ڌڻيءَ جا اسين گيت ڳايون سدا،
اڳيان تَنهن جي سر پڻ نمايون سدا.
اُپايو جَنهين آهه سارو جهانُ،
ڪيو آهه پيدا زمين آسمان.
پَکي جيت ماڻهو مِرُون بيشمار،
سج ۽ چنڊ تارا هزارين هزار.
هوا، باهه پاڻي ضروري شيون،
اُپايون اَٿس جي ملن بي مُلهيون.
وڏائيءَ سندس جا وڏا ٿيا بيانَ،
نه طاقت رکي ٿي اسان جي زبان.
اسان کي ڏئي شال سگهه سو ڌڻي،
ڪَريون يادگيري سندس تان گهڻي.