ڪتاب جو نالو | ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال |
---|---|
ليکڪ | علي نواز آريسر |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-160-6 |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (806) PDF E-Pub |
انگ اکر | 13 November 2018 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 32696 ڀيرا پڙهيو ويو |
جنس ۽ عدد
ڀيرومل مهرچند آڏواڻي
جنس:
جنس: ڌڻي پنهنجي قدرت سان جتي ڪٿي جوڙو پيدا ڪيو آهي. نر ۽ ماديون نه رڳو جاندار پر بي جان شين ۾ به آهن.
وياڪرڻ ۾ جنهن کي ”جنس“ چئجي ٿو، سا نر ۽ ماديءَ جو تفاوت ڏيکاري ٿي. جيڪي لفظ نر جي معنيٰ ڏيکارين ٿا، سي مذڪر (نر) آهن ۽ جيڪي ماديءَ جي معنيٰ ڏيکارين ٿا، سي مونث (مادي) سڏجن ٿا. مثال: گهوٽ- ڪُنوار، مڙس- جوءِ، گهوڙو- گهوڙي، دلو- دلي ۽ ڪات- ڪاتي.
اشارو- سنڌيءَ ۾ ”جنس بيجان“ ڌار نه ليکبي آهي.
(الف) اسمن جي جنس پروڙڻ جون واٽون:
مونث پڇاڙيون: زال، ڳجهه، کٽ، ڄڀ ۽ ٻيا اهڙا اسم جن جي پڇاڙيءَ ۾ زبر ( َ) يعني ”اَ“ اعراب جو اُچار آهي، سي سڀ سدائين مونث آهن.
پر بلا، گلا، مک، ڇت، گهوڙي، ڪتي ۽ ٻيا اهڙا لفظ، جن جي پڇاڙيءَ ۾ اَ- اِ- اي اعرابون اچن ٿيون، تن مان گهڻا مونث ۽ ٿورڙا مذڪر اسم آهن.
راجا، گدا، سيٺ، ڪيهر، هاٿي ۽ ٻيلي مذڪر آهن، پر انهن جي پڇاڙين وارا مونث ايترا گهڻا آهن، جو هيئن چئي سگهجي ٿو ته: ”سنڌيءَ ۾ اَ- آ- اِ- اي اهي چار مونث پڇاڙيون آهن.“[1]
اشارو- ٻانهين، ڇانهين ۽ نهائين لفظن جي پٺيان ”اين“ جو اُچار آهي، جو ”اي“ سر کي گهڻي سر ”اين“ جي اُچار سان ٿئي ٿو. اهڙا لفظ به گهڻو ڪري مونث آهن، پر ٿورا مذڪر به آهن. جيئن: پرين ۽ سپرين. سچ پچ ته اهي ٻئي صفت آهن، تنهن ڪري مونث سان به لاڳو ٿي سگهن ٿا. جيئن:
سنديءَ ڪن ڪڻڇ مان، هُونِ سلامت سپرين. (سُر سهڻي)
هتي ”سپرين“ لفظ ميهار پنهنجي سهڻيءَ لاءِ ڪم آندو آهي، تنهن ڪري جنس مونث آهي.
مذڪر پڇاڙيون: گهوڙو، ڪتو، کٽولو، دلو ۽ ٻيا اهڙا لفظ، جن جي پڇاڙيءَ ۾ ”او“ اچي ٿو، سي سڀ سدائين مذڪر آهن.
نوڪر، گڏهه، اُٺ، واگهو، ڪدو ۽ ٻيا اهڙا لفظ جن جي پڇاڙيءَ ۾ ”اَ“ يا ”اُ“، اچي ٿو، تن مان گهڻا مذڪر ۽ ٿورڙا مونث آهن.
سس، مس، کنڊ، گئو، وهُو، معنيٰ زال يا ننهن جنس مونث آهن، پر انهن جي پڇاڙين وارا مذڪر اسم ايترا ته گهڻا آهن، جو هيئن چئي سگهجي ٿو ته ”سنڌيءَ ۾ اُ- اُو- او اهي ٽي مذڪر پڇاڙيون آهن.[2]
(الف) ماڻهو، وڇون ۽ ڪڇئون لفظن جي پٺيان ”اوُن“ جو اُچار آهي، جو ”اَوُ“ کي گهڻي سر ۾ تبديل ڪري اُچارڻ سان ٿئي ٿو. اهڙا لفظ به گهڻو ڪري مذڪر آهن، پر ٿورا مونث به آهن. جيئن:- جُون، ڀُون (ڌرتي) ۽ ٻيا.
