Video

ٻني ۽ ڪُڙمي

اِجهو اَسوءَ جو مهينو آيو،

لاباري جو آهي سعيو.

 

اچو ٻنيءَ ۾ ڏسون هلي،

واهه ٻني ٿي آهه ڀلي.

 

سنگ سڀيئي ڪيئن نه لُڏن ٿا،

پکي تن تي ٽپن ڪڏن ٿا.

 

ڏسو ته ڪڙمي ڪيئن اچي ٿو،

خوشيءَ منجهان سو ڪيئن نچي ٿو!

 

هٿ سندس ۾ ڏاٽو آهي،

سنگ تنهين سان پيو ٿو لاهي.

 

ڏسو ته ڏاٽو ڪيئن هڻي ٿو،

سنگ لُڻي پوءِ ڪيئن کڻي ٿو.

 

جهول جڏهن هو پنهنجو ڀري ٿو،

گڏ تڏهن سڀ سنگ ڪري ٿو.

 

هڪڙو هڪڙو سنگ وڍي ٿو،

هاڻي تن مان اَنُ ڪڍي ٿو.

 

 

اَنُ ڏسي خوش ڏاڍو ٿئي ٿو،

لَک لَک ٿورا رب جا مڃي ٿو.

 

ساراهي ٿو سندس وڏائي،

چوي: ڌڻي تو ڪئي ڀلائي.

 


سائينءَ جي ساراهه