايترو اثرائتو رد عمل ٿيو، جو ڪراچيءَ جي سنڌي اخبارن کان اڙدو اکر ايئن اوچتو غائب ٿي ويا، جيئن گڏهه جي مٿي تان سڱ. اسان جي پنهنجن اديبن ۽ صحافين ۾ وڏيون اميدون آهن ته هُو سنڌي ٻوليءَ جي سَترُ، سونهن ۽ صحت جي بيحد حفاظت ڪندا. هونئن به اسان وٽ پنهنجي سڃاڻپ لاءِ ٻيو رکيو ئي ڇا آهي- سواءِ امڙ ٻوليءَ جي؟ کيس ويس وڳا پهرائي اڇو اُجرو رکڻ بجاءِ جي پاڻ بيهي سندس لوئي ليڙون ڪريون ته اها هڪ ٽرئجڊي ٿيندي!