ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال

ڪتاب جو نالو ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال
ليکڪ علي نواز آريسر
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-160-6
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (779) PDF  E-Pub
انگ اکر

13 November 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     31937   ڀيرا پڙهيو ويو

بيھڪ جون نشانيون ( سراج)


بيھڪ جون نشانيون

                                                                                                 سراج

 

ٻولي، انسان جي خيالن، احساسن، اُمنگن ۽ جذبن جي اظھار جو بھترين طريقو آهي. انھيءَ اظھار لاءِ انسان، ٻوليءَ کي ٻن صورتن ۾ ڪتب آڻي ٿو: هڪڙي ڳالھائجڻ واري صورت، ۽ ٻي لکجڻ واري صورت. ڳالھائڻ وقت هر ڪو ائين چاهيندو آهي ته ٻُڌندڙ سندس هر جملي مان اهو ئي مقصد ۽ مراد ڪڍي، جيڪا خود ڳالھائڻ وقت هن جي ذهن ۾ آهي. انھيءَ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ، هن کي جملي جملي کي علحدي علحدي ڍنگ سان ڳالھائڻو پوندو آهي. هر جملي جي مطلب ادا ڪرڻ وقت، ڪنھن هنڌ ڍرو، ۽ ڪنھن هنڌ تڪڙو ٿي ڳالھائڻ ؛ ڪٿي ٿورڙو ته ڪٿي گھڻو بيھي، وري ڳالھائڻ شروع ڪرڻ ؛ ڪن لفظن تي خاص زور ڏيڻ؛ ڪنھن فقري کي ٻين سڀني فقرن کان نرالو ۽ جدا ڪري پيش ڪرڻ، عجب ظاهر ڪرڻ يا سوال ڪرڻ، انھن سڀني مطلبن ادا ڪرڻ لاءِ، هن کي آواز ۽ منھن جي تاثر جا ڪيترا ڍنگ استعمال ڪرڻا پوندا آهن: ڪجهه لفظن جي معنيٰ ساٿ ڏيندي آهي ۽ ڪجهه ادائيگيءَ جا طريقا مدد ڪندا آهن، تڏهن وڃي مقصد ساب پوندو آهي. ساڳيءَ طرح هر ڪو لکندڙ به ائين چاهيندو آهي ته پڙهندڙ هن جي لکت مان مقصد اهو ئي ڪڍي جيڪو هو چاهي ٿو يا جيڪو هن جي ذهن ۾ آهي. ان ڪري جڏهين مٿين سمورين ڳالھين کي ٻوليءَ جي لکجڻ واريءَ صورت ۾ آڻڻو پوندو، تڏهن لازمي طرح، انھن ادائيگيءَ جي نمونن کي  ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪو اثرائتو قدم کڻڻو پوندو، نه ته رڳا لفظ ته اهو مقصد ۽ مراد پڙهندڙ تائين (جنھن جي حالت ان وقت ساڳي ٻُڌندڙ جھڙي ئي هوندي آهي) پھچائي ڪين سگهندا. ٻولي جڏهن لکجڻ ۾ اچي ٿي، تڏهن اهي ادائيگيءَ جا نمونا ڪن نشانين جي صورت ۾ استعمال ڪرڻا پون ٿا، جن کي ”بيھڪ جون نشانيون“ يا ”دَمن جون نشانيون“ چئجي ٿو.

                        هر بيھڪ جي نشاني ڪا نه ڪا مراد ادا ڪرڻ لاءِ مقرر آهي. لکڻ وقت، جڏهين اهي نشانيون ڪم آڻجن ٿيون. تڏهن ئي لفظ، جملن جي جوڙ جڪ اندر، پنھنجو اصل مقصد صحيح مواد پڙهندڙ کي ڏين ٿا. ڳالھائڻ وقت انسان کي ڪنھن فقري، يا جملي کان پوءِ ساهه کڻڻو پوندو آهي، ۽ ڪجهه وقت بيھڻو پوندو آهي – ڪٿي ٿورو وقت بيھڻو پوي ٿو – ڪٿي وڌيڪ – بيھڻ جي اندر منزلن کي ڪن خاص نشانين ذريعي لکيت ۾ آڻڻ سان ٻوليءَ جي لکيت ۽ ڳالھائجڻ وارين صورتن ۾ ويجهڙائي ۽ هڪ جھڙائي پيدا ٿئي ٿي. انھن بيھڻ جي نشانين کي، ان ڪري سڏيو ئي ويو ”بيھڪ جون نشانيون.“ رفتي رفتي ٻوليءَ ۾ بيھڪ جي هر ڪا نشاني گهڻي استعمال ٿيڻ ڪري، ”بيھڻ“ جي ڪارج کانسواءِ، هڪ خاص اثر پيدا ڪرڻ ۽ معنيٰ کي زياده صاف ڪري بيھارڻ ۾ پڻ مدد ڪرڻ لڳي. جھڙيءَ طرح ڪو شخص لڳاتار ويهه پنجويهه منٽ بنا ساهه کڻڻ جي يا بيھڻ جي، ۽ هڪ ئي طرز ۾، مشين وانگر، ڳالھائڻ بيھي رهي، ته اسين ان کي هڪ بي مقصد ”بڙ بڙ“ سمجهي، خيال ۾ ئي ڪين آڻينداسون، تھڙيءَ طرح لکڻ وقت به جيڪڏهن اهي نشانيون استعمال نه ڪجن، ته اها لکيت فقط لفظن جو ڍير بنجي پوندي، جنھن مان ڪوبه مقصد ۽ معنيٰ نه نڪرندي ۽ اها لکيت ” لکي عيسيٰ پڙهي موسيٰ “ واري ئي ڪا ڳالھه ٿي پوندي . انھن بيھڪ جي نشانين کي غلط جڳھين تي استعمال ڪرڻ سان هيڪاري اگرا نتيجا ٿا نڪرن. سموريءَ لکيت جي معنيٰ ئي بگڙي ويندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته مرڳو صفا اُبتي معنيٰ نڪري پوندي آهي. ڳالھه ٿا ڪن ته انگلينڊ جي پارليامينٽ ۾ هڪڙو بل پاس ٿيو،  اهو بل جڏهن ڇپجي تيار ٿي ويو ته ان ۾ ڪا هڪڙي بيھڪ جي نشاني ”ٿورو دم“ (ڪاما) - غلط جڳهه تي ڇپجي ويئي. بل جو سڄو مقصد ئي اُلٽو ٿي ويو  ۽ جيڪڏهن اهو ماڻھن تائين پھچي ها ته بغاغو ٿي پوي ها - ان ڪري، اهو بل ٻيھر ڇپائي ظاهر ڪيو ويو.

اسان جي سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترا لکندڙ انھن نشانين جو بنهه خيال ڪونه ٿا رکن. نتيجو اهو ٿو نڪري، جو اهي ساڳيون چيزون، جيڪي هوند، انھن نشانين سان بي مثال حسن واريون ٿي پون، انھن نشانين نه هئڻ ڪري يا غلط استعمال ڪري ڪجسيون ۽ بي اثر ٿيو پون. عام طرح ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انھيءَ غلطيءَ جو شڪار عام لکندڙ - شاگرد، منشي، اخبار نويس - گهڻي انداز ۾ آهن، پر خود چوٽيءَ جا ڪيترا اديب ۽ ليکڪ به انھيءَ ڏس ۾ بنهه ڪين ٿا سوچين ۽ انھن نشانين جي اهميت کي نظر انداز ڪريو ڇڏين. چڱا چڱا علمي مضمون، افسانا، ڪھاڻيون ۽ شعر، بيھڪ جي نشانين نه هئڻ ڪري يا سندن غلط استعمال هُجڻ ڪري، پنھنجي سموري معنيٰ، افاديت اهميت وڃايو ڇڏين.

جيئن مٿي چيل آهي ته ٻوليءَ ۾ اهي نشانيون ڪنھن فقري يا جملي کان پوءِ ڪجهه وقت بيھڻ يا دم پٽڻ جو مقصد رکن ٿيون – سنڌيءَ ۾ به انھيءَ اصول کي درسي وياڪرڻن ۽ گرامرن ۾ - ٿورو دم (،)،  اڌ دم (: )، پورو دم (.)، سوال جي نشاني (؟) ۽ عجب جي نشاني (!) سمجهايون وينديون آهن. انھن وياڪرڻن ۾ انھن نشانين جو فقط اهو ڪارج ٻڌايو ۽ سمجهايو وڃي ٿو، جنھن مان ڪجهه وقت بيھڻ جو مقصد ورتو وڃي. پر هاڻي انھن مان هر نشاني ”بيھڻ“ کانسواءِ ٻيا به ڪي مطلب پورا ڪري ٿي، ۽ انھن نشانين کانسواءِ، هاڻي، ٻيون به ڪي نشانيون ڪم اچڻ لڳيون آهن، جن جو استعمال ٿورو مُنجهائيندڙ ۽ پيچيدو آهي. دراصل اها به حقيقت آهي ته انھن نشانين جي ڪنھن خاص استعمال جي مقرر هُجڻ جي دعويٰ به نٿي ڪري سگهجي - پر گهڻي تجربي کان پوءِ، ايترو سو نھايت ڀروسي سان چئي سگهجي ٿو ته ڪھڙين حالتن ۾ سندن استعمال غلط ٿو ٿئي.