(ب) داڻو، پريتڻو (پريت)، وانهون ۽ ڦارهئون لفظن جي پٺيان ”اون“ جو اُچار آهي، جو ”او“ سر جي گهڻي صورت آهي، انهيءَ پڇاڙيءَ وارا اسم گهڻو ڪري مذڪر آهن، البت ”ڀُون“ ۽ ”جُون“ اسم مونث آهن.
نياريون حالتون: (ا) ”رس“ لفظ مذڪر به آهي ۽ مونث به آهي. جيئن: گاهه جو رس (مذڪر)، ڪمند جي رس (مونث).
(2) ڌيءُ- ڌيءَ؛ اهڙيءَ طرح ڪي مونث اسم ”اَ“ توڙي ”اُ“، پڇاڙي وٺن ٿا.
(3) باشو، بئنسرو، سيچائو ۽ شڪرو انهن بازن جي نالن پٺيان ”او“ اچي ٿو ۽ رواجي طرح اهي مذڪر ليکجن ٿا، پر سچ پچ ته اهي ماديون آهن. ساڳيءَ طرح بشينَ ۽ چيڪَ (ٻنهين پٺيان زبر) مونث ليکجن ٿا، پر سچ پچ ته اهي باز نر (مذڪر) آهن. مطلب ته ٻوليءَ ۽ رواج وڏي ڳالهه آهي.
ستن قسمن جون پڇاڙيون: مٿي جيڪي چيو ويو آهي، تنهن مان معلوم ٿيندو ته اَ- آ- اِ- اِي- اُ- اُو ۽ او اهي ست سُر اسمن جون پڇاڙيون ٿي ڪم اچن ٿا، جن مان اَ- آ- اِ- اي مونث ۽ اُ- اُو مذڪر پڇاڙيون آهن. باقي رهيل ٽي دهرا سُر اَي- اَو پڇاڙيون ڪري نٿا ليکجن، ڇاڪاڻ ته:
(ب) مذڪر مان مونث جوڙڻ جون واٽون:
مونث جوڙڻ لاءِ پڇاڙيون: کٽ، ڄڀ، نٿ ۽ ٻيا اهڙا اسم جن جي پٺيان زبر يعني ”اَ“ اعراب هوندي آهي، سي سڀ سدائين مونث اسم هوندا آهن، تنهن ڪري مونث آهن جو مونث ڪونه جڙندو.
لالا، پيشوا، خضر، ڪيهر، موتي، پاڻي، ڪدُو، ماڻهو ۽ ٻيا اهڙا مذڪر اسم، جن جي پڇاڙيءَ ۾ اَ- اِ- اي- او سر آهن، تن مان ڪيترن جو مونث نٿو جڙي، ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻولي اُهي مونث پڇاڙيون ڪري ٿي ليکي، تنهن ڪري اهڙن مذڪر اسمن کي مونث جوڙڻ کان جواب ڏيئي بيهي ٿي. انهن پڇاڙين وارن ٿورن مذڪر اسمن جو مونث جُڙي ٿو پر هن طرح:
راجا- راڻي، سيٺ- سيٺياڻي- سيٺڻي- سيٺڻ، هاٿي- هاٿياڻي- هاٿڻي- هاٿڻ؛ ٻيلي- ٻيلياڻي- ٻيلڻي؛ هندُو- هندواڻي- هندئاڻي- هندڻ؛ رهاڪو- رهاڪڻ. مطلب ته مونث پڇاڙي ”اِي“ (جنهن جو ڇوٽو اُچار ”اِ“ آهي، جيئن ڇوڪري، ڇوڪر) جي اڳيان ”آڻ“ يا ”اڻ- ڻ“ گڏي مونث جوڙجي ٿو.[3]
هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته مونث جوڙڻ لاءِ سڌو رستو اهو آهي ته ”اِي“ پڇاڙي گڏجي، پر هن قسم جي اسمن پٺيان ”اِي“ گڏڻ ئي مشڪل آهي تنهن ڪري اهي اڻ سڌو رستو وٺي ”اي“ جي اڳيان ”اَڻ“ (يعني ”آڻي“ پڇاڙي) گڏجن ٿا.
