ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال

ڪتاب جو نالو ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال
ليکڪ علي نواز آريسر
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-160-6
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (778) PDF  E-Pub
انگ اکر

13 November 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     31923   ڀيرا پڙهيو ويو

اسمن جي جنس ( واحد بخش شيخ)


اسمن جي جنس

 واحد بخش شيخ

 

دنيا ۾ جيڪي به شيون پيدا ڪيون ويون آهن، سي گهڻو ڪري جنس ۾ متضاد آهن، يعني مختلف مخلوقات جي هر هڪ جنس ۾ نر ۽ ماديءَ جو فرق موجود آهي. حالانڪ جاندارن کانسواءِ نباتات ۾ به جنسي اختلاف ليکيو ويندو آهي، تنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪي به لفظ استعمال ٿين ٿا، انهن سان جنسيات جي بنياد تي نر سان مذڪر ۽ ماديءَ سان مونث جي جنس لڳائبي آهي.

سنڌيءَ ۾ عام محاوري ۾ بي رُوح يا بي جان شين، جهڙوڪ: پٿر، چُن، چاندي يا کٽ وغيره سان به مذڪر يا مونث جي جنس لڳائي ويندي آهي، مثال: پٿر ۽ چُن کي مذڪر ۽ چاندي ۽ کٽ کي مونث سڏيو ويندو آهي. حقيقت ۾ جاندار ۽ غير جاندار شين ۾ فرق ڪرڻ ۽ زبان جي اُصول کي قائم رکڻ لاءِ ضروري آهي ته غير جاندار شين تذڪير ۽ تانيث جي نسبت لاڳو نه ڪجي، بلڪ انهن سان جنس بي رُوح يا بي جان لڳائي وڃي. جاندار شين جي متعلق به ٻوليءَ جا ڪي اهڙا لفظ استعمال ٿيندا آهن ۽ جن مان ٻنهي جنسن جو مفهوم نڪرندو آهي، مثال: انسان، آدمي، ٻار، جانور، چمڙو، سهو، طوطو، مِرون، وِڇون ۽ هد هد وغيره، پر ڇاڪاڻ ته اهڙن مشترڪ جنس وارن لفظن جي مونث واري صورت سنڌيءَ ۾ ڪانهي، تنهن ڪري انهن سان يا ته مذڪر جو صيغو لڳندو آهي يا وري جنس مشترڪ يا عام لڳائبي آهي.

ڏسبو ته جيئن دنيا ۾ شين کي چئن جنسن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، تيئن ٻوليءَ ۾ به چئن جنسن جو استعمال ٿئي ٿو، جي آهن:

(1) جنس مذڪر                                                        (2) جنس مونث

(3) جنس مشترڪ يا عام                                   (4) جنس بي رُوح يا  بي جان

  1. جنس جي سڃاڻپ:

مختلف ٻولين ۾ تذڪير ۽ تانيث جا قاعدا پنهنجا پنهنجا آهن. هڪڙو لفظ هڪڙي ٻوليءَ ۾ مذڪر آهي ته اهو ساڳيو لفظ ٻي زبان ۾ مونث، مثال: عقل، قَسم، ڪتاب، موت وحي، اهي لفظ سنڌيءَ ۾ مذڪر سڏجن ٿا، پر اردوءَ ۾ جنس مونث ۾ داخل آهن. ’دل‘ سنڌيءَ ۾ مونث آهي ته اردوءَ ۾ مذڪر سڏيو ويندو آهي.

سنڌي ٻوليءَ کي جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي، ڪُل ڏهه سُر يا آواز آهن ۽ انهن مان فقط ست سُر يا آواز آهن، جن مان جنس جي ڄاڻ پوي ٿي، اهي ست سُر يا آواز آهن: ’اَ‘، ’آ‘، ’ اِ‘، ’اِي‘، ’اُ‘، ’اُو‘ ۽ ’او.‘ انهن آوازن وارا لفظ ڪي مذڪر هوندا آهن ته ڪي مونث. ’اُ‘، ’اُو‘ ۽ ’او‘ آوازن وارا لفظ گهڻو ڪري مذڪر ۽ ’اَ‘، ’آ‘، ’اِ‘ ۽ ’اِي‘ آوازن وارا لفظ عام طرح مونث هوندا آهن. انهن جا مثال هيٺ ڏجن ٿا:

’اُ‘ آوازن وارا مذڪر لفظ:

اڱڻُ

هَرُ

لڱُ

ٻُورُ

بَرُ

ڀاءُ

تيرُ

تُورُ

ٿَڻُ

ڄارُ

پيءُ

ٽُوهُه

جَتُ

ساهُه

جيءُ

سُورُ

چَنڊُ

گهاءُ

سيءُ

کُوهُه

دَمُ

مالُ

کيرُ

جهولُ

ڌَنُ

واهُه

نيرُ

چورُ

رَڇُ

هارُ

اُٺُ

ڪوڏُ

رَندُ

ٻِجُ

پُڇُ

ڳوٺُ

ڪَکُ

پِڙُ

سُٽُ

گهوٽُ

ڪنڌُ

تِرُ

سُرُ

لوڙهُه

گَسُ

ڍِڳُ

گُلُ

ڀؤنرُ

لَڪُ

سِجُ

لُڙُ

حَوضُ

وَڻُ

سڙهُه

هُلُ

کَؤنرُ

’اُو‘ آواز وارا مذڪر لفظ:

