چڱن جي سنگت ۾ گذارج سدا،
جو صحبت جو ٿئي ٿو اثر اي ادا.
جنهن جي سنگت ۾ وڌي مان شان،
چڱن جي سنگت آهي پارس سمان.
چڱن جي سنگت مان ملي ماڻهپو،
چڱين عادتن جو به رستو اهو.
سنگت بد سندو آهه بچڙوئي ڦل،
رهج تون انهيءَ کان سدائين ڇٽل.
سنگت آهه بڇڙيءَ جي کي هر هنڌ ڌڪار،
رهي ٿو ڪسنگي خراب ۽ خوار.