ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال

ڪتاب جو نالو ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال
ليکڪ علي نواز آريسر
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-160-6
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (779) PDF  E-Pub
انگ اکر

13 November 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     31932   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي صوتياتي نظام ۾ شَدّ (Gemination) جو استعمال ( ڊاڪٽر غلام علي الانا)


سنڌي صوتياتي نظام ۾ شَدّ (Gemination) جو استعمال

 ڊاڪٽر غلام علي الانا

 

1-                 علم صوتيات جي اصولن موجب، ڪنهن به ٻوليءَ ۾،  لفظن اندر، ساڳين ساڳين وينجنن جي ٻٽي اُچار کي ’تشديد‘  (gemination) چئبو آهي. اهڙن  ٻٽن  اُچارن وارن  آوازن جي نمائندگي ڪندڙ حرفن مٿان لکيل صورت ۾، ’  ّ‘ (شد) جو  نشان ڏنو ويندو آهي. هيءُ  نشان ڪنهن به ٻوليءَ جي علم صوتيات جي  اڀياس  ڪندڙن کي اها ڄاڻ ڏئي ٿو ته جنهن  حرف مٿان، ’شد‘ جو  نشان ڏنل آهي، اُن جو اُچار  ٻٽو ڪيو ويندو آهي. مثال طور  عربي ٻوليءَ جي’نقّاش‘ ۽ ’سَتّار‘  ۾  ’ق‘  ۽ ’ت‘ حرفن مٿان، شد جو نشان ڏنل آهي، جنهن جي  مراد آهي ته انهن حرفن وارا آواز  ’ٻٽا‘  (geminated)   آهن.

2-                                         ڏٺو ويو آهي ته سنڌي صورتخطيءَ ۾، سواءِ عربي  زبان جي ڪن لفظن جي، ٻين لفظن جي لکيل صورتن ۾، حرفن جي مٿان  اهڙو نشان (يعني شد جو نشان)  ڪونه ڏبو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي زبان جي ويا ڪرڻ جا  ڄاڻو سمجهن ٿا ته سنڌي  ٻوليءَ جي  ديسي  لفظن جي  ذخيري ۾ اُنهن لفظن جي اُچار ۾، آوازن جو مشدد  ٿيڻ ممڪن نه آهي، جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ جي درسي ڪتابن ۾،  سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي لکيل صورتن ۾، ڪن حرفن مٿان شد جو نشان ڏنو ويو آهي. اهڙن لفظن ۾، ڪن حرفن مٿان ’شد‘ جو ڏنل نشان ڏيکاري ٿو ته، انهن ڪتابن جي لکندڙ سڄڻن کي، سنڌي  صوتياتي نظام جي قانونن موجب، ’شد‘  واري  نشان جي ڪم آڻڻ، يعني ٻٽن geminated)/ مشدد) آوازن جي اصولن ۽ صوتياتي نظام ۾ تشديد جي ڄاڻ ڪانهي، مثال طور سنڌي درسي پهرئين ڪتاب ۾،  ’اَنَ‘ ۽ ’ڪَنَ‘  لفظن ۾ ’ن‘  حرف  مٿان ’شَدَ‘ جو نشان ڪونه ڏنو ويو آهي (ڏسو سنڌي پهريون ڪتاب ص 6)، پر ساڳئي ڪتاب ۾، اڳتي هلي صفحي 7 تي  لکيل لفظ ’پَنَ‘  ۾،  ’ن‘ حرف جي مٿان، شَدَ  جو نشان ڏيئي، اهو لفظ لکيو ويو آهي:  ”پَنَّ“.

عام طور، سنڌي صورتخطيءَ ۾ لفظن جي لکيل صورتن ۾، حرفن جي مٿان ’شدّ‘ جو نشان ڪونه ڏنو ويندو آهي، پر حقيقت ۾، سنڌي صوتياتي نظام موجب، سنڌي ٻوليءَ جي  ڪن ٻن، ٽن ۽ چئن پدن وارن لفظن جي اُچارن ۾، ڪي آواز ضرور  مشدد  (geminated)  ٿين ٿا. سنڌي  ٻوليءَ  ۾ اهڙن مشدد  آوازن جي اُچار ڪرڻ لاءِ به ڪي  اصول ۽ قانون موجود آهن، جن جو واسطو صوتيات جي علم سان آهي.

3-                                         سنڌي ٻوليءَ جي، صوتياتي  نظام موجب ڏٺو ويو آهي ته نه فقط  سنڌي ٻوليءَ ۾، پر برصغير جي  ٻين ٻولين ۾ به، مشدد  آوازن جي  اُچار ڪرڻ لاءِ، لڳ ڀڳ  ساڳيا اصول ۽ قانون آهن. اهي قانون سمجهڻ لاءِ هيٺ   ڏنل   لفظ ملاحظه ڪريو:

 

سنڌي لفظن جي  عام لکت

لفظن جو اُچار

 

 

بُتِ

بُتّ

 

 

پَٽِ

پَٽِّ

 

 

پَڪَ

پَڪَّ

 

 

سَٺِ

سَٺّ

 

 

سَٽَ

سَٽّ

 

 

سُٽُ

سُٽُ

 

 

سِڪَ

سِڪَّ

 

 

سُڪَ

سُڪَّ

 

 

سُکُ

سُکُّ

 

 

سَچُ

سَچُّ

 

 

سِجُ

سِجُّ

 

 

اَکِ

اَکِّ

 

 

اَنُ

اَنُّ

 

 

اُنَ

اُنَّ

 

 

رِڍَ

رِڍَّ

 

 

پَٿَرُ

پَٿَّرُ

 

 

هَلٽُ

هَلَّٽُ

 

مٿي ڏنل لفظن جي  مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌي ٻوليءَ  جي ٻن پدن توڙي  ٽن پدن وارن لفظن جي  پهرئين پد ۾ جڏهن ڇوٽن سرن ]اَ،  اِ ۽ اُ[ مان ڪوبه هڪ سر ڪم ايندو آهي، تڏهن اُچار ڪرڻ مهل، پهرئين پد واري ڇوٽي سر  کان پوءِ ايندڙ وينجن، يعني ٻئي پد جي مُنڍ وارو وينجن، مُشدد (geminated)  يعني ’ٻٽو‘ ٿي ويندو آهي. مثال طور  /بُت/لفظ جي  پهرئين پد ۾  ]اُ[ سر ڪم آيو آهي. ]اُ[ سر کان پوءِ، ساڳئي لفظ جي ٻئي پد جي مُنڍ ۾ ]ت[  وينجن آيو آهي. قانون موجب، پهرئين پد ۾، ڇوٽي  سُرَ ]اُ[  جي اچڻ ڪري، ٻئي پد جي مُنڍ واري  وينجن ]ت[  جو اُچار، خود بخود  مُشدد (geminated)  يعني ’ٻٽو‘ ٿي ويندو آهي. اهڙيءَ طرح ’مَٽَ‘ لفظ جي پهرئين پد ۾، ]اَ[ سر جي اُچار ڪري، اُن جي فوراً پويان ايندڙ ٻئي پد جي مُنڍ ۾ آيل وينجن ]ٽ[،  مشدد  يعني ٻٽو اُچاربو. ساڳيءَ طرح ’سِٽَ‘، لفظ جي پهرئين پد ۾ ]اِ[   سر کان هڪدم پوءِ آيل  وينجن ]ٽ[،  مشدد  يعني ’ٻٽو‘  اُچاربو،  پر جڏهن ڪنهن به لفظ جي  پهرئين پد ۾ ڊگها سر ]آ،  اي،  اي، اُو،  او وغيره[   ڪم ايندا آهن، تڏهن انهن ڊگهن سرن کان فوراً   پوءِ  ايندڙ وينجن   مشدد ڪونه اُچاربا  آهن؛  مثال:

پهرئين پد ۾ ڇوٽوسر

لفظ جو اُچار

پهرئين پد ۾ ڊگهو سر

لفظ جو اُچار

پَٽِ

پَٽِّ

پاٽِ

پاٽِ

سِٽَ

سِٽَّ

سيِٽَ

سيِٽَ

اَڇَ

اَڇَّ

آڇَ

آڇَ

پَڪو

پَڪّو

پيڪو

پيڪو

انهيءَ لحاظ سان، سنڌي صورتخطيءَ ۾، صوتياتي  مطالعي لاءِ ’شد‘ جي نشان جو استعمال ضروري آهي.

هت هيءُ نقطو به توجهه گُهري ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾،  ’سَنڌيءَ‘  (assimilation)  جي ڪيترن ئي مثالن ۾، وڏي عرصي  گذرڻ سان گڏ، اهڙا مشدد وينجن بدلجي، چُوسڻا وينجن (implosive  consonants) ٿي  ويا آهن؛ مثال طور سنڌي ٻوليءَ ۾  هڪ لفظ آهي ’سڄڻ‘.  هيءُ مرڪب لفظ آهي جيڪو ٻن  مفرد  لفظن ’سَت + جَن‘  جي ميلاپ  سان ٺهيو آهي. ’سَتجَن‘  لفظ جا انهيءَ ڪري ٻه جُز ٿيا: هڪڙو ’ست‘ ۽ ٻيو ’جن‘  (ست + جَنَ). سنڌي ٻوليءَ ۾ ’سَنڌي‘ (assimilation) جي قانون موجب، ’ست +  جَن‘ جزن مان، پهرئين جُز ’ست‘ جو پويون وينجن ]ت[، ٻئي جز يعني ’جَن‘ جي پهرئين وينجن ]ج[ ، يعني سخت تارونءَ واري  ڳري اوسرگ، ڌوڪڻي وينجن ]ج[ جي اثر کان بدلجي، سخت  تارونءَ وارو ڳرو  اوسرگ  ڌوڪڻو وينجن ]ج[  ٺهي  پيو ۽ نئون لفظ  ٺهيو ’س+ج+ج+ن‘ يعني ’سَجَّن،‘  جنهن ۾ ]ج[  جو اُچار  ٻٽو يعني ’مشدد‘ ٿئي ٿو. اڳتي هلي، اهو مشدد يعني ٻٽو وينجن ]ج[ بدلجي، ’سخت تارونءَ وارو چوسڻو وينجن‘ (palatal  Implosive) ]ڄ[ ٿي ويو، ۽ ]ن[  بدلجي، مورڌني گهڻو وينجن  ]ڻ[ ٿي ويو ۽ نئون  لفظ ٺهيو  ’سڄڻ‘.

هن موضوع تي اڃا به وڌيڪ تحقيق  جي گهڻي ضرورت آهي.

[ڪتاب ”سنڌي صوتيات“ تان کنيل]