ٻوليءَ جي ماهرن انھن سمورين نشانين کي ٽن قسمن ۾ ورهايو آهي - پھريون، ابتدائي؛ ٻيون، ثانوي؛ ٽيون، ٻٽيون يا مرڪب نشانيون. هر هڪ قسم ۾ هيٺينءَ ترتيب موجب نشانيون اچي وڃن ٿيون.

  1. ابتدائي:
  • (1) ٿورو دم ، Comma

(2) اڌ دم                                                    ؛                      Semi Colon

(3) دم                                                          :                      Colon

(4)پورو دم                                               .                       Period

  1. ثانوي:

(1) ليڪ                           _                    Dash

(2) ڳنڍيندڙ ليڪ     -                    Hyphen

(3) ڏنگيون                                              ()                    Brackets 

                                                (4) سوالي نشاني                               ؟                     Question Mark

(5) عجب جي نشاني                      !                      Exclamation mark

        يا ندا جي نشاني

(6) (يڪوئيون) واڪ جون نشانيون’ ‘    Single inverted commas             

(7) ٻٽيون واڪ جون نشانيون ”“ Double inverted commas

  1. ٻٽيون يا مرڪب:

 (1) ٻڙي ٻڙي ٻڙي                                 ...                    Hiatus

                        (2) ٻه ٻڙيون ليڪ      :-                                          Pointer

(3) ڏنگين ۾ سوال جي نشاني   (؟)   Bracketed Question mark

                                                (4) ڏنگين ۾ عجب جي نشاني   (!)Bracketed sign of Exclamation                                                                                                                                                                              

انھن نشانين کي سمجهڻ لاءِ هر هڪ جي استعمال ۽ استعمال جي جڳهه جو خيال رکڻو آهي. هيٺ، ترتيب وار هر هڪ کي مختصر طور بيان ڪجي ٿو.

ابتدائي نشانيون

گهڻو ڪري، عام لکندڙ کي گهڻي ۾ گهڻي تڪليف ابتدائي نشانين جي استعمال ڪرڻ وقت ٿئي ٿي. ابتدائي چار نشانيون: ٿورو دم، اڌ دم، دم ۽ پورو دم ئي جملن جي جوڙجڪ ۾ گهڻي ۾ گهڻو استعمال ٿين ٿيون ۽ جملن کي پنھنجي معنيٰ صاف ڪري بيھارڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. انھن نشانين جي استعمال ۾ احتياط رکڻ لازمي آهي.

 ٿورو دم (،)

بيھڪ جي نشانين ۾ ٿوري دم جو استعمال سڀ کان وڌيڪ ٿئي ٿو. جملن کي لکڻ وقت، هڪٻئي کان الڳ ڪري بيھارڻ ۾، ٿورا دم گهڻي مدد ڏين ٿا، خاص ڪري جملي جي جدا جدا حصن کي هڪٻئي سان ڳنڍڻ وقت، سندن اهميت کي قائم رکڻ ۾ ٿورو دم ڏاڍو ڪارائتو آهي. ٿوري دم جي ڪتب آڻڻ لاءِ ٻه خاص قانون خيال ۾ رکڻ گهرجن: پھريون، ٿورو دم اُتي ڪتب آڻڻ گهرجي، جتي ٻي ڪابه نشاني ڪم نه اچي سگهي ۽ جتي ٿوري دم کانسواءِ معنيٰ پوري صاف يا اثرائتي حاصل ٿي نه سگهي؛ ٻيو، ٿورو دم اُتي ڪتب آڻڻ گهرجي، جتي هوند ڳالھائڻ وقت ٿورو بيھڻو پوي. اهي ٻئي قاعدا هڪٻئي سان لاڳاپيدار آهن. ٿوري دم کان ڪم وٺڻ وقت، ٻنھي قاعدن کي هڪ ئي وقت خيال ۾ رکڻ گهرجي. هيٺئين مثال ۾ مجموعي طرح ٿوري دم جو استعمال مٿين قاعدن تي ٻڌل آهي: سچ پچ ته ريڊيو، ٻوليءَ جي مختلف اُچارن ۽ صورتن، ۽ سڀيتا جي مختلف پهلوئن ۾ هم آهنگي، هڪجھڙائي ۽ دائميت پيدا ڪرڻ جو ڪارائتو وسيلو آهي.

جڏهن ٻه يا ٽي جملا  ”۽“ حرف جملي سان ڳنڍبا آهن، تڏهن ”۽“ جي اڳيان ٿورو دم اڪثر ڏنو ويندو آهي. ان لاءِ فقط هڪ ڳالهه خيال ۾ رکڻ جوڳي آهي ته جتي ڳنڍجڻ وارن جملن جو مقصد ۽ خيال هڪٻئي کان مختلف هُجي، ته بلاشڪ ٿورو دم استعمال ڪجي؛ پر جتي پويون جملو فقط اڳئين جملي جو هڪ وڌاءُ هُجي، اُتي ”۽“ جي اڳيان ٿورو دم ڏيڻ فضول ۽ غير ضروري آهي. مثال طور هيٺين جملن ۾ ٿورو دم ڏيڻ نه گهرجي:

  • آءٌ حيدرآباد ويندس ۽ جلد ئي موٽندس.
  • ڪلهه شام هو آيو ۽ ڪتاب کڻي ويو.

پر، جتي پهرئين جملي لکڻ کان پوءِ ڪجهه بيھي، ايندڙ خيال کي وضاحت ڏيڻي هجي، اُتي ٿورو دم ضرور استعمال ڪرڻ گهرجي. مثال طور :

  • هن دڪاندار کي ڏهه رُپيا ڏنا، ۽ پاڪستان ۾ مهانگائيءَ جو ماتم ڪندو هليو ويو.

هن جملي ۾ ”۽“ جي اڳيان ٿورو دم ڏيڻ مان مقصد آهي ايندڙ خيال جي وضاحت ۽ نرالائي ظاهر ڪرڻ. انھيءَ ٿوري دم جي ڪري، پوئين جملي ۾ اثر ڪيترو ته گهرو ٿيو وڃي!

جڏهن ٻه جملا ڪنھن حرف سان ڳنڍڻا هُجن، تڏهن ڏسجي ته جملن جو خيال ڪھڙي قسم جو آهي. جيڪڏهن خيال ساڳئي رُخ ۽ نوعيت جو هُجي، ته اُتي ٿورو دم نه ڏيڻ گهرجي؛ پر جيڪڏهن خيال جو رُخ مٽيل هجي ۽ نوعيت بدليل هجي، ته ٿورو دم ضرور ڏيڻ گهرجي.

  • هو حيدرآباد ويو ۽ نمائش ڏسي موٽي آيو.

هن جملي ۾ ڏسڻ ۾ ايندو ته خيال جو رُخ سڌو سنئون آهي، انھيءَ ڪري ٿورو دم ڏيڻ فضول آهي؛ پر جيڪڏهن جملو هيئن هجي:

  • هو حيدرآباد ويو، ۽ موٽر جي حادثي ۾ اچي مري ويو-

تڏهن، ڇاڪاڻ ته هن جملي ۾ خيال جو رُخ اوچتو مٽجي ٿو وڃي - خيال جي نوعيت ۽ رُخ ۾ تبديلي اچي ويئي- ان ڪري ان ۾ ٿورو دم ڏيڻ لازمي آهي.

جڏهن جملي ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ صفتون ڪم آڻڻيون هجن، تڏهن هر صفت جي پويان ٿورو دم ڏيڻ لازمي آهي- پر آخري صفت ۽ ان جي پويان ايندڙ اسم جي وچ ۾ ٿورو دم بلڪل نه ڏيڻ گهرجي. مثال:

  • غلام محمد هڪ گدلو، بدفضيلت، چيڙاڪ ماڻهو آهي.

جڏهن ٻه صفتون ”۽“ حرف جملي سان ڳنڍڻيون هجن، ته انھن جي وچ ۾ ٿورو دم ڪم نه آڻڻ گهرجي. مثال :

  • غلام محمد هڪ گدلو ۽ بدفضيلت ماڻهو آهي.

جڏهن جملو ڪنھن لاڳاپو ڏيکاريندڙ لفظ يا ظرفي فقري سان شروع ٿئي، ته انھيءَ لفظ يا فقري کي اصل جملي کان جدا ڪري بيھارڻ لاءِ، ان جي پويان ٿورو دم ڏيڻ گهرجي. مثال :

  • اڄ کان پوءِ، هو ڪڏهن به دير سان نه ايندو.
  • هن دفعي به، منھنجو اچڻ بيڪار ثابت ٿيو.