ٻَٽُون

تارُون

ناچُو

رولُو

ڀَٽُون

ڏاڙهُون

ڀِرُون

ٽيڙُو

پَسُون

        ڍاڪُون

مِرُون

پيرُون

چَتُون

لاڏُو

وِڇُون

ڏيلهُو

سَنڍُو

مارُو

ٻُڌُو

ڏينڀُو

تارُو

ماڻهُو

ڦورُو

ويڙهُو

’او‘ آواز وارا مذڪر لفظ:

ٻَچو

آگو

چِلو

ڦُلو

ٻَنو

بابو

ڇِڪو

ٻوٽو

پَکو

ٻانهو

دِلو

ٿُوهو

پَنو

ڀاڱو

سِڪو

چوڙو

ڇَلو

ڀالو

قِصو

بوتو

سَلو

ڀاڻو

ڪلو

ڦوٽو

ڪَڻو

ٿاڻو

کِرو

چولو

ڳَڙو

ذائقو

حِيلو

ڏؤنرو

ڳَهَڻو

نالو

      ڪِينئون

ٻيڙو

لَٽو

ناڻو

ٻُڙو

ڇيلو

وَڳو

واڍو

پُکو

ليڙو

هَنو

پِتو

ڪُڻو

ميلو

’اََ‘ آواز وارا مونث لفظ:

اَڏَ

باکَ

ڀِڪَ

چِيچَ

بَدَڪَ

تارَ

پِڪَ

رِيسَ

پَلَڪَ

ڏاٺَ

ڄِڀَ

زينَ

ڄَڃَ

ڍالَ

سِٽَ

لِيڙَ

جَهلَ

زالَ

سِڪَ

لِيڪَ

چَڳَ

ڪانڍَ

ننڊَ

اُڃَ

رَڳَ

لانگَ

وِڏَ

اُسَ

ڪَڇَ

ماڪَ

وِکَ

بُکَ

آسَ

واچَ

وِهَڪَ

رُڃَ

سُڃَ

بُوندَ

اوٽَ

اَرَ

ڪُنڊَ

چُوڙَ

توپَ

ڄَورَ

لُڪَ

حُورَ

پوکَ

سيجَ

مُندَ

        ڪؤڪَ

ڳوهَه

ميخَ

هُٻَ

        ڪُونجَ

هوڏَ

ميزَ

’آ‘ آواز وارا مونث لفظ:

اَما

لَڄا

اِڇا

وِڄا

بَلا

هَچا

بِکيا

پُڇا

خَطا

هَوا

پرڄا

جُوئا

ڌَڄا

ڇايا

چکيا

دُعا

رَکيا

ڪايا

رِٿا

سُکا

سَتيا

مالها

سِٽا

سُئا

قَضا

مايا

گِلا

پُوڄا

’اِ‘ آواز وارا مونث لفظ:

اَکِ

خاڪِ

پيڙههِ

ڌُوڙِ

ٻَنڌِ

ڏاتِ

سِينڌِ

رُوءِ

ڀَرِ

راتِ

پُلِ

سُونڊِ

                 جَنگِ

        ڪانگِ

جُهنڊِ

جوتِ

جَهنڊِ

کاڻِ

چُلههِ

جوءِ

لَٺِ

ڳالههِ

ڌُرِ

روٽِ

مَکِ

لاتِ

رُتِ

   لوءِ

وَلِ

نارِ

ڪُڙههِ

چوپڙِ

آڳِ

ڀِتِ

مُٺِ

         چورسِ

باههِ

تِڏِ

بُوندِ

ٻيرِ

جاءِ

دِلِ

ٺُوٺِ

چيلههِ

جهارِ

گِڏِ

ڦونڊِ

ڇيتِ

چالِ

وِٺِ

جُوءِ

ديڳِ

’اِي‘ آواز وارا مونث لفظ:

اَمِي

ڇَاتِي

                شِيشِي

ٻولِي

بَتِي

دانگِي

                 بُڪِي

پوتِي

        ٻَڪرِي

دائِي

بُگرِي

         جهولِي

ٻَنِي

ڏاچِي

ٻُڙِي

ڇوٽِي

پَرِي

راڻِي

پُڙِي

ڇولِي

پَڻِي

         ڪاتِي

ڦُلِي

                ڪوڏِي

ڦَڻِي

ماڙِي

جُتِي

گولِي

ڇَٽِي

وانگِي

سُئِي

        چَونرِي

ڍَٻِي

ترِي

             ڪُنجِي

             چونڪِي

مَڇِي

پرِين

             ڪُنڍِي

ٻيڙِي

مَڏِي

چٺِي

مُرلِي

ڀيڏِي

                مڪڙِي

ڳِچِي

مُکڙِي

ٿيلهِي

مَهرِي

مٽِي

مُنڊِي

پيٽيِ

نَدِي

نِڙي

هُنڊِي

ريتِي

آڙِي

ٻيڙِي

نُورِي

                سيلهِي

بازِي

تيلِي

مُورِي

               ميندِي

ڄاڙِي

سِيٽِي

چُوڙِي

                 قينچِي

مٿئين قاعدي کي جامع ۽ مستقل نٿو چئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته جنس مونث جا آواز يا پڇاڙيون ڪن مذڪر لفظن ۾ ته استعمال ٿين ٿيون ۽ اهڙيءَ طرح جنس مذڪر جا آواز يا پڇاڙيون مونث لفظن ۾ استعمال ٿين ٿيون: مثال: ’آ‘، ’اِ‘ ۽ ’اِي‘ پڇاڙين وارا ڪي لفظ مذڪر هوندا آهن ۽ ’اُ‘ ۽ ’اُو‘ پڇاڙين وارا ڪي لفظ وري مونث هوندا آهن. مثال هيٺ ڏجن ٿا:

’آ‘ پڇاڙيءَ وارا مذڪر لفظ:

ابا

پيشوا

ادا

خدا

آغا

داتا

آقا

ديوتا

بابا

راجا

’اِ‘ پڇاڙيءَ وارا مذڪر لفظ:

احمدِ

خضرِ

راءِ

سيٺِ

قيصرِ

’اِي‘ پڇاڙيءَ وارا مذڪر لفظ:

پکِي

حاجِي

                ڪانڌِي

مفتِي

پهِي

ڄاڃِي

 مارِي

                  منشِي

درزِي

               جهانگِي

مالهِي

               جوڳِي

ڌڻِي

               چاڪِي

                 مانجِهي

ڌوٻِي

کٽِي

ساٿِي

وانجِهي

ڏوٿِي

نبِي

سامِي

وانگِي

موچِي

ولِي

سانگِي

هاٿِي

موتِي

                 پانڌِي

قارِي

هارِي

ٻيلِي

پاڻِي

قاضِي

مُکِي

قيدِي

’اُ‘ پڇاڙيءَ وارا مذڪر لفظ:

تندُ

سَسُ

مَسُ

وِهُه

ٿڃُ

ڪٽُ

وَٿُ

هِڱُ

ڄرُ

ڪسُ

ماءُ

ڌِيءُ

رتُ

کڙُ

جِندُ

نُنهُن

رسُ

کنڊُ

مِکُ

ڀيڻُ

سرءُ

مَرُ

وِڄُ

ميڻُ

’اُو‘ پڇاڙيءَ وارا مذڪر لفظ:

آبرُو

ڇائُون

ڀُون

خاتُون

جُون

ڳَئُون

’اَ‘ ۽ ’او‘ پڇاڙين وارا لفظ هميشه بنا استثنيٰ جداجدا مونث ۽ مذڪر هوندا آهن، باقي ٽي آواز ’اََو‘، ’اي‘ ۽ ’اَي‘ سنڌيءَ ۾ الڳ شمار نه ڪيا ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي ذاتي تحفظ نه هوندو آهي جو اڪيلي سر بيهي سگهن. ’اي‘ آواز وارا لفظ، مثال: ٻيڙي، چولي ۽ لوٽي وغيره گهڻو ڪري مفعولي ۽ جري حالت ۾ استعمال ٿيندا آهن. ’اَو‘ ۽ ’اَي‘ آوازن کي ٻٽا يا ٻن آوازن جو مرڪب سمجهيو ويندو آهي، يعني ’اَو‘ ۾ ٻه آواز آهن: ’اَ اُ‘ ۽ ساڳيءَ طرح ’اَي‘ ۾ به ٻه آواز آهن: ’اَ اِ‘.

  1. جنس جي ڦير گهير:

اسمن يا لفظن جي جنس مذڪر مان مونث بنائڻ لاءِ ڪي قاعدا استعمال ٿيندا آهن، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:

  1. ’اَ‘ پڇاڙيءَ وارا اسم هميشه مونث هوندا آهن. جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي. انهيءَ کانسواءِ ڪي مونث اسم آهن جن جو مذڪر نه ٿيندو آهي، مثال:

بِيبِي

سَتِي

ٻائِي

سهيلِي

جيجل

جيجي

  1. ڪي مذڪر اسم آهن، جن جو مونث استعمال نه ٿيندو آهي، مثال:

ڀَٽُون

ڪَڇُون

چَتُون

مِرُون

ڪَانڌُ

وِڇُون

  1. ڪن مذڪر اسمن مان مونث ٺاهڻ لاءِ پڇاڙيون، جهڙوڪ: ’ڻ‘، ’آڻي‘، ’واڻي‘ يا ’ياڻي‘ ڪم آڻبيون آهن. جن اسمن سان اهو قاعدو لاڳو ٿيندو آهي، اهي ’اِ‘، ’اِي‘، ’اُ‘ ۽ ’اُو‘ پڇاڙين وارا مذڪر اسم هوندا آهن، جن جون پويون اعرابون يا حرف مٽائڻ سان مونث جو صيغو جُڙندو آهي، مثال:

مذڪر

مونث

’اِ‘ پڇاڙيءَ وارا اسم:

سيٺِ

سيٺياڻِي

’اِي‘ پڇاڙيءَ وارا اسم:

اولادي

اولادڻ

آهتِي

آهتڻ

بيکارِي

بيکارڻ

ٻيلِي

ٻيلياڻِي

ڀنگي

ڀنگياڻِي

پوڄارِي

پوڄارڻ

جوڳِي

جوڳڻ، جوڳياڻي

جهانگِي

جهانگياڻِي

چاڪِي

چاڪياڻِي

حاجِي

حاجياڻِي

ڌوٻِي

ڌوٻڻ، ڌوٻياڻِي

ڌڻِي

ڌياڻِي

ساٽِي

ساٽياڻِي

سانگِي

سانگياڻِي

سوالِي

سوالڻ

شڪاري

شڪارڻ

قيدي

قيدڻ، قيدياڻِي

ڪڙمي

ڪڙمياڻي

ڪورِي

ڪورياڻِي

کٽي

کٽياڻِي

مالهي

مالهِڻ

منشي

منشياڻِي

موچِي

موچياڻِي

ويري

ويرياڻِي

                                                                       

’اُ‘ پڇاڙيءَ وارا اسم:

اُٺ

اُٺڻ

ٻانڀڻُ

ٻانڀڻِ

ٻروچُ

ٻروچاڻِي، ٻروچياڻِي

جتُ

جتڻ، جتڻِي

چورُ

چورِ

ڏيرُ

ڏيرياڻِي

شينهن

شينهڻ

فقير

فقيرياڻِي

مالڪُ

مالڪياڻِي

مائٽُ

مائٽياڻِي

نوڪرُ

نوڪرياڻِي

                                               

’اُو‘ پڇاڙيءَ وارا اسم:

رهاڪُو

رهاڪڻ

کائُو

کائڻِي

گهورارو

گهورارڻ

ناچُو

ناچڻِي

  1. ’او‘ پڇاڙيءَ وارن مذڪر اسمن جو مونث عام طرح مذڪر لفظن جو پويون ’و‘ ڪڍي ان جي جاءِ تي حرف ’ي‘ آڻڻ سان ٺهندو آهي، مثال: ’گهوڙو‘ جو مونث ٿيندو ’گهوڙي‘. ڪن ’اُ‘ پڇاڙيءَ وارن اسمن جو مونث به آخر ۾ ’ي‘ حرف گڏڻ سان ٺهندو آهي، مثال: ’ڄَٽُ‘ جو مونث ٿيندو ’ڄَٽِي‘. ڪن حالتن ۾ ’ڻ‘، ’آڻي‘ يا ’ياڻي‘ پڇاڙي گڏڻ سان به مونث جو صيغو ٺهندو آهي، مثال: ’لنگهو‘ جو مونث ٿيندو ’لنگهي‘ يا ’لنگهياڻي‘. ٻيا مثال هيٺ ڏجن ٿا:

ٻالو

ٻالِي

ٻانهو

ٻانهي

ٻچو

ٻچِي

ٻڪرُ

ٻڪرِي

ٻِلو

ٻِلي

چيلو

چيلِي

ڇوڪرُ يا ڇوڪري

ڇوڪرِ يا ڇوڪرِي

ڇيلو

ڇيلِي

دايو

دائِي

ڌُوتو

ڌُوتي

ڏاڏو

ڏاڏِي

گولو

گولِي

لورو

لورياڻِي، لوري

ماڙيچو

ماڙيچڻ، ماڙيچاڻِي،                                                ماڙيچياڻِي

وڏيرو

وڏيرياڻِي

 

  1. ڪن مذڪر لفظن مان مونث ٺاهڻ جو ڪو خاص قاعدو ڪونه هوندو آهي، پر انهن جون مونث جون صورتون مقرر آهن. انهن جا مثال هيٺ ڏجن ٿا:

ابو، بابو

اما، امي، امڙ

بادشاهه، شاهه، راجا، راءِ

راڻِي

ڀاءُ

ڀيڻ

پاڏو، ڪونهون، ڪونهٽ

وَڇِ

پُٽ

ڌيءُ، نياڻِي

ڏاگهو

ڏاچِي

ڏاندُ

ڳئون، گانءِ، ڍڳِي

سانُ

مينهن

سهرو

سَسُ

گهيٽو

رِڍ

گهوٽ

ڪُنوارِ

مڙد

عورت

مڙس، ڀتار، ڪانڌُ

جوءِ، زال

  1. جاندار يا ساهوارين شين ۾ مذڪر ۽ مونث جو هجڻ هڪ لازمي ۽ فطري امر آهي ۽ انهن ۾ فقط طبعي فرق هوندو آهي، پر بي رُوح يا بي جان شيون، جن سان به نحوي لحاظ کان تذڪير ۽ تاليث جي صورت لاڳو ٿيندي آهي. انهن ۾ تڪبير ۽ تصغير يعني وڏ ننڍائيءَ جو فرق سمايل هوندو آهي، مثال: دَرُ، مذڪر ۽ ’دَري‘ مونث ۾ طبعي فرق نه پر وڏ ننڍائيءَ جو فرق آهي، يعني دَرُ وڏو آهي ۽ دري ننڍي، ٻيا مثال هيٺ ڏجن ٿا:

ٻيڙو

ٻيڙي

ٽوڪرو

ٽوڪري

چُوڙو

چُوڙِي

چولو

چولِي

دِلو

دلِي

ڏنڊو

ڏنڊِي

رَسو

رسِي

ڪُهاڙو

ڪُهاڙِي

کٽولو

کٽولِي

کوڙُ

کوڙِي

کُوهه

کُوهِي

لوٽو

لوٽِي

مَٽُ

مَٽي

منجو

منجِي

هَٽُ

هَٽِي

 

  1. اصول مطابق مذڪر مان ئي مونث جو صيغو جُڙندو آهي، پر ڪي مذڪر اسم مونث مان جُڙندا آهن، مثال:

مونث

مذڪر

پُڦي

پُڦڙُ

ماسِي

ماسڙُ

رَنَ

رَنڙُ

                                               

  1. ڪي اسم مذڪر توڙي مونث ٻنهي جنسن ۾ استعمال ٿيندا آهن، مثال:

رَتُ

واءُ

وِهُه

  1. ڪي اسم صورت ۾ مذڪر هوندا آهن، پر معنيٰ ۾ مونث، مثال:

مونث                                     مذڪر  

باشو                                                             بَشين

بحرِي                                                          بحرِي ٻچو

سيچاڻو                                                     تُمتِي يا تُرمچِي

  1. فارسي ۽ عربيءَ جا لفظ ۽ ترڪيبون به چڱي انداز ۾ سنڌيءَ ۾ استعمال ٿينديون آهن، تنهن ڪري انهن جي مذڪر ۽ مونث صورتن جو ڄاڻڻ به ضروري آهي.

فارسيءَ ۾ مذڪر مان مونث ٺاهڻ جو ڪو خاص طريقو يا قاعدو ڪونهي، انهيءَ ۾ مونث جا صيغا گهڻو ڪري مقرر آهن، مثال:

        مذڪر                                   مونث

            برادر (ڀاءُ)                                                خواهر يا همشيره (ڀيڻ)

            پدر (پيءُ  )                                              مادر (ماءُ)

            پِسر (پُٽُ)                                                دختر (ڌيءُ)

            خُروس (ڪڪڙُ)                               ماڪيان (ڪڪڙِ)

            مردُ (مڙد)                                                  زن (عورت يا زال)

  1. مذڪر لفظ جو ٽيون حرف ڪڍي باقي لفظ جي پٺيان ’ي‘ علامت يا پڇاڙي آڻڻ سان اسم مونث ٺهندو آهي، مثال:

حَسِين                                                        حُسنيٰ

صَغير                                                         صُغريٰ

عظيم                                                          عُظميٰ

ڪَبير                                                        ڪُبريٰ

  1. غالباً هر ڪنهن ٻوليءَ ۾ مذڪر مان مونث ٺاهڻ جو طريقو قياسي به آهي ته غير قياسي به ۽ عربيءَ ۾ به ڪيترن مذڪر اسمن جا مونث غير قياسي طرح مقرر آهن، مثال:

ابُ (پيءُ)                                                 امُ (ماءُ)

ابنُ (پٽ)                                                  بنتُ (ڌيءُ)

جملُ (اٺ)                                              ناقة (ڏاچي)

ديڪُ (ڪڪڙ)                                  دجاجة (ڪڪڙِ)

رَجلُ (مڙد)                                               امرائة (عورت)

اسم جو عدد

تعداد جي لحاذ کان سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻه صورتون ٿينديون آهن:

  1. عدد واحد
  2. عدد جمع

                                    عدد واحد جو مطلب آهي هڪ ساهوارو يا هڪ شيءِ، مثال: ڇوڪرو، رانديڪو وغيره ۽ عدد جمع جو مطلب آهي گهڻا ساهوارا يا گهڻيون شيون، مثال: ڇوڪرا، رانديڪا وغيره. عربيءَ ۾ مٿين ٻن صورتن کانسواءِ عدد جي ٽين صورت به ٿيندي آهي، جنهن کي عدد تثنيه يا ٻن جو عدد چئبو آهي، مثال: ’دارين‘ يعني ٻه جهان، ’والدين‘ يعني ماءُ ۽ پيءُ. جيئن ته عربيءَ جو سنڌيءَ سان گهڻو تعلق آهي، تنهن ڪري عدد تثنيه جا صيغا پڻ ڪن حالتن ۾ سنڌيءَ ۾ استعمال ٿيندا آهن.