(الف) ڇوڪرو مونث ڇوڪري، پر ڇوڪرُ (پڇاڙيءَ ۾ پيش) مونث ڇوڪرِ (پڇاڙيءَ ۾ زير) ساڳيءَ طرح نينگرو مونث نينگري، پر نينگرُ مونث نينگرِ (پڇاڙيءَ ۾ زير). مطلب ته:
جن اسمن جي پڇاڙيءَ ۾ ”او“ اچي ٿو تن جي مونث جوڙڻ لاءِ ”اي“ پڇاڙي گڏبي آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن مذڪراسم جي پڇاڙيءَ ۾ ”او“ جو ڇوٽو جوڙ ”اُ“ هوندو ته مونث جوڙڻ لاءِ مونث پڇاڙي ”اي“ جو ڇوٽو جوڙ ”اِ“ ڪم آڻبو آهي. اهڙيءَ طرح ڄڻ ته لفظ جو وزن پورو ڪري بيهاريو ويو آهي.[4]
نياري حالت: ٻڪرمونث ٻڪري (”ٻڪرِ“ نه چئبو). بيقاعدي ٺهيل مونث. گدڙ- گداڙي، بگهڙ- بگهياڙي، ڪانءُ- ڪانويلي. هنن مثالن مان به ظاهرآهي ته ”اي“ پڇاڙي تڏهن گڏجي ٿي، جڏهن لفظن جو وزن وڌائجي ٿو نه ته جيڪر ڪٿي ”اِي“ جو اُچار ”اِ“ ٿي پئي.
(ب) مٿئين قاعدي موجب ”دايو“ جو مونث ”دائي“ آهي، مگر ”واڍو“ جو مونث ”واڍي“ نه آهي، پر”واڍڻ“.
اهڙيءَ طرح ڪيترن ڪسب يا ڌنڌو توڙي ذات ڏيکاريندڙ اسمن ۽ ڪن جهنگلي جانورن جي نالن پٺيان جيڪڏهن ”او“ يا ”اَ“ هوندو آهي ته مونث جوڙڻ مهل ”اِي“ يا ”اِ“ جي اڳيان ”اَڻ“ يا اڻ-ڻ گڏبو آهي. جيئن: ملو- ملياڻي، ماڙيچو- ماڙيچاڻي- ماڙيچڻي- ماڙيچڻ؛ ڏير- ڏيراڻي (اهو مائٽي ڏيکاريندڙ) ۽ شينهن- شينهڻ. مطلب ته ”اي“ جي اڳيان ”اَڻ“ وجهي ”اَڻي“ ٺاهبي آهي.
مونث سان ٺهيل مذڪر لفظ: ماسي مذڪر ماسڙ (سنسڪرت ماتر سوسري- ماءُ جي ڀيڻ). پُڦي مذڪر پُڦڙ (سنسڪرت پتر سوسري- پيءُ جي ڀيڻ). رن مذڪر رنڙ (سنسڪرت- رنڊا، هندي- رنڊي، سنڌي- رن). عام طرح مذڪر لفظن مان مونث ٺاهبو آهي، پر ڪي ههڙا ٿورا مونث لفظ سنسڪرت مان وٺي پوءِ سنڌي نموني انهن جو مذڪر ٺاهيو اٿئون.
اسم جي سداءِ مذڪر: ”اهنر“ لفظ جو مونث ڪونهي، ڇاڪاڻ ته وهانءَ ۾ هميشه مرد اهنر بيهي ٿو، نه زال. ”تارو“ جو به مونث نٿو ٺهي، ڇاڪاڻ ته اهو اصل خود مونث لفظ آهي ”تارا“ جيئن تارا ٻائي.[5] ڪانڌ معنيٰ پيارو يا مڙس، تنهنجي مونث ”ڪانڌا“ چوڻ جو رواج ڪونهي. (اصل ڪانت معنيٰ پيارو، مونث ”ڪانتا“ معنيٰ پياري، جيئن سورج ڪانتا، چندر ڪانتا.)