ڪن جملن جي جوڙجڪ، صفاتي ۽ مداري جملن ۽ فقرن جي استعمال جي ڪري، پيچيدي ٿي پوندي آهي. اهڙن جملن کي ٿوري دم جي استعمال جي مدد سان صاف ۽ واضح ڪري بيهاري سگهجي ٿو. هيٺئين جملي ۾ ٿوري دَم جي ڏسو ته ڪيتري نه ضرورت آهي! مثال:

  • اديب لکن ٿا پر انهن جي اُمنگن جي اظھار جا ذريعا جن به صاحبن اسان کي مُيسر ڪري ڏنا آهن تن جا اسان آڀاري آهيون.

هن جملي ۾ ٿوري دم جي استعمال نه هُئڻ ڪري، معنيٰ صاف نه ٿي بيھي - معنيٰ اخذ ڪرڻ ۾ مشڪلات ٿئي ٿي. پر انھيءَ ۾ هيٺيئن طريقي سان ٿورن دمن جي ڪتب آڻڻ ڪري، معنيٰ هڪدم صاف ٿي بيھي ٿي. مثال:

  • اديب لکن ٿا، پر انهن جي اُمنگن جي اظھار جا ذريعا، جن به صاحبن، اسان کي مُيسر ڪري ڏنا آهن، تن جا به اسان آڀاري آهيون.

هن جملي ۾ جملي جو مکيه ۽ اقراري جملو ”اديب لکن ٿا“ آهي- ان کان پوءِ لکڻ واري جو ذهن يا خيال هڪ موڙ کائي ٿو، ان ڪري ٿورو دم ضروري ٿيو ٿو پوي. اڳتي هلي، ”ذريعا“ کان پوءِ ٿورو دم انهيءَ ڪري استعمال ٿيو، جو انهيءَ ايندڙ جملي ۾ فاعل کان اڳ مفعول آيل آهي - انهيءَ جملي ۾ فاعل آهي ”جن به صاحبن“، جو هونئن اڳيان اچڻ گهرجي ها، پر هن جملي جي ترڪيب ۾، انهيءَ کي اڃا به وڌيڪ خيالن کي ظاهر ڪرڻ جي مقصد سان، جملي جي مفعول ”انهن جي امنگن جي اظھار جا ذريعا“ کان پوءِ ٿو اچڻو پوي؛ ان ڪري فاعل کي مفعول کان الڳ ۽ نمايان ڪري بيهارڻ لاءِ، ”ذريعا“ جي پويان ٿورو دم ڏنو ويو؛ ۽ وري ضمير جواب موصول ”تن“ جي اڳيان به ڏنو ويو آهي - اهو ان ڪري جو اڳيان آيل ضمير موصول ”جن“ پنھنجي جواب موصول ”تن“ کان بنهه الڳ ڪري، پري بيهاريو ويو آهي.

مٿئين مثال مان اها مراد آهي ته ٿوري دم جي استعمال ۾ احتياط جي گهڻي ضرورت آهي _ خاص ڪري جڏهن ڪو جملو گهڻن مداري جملن ۽ فقرن سان ڀريل هُجي. اهي مرتب ۽ مداري جملا ڪڏهن اصل يا اقراري جملي جي ختم ٿيڻ کان پوءِ شروع ٿين ٿا، يا فاعل جي اچڻ کان هڪدم پوءِ اچن ٿا؛ انهن کي جدا ۽ واضح ڪري بيهارڻ لاءِ ٿورو دم ڪم آڻڻ گهرجي. اهي مداري جملا صفاتي هجن ظرفي هجن، يا اسمي هجن - انهن کي ٿوري دم جي ڪم آڻڻ سان وڌيڪ واضح ۽ صاف بيهارڻ ۾ مدد ملي ٿي.

جڏهن ڪنهن جملي ۾ هڪ ئي فعل جا فاعل گهڻا هجن، تڏهن انهن فاعلن کي به ٿورن دمن سان الڳ ڪري بيهارڻ گهرجي. مثال:

  • مھراڻ ۾ افسانا، مضمون، گيت ۽ غزل چڱي پائي جا ٿا ڇپجن.

هن جملي ۾ فاعل هڪ کان وڌيڪ آهن، انھيءَ ڪري ٿوري دم جي ڪم آڻڻ سان انهن کي جدا جدا ڪري بيهاريو ويو آهي.

                        ٿوري دم جا مٿي ٻڌايل استعمال جملن کي زينت ٿا بخشين ۽ معنيٰ کي صاف ۽ واضح ڪري بيھارين ٿا. اهي سمورا اصول هڪ ئي جملي ۾ گهڻو ڪري ڪم اچي ويا آهن مثال:

  • هڪوار، ڪو انسان جي شاهه پڙهي ڏسي، ۽ سچل، سامي، دلپت، بيڪس، بيدل، روحل، سانگي، خاڪي، ۽ بيوس کي پڙهي ڏسي، ته ڪپاٽ کلي وڃنس، ۽ کيس انڀو ٿئي ته اسان جو ادبي ورثو، هندوستان جي ڪنھن به ٻيءَ ٻوليءَ جي ادبي ورثي کان، ڪنھن به ريت، گهٽ نه آهي.

اڌ دم (؛)

ٿوري دم کان ڪجهه زور ڀري بيھڪ جي نشاني آهي ” اڌ دم“. جڏهن لکڻ وقت هڪ کان وڌيڪ جملا لکڻا پوندا آهن، تڏهن انھن مان ڪي نه مداري جملا هوندا آهن، نه ڪي خود اصل جملي جھڙا ئي زور ڀريا ۽ الڳ خيال رکندڙ جملا هوندا آهن. اهڙن زور ڀرين ۽ الڳ خيال رکندڙ جملن کي جدا ڪري بيھارڻ لاءِ، اڌ دم استعمال ڪرڻ گهرجي. جڏهن به بنيادي جملي جي جوڙجڪ ۾، ڪو ثانوي جملو هجي ته ساڳي ئي خيال ماتحت چيل، پر خود انهيءَ ثانوي جملي جي جوڙجڪ جيڪڏهن اهڙي هجي، جو الڳ ۽ جدا جملو ٿي پڻ بيھي سگهي، ته اتي ٿوري دم کان ڪجهه طاقت ڀري نشاني - اڌ دم - جي ضرورت آهي مثال:

  • انقلاب سان اها جذباتي وابستگي قابل قدر نه آهي؛ پر سماجي زندگيءَ جي عڪاسيءَ لاءِ رڳو جذبو به ڪافي نه آهي.
  • محبت جو طوفان به طوفان آهي؛ مگر ان جو اندازو بي انداز آهي.

مٿين مثالن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته انھن جملن ۾ خيال ته ساڳيو آهي، پر حرف جملن سان ڳنڍيل جملن جو رخ اڳين جملن کان گهڻو مڙيل آهي، ۽ اهي پنھنجي الڳ جاءِ وٺيو بيٺا آهن. انهيءَ ڪري، انهن ۾ ٿوري دم جي بدران اڌ دم ڪم آندو ويو آهي.

جڏهن جملي ۾ ڪي مختلف خيال ترتيب وار جملن يا فقرن جي صورت ۾ اچن، يعني جڏهن ڪنھن بنيادي جملي جي تفصيل طور ٻيا ڪي ثانوي جملا يا فقرا ترتيب سان اچن، تڏهن انهن کي اڌ دم سان ڳنڍڻ گهرجي مثال:

- اڄ ڪلهه، اسان جي ٻوليءَ جا مکيه مسئلا هي آهن: ٻوليءَ ۾ هندي، عربي ۽ فارسيءَ جي اڻ سھائيندڙ لفظن جو استعمال؛ ٻوليءَ جي صورتخطيءَ ۾ مرڪزيت آڻڻ جي ضرورت؛ ٻوليءَ جي لپيءَ جو مسئلو؛ ۽ ڌارين لفظن ۽ محاورن کي سنڌي رنگ ۾ رنگڻ .

هن مثال ۾، اسان کي اڳئين جملي جي تفصيل ۾ ڪي جملا لکڻا آهن؛ انهيءَ ڪري انھن کي اڌ دم جي ذريعي الڳ ڪري بيھارڻ گهرجي. ڪڏهن ته انھيءَ تفصيل کي فھرست جي نموني ۾ نمبر وار بيھارڻو پوندو آهي. ان حالت ۾ به اڌ دم جي استعمال جي ضرورت آهي، مثال:

  • اسان جي هن نظام ۾ ٽي بنيادي خاميون آهن:
  • دولت جي غلط ورهاست ؛
  • انسانن جي طبقاتي ورڇ؛ ۽
  • مذهب جي انڌي تقليد .

هن مثالي جملي ۾ اسان کي ”خامين“ جي تفصيل لاءِ نمبر وار ٽي فقرا ڏيڻا پيا. انهيءَ ڪري انهن کي هڪ ئي جملي جا جزا ڪري رکڻ لاءِ اڌ دم ڪم آڻڻو پيوسون.

اڌ دم اڄ ڪلهه تمام گهٽ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ان جو سبب رڳو اهو آهي ته خود انهن هنڌن تي، جتي اڌ دم جو استعمال ٿيڻ گهرجي، اتي ٿوري دم کي استعمال ڪيو وڃي ٿو. ان مان ٻه ڳالهيون نتيجي طور ظاهر ٿين ٿيون: اڌ دم جي اهميت گهٽجيو وڃي؛ ۽ ٻيو، ٿوري دم جو استعمال وڌيڪ پيچيدو ٿيو پوي. انهيءَ مونجهاري کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته جتي اڌ دم جي استعمال جو موقعو هجي، اتي اڌ دم کان ڪم وٺڻ گهرجي .

دم (:)

اڌ دم کان پوءِ وڌيڪ زور ڀري نشاني ”دم“ آهي. پوري دم کان ڪجهه گهٽ زور اٿس. اصل هيءَ نشاني پٺيان ايندڙ ڪنھن تفصيل يا وضاحت جي ڪري ڏني ويندي هُئي؛ پر گهڻي استعمال جي ڪري انهيءَ مان ٻيا به ڪارج ملڻ لڳا. جيئن ته دم، پوري دم کان ٻئي نمبر تي طاقت ڀري بيھڪ آهي، ان ڪري دم اتي استعمال ڪجي، جتي خيال ته ساڳيو ڪم آيل هجي، پر هر جملو پنھنجي جاءِ تي مڪمل هجي ۽ منجهس الڳ ٿي بيھڻ جي صلاحيت هُجي. خيال جي هڪجھڙائيءَ جي پيش نظر، دم جي استعمال سان جملن جي لاڳاپي ظاهر ٿيڻ سان گڏ، انهن ۾ زور ۽ وضاحت پيدا ٿئي ٿي. هيٺئين مثال ۾ ٻن هنڌن دم ڪم آيل آهي – ڏسبو ته انهن جي استعمال جي ڪري خيال جي پيچيدگي گهٽ ٿيو پوي، ۽ جملو مجموعي طرح زورائتو به ٿيو پوي. مثال:

  • اوائلي سنسڪرت بدلجي، وچولي درجي واريءَ سنسڪرت ۽ پوءِ آخرين قسم جي سنسڪرت جو رُوپ اختيار ڪيو: ان کان پوءِ، پراڪرت جي مختلف قسمن مان هڪ قسم يعني اپڀرنش پراڪرت جي بگڙيل صورت، جنھن کي وراچڊ چيو وڃي ٿو، وجود ۾ آئي: وراچڊ ۾ وڌيڪ جو بگاڙو ۽ ڦيرو آيو، تنھن، اٽڪل يارهين صديءَ عيسويءَ ۾، اسان جي موجوده سنڌيءَ کي جنم ڏنو.

دم استعمال تڏهن ڪبو آهي، جڏهن جملا تمام وڏا هوندا آهن ۽ ڪيترن ئي مداري جملن جي ذريعي ڳنڍيل ۽ ڳُتيل هوندا آهن. ڪنھن پيچيدي خيال کي بيان ڪرڻ ۾ لازمي طرح ڊگها جملا ڪم آڻڻا پوندا آهن: انھن کي صاف ۽ واضح ڪري بيھارڻ ۾ دم گهڻي مدد ڏئي ٿو .

دم جو ٻيو مکيه استعمال گفتگو کي ظاهر ڪرڻ وقت ايندو آهي؛ يا جڏهن جملي ۾ پويان ڪو تفصيل يا وضاحت ظاهر ڪرڻي پوندي آهي، تڏهن به دم ڪم آڻبو آهي مثال:

  • هن چيو: ”منھنجي زندگيءَ جي آخري آرزو به زماني جي بيدرديءَ جي نذر ٿي ويئي!“
  • هو سوچي رهيو هو: ”ڇا منھنجي لاءِ زندگيءَ جي جهولي ايڏي خالي ٿي چڪي آهي، جو مون کي ڪجهه به نٿو ملي!“
  • پوليس لاءِ، ڪامورن لاءِ، ڪارخاني وارن لاءِ - بس وٽس اهو ئي هڪڙو جملو هو: ”ڪُتي جا ڦر.“

مٿين جملن سان پھرين جملي ۾ دم انهيءَ ڪري ڪم آيو آهي، جو پويان گفتگو ظاهر ڪرڻي آهي. ٻئي جملي ۾ به ”سوچڻ“ جي وضاحت ظاهر ڪرڻ لاءِ دم ڪم آيو آهي. ٽئين جملي ۾ ”جملي“ جي وضاحت ڪرڻ لاءِ دم ڏيئي، پوءِ چيل فقرو آندو ويو.

ڊگهن جملن کي الڳ ڪري بيھارڻ ۽ ڪنھن فعل جي وضاحت ڪرڻ لاءِ دم جو استعمال ضروري آهي. انهيءَ ڪري نه رڳو جملو پڙهڻ وقت سھنجو ٿي پوي ٿو، بلڪه ان جي معنيٰ به صاف ٿي بيھي ٿي.

پورو دم (.)

سڀني نشانين کان سولي نشاني آهي ”پورو دم“، جنھن ۾ ڪو به مونجهارو نه آهي. جتي جملو ختم ٿئي ٿو، اتي پورو دم ڏنو ويندو آهي. جملي مان مقصد آهي ته جڏهن به ڪو خيال مڪمل طرح سان لفظن ۾ لکجي، ته خيال جي مڪمل ٿيڻ تي، ان جملي جي پڇاڙيءَ ۾ پورو دم ڏنو وڃي ٿو مثال:

  • سنڌ کي ڪوبه ختم نٿو ڪري سگهي.
  • سنڌي ٻولي هڪ مڪمل ٻولي آهي.

مٿين جملي مان هر هڪ ۾ هڪ خيال مڪمل ٿئي ٿو، خيال جي انھيءَ تڪميل جي ڪري ان کي پورو دم ڏيئي، جملي کي بند ڪيو وڃي ٿو.

جڏهن ڪنھن وڏي لفظ کي مخفف صورت ۾ لکبو آهي، تڏهن ان جي پويان به پورو دم ڏيئي ڇڏبو آهي. مثال طور ”سنڌي ادبي بورڊ“ کي اسين مخفف طور لکنداسون ”س. ا. ب“؛ ”هيڊ ماستر“ کي عام طرح لکيو ويندو آهي ”هه. م“. گهڻا لکندڙ مخفف کان پوءِ ليڪ (ڊئش) ڏيندا آهن، پر ليڪ جو اهو استعمال غلط آهي. ليڪ جا پنھنجا ٻيا ڪارج آهن، جي اڳيان پيش ڪيا ويندا .

پوري دم جي وضاحت کان پوءِ، لازمي آهي ته پئرا جي مراد به سمجهجي. ”پئرا“ جو مطلب آهي لکڻ جو نئون سلسلو شروع ڪرڻ. اسان ڏٺو ته جڏهن جملي ۾ خيال جي تڪميل ٿئي ٿي، ته پورو دم ڏجي ٿو؛ پر جيڪڏهن ڪو خيال هڪ کان وڌيڪ جملن کان پوءِ پورو ٿئي، ۽ ان کان پوءِ وري نئون هڪ خيال هڪ کان وڌيڪ جملن ۾ ايندڙ شروع ڪرڻو هجي، ته انهن ٻن خيالن کي جدا ڪيئن ڪجي؟ ان لاءِ طريقو ”پئرا“ ڏيڻ جو آهي؛ يعني جتي پھريون خيال ختم ٿئي، اتي پورو دم ڏيئي، اها سٽ ئي ڇڏي، وري نئين سٽ شروع ڪجي. نئين سٽ شروع ڪرڻ ۾ به، ٻن ٽن لفظن جيتري جاءِ ڇڏي، پوءِ لکڻ شروع ڪجي. هن مضمون ۾ اوهان کي مختلف پئرائون نظر اينديون - اهي به انهيءَ اصول ماتحت ڏنيون وينديون آهن. جتي ڪو نئون خيال شروع ٿيو آهي، اتي نئين پئرا شروع ڪئي وئي آهي.

پئرائن استعمال ڪرڻ سان لکيت ۾ زور ۽ وضاحت اچي ٿي وڃي. خاص طرح سان جڏهن لکندڙ کي ڪنھن خاص نُڪتي ڏانهن پڙهندڙ جو ڌيان ڇڪائڻو هجي، ته پئرا ذريعي ئي اهو مقصد حاصل ڪري سگهجي ٿو. پڙهندڙ جي اها نفسيات هوندي آهي ته جيڪڏهن مضمون يا لکيت جو ڪو ٽڪرو دلچسپ نه هوندو آهي، ته ڪڪ ٿي پوندو آهي؛ پر جڏهن پئرا نئين شروع ٿيندي آهي، تڏهن وري هن جي پڙهڻ کي ٽيڪ اچي ويندي آهي - انهيءَ خيال ماتحت ته متان انهيءَ پئرا ۾ لکندڙ ڪا دلچسپ ڳالهه ڪئي هجي. ان هوندي به اهو ڌيان لازمي طرح رکڻ گهرجي ته پئرائون هرو ڀرو گهڻيون نه ڪجن؛ نه ته مضمون ڊگهو ۽ خيالن جو سلسلو بي جوڙ ٿي پوندو.

ثانوي نشانيون

ابتدائي نشانين جي بحث کان پوءِ، ثانوي نشانين جو بحث آسان ٿيو پوي؛ ڇاڪاڻ ته ابتدائي نشانيون ئي گهڻي ۾ گهڻو استعمال هيٺ اچن ٿيون - ۽ اهي ئي مکيه نشانيون آهن، جي جملي جي مفھوم کي صاف ۽ واضح ڪري بيھارڻ ۾ بنيادي ڪم ڪن ٿيون. ثانوي نشانيون ابتدائي نشانين کي، خيال جي وضاحت ۽ اهميت ظاهر ڪرڻ ۾، مددگار ٿين ٿيون.

ليڪ (- )

ثانوي نشانين ۾ سڀ کان اهم نشاني آهي ” ليڪ “. خيال جي  وضاحت ۾ ليڪ تمام وڏو ڪم ڏيئي سگهي ٿي. اسان وٽ سنڌيءَ ۾ ليڪ استعمال ڪئي ويندي آهي؛ پر حقيقت ۾ جيڪڏهن ليڪ کان ڪم ورتو وڃي، ته جملن جي بيھڪ جي سونهن ٻيڻي ٿي وڃي ٿي، ۽ خيالن جي اهميت جو اندازو به وڌي وڃي ٿو.

ليڪ جو پھريون مکيه استعمال آهي ٿوري دم جي بدران ان جو استعمال. رواجي طرح جڏهن جملي ۾ خيال جي رُخ ۾ ٿورو موڙ ايندو آهي، ته اتي ٿورو دم ڏبو آهي؛ پر جيڪڏهن انهيءَ موڙ کي ٿورو نمايان ڪرڻو هجي ۽ زور ڏيڻو هجي، ته ليڪ ڪم آڻجي مثال:

  • هو راٺوڙ لڳو پيو هو - ٽنگون ڄڻ ته ٿنبا، ٻانھون وڏيون ۽ وار ٿلھا.

مٿئين مثال ۾، جيڪڏهن ”پيو هو“ فعل جي پٺيان ٿورو دم ڏجي ها، ته به مقصد نڪري ها؛ پر ليڪ اچڻ سان پويان ايندڙ خيال ۾ هڪ وزن پيدا ٿي پيو آهي ۽ اڳين خيال کي ڪافي ڀراءُ ملي پيو آهي. خيال جي موڙ کي نمايان ڪرڻ لاءِ منھنجي خيال ۾ ٿوري دم کان ليڪ وڌيڪ ڪارائتي آهي. مثال:

  • اهو سوال پنھنجي پاڻ کان پڇندي، هن کي ڄڻ ته ڪو صدمو رسيو - ۽ هو ائين سمجهڻ لڳو ته هن جو اهو ويچار به هڪ گناهه کان گهٽ نه هو!

جملي ۾ خيال کي وضاحت ۽ ڀراءُ ڏيڻ لاءِ، ليڪ جو استعمال تڏهن موزون آهي، جڏهن پڙهندڙ کي خيال جي انهن ساڳين منزلن جو سير ڪرائڻو هجي، جتي خود لکندڙ پھتو هجي.

پڙهندڙ جي خيالن جي روانيءَ ۾ اهوئي موڙ پيدا ڪرڻ لاءِ - جيڪو خود لکندڙ چاهي ٿو - ليڪ وڏو ڪم ڪري ٿي. مثال:

  • هن پنھنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون - جيئن آس پاس کي ڏسي، وري نه هن جو ذهن ڀٽڪڻ لڳي!

مٿين جملي ۾، ” اکين بند ڪري ڇڏڻ “ جي تصور کان ڪجهه هٽي، لکندڙ پنھنجي پڙهندڙ کي ڪنھن اوچتي خيال ڏانهن، جنھن جو هن کي روايتي طرح وهم گمان به نه هجي، ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ليڪ استعمال ڪري ٿو. انهيءَ ليڪ جي استعمال سان پڙهندڙ جي ذهن کي اوچتو سَٽ اچي ٿي ۽ هو لکندڙ جي خيال جي گهرائيءَ ڏانهن پنھنجي ڌيان کي مٽي  ٿو مثال:

  • مگر هوءَ اڄ نئين رنگ ۾ هئي - سماج جو هڪ بدنما داغ هئي!

ليڪ جو استعمال ڪنھن لفظ يا خيال جي سمجهاڻيءَ لاءِ ڏاڍو ڪارگر آهي. جڏهن به جملي ۾ ڪنھن لفظ يا فقري جي تشريح يا سمجهاڻي ڪرڻي هوندي آهي، تڏهن انھيءَ سمجهاڻي واري جملي جي اڳيان ۽ پويان ليڪ ڏبي آهي. ساڳيءَ طرح جڏهن ڪو جملو ڪنھن اڳيان آيل لفظ يا فقري جي صفت طور ڪم ايندو آهي، تڏهن به ان جي منڍ ۽ پڇاڙيءَ ۾ ليڪ ڏبي آهي. انھيءَ استعمال سان ليڪ به ساڳيو ڏنگين وارو ڪم ڏيئي ٿي - پر، ڏنگين ۽ ليڪ جي انھيءَ استعمال ۾ به ڪافي فرق آهي، جو هن استعمال سمجهائڻ کان پوءِ بيان ڪبو مثال:

  • گذري ويل زمانو - رَنگين زمانو، جوانيءَ جو زمانو، مستيءَ ڀريو زمانو - جنھن ۾ ڪيف ۽ سرور هو!

مٿئين مثال جملي ۾ ” گذري ويل زماني “ جي صفت ۽ تشريح طور جيڪي لفظ آيا آهن، انهن جي اڳيان ۽ پويان ليڪ ڏنل آهي. اهي ٻئي ليڪون انهيءَ گذريل زماني جي صفت طور ايندڙ خيال کي ظاهر ۽ نمايان ڪري بيھارڻ لاءِ ڪم آيل آهن. ايترو خيال رکڻ ضروري آهي ته اتي ليڪون ٻه ڏيڻيون پونديون: هڪ اڳيان ۽ ٻي پويان. جيڪڏهن اهي ٻه ليڪون ڪم نه آڻبيون، ته جملي جو مفھوم ئي ڦري ويندو. جيڪڏهن هن جملي ۾ پوئين ليڪ جي بدران ٿورو دم ڏجي، ته مطلب جي ستياناس ٿي ويندي. صفت جي بدران ان جو مطلب اهو ٿيندو ته گذريل زماني جو مذاق اُڏائڻ ۽ ان تي دانسته ٽوڪ ڪرڻ لاءِ ان جي تعريف ڪئي ويئي آهي. ليڪ جو اهو به هڪ استعمال آهي - جڏهن ٽوڪ ظاهر ڪرڻي هوندي آهي ته انهيءَ صفاتي فقري جي اڳيان ليڪ ڏئي ڇڏبي آهي، جنھن جي ذريعي ٽوڪ ۽ طنز ڪرڻ جو مقصد هوندو آهي. ان ڪري اهو لازمي آهي ته جتي به سمجهاڻيءَ جو جملو يا صفاتي جملو يا فقرو ڪم آڻڻو هجي، ته ان جي اڳيان ۽ پويان ليڪ ڏجي. هيٺئين مثال ۾ هڪ ئي خيال جي تشريح ۽ سمجهاڻيءَ لاءِ ٽي خيال ڏنا ويا آهن، انهيءَ ڪري انهن کي ليڪن جي وچ ۾ ڏنو ويو آهي مثال:

  • هن کي اها رات، جا سندس گناهن وانگر ڪاري هئي، ياد اچڻ لڳي - جنھن رات هوءَ پنھنجي مائٽن کي خير باد چئي، هن سان وڃڻ لاءِ نڪري آئي هئي - جنھن رات هن دنيا کي ڇڏيو، پر هو دنيا کي چھٽي پيو - جنھن رات هن سماج جي ڪا پرواهه نه ڪئي؛ مگر سَماج کان ڊڄي ويو.

مٿي چيو ويو آهي ته هن استعمال ۾ ليڪون ساڳيو ڏنگين وارو ڪم ڏين ٿيون. ڏنگيون به ڪنھن لفظ يا خيال جي تشريح ۽ سمجهاڻيءَ طور استعمال ڪبيون آهن؛ پر فرق رڳو اهو هوندو آهي ته خيال جي سلسلي ۾ ليڪن جي اندر بيھاريل جملو خيال جي مضبوطيءَ ۽ اهميت سان اهڙيءَ طرح ڳنڍيل هوندو آهي، جو ان کي ٽوڙي نه سگهبو، ۽ نه ئي انهيءَ سمجهاڻي ڏيندڙ يا صفاتي جملي کي نظر انداز ڪري سگهبو. جيڪڏهن نظر انداز ڪبو ته جملي جو خيال ئي فوت ٿي ويندو. پر ڏنگين جي حالت ۾ ائين نه آهي. ڏنگين ۾ جيڪو جملو يا فقرو ڏنو ويندو آهي، اهو هوندو ته سمجهاڻيءَ طور ئي آهي، پر ان کي جيڪڏهن نظر انداز ڪري ڇڏبو، ته خيال جي سلسلي کي نقصان نه پوندو. ڏنگين ۾ ايندڙ لفظ، فقري يا جملي جي اهميت ايتري اڻ لکي هوندي آهي، جو جيڪڏهن انهيءَ کي پڙهڻ وقت ڇڏي وڃجي، ته خيال جون سلسلي وار ڪڙيون نه ٽٽنديون. ڏنگين ۾ اهڙي ئي معمولي سمجهاڻي ڏني ويندي آهي، جو ان مان جملي کي تقويت ملندي ته سھي، پر ان جي نه هئڻ ڪري ڪو نقصان نه ٿيندو مثال:

  • انهيءَ سال - جنھن سال ملڪ ۾ ڏڪر پيو هو - ملڪ جي آزاديءَ لاءِ جدوجھد تيز ٿي ويئي.
  • انهيءَ سال (شايد اهو سال 1943ع هو) ملڪ جي آزاديءَ لاءِ جدوجھد تيز ٿي وئي.

مٿين ٻن مثالن مان پھرئين مثال ۾ سمجهاڻيءَ جي جملي کي ليڪن جي وچ ۾ رکيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ جملي جو اصل خيال سان ڪافي گھرو ۽ واضح تعلق آهي، جنھن کي ريٽي نٿو سگهجي؛ پر ٻئي مثال ۾ - جتي ڏنگيون ڪم آندل آهن – ڏنگين ۾ بيٺل جملو جيڪڏهن نظر انداز ڪجي، ته جملي کي ڪو خاص نقصان ڪونه پھچندو.

جيڪڏهن جملي ۾ هڪ کان وڌيڪ فاعلي لفظ يا فقرا ايندا آهن، تڏهن خيال کي صاف ڪري بيھارڻ لاءِ ليڪ ڪم آڻبي آهي مثال:

  • سائنس جا ڪرشما هجن، يا علم ادب جا ذخيرا هجن، بت تراشيءَ جا بھترين نمونا هجن يا موسيقي جا رقت انگيز سُرَ هجن - مڙئي انسان جي عظمت جو دليل پيش ڪن ٿا.

جڏهن جملي جي شروع ۾ ليڪ ڏني ويندي آهي، تڏهن مقصد اهو هوندو آهي ته ڪو نئون خيال پيش ڪرڻو آهي. ڪڏهن ته وري ڪو جملو لکي، ڪنھن مڪمل نشانيءَ سان ان کي بند ڪري، پويان وري به ليڪ ڏيئي خيال جو سلسلو قائم رکبو آهي. ان سان جملي ۾ نه رڳو زور پيدا ٿئي ٿو، بلڪه خيال ۾ هڪ قسم جي نواڻ يا ندرت اچي وڃي ٿي مثال:

ادا، اکرن تي کلجو نه! ڏنگا ڦڏا آهن ته ڇا! - پوءِ به سنڌياڻي آهيان؛ سنڌيءَ لکيا اٿم، ويندي ٽپال جي ائڊريس تائين!

ڏسو ته انهيءَ ٻئي نمبر جي نشانيءَ کان پوءِ ليڪ خيال ۾ ڪيڏي نه گھرائي، معنويت ۽ ندرت پيدا ڪري ڇڏي آهي! ساڳيءَ طرح سان جڏهن جملي جي بلڪل شروع ۾ ليڪ ڏني ويندي آهي، تڏهن مقصد رڳو اهو هوندو آهي ته لکندڙ ڪنھن اڳئين ڳالهه يا ڪنھن اڳئين خيال کي ڇڏي ڪري، ڪو نئون عنوان، يا ڪا نئين ڳالهه ڪرڻ ٿو چاهي مثال:

  • ڀاءُ ايڊيٽر، ”مھراڻ“؛- سوچيان ٿي، هي افسانه نگار اديب آهن، سي ڪيئن ٿا افسانا لکن!

منھنجي خيال ۾ ڪارج جي لحاظ کان ليڪ کي ٿوري دم کان پوءِ ٻئي نمبر ۾ تمام مفيد ۽ ڪارائتا ڪارج آهن – جيتوڻيڪ ان جو استعمال ٿورو پيچيدو آهي. اها پيچيدگي رڳو گهٽ استعمال سبب آهي. جيڪڏهن اسان جا اديب ليڪ جو صحيح ۽ موزون استعمال ڪرڻ لڳن، ته هو انهيءَ نشانيءَ مان گهڻو لاڀ حاصل ڪري ٿا سگهن. نه رڳو سندن لکيتون معنوي لحاظ کان صاف ۽ واضح ٿي بيھنديون، بلڪ آءٌ يقين سان ٿو چوان ته جملن جي ظاهري جوڙجڪ به اهڙي ٿي بيھندي، جو پڙهندڙ جو هڪدم ڌيان ڇڪائيندي. انهيءَ مان اهو مقصد نه اٿم ته اديب ۽ قلمڪار ليڪ کي بيجا استعمال ڪندا وتن. هر نشاني ضرورت آهر ڪم آڻڻ پھريون اصول هئڻ گهرجي!

ڳنڍيندڙ ليڪ ( - )

جڏهن به ڪو مرڪب لفظ ٺاهڻو هوندو آهي، تڏهن انھن ٻن لفظن جي وچ ۾ ننڍڙي ليڪ ڏبي آهي. ان کي چئجي ٿو ”ڳنڍيندڙ ليڪ“. انهيءَ جو استعمال فقط اهوئي آهي ته جتي مرڪب لفظ اهڙن لفظن مان ٺاهڻو هجي، جن جو تعلق ايترو ظاهر نه هجي، تڏهن ليڪ وچ ۾ ڏيئي اهو مقصد حاصل ڪيو ويندو آهي مثال:

مئي جو ماهه– پھريون سومر هو، ڪراچيءَ جي صدر واري حصي ۾، ڪوريءَ اُس ۾ هڪ فقير کي دانھون ڪندو ڏٺم.

هن مثال ۾  ”ماهه- پھريون“ معنيٰ مھيني جو پھريون سومر، انھن ٻنھي لفظن ۾ ظاهر ڪو تعلق ڪونھي، پر معنيٰ جي ضرورت آهر ان کي مرڪب بنائڻ لاءِ وچ ۾ ڳنڍيندڙ ليڪ ڏني ويئي آهي. ڳنڍيندڙ ليڪ فني لفظن جي مرڪب لفظن ۾ گهڻي ڪم آندي ويندي آهي. مثال : ”برقي – ريڊيائي اثر“؛ ”معاشي – عمراني علوم“؛ وغيره.

ڏنگيون ( )

”ڏنگين“ جي باري ۾ ” ليڪ “ واري بحث ۾ اڳئي ڪجهه چئي چڪو آهيان. ڏنگيون جملي جي انھن لفظن يا ڪنھن فقري کي بند ڪرڻ لاءِ ڏبيون آهن، جو خيال جو حصو هوندي به ايترو اهم نه هوندو آهي - ۽ جيڪڏهن ان کي ريٽي ڇڏجي ته به مفھوم تي ڪو خاص اثر نه پوندو. انهيءَ ڪري اهو مونجهارو ضرور پيدا ٿيندو ته ڪھڙي سمجهاڻيءَ جي فقري جي جملي کي ليڪن جي وچ ۾ آڻجي ۽ ڪھڙيءَ کي ڏنگين ۾؟ دراصل اهو خود لکندڙ جي ذهني قوت تي ڇڏيل آهي. جيڪڏهن هو انهيءَ فقري يا جملي کي مجموعي خيالَ جو ناگزير ۽ اڻٽر حصو سمجهي، ته ليڪن جي اندر رکڻ گهرجيس، پر جي رواجي ۽ غير اهم حصو سمجهيس، ته پوءِ ڏنگين ۾ رکڻ گهرجيس مثال:

  • هن ڪتاب ۾، سنڌ جي فقط اڍائي صدين (1592ع کان 1843ع تائين) جي اقتصادي تاريخ کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.

ڏنگيون، گفتگو (ڊائيلاگ) کي لکيت ۾ آڻڻ وقت ڏاڍيون ڪارائتيون آهن. ڳالهائيندڙن جا جذبا، عمل، اشارا ۽ خطاب ڏنگين ۾ ڏنا ويندا آهن. اهو رڳو انھن شين کي اصل گفتگو کان الڳ ڪري بيھارڻ جي لاءِ ڪيو ويندو آهي – ڇاڪاڻ ته اهي اشارا ۽ جذبا، يا مخاطب ٿيڻ جا نمونا ۽ طرف گفتگوءَ ۾ نه ايندا آهن. ان ڪري لازمي طرح انھن کي لکڻ وقت اصول گفتگوءَ کان نرالو ۽ جدا ڪري بيھارڻو پوندو مثال:

زينت (محمد کي) – تڏهن هيڏانهن آءُ !

محمد (حيرانيءَ ۾) – آءٌ سمجهي نٿو سگهان، پر تون جئن چئين تئن ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.

انهيءَ طرح ڏنگين جو سڀ کان مکيه استعمال ناٽڪ نويسيءَ وقت ٿئي ٿو. ناٽڪ لکڻ وقت اهي منظر، اهي عمل، ۽ اهي جذبا، جي وقت به وقت، ناٽڪ ۾ ظاهر ڪرڻا هوندا آهن، انھن کي ڏنگين ۾ رکيو ويندو آهي مثال:

محمد (سندس هٿُ هٿَ ۾ وٺي) – اکين سان. الله گهريو آهي ته قيامت ڏينهن ملنداسون، ۽ آخرت ۾ هڪٻئي جا ٿي رهنداسون ۽ وري ڪڏهن ڪين ڌار ٿينداسون.

زينت – آمين ! تڏهن هلي آءُ.

(درياهه ڏانهن منھن ڪن ٿا، هوءَ ٻانهن گلي ۾ وجهيس ٿي، ۽ پوءِ ٻئي اڇانگ ماري دريا ۾ ٽپي پون ٿا. هيٺان پاڻيءَ جي ڇٽڪار جو آواز ٻڌجي ٿو، ۽ ڳچ پاڻي ڦوهاري وانگر ٽڪر تي چڙهي ٿو اچي.)

مٿئين ناٽڪي ٽڪري ۾ پڇاڙيءَ جو سڄو منظر ڏنگين ۾ ڏنو ويو. ساڳيءَ طرح ان کان اڳ ۾ محمد جو هڪ عمل ”هٿ ۾ هٿ وٺڻ“ به ڏنگين ۾ ڏنو ويو آهي. ان ڪري جو انھن شين کي گفتگو ۽ مڪالمي کان الڳ ڪري بيھارڻ ضروري آهي.

                   سوال جي نشاني ( ؟ )

هيءَ نشاني ته نھايت سولي آهي، جنھن جو ڪم خود نشانيءَ مان ظاهر آهي. جڏهن به جملي ۾ ڪنھن سوال پڇڻ جو ارادو هوندو آهي، تڏهن سوال جي نشاني ڪم آندي ويندي آهي مثال:

  • تنھنجو نالو ڇا آهي؟ ڪٿان جو ويٺل آهين؟

جڏهن ڪو سوالي فقرو يا جملو فاعل طور استعمال ٿيندو، ته ان ۾ سوال جي نشاني نه ڏيڻ گهرجي. مثال:

  • مذهب ڇا آهي، انڌي تقليد ڇا کي چئبو آهي، هر ڪو اٽي پاءُ کائيندڙ ۽ سمجهدار ماڻهو سمجهي سگهي ٿو.

هن جملي ۾ اڳيان ٻه سوالي جملا آهن، پر ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي پوئين جملي جي فاعل طور ڪم آيا، ان ڪري سوالي نشاني ڪم نه آندي ويئي. سوال جي نشاني استفھامي ضميرن جي وقتي معنيٰ تي به گهڻو دارومدار رکي ٿي – ساڳيو ضمير سوال به پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ بيان به. انهيءَ مفھوم جي پيش نظر سوالي نشاني ڪم آڻڻ گهرجي.

عجب جي نشاني ( ! )

سوال جي نشانيءَ وانگر عجب جي نشاني به نھايت سادي نشاني آهي. جڏهن ڪنھن ڳالهه تي عجب يا افسوس ظاهر ڪرڻو هوندو آهي، تڏهن عجب جي  نشاني ڪم آڻبي آهي. خود عجبي لفظن جي پويان به اڪثر عجب جي نشاني ڪم آڻبي آهي. مثال:

  • افسوس! پڇاڙيءَ ۾ سندس محبوب مکڙو به ڏسي ڪين سگهيس!

ڪڏهن ته وري جملي ۾ ٽوڪ ظاهر ڪرڻ لاءِ، يا جملي ۾ ڪنھن خاص زور پيدا ڪرڻ لاءِ به عجب جي نشاني ڪم آڻبي آهي. مثال:

  • سنڌ جي ”سروري“ ٽائيپ نقادن جي تنقيد جون ڪھڙيون ڳالهيون ڪجن!

ڪٿي ڪٿي صاف سوالي جملن کي عجبي جملا بنائي، سندن اهميت کي وڌائبو آهي. مثال:

  • ”ڪڍين ٿو ڏوڪڙ ٻاهر! يا وڃي ٽي. ٽيءَ کي سڏي اچان! ۽ ڪرايانءِ ڪا تعدي!“

رواجي طرح سڏ ڪرڻ لاءِ ندا جي نشاني ڪم نه آڻجي ته چڱو؛ ۽ پر جيڪڏهن هن سڏ ڪرڻ جو ڪو خاص مفھوم هجي، ته پوءِ ان حالت ۾ عجب جي نشاني ڏيڻ بهتر آهي. مثال:

  • صاحب! هن گاڏيءَ ۾ هڪ فقير بنا ٽڪيٽ ويٺو آهي!

ٻٽيون ۽ ايڪوڻيون واڪ جو نشانيون (  ” “ )

واڪ جون نشانيون ڪم آڻڻ سان جملي جي مفھوم کي واضح ۽ صاف بيھارجي ٿو. واڪ جون  نشانيون ٻن قسمن جون آهن – ايڪوڻيون ۽ ٻٽيون. هڪڙو اصول انھن ٻنهي لاءِ ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن به ڪٿان واڪ جون ايڪوڻيون يا ٻٽيون نشانيون ڏجن، انھن کي وري ساڳين نشانين سان بند ضروري ڪرڻو آهي: گفتگو جي حالت ۾، واڪ جي نشانين کان اڳ ٿورا دم (يا دم) ڏنا ويندا آهن. مثال:

  • انھيءَ ڏينهن، زال کي چيائين، ”مون کان هاڻي پائي به نه گهرجانءِ. پُٽھين توکي پاڻھي پاليندو.“

مٿين مثال مان ڏسڻ ۾ ايندو ته جيڪو حصو گفتگو ۾ ڪنھن شخص جي واتان نڪتو آهي ته ان کي واڪ جي نشانين ۾ بند ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح نه رڳو گفتگو پر ڪو خيال ۽ ويچار به واڪ جي نشانين ۾ آڻي سگهجي ٿو. مثال:

  • هو سوچڻ لڳو: ”انسان ڪيڏو نه ذهني طرح ڪِري چُڪو آهي!“

هن جملي ۾ سوچڻ جو نتيجو واڪ جي نشانين ۾ ڏيئي نمايان ڪيو ويو آهي.

جڏهن ڪنھن گفتگوءَ جي دوران ۾ ٻي گفتگو اچي وڃي، يا ڪو فقرو دهرايو وڃي، ڪو پھاڪو يا چوڻي آندي وڃي ته ان حالت ۾ گفتگوءَ کي ته ٻٽين واڪ جي نشانين ۾ رکيو ويندو آهي؛ پر وچ ۾ آيل گفتگو، ڪو خيال، ڪو فقرو يا پھاڪو ايڪوڻين واڪ جي نشانين ۾ رکيو ويندو آهي مثال:

  • هن پنھنجي دوست کي سمجهائيندي چيو، ”مون کي انهيءَ ڳالهه تي ڀٽائيءَ جو هڪ شعر ياد ٿو اچي: ’متو آهين مڇ، ٿلھو ٿو ٿونا هڻين‘- اهو شعر بلڪل هن تي ٺھي ٿو اچي!“

هن مثال ۾ ڀٽائيءَ جي شعر کي گفتگوءَ جي وچ ۾ اچڻ ڪري، ايڪوڻين نشانين ۾ رکيو ويو آهي؛ ڇاڪاڻ ته اهي لفظ گفتگوءَ ۾ اچن ٿا، پر خود ڳالھائيندڙ جا پنھنجا لفظ نه آهن. اهو محض هڪ حوالو آهي. اهڙن گفتگو جي وچ ۾ ايندڙ حوالن کي ايڪوڻين نشانين ۾ رکڻ گهرجي.

جڏهن رواجي لکيت ۾ ڪنھن خاص لفظ تي توجهه ڇڪائڻو هوندو آهي ۽ ان لفظ کي نمايان ڪري بيھارڻو هوندو آهي، ته به ٻٽين واڪ جي نشانين کان ڪم وٺبو آهي مثال:

  • اوچتو ”ڇم ڇم“ جي آواز سندس خيالن کي ٽوڙي ڇڏيو.
  • مٿئين مثال ۾ ”ڇم ڇم“ لفظ کي خصوصيت ڏيڻ ۽ نمايان ڪري بيھارڻ لاءِ واڪ جي نشانين ۾ آندو آهي.

خاص طور،  جڏهن ڪي لفظ يا نالا سندن رواجي معنيٰ ۾ نه پر ڪنھن خاص فني، علمي يا ٻيءَ ڪنھن غير رواجي معنيٰ ۾ ڪم آڻڻا هوندا آهن، ته گهٽ ۾ گهٽ پھريون ڀيرو اهڙن لفظن کي واڪ جي نشانين ۾ آڻبو آهي. مثال:

  • سموري ريڊيائي قوت جو دارو مدار ” اڻي “ جي ٻن مثبت ۽ منفي طاقتن جي هڪٻئي جي چوڌاري گردش ڪرڻ تي آهي.

ٻٽيون يا مرڪب نشانيون:

ثانوي نشانين کان پوءِ ٻٽيون نشانيون به ڪجهه قدر استعمال ڪيون ويون آهن. ٻٽين نشانين جو مقصد فقط عارضي آهي. اِنھن مان مکيه نشاني آهي ”ٻڙي ٻڙي ٻڙي“. هيءَ نشاني گهڻو ڪري خالص ادبي لکيتن ۾، ڪٿي ڪٿي خيالن ۾ نفاست جي گهرائي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم آندي ويندي آهي مثال:

هو سوچيندو رهيو – هي دنيا ۽ سماج جا بدنما داغ، ڪارنهن جا ٽڪا – مگر ... سندس دل بيهجي ويئي .

جڏهن جملي جي شروعات يا پڇاڙيءَ ۾ هيءَ نشاني ڪم آڻڻ سان لکندڙ معنيٰ ۾ گھرائي پيدا ڪرڻ سان گڏ پڙهندڙ جي ذهن کي ڪجهه سوچڻ ۽ انهيءَ ڇڏيل ”ٻڙي ٻڙي ٻڙي“ جي جاءِ کي پنھنجي فھم سان پُر ڪرڻ لاءِ مجبور ڪندو آهي، تڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي، ته لکندڙ ڪجهه اڌورو ڇڏي ويو آهي – جتي ڪن لفظن کي ڄاڻي واڻي کاڌو ويو آهي – پر خيال اڌورو هوندي به مڪمل هوندو آهي؛ لفظن نه هوندي به موجودگي ذهن ۾ پاسا ورائڻ لڳندي آهي مثال:

  • ها . . اي غريب، مون توکان بيک پني . . . بيک! . . . تو ڇا ڏنو ؟ . . . تنھنجو متاع حيات! . . . تنھنجو سڀڪجهه. . . دل، دماغ، ايمان، اعتقاد . . . سڀڪجهه . . .
  • غريب ڇوڪري . . . نوجوان . . . مگر نوجوان!

مٿين ٻن مثالن مان ظاهر ٿيندو ته انهيءَ نشانيءَ جي ڪري نه رڳو معنيٰ ۾ گھرائي پيدا ٿئي ٿي، نفاست پيدا ٿئي ٿي، پر ساڳئي وقت پڙهندڙ لکندڙ سان گڏ ڪجهه سوچڻ تي مجبور ٿيو پوي – اهو ڪجهه سوچڻ لاءِ، جيڪي لکندڙ انهن ٻڙين جي وچ ۾ لڪائي ويو آهي!

ان کان پوءِ ٻِي ٻِٽي نشاني آهي ”ٻه ٻڙيون ليڪ“. هن نشانيءَ جو فقط هڪڙو ئي استعمال آهي ۽ اهو آهي ڪا چيز شمار ڪرڻ يا ڪنھن شي جو تفصيل ڏيڻ؛  مثال:

  • ٻار جي صحيح تعليم لاءِ هيٺيون ڳالهيون ضروري آهن:-
  • صحيح تربيت؛ (2) صحت مند ماحول؛ (3) همدردي ۽ محبت جو رويو.

هن نشانيءَ جو اهم استعمال دم کان به ورتو ويندو آهي. بھتر به اهو آهي ته تفصيل جو اهو ڪم، جڏهن دم اسان کي ڏيئي ٿو، ته اسين هن ٻٽيءَ نشانيءَ تي گهڻو نه ڀاڙيون.

ان کان پوءِ آخري ٻه نشانيون آهن: ڏنگين ۾ سوال جي نشاني، ۽ ڏنگين ۾ عجب جي نشاني.

جڏهن ڪنھن ڳالهه ۾ شڪ هوندو آهي، يا ان جي مڪمل معلومات نه هوندي آهي، ته اتي ڏنگين ۾ سوال جي نشاني ڏني ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ٽوڪ ظاهر ڪرڻ لاءِ به ڪم آندي ويندي آهي مثال:

  • الحمرا جا داستان (؟) ڏند ڪٿائن کان وڌيڪ اهميت تاريخي اعتبار کان نه ٿا رکن .

هن مثال ۾ الحمرا جي داستان متعلق ڪنھن شڪ جو اظھار ڪيو ويندو آهي .

ڏنگين ۾ ڪم آيل عجب جي نشانيءَ جو به گهڻو ڪري ساڳيو استعمال آهي، جھڙو ڏنگين ۾ سوالي نشانيءَ جو آهي. هن نشانيءَ جي استعمال سان ته پاڻ طنز گھري ٿي ويندي آهي مثال:

  • الله توکي تنھنجي نيڪيءَ (!) جا ڀاڙا ڏيندو !

هن جملي ۾ نه رڳو نيڪيءَ جي حالت شڪي ٿي پئي، پر ساڳئي وقت هڪ گھري طنز ٿي ويئي.

اسان جا سنڌي اديب ۽ ليکڪ جيڪڏهن بيھڪ جي نشانين جي صحيح استعمال جي اهميت کي سُڃاڻندا، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ مٿي بيان ٿيل چند ڳالهين تي ڌيان ڏيندا، ته نه رڳو هنن جون تحريرون ٻوليءَ جي جوڙجڪ جي لحاظ کان سھڻيون ٿينديون، پر ساڳئي وقت هو پنھنجو صحيح مقصد به پڙهندڙ تائين پھچائي سگهندا. دراصل نشانين استعمال نه ڪرڻ ڪري ايترو نقصان ڪونه ٿو ٿئي، جيترو نشانين غلط استعمال ٿيڻ ڪري ٿو ٿئي. اسان وٽ هڪ خاص بدعت آهي ته عجب جي نشاني ۽ سوال جي نشاني ڪن ڪن هنڌ مطلب کي گھري ڪرڻ جي خيال کان هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ڪم آندي ويندي آهي. پر انھن نشانين جو اهو نھايت ئي غير موزون استعمال آهي. ان ڪري ڪڏهن به هڪ کان وڌيڪ عجب جي نشاني يا هڪ کان وڌيڪ سوال جي نشاني هڪ ئي هنڌ ڪم نه آڻڻ گهرجي.

بيھڪ جي نشانين ڏانهن جوڳو ڌيان ڏيئي، سندن صحيح استعمال، ۽ پڻ ٻوليءَ جي سادگيءَ ۽ سلوڻائيءَ، لفظن جي صحيح چونڊ، ۽ خيالن جي پئرائن ۾ ورڇ جي ذريعي اسان جا اديب ۽ شاعر پنھنجي ٻوليءَ کي اهو تاب ۽ زينت بخشي سگهن ٿا، جا سندن لکيتن کي مقبول عام ۽ لاثاني بنائي سگهي ٿي. هن قسم جي خبرداريءَ ۽ احتياط سببان اسان جي ٻولي نه رُڳو سُونهن ۽ سوڀيا ۾ وڌندي، بلڪ انھن علمي بنيادن تي اچڻ سان انهيءَ ڏس ۾ ٻين ترقي يافته ٻولين سان همسري پڻ ڪري سگهندي.                    

 

[ ڪتاب:”سنڌي ٻوليءَ جو اصل نسل“ تان ورتل]