ڪتاب جو نالو | ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال |
---|---|
ليکڪ | علي نواز آريسر |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-160-6 |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (805) PDF E-Pub |
انگ اکر | 13 November 2018 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 32676 ڀيرا پڙهيو ويو |
بيهڪ جون نشانيون
(Punctuation Marks)
ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ
مقصد ۽ اهميت
بيهڪ جون نشانيون ٻوليءَ جي مقصد ۽ معنيٰ سمجهڻ جو وسيلو آهن. ٻولي يا زبان جي ڳالهائڻ جو ڍنگ ۽ ڍار هر ڪنهن زبان وارن جو الڳ الڳ آهي ۽ انهيءَ ڍنگ ۽ ڍار يا لاهن چاڙهن جي مدد سان ٻوليءَ جي بيهڪ جو اندازو يا انهيءَ جي معنيٰ ۽ مقصد کي مقرر ڪيو وڃي ٿو ته جيئن ٻڌندڙ، انهيءَ آواز کي سمجهي سگهن، اهڙيءَ طرح هڪ ماڻهو جي وات مان آواز ڪڍڻ ۽ ٻئي جو ڪنن جي رستي انهيءَ آواز کي صحيح سمجهڻ، ڪنهن زبان يا ٻوليءَ جي اهميت کي به ظاهر ڪندو آهي.
ڪنهن زبان جي سمجهڻ جي اهميت هيٺ ڏنل ٻوليءَ جي وصفن مان ظاهر ٿئي ٿي. نفسيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته:
”ٻولي انسان جي دل ۽ اندر جي اظهار جو ٻيو نالو آهي“ (1) زبان جي عالمن وري زبان ۽ ٻوليءَ جي وصف هن طرح ڪئي آهي: ”زبان خود بخود اختيار ڪيل آوازن ۽ علامتن جو هڪ اهڙو نظام آهي، جنهن جي مدد سان هڪ سماجي گروهه جا ماڻهو هڪٻئي سان واهپو رکن ٿا ۽ هڪٻئي کي متاثر ڪن ٿا“ (2).
مٿين ٻن وصفن مان به ظاهر ٿئي ٿو ته ٻولي اظهار جو بهترين طريقو آهي، جنهن جي مدد سان، انسان پنهنجي خواهشن، ضرورتن، احساسن، جذبن ۽ سوچن کي پنهنجي سماجي گروھ جي ٻين انسانن کي سمجهائي ٿو. اهو انساني اظهار جو طريقو ٻن قسمن جو هوندو آهي: هڪٻئي سان ڳالهائڻ وارو ۽ ٻيو لکڻ وارو. ٻنهي اظهار جي طريقن ۾ اها ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ، ڳالهائيندڙ يا لکندڙ جو ساڳيو مقصد ۽ مطلب ڪڍي، جيڪو هن جي اندر ۾ هُجي. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ ڳالهائيندڙ يا لکندڙ جي اظهار ڪرڻ مان ڪوبه فائدو نه نڪرندو. انهيءَ لاءِ ڳالهائيندڙ ڳالهائڻ وقت اهڙو ڍنگ (Tone) يا ڍار (Intonation) ۽ لکندڙ بيهڪ جون نشانيون اختيار ڪندو آهي، جو سندن اندر جو اظهار ٻين جي سمجهڻ جي لائق ٿئي ٿو. انهيءَ لاءِ ڳالهائڻ وقت ڍنگ يا ڍار ۽ لکڻ وقت ڍنگ يا ڍار جي جدا جدا طريقن لاءِ بيهڪ جون نشانيون استعمال ڪيون وڃن ٿيون.
ڳالهائڻ ۾ هر جملي ۽ فقري کي مقصد جي لحاظ کان جدا جدا ڍنگ يا ڍار سان ڳالهايو وڃي ٿو ۽ لکڻ وقت وري انهيءَ ڍنگ يا ڍار کي نشانين جي مدد سان ظاهر ڪيو وڃي ٿو. ڳالهائڻ وقت جي جملو بيان آهي ته انهيءَ جي هڪ ساريڪي آواز ۾ سڀ لفظ اُچاريا وڃن ٿا؛ پر جي اهي لفظ لکيل صورت ۾ هوندا ته آخر ۾ پورو دم ڏنل هوندو آهي. جيڪڏهن جملي ۾ ندا جي حالت آهي ته جملي جي ابتدا ۾ لفظن تي زور ڏيڻو پوندو آهي ۽ لکيل جملي ۾ ندا جي نشاني ڏني ويندي آهي. جيڪڏهن جملو سوالي آهي ته جملي جي آخرين لفظ تي زور ڏنو ويندو، پر لکيت ۾ وري آخر ۾ سوال جي نشاني ڏني ويندي آهي. اهڙيءَ طرح ڳالهائڻ وقت جملي جي بناوت جي لحاظ کان ڪٿي ٿورو ڪٿي گهڻو بيهڻو پوندو آهي ۽ ڪٿي مڪمل طرح ساھ کڻڻو پوندو آهي ۽ لکڻ وقت انهن بيهڻ جي جاين تي بيهڪ جون جدا جدا نشانيون ڏنيون وينديون آهن ته جيئن لکندڙ جي لفظن جو مقصد ۽ مطلب صحيح نڪري سگهي.
لکڻ وقت بيهڪ جون نشانيون تمام اهميت رکن ٿيون، ڇو ته پڙهندڙ جي اڳيان لکندڙ نه هوندو آهي، تنهن ڪري پڙهندڙ، لکندڙ جي خيالن، جذبن، احساسن ۽ سوچ کي تڏهن سمجهي سگهندو، جڏهن انهيءَ لکت مان پورو ۽ صحيح مطلب ڪڍي سگهندو، انهيءَ ڪري صحيح سمجهائڻ لاءِ لکڻ وقت اهو ضروري هوندو آهي ته بيهڪ جون صحيح نشانيون ڏنيون وڃن ته جيئن پڙهندڙ لکت مان اهوئي مطلب ڪڍي سگهي، جيڪو لکندڙ چاهي ٿو، پر جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته لکندڙ جو صحيح مقصد نه نڪري سگهندو ۽ لکندڙ جو اهو فائدو پڙهندڙ کي حاصل نه ٿيندو، جيڪو هن کي ٿيڻ گهرجي. انهيءَ لحاظ کان بيهڪ جون نشانيون زبان يا ٻوليءَ ۾ وڏي اهميت رکن ٿيون ۽ جملن جي صحيح مطلب ۽ معنيٰ کي بلڪل صاف ۽ آسان ڪري پڙهندڙن جي ذهن تائين پهچائين ٿيون. لکڻ وقت جيڪڏهن نشانيون نه استعمال ڪيون ويون يا غلط بيهڪ جون نشانيون استعمال ڪيون ويون ته ٿي سگهي ٿو ته، ٻه فقرا، يا ٻه جملا يا ڪو جملو ۽ فقرو، جيڪي جدا جدا مطلب رکن ٿا، مِلي ڪو غلط مطلب نه ڪڍي وجهن يا انهيءَ جو غلط مطلب نڪري اچي. جيئن هيٺ ڏنل جملي ۾ اکرن جي اڳيان ۽ پٺيان ٿورو دم ڏيڻ سان مطلب بدلجي وڃي ٿو:
اڄ نه سُڀان هلندا سين.