اهڙيءَ طرح ڪن مذڪر اسمن جو مونث ڪونه جُڙندو آهي.
اسم جي سداءِ مونث: اٻلا، جيجل، ضعيفه معنيٰ ضعف واري يا اٻلا (زائفا)؛ مهندي؛ نڻاڻ- نڙاڻ- نڙڻ (مڙس جي ڀيڻ) جو مذڪر ڪونه جُڙندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي لفظ سدائين زالن سان لاڳو ٿين ٿا.
مذڪر اسمن لاءِ نرالا مونث لفظ: مرد مونث زال؛ نر- مادي؛ ميان- بيبي؛ پيءُ- ماءُ؛ ڀاءُ- ڀيڻ. ڏاگهو- ڏاچي؛ ڪونهون يا پاڏو مونث وَڇ. اهڙيءَ طرح ٻين به ڪن مذڪر اسمن لاءِ نرالا مونث لفظ ٺهرايل آهن.[6]
مرڪب لفظ جي جنس: کل مکه- مونث کل مکِ (پڇاڙيءَ ۾ زير)؛ ڳاڙهه ڳٽو- مونث ڳاڙهه ڳٽي. چڱو ڀلو- مونث چڱي ڀلي. ڏٽو مٽو- مونث ڏٽي مٽي. مطلب ته مرڪب لفظ جي حالت ۾ ڪٿي رُڳو پوئين لفظ جي پڇاڙي ۽ ڪٿي ٻنهي لفظن جون پڇاڙيون ڦرن ٿيون.
جنس بيجان: سنڌيءَ ۾ جنس بيجان ڪانهي ۽ ان جو نتيجو اهو ٿيو آهي، جو ڪي لفظ هڪ هنڌ جنس مذڪر ته ٻئي هنڌ جنس مونث پيا ليکجن. جيئن ”رَت“ لفظ عام طرح جنس مذڪر ليکجي ٿو، پر سرحد سنڌ ڏي چون ”رَتِ“ (جنس مونث). ساڳيءَ طرح ”محلات“ عام طرح جنس مذڪر آهي، مگر ڪن هنڌ ”محلاتِ“ جنس مونث ليکجي ٿي. هن قسم جي مونجهاري لاهڻ لاءِ ڪي به قاعدا جوڙڻ مشڪل آهن.
اشارو: ڊاڪٽر فاربس پنهنجي ٺاهيل هندستاني ٻوليءَ جي وياڪرڻ ۾ به اها ساڳي شڪايت ڪئي آهي، چي جنس بيجان نه هئڻ ڪري ڪي ”شڪار گاهه“ جنس مذڪر پيا چون، مگر حقيقت ۾ ”گاهه“ مونث پڇاڙي آهي.
عدد:عدد. ”گهوڙو“ معنيٰ هڪ گهوڙو، پر گهڻن گهوڙن لاءِ چئون ”گهوڙا.“ مطلب ته سنڌيءَ ۾ اسمن جا عدد ٻه آهن ”واحد“ يعني هڪڙو ۽ ”جمع“ يعني هڪ کان گهڻا.
مونث اسمن جو جمع: کٽ- جمع کٽون. بلا- جمع بلائون. ڀت جمع ڀتيون (ڀت+اون)؛ گهوڙي جمع گهوڙيون (گهوڙي+اون) ۽ کنڊ جمع کنڊون. هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته: جن مونث اسمن جي پٺيان اَ-آ-اِ-اِي ۽ اُ اچي ٿو، تن جو جمع ”اُون“ پڇاڙي گڏڻ سان ٺهي ٿو.[7]
گئو، وهُو، ڀُون، جُون ۽ ٻيا اهڙا ”اُو“ يا ”اون“ پڇاڙيءَ وارا لفظ واحد توڙي جمع ۾ هڪجهڙا رهن ٿا، ڇاڪاڻ ته جمع جي نشاني ”اُون“ جو اُچار منجهن اڳيئي آهي.