واحد اسمن مان جمع ٺاهڻ جا طريقا:

  • اهي واحد اسم جن جي پڇاڙي ’اَ‘ هوندي آهي، تن جي زبر واري اعراب يا حرڪت ڪڍي، ان جي پٺيان ’اُون‘ پڇاڙي ملائڻ سان عدد جمع جو صيغو ٺهندو آهي، مثال:

واحد                                      جمع

اَڏ                                                                    اَڏُون

ڀِٽَ                                                               ڀِٽُون

تارَ                                                                 تارُون

ڏارَ                                                                 ڏارُون

رَڳَ                                                              رَڳُون

زالَ                                                                زالُون

سِٽَ                                                             سِٽُون

لامَ                                                                 لامُون

ليڪَ                                                           ليڪُون

مُندَ                                                               مُندُون

وِکَ                                                               وِکُون

هوڙَ                                                               هوڙُون

[1]بعضي عدد جمع جا صيغا ’آن‘ يا ’يان‘ پڇاڙيءَ سان به استعمال ٿيندا آهن، مثال: اکيان، کٽان، زالان ۽ ميخان وغيره.

  • جن واحد اسمن جي پڇاڙي ’اَ‘ آهي تن جي پٺيان ’ئُون‘ پڇاڙي ملائڻ سان جمع جو صيغو ٺهندو آهي، مثال:

واحد                                                         جمع

اَٻلا                                                                اَٻلائُون

اَدا                                                                  اَدائُون

بَلا                                                                  بَلائُون

جَفا                                                               جفائُون

رَاجا                                                             راجائُون

غَفا                                                                غفائُون

ڪَٿا                                                            ڪٿائُون

ڪَلا                                                            ڪلائُون

هَچا                                                              هچائُون

  1. جن واحد اسمن جي پڇاڙي ’اِ‘ آهي تن جي پٺيان ’يُون‘ پڇاڙي گڏڻ سان جمع جو صيغو ٺهندو آهي، مثال:

واحد                                                         جمع

اَکِ                                                                اکيُون

ڀِتِ                                                               ڀِتيُون

تِڏِ                                                                  تڏيُون

جنگِ                                                          جنگيُون

جوءِ                                                              جوئيُون، جويُون

دِلِ                                                                  دِليُون

ديڳِ                                                            ديڳيُون

ڌُرِ                                                                  ڌُريُون

رَڙِ                                                                   رَڙيُون

لَٺِ                                                                لَٺيُون

مَکِ                                                              مَکيُون

وَلِ                                                                 وَليُون

جاءِ                                                               جائيُون، جايُون

راتِ                                                             راتيُون

کاڻِ                                                               کاڻيُون

ڳالههِ                                                            ڳالهيُون

  1. جن واحد اسمن جي پڇاڙي ’اِي‘ آهي، تن جي پوئين حرف، يعني ’ي‘ کي، ’اُون‘ پڇاڙي ڳنڍڻ سان جمع جو صيغو ٺهندو آهي. هي قاعدو فقط مونث اسمن سان لاڳو هوندو آهي، مذڪر اسمن جو واحد توڙي جمع جو صيغو ساڳيو هوندو آهي. مثال هيٺ ڏجن ٿا:

مونث اسمن جو جمع:

                        واحد                                                         جمع

                        بَتي                                                              بتيُون

                        پتِي                                                              پتيُون

                        ٻانهِي                                                          ٻانهيُون

                        راڻِي                                                            راڻيُون

                        ٽِڪِي                                                         ٽِڪيُون

                        ڪِلِي                                                         ڪِليُون

                        بِينِي                                                            بِينيُون

                        سِيٽِي                                                          سِيٽيُون

                        جُتي                                                            جُتيُون      

                        کُڏِي                                                             کُڏيُون

                        ٻُوٽي                                                            ٻُوٽيُون

                        مورِي                                                           مُوريُون

                        چوٽِي                                                         چوٽيُون

                        ڇوڪرِي                                 ڇوڪرِيُون                   

                        پيٽِي                                                            پيٽيُون

                        نيڪِي                                                       نيڪيُون

مذڪر اسمن جو جمع:

                واحد                                      جمع

                        پَکي                                                            پَکِي

                        ڌَڻِي                                                              ڌَڻِي

                        ساٿِي                                                          ساٿِي

                        هارِي                                                           هارِي

                        پِرِين                                                            پِرين

                        شيدي                                                         شِيدي

                        مُکِي                                                            مُکِي

                        مُنشِي                                                         مُنشِي

                        پُوڄارِي                                                     پُوڄارِي

                        جوڳِي                                                        جوڳِي

                        ڌوٻِي                                                           ڌوٻِي

                        موچِي                                                         موچِي

                        فوجِي                                                         فوجِي

                        ٻيلِي                                                            ٻيلِي

                        ويرِي                                                           ويرِي

                        قيدِي                                                           قيدِي

  • جن واحد اسمن جي پڇاڙي ’اُ‘ آهي، تن جي اها پڇاڙي مٽائي ’اَ‘ ڪرڻ سان جمع مذڪر جو صيغو ٺهندو آهي ۽ مونث جي حالت ۾ واحد اسم جي پٺيان ’اُون‘ پڇاڙي ملائڻ سان جمع جو صيغو ٺهندو آهي، مثال:

واحد                                                         جمع

ٿَڻُ                                                                 ٿَڻَ

ڦَلُ                                                                 ڦَلَ

ڪَکُ                                                         ڪَکَ

گَسُ                                                              گَسَ

گهرُ                                                               گَهرَ

وَڻُ                                                                 وَڻَ

ڄارُ                                                               ڄارَ

غارُ                                                                غارَ

واهُه                                                              واهَه

سِجُ                                                               سِجَ

سِڙهُه                                                           سِڙهَه

لِڱُ                                                               لِڱَ

تِيرُ                                                                تِيرَ

مِيرُ                                                                مِيرَ

اُٺُ                                                                اُٺَ

پُٽُ                                                               پُٽَ

سُرُ                                                                 سُرَ

گُلُ                                                                گُلَ

ٻُوٿُ                                                             ٻُوٿَ

کُوهُه                                                            کُوهَه

چورُ                                                              چورَ

ڍورُ                                                               ڍورَ

ڳوٺُ                                                           ڳوٺَ

گهوٽُ                                                         گهوٽَ

ٻيٽُ                                                             ٻيٽَ

ڏيرُ                                                                ڏيرَ

مونث اسمن جو جمع:

                        تَندُ                                                                تَندُون

                        سَسُ                                                             سَسُون

                        مَسُ                                                              مَسُون

                        وَٿُ                                                               وَٿُون

                        وِڄُ                                                                 وِڄُون

  • جن مذڪر اسمن جي پڇاڙي ’ءُ‘ آهي، تن جي همزي جي جاءِ تي ’و‘ ساڻ زبر آڻڻ سان ۽ ڪن حالتن ۾ همزي جي مٿان پيش مٽائي زبر آڻڻ سان جمع جو صيغو ٺهندو آهي، مثال:

واحد                                                         جمع

ڀَو، ڀَؤ                                                           ڀَوَ

ٿانءُ                                                             ٿانوَ، ٿانءَ

جَو، جَؤ                                                       جَوَ

سَو، سَوُ                                                       سَوَ

ڪانءُ                                                        ڪانوَ، ڪانءَ

گهاءُ                                                             گهاوَ، گهاءَ

  • ’اُ‘ پڇاڙيءَ وارن ڪن مذڪر توڙي مونث اسمن جو جمع بي قاعدي ٺهندو آهي. مثال:

پيءُ                                                              پِيئَرُ، پِئَرُ، پِئُرَ، پِئَرَ

ڀاءُ                                                                 ڀائُرَ، ڀائِرُ، ڀائِرَ

ڀيڻُ                                                                                                               ڀيڻُون، ڀينَرُ، ڀينَرُون، ڀينرُون

ڌِيءُ                                                              ڌيئُون، ڌِيُون، ڌِئُرُ، ڌِيئَرُ

ماءُ                                                                 مائُون، مائِرُ، مائِرُون، مائُرُون

نُنهُن، نُهُن                                                نُنهُون، نُهَرُ، نُهَرُون

  • جن مذڪر توڙي مونث اسمن جي پڇاڙي ’اُو‘ آهي، تن جي جمع جي صورت به ساڳي رهندي آهي، مثال: مذڪر اسم:

واحد                                                         جمع

ڏينڀُو                                                           ڏينڀُو

ڏيلهُو                                                           ڏيلهُو

ماڻهو، ماڙهُو                                          ماڻهو، ماڙهُو

مِرُون                                                           مِرُون

واڳُو                                                             واڳُو

وِڇُون                                                          وِڇُون

مونث اسم:

                        جُون                                                             جُون

                        ڳَئُون[2]                                                        ڳَئُون

  • جن مذڪر اسمن جي پڇاڙي ’او‘ آهي، انهن جي جمع ٺاهڻ لاءِ ’او‘ پڇاڙيءَ کي ’آ‘ ۾ تبديل ڪبو آهي. مثال هيٺ ڏجن ٿا:

واحد                                                         جمع

پَنو                                                                پَنا

ٻَچو                                                              ٻَچا

ڳَلو                                                               ڳَلا

ٻانهو                                                            ٻانها

ڀالو                                                               ڀالا

تارو                                                              تارا

ڪانگو                                                     ڪانگا

نالو                                                               نالا

چِلو                                                              چِلا

ڌِڪو                                                          ڌِڪا

قِصو                                                            قِصا

کِرو                                                               کِرا

دِلو                                                                 دِلا

ٻيڙو                                                              ٻيڙا

جِيوڙو                                                         جِيوڙا

چيلو                                                            چيلا

حِيلو                                                            حِيلا

پُکو                                                              پُکا

ڦُلو                                                                ڦُلا

ڪُلهو                                                        ڪُلها

ٻُوٽو                                                              ٻُوٽا

بُوتو                                                              بوتا

پورو                                                             پورا

ڀولو                                                              ڀولا

ڦوٽو                                                             ڦوٽا

چولو                                                            چولا

ڇوڪرو                                                   ڇوڪرا

گوڏو                                                            گوڏا

گورو                                                            گورا

گهوڙو                                                         گهوڙا

ڇيلو                                                            ڇيلا

ليڙو                                                              ليڙا

ميلو                                                             ميلا

ميوو                                                             ميوا

  • ڪي لفظ، جن کي اسم جمع يا اسم مجموع چئبو آهي. معنيٰ ۾ جمع ليکيا ويندا آهن، پر جملي ۾ فعل واحد جو قبول ڪندا آهن، انهن جو به جمع ٺهندو آهي، جنهن لاءِ مذڪر جي حالت ۾ پوئين پيش واري اعراب کي زبر ۾ ۽ پوئين حرف ’و‘ کي ’آ‘ پڇاڙيءَ ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي ۽ مونث جي حالت ۾ ’اُون‘ پڇاڙي ملائبي آهي، مثال:

مذڪر اسم:

واحد                                                         جمع          

                        جرڳو                                                          جرڳا

                        ڌَڻُ                                                                 ڌَڻَ

                        قافلو                                                            قافلا

                        قبيلو                                                           قبيلا

                        ڪُٽنبُ                                                     ڪٽنبَ

                        لَشڪرُ                                                      لَشڪرَ

مونث اسم:

                        انجمن                                                       انجمنُون

                        جماعت                                                    جماعتُون

                        فوج                                                             فوجُون

                        ڪچهري                         ڪچهريُون

                        مجلس                                                       مجلسُون

  • ڪي اسم اهڙا آهن، جن جو واحد جو صيغو جمع جي معنيٰ ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جيتوڻيڪ انهن جو جمع عام طرح ٺهي سگهندو آهي، مثال:
  1. اونهاري ۾ انبُ توڙي پلو جام ٿيندو آهي.
  2. مينهن ۾ ڪَتَلَ خراب ٿي ويندي آهي.
  3. پوسل تي مَڇرُ ٿيندو آهي ۽ گندگيءَ تي مَکُ ٿيندي آهي.

مٿين مثالن ۾ ٿلها لفظ اگرچه خود واحد جي صيغي ۾ آهن، پر هر هڪ پنهنجي پنهنجي مجموعي جنس لاءِ استعمال ٿيل آهي.

  • ڪي اسم فقط جمع جي صورت ۾ استعمال ٿيندا آهن، مثال:

مذڪر اسم:

                        ڀِنڊا                                                              ڇَتا

                        پيرُون                                                         ڍَڪَرَ

                        پَريا                                                              ڪَرتُوت

مونث اسم:

                        ٻاٿُون                                                           سِسڪيُون

                        تهبارُون                                                    ڪَتيُون

                        پِٿُون                                                            لائُون

                        ڇيهُون                                                       هَنجُون

  • ڪي لفظ اهڙا آهن، جي واحد ۾ صفت ٿي ڪم ايندا آهن، پر انهن جو جمع اسم طور استعمال ٿيندو آهي، مثال:

واحد                                                         جمع

اباڻو                                                             اباڻا

پيڪو                                                        پيڪا

ڏاڏاڻو                                                          ڏاڏاڻا

ساهرو                                                        ساهرا

ڪنواريتو                                             ڪنواريتا

گهوٽيتو                                                    گهوٽيتا

ناناڻو                                                           ناناڻا

[ڪتاب: ”سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽ نحو“ تان کنيل]

 

[1]  هم قسم جي عدد جا صيغا سنڌيءَ ۾ اترادي ماڻهو ڪم آڻيندا آهن، سنڌيءَ ۾ اهڙو محاورو سرحدي ٻولين، جهڙوڪ: پنجابي، سرائڪي يا ملتاني جي ئي اثر هيٺ عمل ۾ اچي ويل ٿو ڀانئجي.

[2]  ڳئونءَ کي واحد ۾ ڳانءِ به چئبو آهي، جنهن جو جمع جو صيغو ٿيندو ڳائيُون.