هن جملي جا ٻه مطلب نڪري سگهن ٿا.
اڄ هلنداسين، پر سُڀاڻي نه هلنداسين.
يا
اڄ نه هلنداسين، پر سُڀاڻي هلنداسين.
انهي لاءِ رڳو ’نه‘ جي اڳيان پٺيان نشاني ڏيڻ يعني ٿورو دم ڏيڻ سان مطلب بدلجي وڃي ٿو، جيئن ته،
اڄ، نه سُڀاڻ هلنداسين.
اڄ نه، سُڀاڻ هلنداسين.
ٻيو مثال:
هُو نه هي گل سٺو آهي.
هُو نه، هي گل سٺو آهي.
هُو، نه هي گل سٺو آهي.
اهڙن جملن ۾ نشاني نه ڏيڻ ڪري پڙهندڙ مُنجهي پوندو آهي ته لکندڙ ڪهڙي ڳالهه جي حمايت ڪري ٿو ۽ ڪهڙيءَ لاءِ انڪاري آهي. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته بيهڪ جون نشانيون خيال سان ڏنيون وڃن، جيئن غلط مطلب يا مونجهارو پئدا نه ٿئي، هر ڪنهن تحقيقي مقالي ۾ بيهڪ جون نشانيون ٻين لکيتن کان تمام وڌيڪ اهميت رکنديون آهن، ڇو ته لکڻ جو خاص مقصد ڪنهن نئين ڳالهه کي ٻين تائين پهچائڻ هوندو آهي، ۽ لکت دوران جيڪي به رايا يا نتيجا ڏنا وڃن ٿا، سي پڙهندڙن جي لاءِ نوان هوندا آهن، جنهن لاءِ ضروري هوندو آهي ته اهڙي انداز ۽ ڍنگ ۾ لکيا وڃن، جيئن اهي هر ڪنهن کي سمجهه ۾ اچي سگهن ۽ پڙهندڙ آساني سان انهن جو مطلب سمجهي سگهي. انهيءَ سمجهاڻي ۽ سوال سمجهڻ لاءِ ضروري هوندو آهي ته لکت ۾ هر جملي، فقري ۽ حوالي وغيره کي نشانين جي مدد سان اهڙيءَ طرح سان لکيو وڃي، جو پڙهندڙ کي بنا ڪنهن وڌيڪ ڪوشش ڪرڻ جي، پورو مطلب سمجهه ۾ اچي سگهي يا ائين چئجي ته جيڪي ڪجهه لکندڙ، ٻين کي ٻڌائڻ چاهي، اهو مقصد صحيح معنيٰ ۾ پڙهندڙ ڪڍي سگهي.
انهيءَ کانسواءِ بيهڪ جي نشانين کي گرامر ۽ مطلب جي لحاظ کان صوتيتي اهميت به آهي. صوتيات ۾، ”جتي جملا مختلف ڍار سان ٿين ٿا يا جنهن هنڌ تي هڪ جملو ختم ٿئي ٿو، ۽ وري ٻيو جملو شروع ٿئي ٿو، تنهن هنڌ کي پڄاڻيءَ وارو ميلاپي هنڌ (Terminal Juncture) سڏبو آهي. اهڙيءَ طرح گفتگو ۽ ڳالهائڻ ۾ آواز جي ميلاپي هنڌ کي صوتيتي اهميت هوندي آهي (3).“ اها صوتيتي اهميت قرآن ڪريم جي قراَت ۾ وڏي اهميت رکي ٿي، جنهن کي ’وقف‘ چيو وڃي ٿو. معنيٰ جي لحاظ کان به صوتيات ۾ بيهڪ جي نشانين جي اهميت آهي، جنهن کي معنيات (Semantics) چيو وڃي ٿو. معنيات جي لحاظ کان ”ٻوليءَ کي ٻه پاسا آهن، ان جو ظاهري پاسو آوازن سان تعلق رکي ٿو ۽ ان جو باطني پاسو معنيٰ ۽ مطلب سان واسطو رکي ٿو. انساني گفتگو جڏهن بامعنيٰ ٿئي ٿي، تڏهن ان کي علامت (symbol) سڏجي ٿو“ (4). انهيءَ کانسواءِ نه رُڳو هر لفظ هڪ کان وڌيڪ معنائون ظاهر ڪري ٿو، پر ڪن حالتن ۾ ساڳيو ئي لفظ ٻه مخالف معنائون به ظاهر ڪري ٿو. مثلن ڪو ماڻهو جڏهن سچ پچ پنهنجي وفادار دوست جي واقفيت ڪرائيندو آهي، تڏهن چوندو آهي ته، ”هيءُ آهي منهنجو وفادار دوست محمد هاشم جنهن جي ڪالهه ڳالهه پئي ڪيم“ هن ۾ دوست کان پوءِ ٿورو دم ڏيڻ سان انهيءَ سان وفاداري ظاهر ڪئي ويئي آهي، پر جيڪڏهن دوست کان پوءِ ندا جي نشاني ڏني وڃي ته ٿيندو:
”هي آهي منهنجو وفادار دوست! جنهن جي ڪالهه مون ڳالهه پئي ڪئي!“ هن جملي ۾ ”ندا“ جي نشاني ڏيڻ سان جملي جو مقصد طنزيا ٿي وڃي ٿو، جنهن مان ٽوڪ ظاهر ٿئي ٿي. اهڙيءَ طرح نشانين ڏيڻ سان مطلب بدلجيو وڃي ۽ لفظن جي معنيٰ ابتڙ ٿيو وڃي. جيتوڻيڪ لفظ اچارڻ ۾ ساڳيا هوندا آهن. اهڙيءَ طرح هر زبان جي ڳالهائيندڙ جو آواز، انهن جو ڍنگ (Tone) يا ڍار (Intonation) جدا جدا آهي، جنهن جي مدد سان لفظن ۽ پدن کي معنيٰ جي لحاظ کان مختلف جملن ۾ جدا جدا نموني ادا ڪيو وڃي ٿو. اهو ڍار جملي جي لحاظ کان ٽن قسمن جو هوندو آهي. بياني جملو، سوالي جملو، تعجبي جملو. اهي ٽيئي جملا الڳ الڳ ڍنگ سان ادا ڪيا وڃن ٿا، پر لفظ جملن ۾ ساڳيا هوندا آهن“ (5).
مٿئين ٽنهي جملن ۾ لفظ ساڳيا آهن، پر جملن جو ڍار جدا جدا آهي، جنهن جي ڪري مطلب هر ڪنهن جملي جو جدا نڪري ٿو، پر لکڻ وقت انهن جملن جي ادائگي کي ظاهر ڪرڻ لاءِ يا صحيح مطلب ظاهر ڪرڻ لاءِ، بيهڪ جون نشانيون ڏنيون وڃن ٿيون، پر جيڪڏهن لکڻ وقت اهو ڍار (Intonation) نشانين جي مدد سان ادا نه ڪيو وڃي ته پڙهندڙ ڪڏهن به انهن جو صحيح مطلب ڪڍي نه سگهندو. انهيءَ مان ڍار جي بدلجڻ سان (نشانين جي نه ڏيڻ سان) ڇاڪاڻ ته مطلب ڦري وڃي ٿو، تنهن ڪري انهن کي صوتيتي اهميت ڏني ويئي آهي. ”انهيءَ لحاظ کان لسانيات جي عالمن دم (.)، اڌ دم (؛) ٿورو دم (،) سوال جي نشاني (؟) ۽ عجب جي نشاني (!) کي صوتيتي درجو ڏنو آهي“ (6)
اهي ڍار جا نمونا هي ٻڌايا وڃن ٿا:
”ڍار جا عموماً چار نمونا آهن. هڪ چڙهندڙ (Rising) ٻيو ڪرندڙ (Falling) ٽيون چڙهندڙ-ڪرندڙ ۽ چوٿون ڪرندڙ-چڙهندڙ. ڍار جا اهي نمونا جملي ۾ مختلف هنڌن تي واقع ٿين ٿا ۽ معنيٰ ۾ فرق پئدا ڪن ٿا“ (7)، جن کي لکڻ وقت نشانين جي مدد سان ظاهر ڪيو وڃي ٿو.
مٿين بحث مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته، بيهڪ جي نشانين کي نه رڳو ڳالهائڻ جي ڍار ۽ ڍنگ جي لحاظ کان اهميت آهي، پر جملي ۾ لفظن جي صحيح معنيٰ ڪرڻ جي ڪري به وڏي اهميت آهي. جيئن هيٺين ڏنل وصفن مان ظاهر ٿئي ٿو.
انسائيڪلوپيڊيا برٽينڪا ۾ بيهڪ جي نشانين جي وصف هن طرح ڏني ويئي آهي؛ ”بيهڪ جون نشانيون جملن ۾ فاصلي قائم ڪرڻ لاءِ ڏنيون وينديون آهن، جيڪي رسمي نشانيون آهن ۽ ڪنهن خاص رٿا موجب مقرر ٿيل آهن، جن جي مدد سان ڪنهن لکيت کي دل ۾ يا ڏاڍي سمجهي يا صحيح پڙهي سگهجي ٿو“ (8).
John W. Clerk & Eric Partridge پنهنجي ڪتاب You Have A Point There ۾ بيهڪ جي نشانين جي اهميت هن طرح بيان ڪئي آهي؛
”بيهڪ جي نشانين جو مقصد آهي ته لفظ مطلب جي لحاظ کان صحيح اُچاريا وڃن ۽ اهڙيءَ طرح لفظن جي معنيٰ ۽ مقصد جو مدار بيهڪ جي نشانين تي هوندو آهي، جيڪي لفظن جي وچ ۾ ڏنيون وڃن ٿيون. بيهڪ جي نشانين کي نظرانداز ڪرڻ سان لکت جي مطلب کي بگاڙيو وڃي ٿو. جيڪڏهن غلط نشانيون ڏنيون ويون ته پڙهندڙ صحيح خيال کي سمجهي نه سگهندو ۽ پڙهندڙ جو ذهن منجهي پوندو. انهيءَ لاءِ ڪنهن صحيح خيال کي سمجهائڻ لاءِ بيهڪ جون نشانيون ضروري آهن. ڇو ته بيهڪ جي نشانين جو مطلب هوندو آهي لکندڙ جو مطلب ظاهرڪرڻ ۽ انهيءَ جي سمجهاڻي ڏيڻ ۾، پڙهڻ ۾، جيڪو مونجهارو هُجي انهيءَ کي دُور ڪرڻ.“ (9)
بيهڪ جي نشانين جي ساڳي وصف L. A. G Strang پنهنجي ڪتاب An Informal English Grammar ۾ هيءَ ڪئي آهي:
We indicate time by means of stops, known as punctuation marks, also help to make the sense clear, to show the explanation and avoid confusion in reading.”
يعني جن کي اسين بيهڪ جون نشانيون چئون ٿا، سي ’وقفن‘ کي ظاهر ڪن ٿيون. انهيءَ کانسواءِ مقصد واضح ڪرڻ، سمجهائڻ ۽ پڙهڻ جي مونجهاري کي دُور ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿيون.
Robert Brittanin بيهڪ جي نشانين جو مقصد وري هن طرح بيان ڪيو آهي ته؛ ”بيهڪ جي نشانين جو مقصد آهي، جيڪي ڪجهه ڳالهايو يا لکيو وڃي، انهيءَ جو مقصد پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي صاف ۽ صحيح سمجهه ۾ اچي ته لکندڙ يا ڳالهائيندڙ جي لفظن جو صحيح مقصد ڇا آهي.“ وڌيڪ لکي ٿو ته: ”بيهڪ جي نشانين جو مقصد هوندو آهي، لفظن جي معنيٰ جو صحيح مفهوم پڙهندڙن تائين پهچائين.“ (10) اهڙيءَ طرح هر هڪ بيهڪ جي نشانيءَ جي ڪا خاص معنيٰ هوندي آهي، جيڪا جملي ۾ ادا ٿئي ٿي. جيڪڏهن لکندڙ پنهنجي خيالن کي مڪمل ۽ صحيح نموني ۾ سمجهائڻ چاهي ٿو ته هن کي بيهڪ جون نشانيون صحيح نموني ۾ ادا ڪرڻيون پونديون. بنا بيهڪ جي نشانين جي ڪابه لکت تمام منجهيل ۽ بي مقصد نظر ايندي.
مٿين وصفن کي ڏسڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته ڪنهن به لکت کي سمجهڻ ۽ صحيح پڙهڻ ۾ نشانيون ضروري آهن. بيهڪ جون نشانيون لکت جون ساٿي، جز يا حصو آهن، جيڪي جملن جو ڍانچو تيار ڪن ٿيون. بيهڪ جي نشانين کانسواءِ جملي جو ڍانچو بنا مقصد ٿي سگهي ٿو، جنهن مان ڪو مقصد به نڪري، اهڙيءَ طرح بيهڪ جي نشانين کي لکتن ۾ وڏي اهميت آهي.
لکت ۾ جيڪي به بيهڪ جون نشانيون استعمال ڪيون وڃن ٿيون، تن مان ڪي نشانيون هر ڪنهن لکت ۾ استعمال ٿين ٿيون ۽ ڪي ڪن خاص انداز وارين لکتن ۾ استعمال ڪيون وڃن ٿيون.
بيهڪ جون نشانيون هي آهن:
پورو دم [.] THE PERIOD OR FULL STOP
پوري دم لاءِ هر ڪنهن ٻوليءَ ۾ لڳ ڀڳ ساڳيا نالا آهن. جيئن انگريزي ۾ Period، فرنچ ۾ Periode، لاطيني (Latin) ۾ Periodus، يوناني (Greek) Periodos، ۾ٰ Peri معنيٰ Arounid ۽ Odos معنيٰ
Away پوري لفظ جي معنيٰ ٿي A going round
’پورو دم‘ بياني جملي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڏنو ويندو آهي، جنهن کي مڪمل خيال چيو وڃي ٿو. يعني خيال کي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ايندڙ نشاني کي پورو دم چيو وڃي ٿو يا ائين چئجي ته ’پوري دم‘ جو مطلب آهي بياني جملو پورو ٿيو يا جملي ۾ ڏنل خيال مڪمل ٿيو ۽ ٻيو خيال يا بيان شروع ٿيندو. اهڙي جملي ۾ ڳالهائڻ وقت ڪنهن به اکر تي زور نه ڏنو ويندو، پر اکر هڪ ساريڪي آواز ۾ ڳالهايا ويندا.
مثال:
(الف) اڄ سومر جو ڏينهن آهي.
(ب) ٻهريون در بند ڪر.
(ت) سنڌ هڪ زرعي خطو آهي.
ڪن حالتن ۾ سوالي يا عجب يا ندا واري جملي جي پٺيان به پوري دم جي نشاني ڏني ويندي آهي.
(الف) قدم کڻڻ کان اڳي خبردار رهجائين.
(ب) اچو ته پوري ڳالهه کي وساري ڇڏيون.
(ت) ڪهڙو نه سٺو ٿئي ها، جيڪڏهن اسين سڀ اتي هجون ها.
لفظن جي مخفف هجڻ جي نشاني به پورو دم ڏئي ظاهر ڪئي ويندي آهي.
مثال
ايم. اي.، پي ايڇ. ڊي.، ڊي.سي
پورو دم ڏهائيءَ (ڊيسيمل) لاءِ به ڪم ايندو آهي.
Rs. 120.80 11.39
مخفف هجڻ جي حالت ۾ يا ڏهائيءَ واري حالت ۾ پوري دم جي حيثيت هڪ ٻُڙيءَ جي هوندي آهي، جيڪا لفظ جي مخفف هجڻ کي ظاهر ڪندي آهي.
پورو دم ۽ ليڪ [-] Period & Dash
هيءَ نشاني ڪنهن ڳالهه کي وڌيڪ زوردار ثابت ڪرڻ يا احتياط خاطر استعمال ڪئي وڃي ٿي.
ٿورو دم: [،] Comma
’ٿورو دم‘ کي انگريزيءَ ۾ Comma يوناني زبان ۾ Komma چيو وڃي ٿو، جنهن جو تعلق لفظ Koption معنيٰ To cut سان آهي. ادبي لحاظ کان فقرن کي جدا ڪرڻ يا جملي جي ننڍن حصن کي جدا ڪرڻ کي چيو وڃي ٿو. ٿورو دم نه رڳو جملي جا حصا ظاهر ڪري ٿو، پر لفظن، اصطلاحن ۽ پهاڪن وغيره کي به جملي ۾ جدا ڪري ڏيکاري ٿو.
ٿورو دم هيٺين حالتن ۾ ڏنو وڃي ٿو:
مثال:
احمد، محمد، علي ۽ رحيم باغ ۾ گهمڻ ويا.
مثال:
مغل اڪبر بادشاهه بهادر، سخي، طاقتور ۽ انصاف پسند حاڪم هو.
مثال:
اسمن جون جوڙيون:
احمد ۽ لطيف، محمد ۽ علي، جافر ۽ ڏنو، راند لاءِ سٺيون جوڙيون آهن.
صفتن جون جوڙيون:
احمد هڪ دلير ۽ بهادر، انصاف پسند ۽ سخي مڙد آهي.
مثال:
هي تمام لائق ۽ محنتي، ماڻهو آهي.
هن جملي ۾ ڪنهن لائق ۽ تمام محنتي جي پٺيان ٿورو دم ڏئي، انهن لفظن کي وڌيڪ زوردار ثابت ڪيو ويو آهي.
مثال:
هي جلدي سوچي ٿو، هڪدم قدم کڻي ٿو، ۽ جلدي اثر قبول ڪري ٿو.
مثال:
هاڻي، جلدي، ٿوري وقت ۾ ڪم پورو ڪرڻ گهرجي.
مثال:
(الف) هِن لاءِ، توڙي هُن لاءِ، اها رسم ضروري آهي.
(ب) هي ڪپڙو، نه رڳو ٻين کان ڳرو آهي، پر سٺو به آهي.
مثال:
ٻڪرين جي واڙ، ڳئن جو ڌڻ، ماڻهن جو ٽولو
اهڙن نسبتي لفظن کي به جملي ۾ ڌار ڪري بيهارڻ لاءِ ٿورو دم ڏنو ويندو آهي.
سائين شفيع محمد کي سلام ڏيندا.
هن مان ٻه مطلب نڪرن ٿا.
ڊاڪٽر عبدالمجيد کي نياپو ضرور ڏيندا.
مثال:
(الف) هن چيو جيتوڻيڪ، اهو ڏکيو آهي، پر تڏهن به هن کي گهرجي ته، گهر ڏسي ڇڏي.
(ب) هن جي سوچ، ۽ منهنجي خيال ۾، وڏو فرق آهي.
(ت) مون سمهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پاڙي واري جي ريڊيي مون کي سمهڻ ڪونه ڏنو.
(ث) هو جيڪي سوچي ٿو، جيڪي ڪري ٿو، تنهن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.
ڇوڪر، روئي ٿو.
استاد، پنهنجي لٺ سان، شاگرد کي ماري ٿو.
هن جملي ۾ ٿورو دم نه رڳو هر ڪنهن فقري جي اهميت ظاهر ڪري ٿو، پر ٻنهي فقرن کي ٿوري دم جي مدد سان الڳ ڪري بيهاريو ويو آهي، ۽ معنيٰ کي صاف ڪري اثرائتو ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ وضاحت ڪئي ويئي آهي.
مثال:
(الف) هر وقت، هر انسان، خدا جي مخلوق جي دک درد کي غور سان ڏسي، انهن تي سوچي، ويچاري ۽ نتيجا ڳولي، ته جيڪر جاندارن، پکين، انسانن جي ڀلائي، همدردي ۽ سک جا سڀ رستا، سبب هن جي اڳيان اچي وڃن.
(ب) ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾، جيڪي به لفظ وات مان نڪرن ٿا، سي ڳالهائڻ جي اٺن لفظن مان، ڪنهن نه ڪنهن قسم جا ضرور هوندا آهن.
(ت) امتحان لاءِ جيڪي ڇوڪرا تيار ٿيا، سي پاس ٿيا.
(ث) اڄ صبح جو، اسين جهيڙي ۾ ڦٽيلن وٽ وياسين، پر هنن جي خراب حالت ڏسي، دل جهلي نه سگهياسين، تنهن ڪري سگهو ئي موٽياسين.
مثال:
(الف) ماڻهو 3789 ۽ گهوڙا 683، هن شهر ۾، اڄ موجود آهن.
(ب) جنوري 1980ع، کان امتحان شروع ٿيندو.
مثال:
هي حيدرآباد، سنڌ ۾ ڄائو هو.
745، 22، 150، 290.
مثال:
هن چيو، ”توکي پورو حق آهي.“
مثال:
جي تون هي ڪتاب پسند ڪرين ٿو، ته کڻي وڃ.
مٿين حالتن کانسواءِ هيٺين حالتن ۾ به ٿورو دم ڏنو وڃي ٿو:
مثال:
ٿورو دم ۽ ليڪ [-] Comma & Dash
هيءَ نشاني ڪنهن ڳالهه کي وڌيڪ زوردار ثابت ڪرڻ يا احتياط خاطر استعمال ڪئي وڃي ٿي.
اڌ دم: [؛] Semicolon
اهڙو جملو، جنهن ۾ هڪ کان وڌيڪ جملا شامل هجن، ۽ جن جو پاڻ ۾ لاڳاپو هجي ۽ حيثيت جي لحاظ کان هر هڪ جدا ننڍو جملو هجي، جيڪو خود زور ڀريو ۽ الڳ خيال رکندڙ جملي جي حيثيت جهڙو هجي ۽ جن کي جيڪڏهن جدا ڪري لکجي ته خود هڪ جملو ٿي پوي ته اهڙن جملن جي حيثيت ۽ خيال کي الڳ ڪري ڏيکارڻ لاءِ اڌ دم ڏنو ويندو آهي. اهڙا جملا مداري جملا نه هوندا آهن، پر اهي جملا مکيه جملي جي خيال سان واسطو ضرور رکندا آهن ۽ جملي ۾ اهڙن جملن جي ثانوي حيثيت هوندي آهي.
موجوده وقت لکتن ۾ اڌ دم تمام گهٽ استعمال ڪيو وڃي ٿو، ۽ اڌ دم جي بدلي ٿورو دم ڏنو وڃي ٿو يا مرڳو ننڍا ننڍا جملا ڪري لکيا وڃن ٿا.
هن نشانيءَ جو خاص مقصد هوندو آهي ته هر ننڍي لاڳاپيل جملي کان پوءِ ٿورو دم کان وڌيڪ بيهجي، ته جيئن انهيءَ لاڳاپيل خيال وارو جدا حيثيت رکندڙ آسانيءَ سان سمجهي سگهي ۽ جملو به اثرائتو معلوم ٿي.
مثال:
اڌ دم ۽ ليڪ [- ؛] Semicolon & Dash
هي نشاني پوءِ ايندڙ جملي کي اهميت وارو ۽ زوردار بنائڻ لاءِ ڏني وڃي ٿي. انهيءَ کانسواءِ ايندڙ جملي کي جدا ڪري ڏيکارڻ لاءِ به ڏني ويندي آهي.
دم [:] Colon
ڪنهن ڳالهه يا خيال کي اثرائتو ڪرڻ لاءِ يا جيڪي ڪجهه ڳالهه جي اثر وڌائڻ لاءِ چيو وڃي، يا اصل ڳالهه جي تفصيل يا وضاحت ڏيڻ لاءِ، هي نشاني ڏني وڃي ٿي.
1- پاڪستان ۾ هيٺيان صوبا آهن:
سنڌ، بلوچستان، سرحد[1] ۽ پنجاب
2- جيڪو محنت ڪندو، پاس ٿيندو: محنت جو ڦل وڃڻ جو نه آهي.
3- اها هن جي ڏنل راءِ جيڪا اخبارن ۾ آئي آهي ته: ”مون ڪڏهن به اهڙا خيال ظاهر نه ڪيا آهن؛ نه اهڙن خيالن کي ظاهر ڪري سگهان ٿو؛ نه اهڙن خيالن کي مقبول بڻائڻ جو خيال آهي.“
دم ۽ ليڪ [:-] Colon & Dash
هي نشاني ايندڙ لفظن کي وڌيڪ اهميت ۽ زوردار بنائڻ يا احتياط خاطر استعمال ڪئي ويندي آهي.
سوال جي نشاني [؟] Question Mark
جڏهن ڪنهن کان سوال ڪيو وڃي ٿو ته انهيءَ سوال ظاهر ڪرڻ لاءِ لکيت ۾ سوال جي نشاني ۽ ڳالهائڻ وقت جملي ۾ آخرين لفظن تي زور ڏنو وڃي ٿو.
هي منهنجو ڪتاب آهي؟
ڇوڪر جو نالو ڇا آهي؟
ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟
جملي ۾ سوال جي نشاني نه ڏني ويئي ته جملو بياني ٿي پوندو ۽ جملي جو مطلب غلط ٿي پوندو.
هي منهنجو ڪتاب آهي.
هن جملي مان يقيني حالت جو به اظهار ٿي سگهي ٿو ته حقيقت ۾ هي ڪتاب منهنجو آهي، پر سوال جي نشاني ڏيڻ سان اهو ظاهر ٿيندو ته هي ڪتاب منهنجو آهي يا نه.
سوال جي نشاني ۽ ليڪ Question Mark & Dash
جملي کي هي نشاني وڌيڪ زوردار ثابت ڪرڻ لاءِ يا احتياط طور ڪم آندي ويندي آهي.
هڪ کان وڌيڪ سوال جون نشانيون [؟ ؟ ؟]
Plural Queries
ڪنهن سوال کي وڌيڪ معلوماتي يا سوال ۾ وڌيڪ شدت ظاهر ڪرڻ لاءِ، هڪ کان وڌيڪ سوال جون نشانيون ڏنيون وينديون آهن. هي نشانيون عام طور افسانوي ادب ۾ استعمال ڪيون وينديون آهن، پر ادبي تحقيق ۾ ڪم نه اينديون آهن.
ڏنگين ۾ سوال جي نشاني [ (؟) ]
Bracked Question Mark
هي نشاني افسانوي توڙي ادبي لکت ۾ استعمال ڪئي وڃي ٿي ۽ هن جو مقصد هوندو آهي، ڪنهن ڳالهه کي سوالي بنائڻ يا ڪنهن سوال کي ڳجهو ڏيکارڻ، يعني ظاهر ۾ اهو سوال نه هجي، پر باطني طور اهو سوال ظاهر ڪيو وڃي، يا ڪنهن ڳالهه ۾ شڪ هجي ۽ انهيءَ جي مڪمل معلومات نه هجي ۽ ڪڏهن هيءَ نشاني ٽوڪ طور به ڪم آندي وڃي ٿي.
ندا جي نشاني [!] Exclamation
ندا جي نشاني تڏهن استعمال ڪئي ويندي آهي، جڏهن جملي ۾ خوشي يا غم، ڊپ يا ڪنهن عجب وارن جذبن کي ظاهر ڪيو ويندو آهي، پر ڳالهائڻ وقت انهن لفظن تي زور ڏنو ويندو آهي ۽ انهن لفظن ۽ باقي لفظن جي وچ ۾ ڪجهه وقت دم کڻڻو پوندو آهي. هڪ ڪڏهن ٿوڪ ظاهر ڪرڻ يا ڪنهن خاص تاثر پيدا ڪرڻ لاءِ نشاني ڏني ويندي آهي.
مثال:
مار! ايترو بار هن جانور تي.
واه! تو هي راند نه کٽي ورتي.
ڌڻي شل توکي وڏي عمر ڏئي!
تو ايتري دولت ڪمائي آهي!
چپ! تيار ٿي! هڪدم ڪمري مان نڪري وڃ.
ندا ۽ ليڪ [! -] Exclamation & Dash
هي نشاني ندا جي حالت ۾ وڌيڪ زوردار يا احتياط خاطر استعمال ڪئي ويندي آهي.
هڪ کان وڌيڪ ندا جون نشانيون [!! ! ]
هنن نشانين جو مقصد هوندو آهي ته ڪنهن ڳالهه جي لاءِ وڌيڪ عجب ظاهر ڪرڻ. هيءَ نشاني افسانوي ادب ۾ عام استعمال ڪئي وڃي ٿي.
ڏنگين ۾ ندا جي نشاني [ (!) ]
Bracked Exclamation
هن نشانيءَ مان لفظن ۾ لڪل عجب ظاهر ڪيو ويندو آهي. معنيٰ لفظن ۾ ظاهر ۾ ندا جي حالت ڪانه هوندي آهي، پر باطني طور ندا جي حالت ظاهر ڪئي ويندي آهي، يا هن نشاني مان گهري طنز ظاهر ڪئي وڃي ٿي.
ليڪ [- -] Dash
ڪنهن مڪمل جملي کان اڳي جيڪڏهن، معنيٰ طور، يا سمجهاڻي طور ڪجهه لکيو وڃي ۽ پوءِ جملو شروع ڪيو وڃي ته اهڙي حالت ۾ سمجهاڻي ۽ جملي جي وچ ۾ ليڪ ڏني وڃي، پر جيڪڏهن پهريائين جملو ۽ پوءِ سمجهاڻي ته اهڙي حالت ۾ دم (Colon) جي نشاني ڏني ويندي آهي. يا ائين ته جيڪڏهن ڪنهن جملي جو پورو مطلب نه نڪري ۽ جملي جي سمجهاڻي لاءِ ڪي خاص لفظ ڏيڻا هجن ته وڇوٽي يا ليڪ ڏني وڃي.
مثال:
افسانوي ادب ۾ ليڪ جملي ۾ خيال جي وضاحت، اهميت ۽ سمجهاڻيءَ لاءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٿوري دم لاءِ به ليڪ استعمال ڪئي ويندي آهي، جنهن جو مطلب لفظن کي وڌيڪ نمايان ڪرڻ هوندو آهي. يا انهي لاءِ ليڪ ڏني ويندي آهي ته جذبي جي جهڙي شدت لکندڙ ۾ هجي اهڙي پڙهندڙن ۾ به پئدا ڪئي وڃي. اهڙيءَ طرح ٽوڪ ۽ طنز طور استعمال ٿيل فقرن جي اڳيان به ليڪ ڏني ويندي آهي. جيئن تحقيقي لکتن ۾ ڪنهن لفظ يا ڳالهه جي سمجهاڻيءَ لاءِ ڏنگيون ڏنيون وينديون آهن تيئن افسانوي ادب ۾ وري ڏنگين جي بدلي ۾ اڳيان پٺيان ليڪون ڏنيون وينديون آهن. انهي کانسواءِ ليڪ جي پٺيان آيل فقري ۾ نئين خيال جي نشاندهي به ڪئي ويندي آهي.
مثال:
مير فتح علي خان ملڪي حڪومت ۾ پنهنجي ٽن ڀائرن - غلام علي، ڪرم علي، مراد علي، کي به ڀائيوار ڪيو.
ڳنڍيندڙ ليڪ [ـــ] Hyphen
هي ليڪ هيٺين حالتن ۾ استعمال ٿئي ٿي:
واڪ جون نشانيون: Quotation Marks
واڪ جون نشانيون ٻن قسمن جون آهن: هڪڙيون ساديون واڪ جون نشانيون (Single quotation)، ٻيون مرڪب واڪ جون نشانيون (Double quotation).
سادي واڪ جي نشاني [’ ‘] Single Quotation
هي نشاني جملي ۾ تڏهن ڪم ايندي آهي، جڏهن ڪنهن لفظ کي اهميت واري يا ڪو خاص لفظ ظاهر ڪيو ويندو آهي.
’ڪاڄ‘ کان ٽي راتيون اڳ سرور جي ڍولڪ هڻائبي آهي.
انهيءَ کانسواءِ جملي ۾ خاص فقرن کي به سادي واڪ جي نشاني ۾ رکيو ويندو آهي.
مثال:
لائُن کان پوءِ ٻيا هي ساٺ ڪيا ويندا آهن:
’منڊيءَ جو ساٺ‘، ’سونگي جو ساٺ‘، ’وڃڻيءَ جو ساٺ‘، ’کير جو ساٺ‘، ’مٺ کولائڻ‘، ’ڦل چونڊڻ‘ ۽ تر مئڻ، وغيره.
ننڍا فقرا ۽ اهڙا لفظ جن جي جملن ۾ اهميت جدا گانه هوندي آهي، اهڙن لفظن کي به واڪ جي نشانين ۾ رکيو ويندو آهي.
مرڪب يا ٻٽيون واڪ جون نشانيون: [”“] Double Quotation
جيڪڏهن ڪي لفظ اڳي چيل يا ورجايل آهن يا حوالي طور ڪم آيل آهن يا اڳي چيل جملا ورجايل آهن يا بجنسي چوڻا آهن، تڏهن مرڪب يا ٻٽين واڪ جي نشانين ۾ رکيا ويندا.
مثال:
احمد چيو ته ”هو اڄ راند نه ڪندو.“
هي لفظ ڪيترا نه تنهنجي دوست سان ٺهڪي اچن ٿا، ”چور جو ڀاءُ ڳنڍي ڇوڙ،“
ڏنگيون ليڪون ۽ بريڪيٽ ( ) [ ]
ڏنگيون ليڪون ( )
ڪنهن به جملي ۾ جي ڪنهن لفظ جي معنيٰ يا نسبتي لفظ ڏيڻو هوندو آهي ته انهيءَ کي ڏنگين ۾ لکيو ويندو آهي.
مثال:
داخلي (Internal) ۽ خارجي (External) اثر انسانن جي حالتن جا ذميوار هوندا آهن.
ڪڏهن ڪنهن جملي يا فقري جي سمجهاڻي ۽ وضاحت به ڏنگين ۾ ڏني ويندي آهي. تحقيق دوران اهڙيون سمجهاڻيون يا وڌيڪ ڳالهيون هيٺ فٽ نوٽ ۾ ڏنيون وينديون آهن، پر عام لکت ۾ انهن کي ڏنگين ۾ رکيو ويندو آهي. يعني اهڙي معلومات جيڪا تمام ضروري هجي ته اهڙين ڏنگين ۾ ڏني ويندي آهي. پر اهڙي معلومات جيڪا تمام ضروري نه هجي، پر انهن جو هجڻ به ڪو مطلب رکندو هجي ته اهڙي معلومات فٽ نوٽ ۾ ڏني وڃي.
اهڙيون ڳالهيون، جيڪي گرامر جي لحاظ کان جملي ۾ ضروري نه هونديون آهن، پر انهن جو جملي سان ڪنهن طرح به واسطو هوندو آهي، تن کي ڏنگين ۾ رکيو وڃي.
مثال:
سڄو شهر (جنهن جي، 1940ع ۾ مردم شماري 00، 47 هئي) مارشلا جي هيٺ آندو ويو.
جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه لاءِ گول ڏنگيون استعمال ڪيون ويون هجن ۽ انهن کان وڌيڪ ڪا معلومات ڏنگين ۾ ڏيڻي هجي، جيڪا جدا گانه مطلب رکندڙ هجي ته انهن کي بريڪيٽ ۾ رکيو وڃي.
سڄو شهر (جنهن جي 1940ع ۾ [ڏسو مردم شماري پاڪستان 1948ع] مردم شماري 000، 47 هئي) مارشلا هيٺ آندو ويو.
ڏنگيون ڊرامن ۾ سمجهاڻي لاءِ استعمال ڪيون وينديون آهن.
بريڪيٽ [ ] Brackets
عام طور تي هيءَ نشاني استعمال نه ڪئي ويندي آهي، پر جڏهن ڏنگين ليڪن جي استعمال ڪرڻ کان پوءِ ڪن لفظن کي خاصيت جي ڪري الگ ڏيکارڻو هجي ته انهن کي ڏنگين جي بدران بريڪيٽ ۾ رکيو وڃي.
جيڪڏهن ڪنهن لکت ۾ اديب جي لکت کانسواءِ ايڊيٽر يا رپورٽر پنهنجي طرف کان لکڻ چاهي ته انهيءَ کي به بريڪيٽ ۾ رکي سگهجي ٿو.
مثال:
”انگريزي زبان ۾ پ (p)، ٽ (t) ۽ (k) جا آواز ڪن حالتن ۾ وسرگ ٿي پوندا آهن؛ يعني اهي [ڦ] [ٺ] ۽ [ک] ٿي پوندا آهن.
جڏهن تحقيق ڪندڙ ڪنهن حوالي يا حوالي ۾ ڏنل لفظن يا اکرن ۽ جملي بابت وڌيڪ سمجهاڻي ڏيڻ چاهيندو آهي، تڏهن اهي لفظ بريڪيٽ ۾ لکيا ويندا آهن.
جيڪڏهن هيءَ نشاني ٽائيپ رائٽر ۾ نه هجي ته پوءِ ڪاري مس سان ڏني وڃي.
ڏنگين اڳيان ۽ پٺيان ليڪ - ( ) -
هن جو مقصد ڏنگين ۾ ڏنل لفظن کي وڌيڪ زوردار يا احتياط وارو ظاهر ڪرڻ هوندو آهي.
نسبتي ليڪ } Brace or Vincular
Brace معنيٰ آهي گڏ رکڻ (together) يا گڏ ڪڍڻ (Draw together) ۽ Vinculumمعنيٰ ٻڌل رکڻ (abond)جڏهن ڪنهن به ٻن، ٽن يا وڌيڪ لفظن يا اکرن جي نسبت ڪنهن هڪ سان ڏيکارڻي هوندي آهي ته اهڙن لفظن کي نسبت رکندڙ لفظن جي سامهون رکڻ کان پوءِ وچ ۾ هيءَ } نشاني ڏني ويندي آهي.
Bad
Good } هي انگريزي اکر آهي
Evil
Virgule or oblique
هي نشاني اصل ۾ فرينچ زبان جي لکت جي آهي؛ هن نشاني جي معنيٰ آهي: ننڍو رستو. هي نشاني جدا ڪندڙ يا صاف ڪري ڏيکارڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي. هي نشاني انگريزي لفظن جي مخفف هجڻ کي ظاهر ڪندي آهي.
جيئن: W/o, s/o, c/o
مثال:
انگريزي زبان ۾ [ڦ]؛ [ن]، ۽ [ک] آواز موجود آهن جهڙوڪ /ڦل/، (Pule)، /ٺل/ (Tills)، ۽ /کٽ/ (kit)، لفظن مان ظاهر آهي.
/غير/۽/غير/ ۾ هڪ صوتيي جا ٻه آواز آهن.
ليڪون------ DASHES
هڪ کان وڌيڪ ليڪون انهيءَ لاءِ ڏنيون وينديون آهن، جتي ڪي لفظ يا فقرا يا ڪي جملا ڇڏيا ويندا آهن. اهڙن ڇڏيل لفظن ۽ فقرن يا جملن جي نشاندهي هڪ کان وڌيڪ ليڪن جي مدد سان ڪئي وڃي ٿي.
ٻُڙيون: DOTS
هڪ کان وڌيڪ ٻُڙيون تڏهن ڏنيون وينديون آهن، جڏهن ڪنهن حوالي يا لکيت ۾ ڪي لفظ يا ڪي جملا ضروري نه سمجهي ڇڏيا ويندا آهن ۽ انهن جي نشاندهي لاءِ ٻُڙيون ڏنيون وينديون آهن ته جيئن پڙهندڙ کي معلوم ٿئي ته انهيءَ ٻُڙين واري جاءِ تي ڪجهه مواد ڇڏيل آهي، جيڪو ليکڪ ضروري نه سمجهي ڇڏي ڏنو آهي.
افسانوي ادب ۾ ڪي جملا يا لفظ مصنف ضروري نه سمجهي يا انهيءَ لاءِ ته پڙهندڙ خود اهي لفظ سمجهي ويندو، ڪجهه ٻُڙيون وچ ۾ يا آخر ۾ ڏئي ڇڏيندو آهي يا اهڙا لفظ جيڪي هو لکڻ مناسب نه سمجهندو آهي، تن لاءِ ٻُڙيون ڏيئي ڇڏيندو آهي ۽ پڙهندڙ اهي ٻُڙيون ڏسي خود سمجهي ويندو آهي ته مصنف ڪهڙا لفظ چوڻ چاهي ٿو جيڪي ورجائڻ نٿو چاهي.
اهڙيءَ طرح ٽي (...) ٻُڙيون اکرن جي کوٽ ڏيکارينديون آهن ۽ ڇهه ٻُڙيون (......) جملي جي کوٽ ڏيکارينديون آهن ۽ ڇهن کان مٿي ٻُڙيون ڏيڻ جو مقصد هوندو آهي ته پوري پئرا کٽل آهي.
ٻُڙين جي ليڪ: LEADERS
ٻُڙين جي پوري ليڪ اڳين ۽ پوين لفظن جو تعلق ظاهر ڪن ٿيون.
هن قسم جون ٻُڙيون مضمونن جي فهرستن (Content) يا ڏسڻي (Index) ۾ عام طور ڪم اينديون آهن.
باب پهريون.............................................. 1 کان 25
باب ٻيو.................................................. 26 کان 50
سنها اکر: ITALICS
هي طريقو انگريزي لکت ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. هن اکرن ۾ لکڻ جو به مقصد لفظن يا اکرن جي اهميت کي ظاهر ڪرڻ هوندو آهي ته جيئن ٻي لکت کان جدا نظر اچن. سنڌي لکت ۾ هن نشاني جي بدلي اکرن هيٺان ليڪ ڏني ويندي يا انهن اکرن جي ليڪ ڏئي نشاندهي ڪئي وڃي ٿي.
بيهڪ جي نشانين جو مقصد هوندو آهي لفظن، فقرن ۽ جملي جي معنيٰ جو صحيح مفهوم پڙهندڙن تائين پهچائڻ، اهڙيءَ طرح هر هڪ نشانيءَ کي ڪا هڪ خاص معنيٰ آهي، جيڪا هوءَ جملي ۾ ادا ڪري ٿي، پر جيڪڏهن لکندڙ پنهنجي خيالن جو مڪمل ۽ صحيح نموني مفهوم سمجهائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو ته پوءِ سندس لکت مان ڪوبه فائدو نه ٿيندو تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته بيهڪ جون نشانيون صحيح نموني ۾ ادا ڪيون وڃن ته جيئن لکندڙ پنهنجو صحيح مقصد پڙهندڙن کي پهچائي ۽ پنهنجي جذبن ۽ احساسن ۾ پڙهندڙن کي شامل ڪري سگهي، جيڪو سندس اولين مقصد هوندو آهي ۽ بنا بيهڪ جي نشانين جي لکت منجهيل ۽ بي مقصد ٿي سگهي ٿي.
تاري واري نشاني (*) ASTERICKS
هي لفظ اصل گريڪ زبان جو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ننڍو تارو. هي نشاني پهرئين ته انهيءَ جاءِ تي ڪم ايندي آهي، جتي هن وقت ٻُڙي (Dot) ڏني وڃي ٿي يا جتي ڪجهه لفظ يا اکرن يا جملن کي ڇڏي ڏبو آهي، اتي اهي نشانيون هڪ کان وڌيڪ ڏنيون وينديون هيون. ابتدا ۾ اهڙي نشاني پوري دم ۽ پئراگراف جي پوري ٿيڻ تي ڏني ويندي هئي يا ڪنهن لفظن يا اکر جي اصلاح بابت نشاندهي ڪرڻ لاءِ ڏني ويندي هُئي، جنهن بابت وڌيڪ حاشيي ۾ لکيو ويندو هو، يعني موجوده فٽ نوٽ لاءِ جيڪا نشاني ڏني وڃي ٿي.
مثال:
گهڻو وقت بيمار رهڻ کان پوءِ شهنشاه گذاري ويو، دفنائڻ جي رسم ادا ڪرڻ کان پوءِ حڪومت جون واڳون ٻين کي سنڀالڻ لاءِ ڏنيون ويون.
موجوده ادبي تحقيق ۾ هي نشاني حاشيي ۾ ڏنل مواد جي لاءِ ڪم ايندي آهي.
مددگار نشانيون: ALLIES AND ACCESSORIES
انگريزيءَ ۾ جملي جو پهريون اکر يا نالي جو پهريون اکر وڏن اکرن ۾ لکيو ويندو آهي، جنهن جو رواج سنڌي لکت ۾ نه آهي. سنڌي لکت ۾ ٿلها اکر اهڙن لفظن جي لاءِ ڏنا ويندا آهن، جن جي اهميت ظاهر ڪرڻي هوندي آهي، جيئن ڪنهن مصنف يا ڪتاب جو نالو، جيڪڏهن لکت ۾ اچي ٿو ته انهيءَ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ اکر ٿلها لکيا ويندا آهن يا انهن اکرن جي هيٺان ليڪ ڏئي انهن اکرن کي ظاهر ڪيو ويندو آهي.
حوالا
[1] هن وقت خيبر پختونخواهه (ع.ن)