نياريون حالتون: ماءُ جو جمع، مائون، مائر، مائرون
ڌيءُ يا ڌيءَ جمع، ڌيئون، ڌيئر، ڌيئرون
ڀيڻ جمع ڀيڻون، ڀينر، ڀينرون
جوءِ جمع جويون (جوءِ + اون) جوئر، جوئرون.
مذڪر اسمن جو جمع: گدا، پيشوا، خضر، ڪيهر ۽ ٻيا اهڙا مذڪر اسم جن جي پڇاڙيءَ ۾ ”آ“ يا ”اِ“ اچي ٿو، تن جو جمع اڪثر نٿو جُڙي، پر ”راجا“ جو جمع ”راجائون“ ۽ ”سيٺ“ جو جمع ”سيٺيون“ (سيٺ+اون) آهي. حقيقت ڪري ”اَ“ ۽ ”اِ“ مونث پڇاڙيون آهن، تنهن ڪري اهڙن مذڪر اسمن جو جمع به مونث لفظن وانگر ”اون“ پڇاڙي گڏڻ سان ٺهي ٿو. [8]
ڏوڌي، کٽي، حلوائي ۽ ٻيا اهڙا مذڪر اسم، جن جي پڇاڙيءَ ۾ ”اي“ آهي، تن مان ڪنهن جو به جمع نٿو جُڙي، ڇاڪاڻ ته اها به درحقيقت مونث پڇاڙي آهي ۽ مونث لفظن وانگر ”اُون“ گڏڻ سان انهن جو جمع ٺاهبو ته اهي مذڪر بدران مونث پيا ڀانئبا. تنهن ڪري انهن جو جمع جوڙبو ئي ڪينهي.
اگهو، ڪدو، ماڻهو، وڇون، مرون، مڇئون ۽ ٻين اهڙن مذڪر لفظن جو جمع ڪونه جُڙندو آهي، ڇاڪاڻ ته ”اُو“ (اون) حقيقت ڪري مونث پڇاڙي آهي، جيئن: ڇُو ڇُو، ڪُو ڪُو، ڀُون ڀُون ۽ رُون رُون آوازن مان ظاهر آهي. انهن لفظن پٺيان اڳيئي جمع جي نشاني ”اون“ جو اُچار آهي، تنهن ڪري اهي واحد توڙي جمع ۾ هڪجهڙا رهن ٿا.
(الف) ”ڇوڪرو“ (”او“ پڇاڙي) جمع ”ڇوڪرا“ (”ا“ پڇاڙي) ڇوڪر (”آ“ پڇاڙي) جمع ڇوڪر (”اَ“ پڇاڙي). مطلب ته جيڪڏهن ڪنهن واحد مذڪر اسم جي پڇاڙيءَ ۾ ”او“ هوندو ته جمع جوڙڻ لاءِ ”آ“ پڇاڙي گڏبي، پر جيڪڏهن ڪنهن واحد مذڪر اسم جي پٺيان ”اُ“ هوندو ته جمع جي نشاني ”آ“ جو ڇوٽو جوڙ ”اَ“ ملائبو. اهڙيءَ طرح ”اٺ“ جو جمع ”اُٺَ“ (پڇاڙيءَ ۾ زبر يعني ”اَ“) آهي.
(ب) هندو جمع هندوئو معنيٰ اي هندو لوڪو، ماءُ جمع مائرو معنيٰ اي مائون يا ماتائون. مطلب ته مذڪر توڙي مونث اسمن پٺيان جڏهن ”او“ پڇاڙي گڏجي ٿي، تڏهن اهي ”ندا“ جي معنيٰ ظاهر ڪن ٿا.[9]
ٻين ٻولين جي جمع جوڙڻ جون واٽون:
لک جمع لکها؛ ڪروڙ جمع ڪروڙها. هي فارسي نمونو آهي، جنهن ۾ ”ها“ گڏڻ سان جمع جُڙي ٿو. (هزار-هزارها). سئو جمع سوين؛ هزار جمع هزارين، لک جمع لکين ۽ ڪروڙ جمع ڪروڙين، هي هندستاني نمونو آهي. هندستانيءَ ۾ ڪتا جمع ڪتي. هتي جمع جي نشاني ”اي“ آهي، جا آڳاٽي پراڪرت مان ورتل آهي، ۽ اسين ”ن“ گڏي ”اين“ پڇاڙي ٺاهيون ٿا.
”مون تي ماروئڙن جا حرف هزارين.“
حقيقت ۾ ”هزارين“ لفظ عام صورت ۾ ڪم آيل سمجهڻ گهرجي. (جيئن گهوڙو- گهوڙي).
عربي ۽ فارسي جمع سنڌيءَ ۾ واحد:
عربيءَ ۾ ”رُوح“ جو جمع ”ارواح“ پر سنڌيءَ ۾ اهي ٻئي لفظ واحد ليکجن ٿا. رُوح جو جمع رُوحَ ۽ ارواح جو جمع ارواحَ (پڇاڙيءَ ۾ زبر) اهڙيءَ طرح عربيءَ ۾ ”ولي“ جو جمع ”اوليا“ پر سنڌيءَ ۾ ”اولياءُ“ جو جمع اولياءَ (پڇاڙيءَ ۾ زبر يعني ”اَ“).
عربيءَ ۾ ”حال“ جو جمع ”احوال“، پر فارسيءَ ۾ ”احوال“ جو به جمع جوڙي چون ”احوالات“!!! ساڳيءَ طرح ”عجيب“ جمع ”عجائب“ تنهن جو به جمع جوڙي چون ”عجائبات“!!! انهيءَ قسم جا ٻيا جمع هي آهن: ميوو جمع ميوات، مغز جمع مغزات ۽ باغ جمع باغات. اهي سڀ جمع سنڌيءَ ۾ عدد واحد ڪري ليکجن ٿا ۽ انهن جي جنس مونث آهي.
اسم جي سداءِ جمع: آيُون، اُڊير، اوسان، ٻيڙيون (زنجير)، پريا (اڇا وار)، ڏنر ۽ ٻيا ڪيترا لفظ سدائين جمع ۾ ڪم اچن ٿا.
[ڪتاب: ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“ تان کنيل]
[1] سنسڪرت جون مونث پڇاڙيون ”اَ“ ۽ ”اِي“ (گنگا- گومتي) سنڌيءَ ۾ اُچار گهٽائي اَ- اِ به ٿين ٿيون؛ جيئن: ويلا- ويل؛ پريتي- پريت. اهڙيءَ طرح ”اَ“ ۽ ”اِي“ مان چار مونث پڇاڙيون اَ- آ- اِ- اِي ٿيون آهن.
[2] سنسڪرت واري مذڪر پڇاڙي ”اَ“ جيئن رام- گوبند (ٻنهين پٺيان زبر) پراڪرت ۾ ڦري ”او“ ٿئي ٿي ۽ اها سنڌيءَ ۾ گهٽائي ”اُ“ به ڪريون ٿا. جيئن: رامو- گوبندو بدران رام- گوبند (ٻنهين پٺيان پيش) به چئون ٿا. وري ”اُ“ کي وڌائي”اُو“ ڪريون ٿا. جيئن رام- رامو؛ گوپ- گوپُو. اهڙيءَ طرح سنسڪرت واري مذڪر پڇاڙي ”اَ“ مان سنڌيءَ ۾ ٽي مذڪر پڇاڙيون اُ- اُو- او ٺهيون آهن.
سنسڪرت ۾ ”اَ“ پڇاڙيءَ وارا اسم گهڻو ڪري سڀ مذڪر ۽ سنڌيءَ ۾ سڀ مونث!! اهو اُلٽو ليکو هن ڪري ٿيو آهي جو سنسڪرت مونث پڇاڙي ”آ“ جو اُچار سنڌيءَ ۾ گهٽائي ”اَ“ ڪريون ٿا؛- جيئن پيڙا- پيڙ؛ ويلا- ويل
[3] اهو رواج سنسڪرت مان ورتل آهي جنهن ۾ بلڪل ٿورن لفظن، جي مونث جوڙڻ لاءِ ”اي“ جي اڳيان ”آن“ (آڻ) گڏبو آهي. مثال اندر- اندراڻي؛ ورڻ- ورڻاڻي. ”اندر“ برسات جو ديوتا ۽ ”ورڻ“ پاڻي جو ديوتا آهي.
[4] اشارو- سنسڪرت ۾ ”اُو“ پڇاڙيءَ وارا اسم گهڻو ڪري سڀ مونث آهن. جيئن ”وڌُو“ جنهن جي بدران چئون ”وهُون“ معنيٰ زال يا ننهن. سنڌي ”اُو“ پڇاڙيءَ وارا اسم گهڻو ڪري مذڪر آهن. جيئن: ڪدو ۽ ماڻهو. اهو الٽو ليکو هن ڪري بيٺو آهي جو مذڪر جي نشاني ”او“ جي بدران پهرين ”اُ“ پوءِ ”اُو“ ڪيو اٿئون. جيئن رامو رام- رامُو.
اشارو- ”او“ پڇاڙيءَ وارن ڪن ضميرن جو مونث ”اَ“ پڇاڙي گڏڻ سان ٺهي ٿو. جيئن: اجهو- اجها، ڪو- ڪا، سو- سا، پر عام طرح ”اي“ پڇاڙي ڪم اچي ٿي. جيئن: ڪهڙو- ڪهڙي ۽ جهڙو- جهڙي.
[5] اهڙا ٻيا به لفظ آهن جي اصل مونث آهن، پر پوءِ ڦيرائي مذڪر ڪيا اٿن. جيئن: سنجها- سنجهو (نما شام)، ”جُتي“- ”جُتو“ (پادر)، ”ويلا“- ”ويلو“.
[6] ”پُٽ“ ”پُتر“ (پوتر) جي بنيادي معنيٰ آهي جو ”پؤ“ (دوزخ) مان تاري پار ڪري (مٽن مائٽن جي ڪريا ڪرم ڪرڻ سان) ”ڌيءَ“ معنيٰ ڏهڻ واري (اصل لفظ ”دهتر.“ دهه معنيٰ ڏهڻ). اڳي نياڻين تي ڳاين ڏُهڻ جو ڪم رکيل هوندو هو. انهيءَ طرح هر هڪ لفظ ۾ نرالو نرالو خيال رکيل آهي، تنهن ڪري مذڪر لاءِ هڪڙو ۽ مونث لاءِ ٻيو لفظ ٿيو آهي.
[7] سنسڪرت ۾ عدد يا وچن ٽي آهن. جيئن ايڪ وچن ”ڦلم“ معنيٰ هڪ ڦل يا ميوو، دو وچن ”ڦلي“ معنيٰ ٻه ڦل، ۽ بهو وچن (جمع) ”ڦلاني“ معنيٰ ٽي ٻيا گهڻا ڦل. سنڌيءَ مان دو وچن گم ٿي ويو آهي. عربيءَ ۾ دو وچن آهي:
دلاسي دارين جي سانچو سانچي ساهه (شاهه) ”دار“ معنيٰ دنيا ۽ ”دارين“ معنيٰ ٻه دنيائون يعني هيءَ جهان ۽ آخرت (پرلوڪ).
[8] سرحد سنڌ ۾ ”اُون“ بدران ”آن“ پڇاڙي گڏيندا آهن. جئن: زال- زالان. اهو نمونو ٻين ٻولين ۾ به آهي. اک-اکيان (موري اکيان ڦرڪن لاگي)؛ باهه-باهيان (برهه باهيان ٻاليان- بيڪس)؛ سياڻپ- سياڻپان (سهس سياڻپان لک هوءِ- جپ صاحب).
[9] پراڪرت ۾ جمع جوڙڻ لاءِ ٻه پڇاڙيون ”آ“ ۽ ”او“ آهن، جي سنڌيءَ ۾ به ڪم اچن ٿيون. ”آ“ جي جاءِ تي ان جو ڇوٽو جوڙ ”اَ“ به ملايو ويندو آهي. جيئن: ٻڪرا- ٻڪرَ(پڇاڙيءَ ۾ زبر يعني ”اَ“). ”او“ پڇاڙي رُڳو ندا جي معنيٰ ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪم آڻيون ٿا نه ته اُن جي اُچار ۾ ”اُ“ ڪم آڻيون ٿا. حقيقت ۾ سنڌيءَ ۾ مونث اسمن جي جمع جوڙڻ لاءِ اها ”اُ“ پڇاڙي ڪم اچي ٿي. اها هن ريت ڪم آڻجي ٿي: